هالا جي نجم ميمڻ جي آمريڪا پهچڻ جي ڪهاڻي
واشنگٽن صبح جا اٺ ٿيڻ وارا هئا. اسان جي ڳوٺائي نجم ميمڻ اڳ ۾ ڳنڍ ٻڌل ٽاءِ ڪٻٽ مان ڪڍي، مٿي کنيل ڪالر ۾ وڌي ۽ بوٽ کي ڇنڊي نوڪريءَ تي اسرڻ لاءِ موڪلايو. نجم هتي آمريڪا ۾ اچن بعد ڏهاڪو کن سال مختلف Odd(جسماني محنت مزوري وارا ۽ ڪچي نوڪري وارا) جاب ڪرڻ بعد هاڻ واشنگٽن جي اسٽريئر(Strayer) يونيورستيءَ جي لئبرري ۾ ڪم ڪري ٿو. اهو ئي سندس سنڌ يونيورسٽي ۾ جاب (نوڪري) هئي ۽ انهي سبجيڪٽ ۾ هن گرئجوئيشن ڪئي آهي.
“ڪر خبر نجم آفيس ڪيئن ويندين؟” مون پڇيومانس
“هتان پنهنجي ستين گهٽيءَ واري سب وي ريلوي اسٽيشن تان نيلي، پيلي يا سائي ريل وٺندس ته وڃي يونيورسٽي وٽ ڇڏيندي، ڪڏهن وقت هوندو آهي ۽ موسم سٺي هوندي آهي ته نيشنل مال جي وچ مان نڪري ويندو آهيان ۽ ڀاڙي جو ڊالر بچائي وٺندو آهيان.”
“ڪهڙي گهٽيءَ ۾ آهي؟” مون پڇيو: “پنڌرهينءَ ۾.”
“ٿارٿ ايسٽ پنڌرهين؟” مون پڪ ڪئي.
“نه. نارٿ ويسٽ.”
“ماشاءَ الله.” مون مرڪندي نجم سان هٿ ملائي خدا حافظ ڪندي چيومانس، چئبو ته چڱو جو سنڌ يونورسٽي ڇڏئي هاڻ روز واشنگٽن يادگار وٽان نگهي، آمريڪا جي صاحب جي گهر House وٽان لنگهين ٿو.
“نجم ۽ سندس ماءُ ادي حول جو هالا جي هڪ بيحد شريف ۽ ايماندار محنتي گهراڻي سان واسطو آهي. نجم جي ناني انگريزن جي ڏينهن کان وٺي سٽ ۽ پٽ جو واپار ڪيو ٿي. سوسي اُوچو، کاڌي ۽ گربين جهڙو ڪپڙو ٺاهڻ لاءِ هن وٽ پنهنجا هٿ جا ڪارخانا هئا. هڪ سج ٻه پاڇا، هڪ اهڙي گهڙي آئي جو هن خاندان لاءِ آزمائش اچي وئي. واپار ۾ وڏا نقصان پئجي ويا، هالا جا ڪيترائي واپاري ۽ مالڪ پاڻ پورهيت ٿي ڪم ڪرڻ لڳا. نجم اڃان ٽن چئن سالن جو هو ته سندس پيءُ به هي جهان ڇڏي ويو. ماءُ ڳنڍڻيون ۽ ارٽ هلائي پاڻ کي ۽ پنهنجي پٽ کي زندهه رکيو. نجم چوٿين پنجين ڪلاس ۾ پهتو ته پاڻ ماءُ سان گڏ اسر ڏيئي اٿندو هو ۽ تاڃي پيٽي ۽ اڻت سان واسطو رکندڙ ڪم ڪري، پنهنجي اسڪول جي في ۽ ڪتابن جو بندوبست ڪندو هو. جتي هن جيڏا ٻار موڪلن ۾ سڄو ڏينهن گهٽين ۾ راند ڪندا هئا، اتي نجم پورهيو ڪندو هو. کيس دلچسپي جيڪڏهن هئي ته فقط لغڙ اڏائڻ سان. پر هي اهڙو شوق آهي جيڪو لڪي به نٿو ڪري سگهجي. جيئن ئي لغڙ اڏائڻ لاءِ گهر کان گوهي ڪندو هو ته ماڻس کيس ڳولڻ لاءِ نڪرندي هئي ۽ بيحد سولائي سان کيس Trace
ڪري وٺندي هئي ته ڊُگن جي کڏ تي آهي يا ابڙن جي.
