مينهن وڏي يا عقل وڏو....
ڪنهن ثقافتي جلسي ۾، هڪ اديب دوست، سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جو ڪو صاحب ملرايو.
“سائين اڳ جي ۽ هاڻ جي اسڪولي ڪتابن ۾ ڪو فرق محسوس ڪريو ٿا؟”خوش خير عافيت بعد هن مون کان پڇيو.
هن جو شايد اهو مطلب هو ته سندس ڪارڪردگيءَ ۾، اڄڪلهه ڪتابن جي جيڪا ماڊرن نموني جي ڇپائي هلي پئي، ان جي آئون واکاڻ ڪريان. اڄڪلهه جي ڪتابن ۾ رنگين تصويرون ڏنيون وڃن ٿيون، ڪمپيوٽر تي ڇپائي ٿئي ٿي، سئي سڳي سان سبڻ بدران مشينن ذريعي پڪي جلد جي بائينڊنگ ٿئي ٿي، وغيره وغيره.
پر اها ڳالهه، بعد ۾، مون واري دوست مون کي ٻڌائي. ان وقت ذري ذري ساڳي سوال ڪرڻ واري سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ واري صاحب کي چيم: “پرائمري اسڪول ۾ هئاسين ته اسان واري زماني جي ڪتابن ۾ ‘موهن جو دڙو’ پڙهندا هئاسين. پر هاڻ جي ڪتابن ۾ ‘موئن جو دڙو’ ٿي ويو آهي. ان وقت جي ڪتابن ۾ قائداعظم جي ڄمڻ جو هنڌ جهرڪ لکيل هو. هاڻ وارن ڪتابن ۾ ڪراچي ٿي ويو آهي. تن ڏينهن ۾ مري ويل بادشاهن ۽ راڻين جي ڪهاڻين جو مجموعو ‘تواريخ’ (History) هئي ۽ ‘تاريخ’ مهيني جي هلندڙ ڏينهن (Date) هئي، جيڪا روزانو صبح جو ڪلاس- مانيٽر بورڊ تي لکندو هو. هاڻ تواريخ ۽ تاريخ هڪ ئي لفظ ‘تاريخ’ ٿي چڪو آهي. جيتوڻيڪ ملئي ۽ ترڪي زبانون ‘عربي’ لکڻين مان ‘رومن’ لکڻين ۾ تبديل ٿيون ته به انهن تواريخ کي Tawarikh ۽ تاريخ کي Tarikh ئي رهڻ ڏنو.
جهازن تي چيف انجنيئر ۽ ڪئپٽن جي پاڻ ۾ کِٽ پٽ ايتري ئي پراڻي آهي جيتري جهاز جي انجڻ جي ايجاد. اها ڏي وٺ نه فقط پاڪستاني جهازن تي آهي پر ٻين ملڪن جي جهازن تي پڻ. بقول هڪ انجنيئر جي: “جهازن تي هونءَ فقط ڊيڪ وارن (Navigators) جي هڪ-هٽي هئي پر ڪَلَ تي هلندڙ جهازن بعد، ان ۾ انجنيئرن جو به حصو ٿيڻ لڳو. هاڻ جيئن هڪ جهاز ڪئپٽن ۽ ٻين Navigators بنا نٿو هلي سگهي، تيئن انجنيئرن بنا اهو لولو لنگڙو آهي ۽ جيتوڻيڪ ڊيڪ وارا (نيويگيٽر) نٿا چاهين ته اسان انجنيئرن جو جهاز تي ڪو وجود هجي. پر اسان بنا، انهن جو گذارو به نه آهي.”
جهاز جو مُک انجنيئر- يعني چيف انجنيئر، کڻي ڪيڏو به سٺو هلي، ته به هو ڪئپٽن جي اک ۾ ڪنڊو هوندو. گهڻو ڪم ڪندو ته ڊيڪ وارا چوندا: “چيف انجنيئر ٿي ڪري سڄو ڏينهن انجڻ روم ۾ گهڙيو پيو آهي. نه اٿس پاڻ تي اعتماد نه پنهنجي انجنيئرنگ اسٽاف تي ڀروسو. ان کان اڳ وارو چيف انجنيئر ڪئبن ۾ ويهي سڄي انجڻ جي آئيڊيا لڳائي وٺندو هو ته انجڻ جو ڪهڙو پرزو خراب ٿيڻو آهي ۽ ڪيتري رفتار سان انجڻ جهاز کي هلائي رهي آهي.
وري ڪو اهڙو چيف انجنيئر بدلي ٿي آيو جيڪو پاڻ انجڻ روم ۾ گهٽ ويندو ۽ ٻين جونيئر انجنيئرن کي ڪم سيکارڻ جي مطلب سان انجڻ روم ۾ انهن کي رکندو، ته اهي ڊيڪ وارا ڦيرو کائي، ان چيف انجنيئر لاءِ چوندا: “چيف انجنيئر ٿي ڪري سڄو ڏينهن اڇا اجرا ڪپڙا پايو، گهوٽ ٿيو، رڳو ڪئبن ۾ ويٺو آهي. انجڻ روم جو ته پڪ رستو ئي وسري ويو هوندس. اڳئين چيف انجنيئر جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي. ڪم جو مڙس ماڻهو هوندو هو. سڄو ڏينهن انجڻ روم ۾ گذاريندو هو.”
جهاز هلائيندڙ جي نوڪري، ڏسڻ ۾ پرسڪون هوندي به، آنڌ مانڌ واري آهي. هن کي نه سمنڊ تي مزو اچي ٿو ۽ نه ڪناري تي.
ڪناري جي نوڪريءَ ۾ جهازين کي رکي رکي اڪثر اهڙا خيال ايندا آهن ته واپس سمنڊ تي هليو وڃجي- يعني جهاز هلائڻ واري نوڪري هلي ڪجي جتي دنيا جي رسمن رواجن کان به ماڻهو آزاد آهي ته پگهار به وڏو آهي. روز جي اٽي ۽ ڀاڄي وٺڻ کان به ماڻهو ڇٽو پيو آهي ته مٿان ڪو صاحب (Boss) ۽ ان جي اجائي کٽ پٽ به ناهي.
سمنڊ تي، وري ان قسم جا دورا، هر جهازيءَ کي ڏهاڙي پون ٿا ته رکو سڪو ٽڪر ڀور به ڪناري جو سٺو. سمنڊ تي روزانو شام جو پيدا ٿيندڙ مونجهه ۽ مايوسي (Depression)، اهو ئي سوچڻ تي مجبور ڪري ٿي ته سمنڊ جي زندگيءَ ۾ رکيو ئي ڇا آهي. نه ڪو غم ڀائي ۽ نه ڪو ڏک سور ٻڌڻ وارو. مٽن مائٽن کان به پري ته سنگت ساٿ کان به ڪٽيل. سمنڊ جي زندگي هڪ غير معمولي (Abnormal) زندگي ئي آهي.
- هتي ملائيشيا ۾، منهنجي پاڙي ۾، جوهوبارو شهر جو هڪ ملئي مسلمان ڪئپٽن رزالي بن يعقوب پڻ رهي ٿو. هن دور ۾، هن جهڙا نيڪ انسان- عمل توڙي قول جا، نماز روزي توڙي آفيس ۾ ايمانداريءَ سان ڊيوٽي ڏيڻ وارا گهٽ نظر ايندا. ڪيترائي سال هن جي ويجهو گذاريا اٿم پر مون هن کي نوڪر سان به تکو ڳالهائيندي نه ڏٺو آهي. عمر ۾ مون کان تمام ننڍو آهي. بلڪ پهرين منهنجو شاگرد هو. ڪئپٽن جو امتحان ڏيڻ لاءِ ملائيشيا جي هن مئرين اڪيڊميءَ ۾ مون وٽ پڙهڻ لاءِ آيو هو. ڪلاس روم ۾ ڪڏهن به دير سان نه آيو. هوم ورڪ توڙي ڪلاس جو ڪم ايمانداري ۽ محنت سان ڪندو هو. ٿورن ئي ڏينهن ۾ سڀني هن کي پرکي ورتو ته هي شخص جيترو مذهبي معاملن جو ڄاڻو آهي، اوترو ئي ماڊرن ٽيڪنالاجيءَ جو عالم. جيئن نماز هڪ مَنو ٿي پڙهندو هو تيئن جهاز رانيءَ جا سبجيڪٽ ڀرپور Concentration سان ڌيان ۾ ڌريندو هو. سڀني چيو ته هي پهرين ئي Attempt ۾ امتحان پاس ڪري ‘ڪئپٽن’ ٿي ويندو ۽ ٿيو به ائين. نه ته هي جهاز هلائڻ جا امتحان جهازين جو تيل ڪڍيو ڇڏين. شل ڪو پهرين دفعي ۾ پاس ٿئي. ڪئپٽن رزاليءَ امتحان پاس ڪري جهاز جو ڪئپٽن ٿي وڃڻ بدران ليڪچرار ٿي، هن اڪيڊميءَ ۾ پاڙهڻ پسند ڪيو.
“ڪئپٽن رزالي تون جوان مڙس آهين. سمنڊ تي هليو وڃ. جهاز هلاءِ ۽ پگهار به سٺو اٿئي. ٻار به اڃان ننڍا اٿئي. ڪجهه سالن لاءِ انهن جي اسڪول جو به مسئلو نه رهندءِ.” مون کيس صلاح ڏني هئي.
“نه سر! آئون پڙهائڻ کي هڪ نيڪ پورهيو سمجهان ٿو. آئون ماستر ٿي رهڻ پسند ڪريان ٿو. پگهار گهٽ آهي مڙيئي خير آهي. اسان کان گهٽ پگهار وارن جو به ته گذر ٿئي پيو.” هن پڪي اعتماد سان وراڻيو.