اسڪول ختم ڪرڻ بعد ڪاليج ۽ يونيورستي ۾ پڙهڻ لاءِ هن هڪ ڳوٺ ۾ ڪمپائونڊر ٿي ڪم ڪيو. شام جو ڪمپائونڊري ڪندو هو، صبح جو ڄامشورو يونيورسٽي لاءِ ويندو هو. لئبرري سائنس ۾ گرئجوئيشن ڪرڻ بعد کيس اتي ئي نوڪري ملي ويئي.
“پوءِ توکي آمريڪا اچڻ جو ڪيئن خيال ٿيو؟” مون پڇيو هئومانس.
“سائين آئون غريب ماڻهو، ڪڏهن ڪراچيءَ جو به نه سوچيو هوم. هڪ ڏينهن منهنجي باس سان کٽ پٽ ٿي پيئي. هن مون کي ڏاڍا دڙڪا ڏنا ۽ ڏک ۾ موڪل ڪري حيدرآباد پنهنجي دوست سان وڃي سور رنم ه مون سان هي ظلم آهي. هو ان وقت آمريڪا وڃڻ جي ويزا لاٽريءَ جو فارم ڀري رهيو هو. هن مون کي به ڀرڻ لاءِ چيو.”
فارم ڀرڻ بعد نجم کي ته ڳالهه وسري ويئي، خبر تڏهن پيئي جڏهن ڪجهه مهينن بعد نجم کي آمريڪن ايمبسيءَ مان خط مليو ته هو آمريڪا ۾ رهڻ لاءِ چونڊجي ويو آهي، اسلام آباد مان اچي ويزا وٺي.
“شروع شروع ۾ آئون ٻڏتر ۾ اچي ويس ته مون ۾ ڪراچي رهڻ جي ئي سگهه ناهي، آمريڪا ۾ ڪيئن رهي سگهندس، پر پوءِ مون کي دوستن يارن چيو ته محنتي ماڻهو آهين هليو وڃ ۽ نيٺ اچي هتان نڪتس.”
آمريڪا جي ويزا جي لاٽري وارن کي آمريڪا ۾ رهڻ ته ڏين ٿا، پر نوڪري پورهيو يا واپار ڌنڌي لاءِ هنن کي پاڻ هٿ پير هڻڻو پوي ٿو. نجم کي ته اهو به سمجه ۾ نه پئي آيو ته ٽڪيٽ ڪيئن ڪجي. آمريڪا پهچي ڇا ڪجي، کين نه گهر هو نه زمين دڪان. مسواڙ جي هڪ ننڍڙي گهر ۾ رهيا ٿي. زال ۽ ماءُ جا ٻه چار جيڪي ڳهه هئا، اهي وڪڻي ٽڪيٽ ورتائين، هاڻ مسئلو هو ته آمريڪا ڪهڙي شهر ۾ لهي ۽ پهريان ڏينهن ڪهڙي ڇت هيٺان رهي. جيسين ڪو پورهيو يا محنت مزوري ملي، جو پوءِ پنهنجو پيٽ پالي، ان بعد ٻارن لاءِ ڳوٺ پئسا موڪلي. ڪو واقف سڃاڻو نه پيو نڪري، جيڪو هن جي مدد ڪري. ڪو هو به ته غريب جي هو ڇو مدد ڪري، پر پوءِ ڳوٺ ۾ رهندڙ منهنجي ڀاءُ اشفاق لکيو ته ايئرپورٽ تي هن کي ڇڏڻ وقت هن کي ڊاڪٽر سائين ڏني هاليپوٽو جو ڪو فرزند (شايد ڊاڪٽر مقبول يا ڪو ٻيو) ملي ويو يا سندن ڪزن لطف الله هاليپوٽو، جنهن کي هن نجم جي پارت ڪئي. اڄ به نجم ڊاڪٽر هاليپوٽي جي فئملي جا ٿورا هر وقت ڳائيندو رهي ٿو، ته ڪيئن امتياز مقبول ۽ ٻين هنن جي مائٽن نجم کي پاڻ وٽ مهينو کن رهايو ۽ پوءِ نيويارڪ ۾ هڪ پٺاڻ جي هوٽل تي هن کي ڪڪڙين صاف ڪرڻ ۽ گرم تيل ۾ انهن کي فراءِ ڪرڻ جو ڪم ملي ويو. رات جو سمهڻ لاءِ به هن وٽ هڪ گئريج ۾ بندوبست هو.