“ها. پئسي پٺيان انسان کي ڀڄڻ نه کپي.” مون سندس تائيد ڪئي.
کلندي وراڻيائين: “ها سر. پئسي پٺيان ڀڄڻ بلڪل نه کپي. پر ان جو مطلب اسان مسلمان قوم کي اهو هرگز وٺڻ نه کپي ته پورهئي کان منهن موڙي ويهي رهون ۽ ڪمائڻ ڇڏي ڏيون. پورهيو ضرور ڪجي. پوءِ جي ان جو اجورو گهٽ آهي ته غير قانوني ۽ غير اخلاقي طريقن سان پئسو هٿ ڪري پنهنجو معيار وڌائڻ کان بهتر آهي ته قناعت ڪجي ۽ سادگي واري زندگي گذارجي.”
پوءِ ويجهو ٿي راز واري انداز ۾ مون کي چيائين: “سر دل ۾ نه ڪجو. اسان جي ملڪ جي ملئي مسلمانن توڙي توهان جي مسلمانن جي اڄ جي دور ۾ وڏي تباهي ان ڪري به اچي رهي آهي جو هو ڪمائيءَ کان وڌيڪ خرچ ڪن ٿا. يا رشوتون ۽ حرام وٺي پنهنجو معيار ايترو ته وڌايو ڇڏين جو پوءِ ڪٿي رشوت اچڻ بند ٿيو وڃي ته ٺلهي سڪي پگهار تي هنن جون وايون بتال ٿيو وڃن. يا ڪيترا وري وڌيڪ محنت يا واپار ڪري پئسو ڪمائڻ کي عجيب يا گناهه سمجهن ٿا. پئسو ڪمائڻ يا شاهوڪار ٿيڻ ڪو گناهه ناهي. پر اهو ڏسڻ کپي ته پئسو ڪهڙي طريقي سان اچي ٿو. جائز طريقي سان يا ناجائز طريقي سان؟ جي جائز طريقي سان اچي ٿو ته ڀلي اچي. ڀلي گهڻي کان گهڻو اچي. شاهوڪار ٿيڻ ڪا غير اسلامي ڳالهه ناهي. اسلامي تاريخ ۾ ڪيترائي مسلمان امير ۽ غني ٿي گذريا آهن پر ان جو مطلب اهو ناهي ته ان پئسي کي ڪنجوس ٿي پاڻ وٽ سوگهو رکجي ۽ نه وري عيش عشرت ڪري ان کي کپائي لٽائي ڇڏجي. ٻئي ڳالهيون غلط آهن. پئسو، ناڻو، دولت ويندي هيءَ اسان جي زندگي/ جان قدرت طرفان اسان کي Trust طور مليل آهي، جنهن کي صحيح طرح استعمال ڪرڻ، اسان جو اولين فرض آهي. پئسو جي گهڻو اچي ٿو ته ان کي خير خيرات ۾ استعمال ڪجي. ڪنهن ڏاهي جو چوڻ آهي ته ناڻو/ ملڪيت/ دولت هڪ درياهه مثال آهي. جنهن کي جيڪڏهن بند ڏئي جهلبو ته ٻوڙي ڇڏيندو. ان ڪري جيترو گهڻو اچي ته اوترو ئي ان کي وَهڻ ڏجي. مطلب ته پئسو جيترو اچي، ان کي رب پاڪ طرفان سمجهي، ان کي اوترو ئي گهڻو خير خيرات ڪرڻ کپي ۽ پنهنجي قابليت آهر جيترو پڄي سگهي ڪمائجي ۽ پوءِ ضرورت کان وڌيڪ پئسي مان ڪجهه حصو ضرورتمندن، ضعيفن، بيمارن، يتيمن ۽ لاوارث غريبن کي ڏجي.”
اسان جو اهو پاڙيسري ملئي ڪئپٽن، رزالي بن يعقوب پنهنجي پيءَ جي هيءَ نصيحت هميشه ورجائيندو آهي ته نماز پڙهجي ته اهو سوچي پڙهجي ته ٿي سگهي ٿو ته زندگيءَ جي اها آخري نماز هجي. پئسو ڪمائجي ته مڙس ماڻهو ٿي، گهڻي کان گهڻي محنت ڪري ڪمائجي ۽ اهو سوچجي ته مون کي سڄي عمر هن دنيا ۾ رهڻو آهي.
مٿئين ملئي ڪئپٽن جي هن وقت هڪ ٻي ڳالهه به ياد اچي رهي آهي ته پئسي جي معاملي ۾ هو هميشه اها دعا پڻ گهرندو آهي ته “منهنجا مولا نه مونکي ايڏو مسڪين ڪر جو ڪنهن ٻئي انسان اڳيان هٿ ٽنگڻو پوي ۽ نه وري ايڏي دولت ڏي، جو آئون هوش حواس وڃائي، توکي به وساري ڇڏيان.”
No comments:
Post a Comment