نجم ٻڌايو ته هن کي نئون آيل ڏسي دڪان جو مالڪ ڪم گهڻو وٺندو هو، پگهار گهٽ ڏيندو هو. “پر تڏهن به آئون خوش هوس. سڄو ڏينهن گرم باهه تي بيهي ڪم ضرور ڪندو هوس، پر ذهني سڪون هوندو هوم.” نجم ٻڌايو ته هڪ دفعو ڪڪڙيون تريندي هن جو ساڄو هٿ سڙي پيو، ته به ريسٽورينٽ جو مالڪ چوڻ لڳو ته ڪم ڪرڻو اٿئي، نه ته پگهار ته نه ڏيندو سان”، پر نوڪري مان به ڪڍي ڇڏيندو سانءَ.” “اهو مهينو مون ڏاڍيءَ ڪليف ۾ گذاريو.” نجم ٻڌايو ۽ پوءِ انڪم ٽيڪس جي نالي تي جيڪي پئسا منهنجو مالڪ پيو ڪٽيندو هو، سو سڄو فراڊ هو ۽ هن تي پوليس ڪيس ٿي پيو ۽ اسان سڀني پورهيتن کي اسان کان کسيل پئسا واپس ڪرڻا پيا.” ان کان پوءِ نجم هڪ هسپانوي هوٽل واري وٽ ۽ هڪ پيٽرول پمپ تي به ڪم ڪيو.
“اهي نوڪريون سٺيون هيون يا جيڪا هينئر ڪرين ٿو؟” مون نجم کان پڇيو:
“هينئر واري سٺي آهي.” نجم ٻڌايو، “ان ڪري جو هيءَ پڪي نوڪري آهي، پهريان واريون نوڪريون ODD-JOBS سڄو سال پورهيو ڪري پوءِ نومبر ڊسمبر ڌاري مهيني کن لاءِ ڳوٺان (پاڪستان) ٿي موٽندو هوس ته وري نوڪريءَ جي ڳولا ڪندو هوس. پوءِ ڪڏهن ته ڪنهن دڪان، ريسٽورينٽ، پيٽرول پمپ، ڪارخاني ۾ هفتي اندر جاب ملي ويندو هو. ڪڏهن ته روز پيا ڌڪا کائيندا هئاسين، جيسن ڪٿي روزگار ملي ۽ اهي ڏينهن سياري جا هجڻ ڪري اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ موڪل هوندي هئي ۽ هتي جي دستور موجب ڪيترائي شاگرد موڪلن ۾ نوڪري ڪن ٿا. اهي به ڳولا ۾ هوندا هئا. پوءِ سخت سيءَ ۾ هڪ دڪان مان نڪري ٻئي دڪان ۾ نوڪري لاءِ فارم ڀري پيو ڏيڻو پوندو هو، ته من ڪٿي ڪنهن کي ضرورت هجي ۽ اسان کي کڻي رکي. ڪنهن ڪنهن سال ته ايئن ٿيندو هو جو باقي بچيل پونجي به ختم ٿي ويندي هئي، پر نوڪري نه ملندي هئي، پر وري به شابس هجي انهن ٽنڊوالهيار جي هاليپوٽن کي خاص ڪري لطف الله هاليپوٽي کي جنهن وٽ اهڙن مشڪل ڏينهن ۾ مانيءَ ڀور وڃي کائبو هو جيسين نوڪري ملي.
No comments:
Post a Comment