ويزا ۽ پاسپورٽ لاءِ صحيح معلومات ڏجي
هڪ ٻي ضروري ڳالهه. ڪنهن به ڌارئين ملڪ ۾ وڃڻ جي ويزا اسانکي پنهنجي ملڪ ۾ ان ملڪ جو سفارتخانو يا قونصل خانو ڏئي ٿو جيئن جپان جي ويزا اسلام آباد ۾ جپان جي سفارتخاني کان وٺي سگهجي ٿي يا ڪراچي، لاهور ۽ ڪوئيٽا مان جتي جپان جا قونصل خانا آهن ۽ جپان جو قونصلر ويزا جاري ڪري ٿو. اهڙي طرح آمريڪا جي ويزا آهي پر هاڻ قونصل خاني بدران اسلام آباد ۾ موجود سفارتخاني مان ملي ٿي، بهرحال ڌارئين ملڪ جي سفير يا قونصلر کان مليل ويزا بعد صحيح معنيٰ ۾ ويزا اها آهي جيڪا ڌارئين ملڪ جي هوائي اڏي تي پهچڻ تي اميگريشن پوليس جو عملو ڏئي ٿو. مثال طور اسلام آباد وارو آمريڪي سفارت خانو توهانکي آمريڪا ۾ وڃڻ جي پنجن سالن لاءِ ويزا ڏئي ٿو پر ان جو اهو مطلب هرگز ناهي ته توهان کي پنجن سالن لاءِ آمريڪا ۾ رهڻ جي موڪل ملي وئي، هرگز نه. آمريڪا ۾ توهان فقط ايترو مدو رهي سگهو ٿا جنهن جي اجازت توهان کي نيويارڪ، لاس اينجلس يا ڪنهن ٻئي آمريڪي هوائي اڏي تي پهچڻ تي اتي موجود اميگريشن پوليس ڏيندي ۽ اهو فيصلو اميگريشن وارا ڪن ٿا ته توهان کي ٽي مهينا رهڻ ڏين يا ڇهه مهينا. هو چاهين ته هڪ ڏينهن جي به اجازت نه ڏين ۽ توهان ايئرپورٽ کان ٻاهر نڪري نٿا سگهو ۽ انهي پيرين ٻي فلائيٽ ۾ توهان کي پنهنجي ملڪ موٽڻو پوي.
منهنجي هڪ سڃاڻي جي ڌيءَ جي شادي هڪ آمريڪا ۾ رهندڙ سان ٿي. هوءَ اتي وڃي هن وٽ رهڻ لاءِ گهمڻ جي بهاني تي ويزا وٺي جڏهن نيويارڪ ايئرپورٽ تي پهتي ته هن کي آمريڪا ۾ گهڙڻ لاءِ پاسپورٽ تي entry جو ٺپو نه هڻي ڏنائون ۽ هن کي پنهنجي ملڪ موٽڻو پيو جيتوڻيڪ هن وٽ پنجن سالن جي ويزا هئي. ڪهڙي سبب ڪري نيويارڪ ايئرپورٽ جي اميگريشن پوليس آمريڪا ۾ رهڻ نه ڏنو ان بابت ڪجهه نٿو چئي سگهجي ۽ نه هنن ٻڌايو- پر هن ڇوڪريءَ ٻڌايو ته ٻن ڳالهين ڪري هنن کي شڪ پئجي ويو هجي ته آئون گهمڻ جي بهاني اتي پنهنجي مڙس وٽ رهي پونديس. هڪ ته هنن منهنجي بئگ ۾ شادي جا ڪپڙا ۽ ڳهه ڳٺا ڏسي اندازو لڳايو هوندو جو ڪيتريون ئي ڇوڪريون اهو طريقو اختيار ڪري آمريڪا پهچي رهيون هيون ۽ ٻي ڳالهه ته هنن کي پاڪستان ۾ ئي اينٽيليجنس پوليس ذريعي معلوم ٿي ويو هجي ته منهنجي شادي نيويارڪ ۾ پڙهندڙ همراهه سان ٿي آهي جيڪو انهن ڏينهن ۾ اتي جي يونيورسٽي مان موڪل ڪري لاهور آيو هو.
بهرحال آمريڪا جي هوائي اڏي تي پهچي، توهان وٽ سفارتخاني کان مليل ويزا جي هجڻ جي باوجود ائين به ٿي سگهي ٿو ته توهان کي آمريڪا ۾ رهڻ کان روڪيو وڃي ۽ اميگريشن پوليس توهان کي هڪ ڏينهن جي به ويزا نه ڏئي. جيئن آمريڪا بابت هن کان اڳ واري سفرنامي "نيو هالا کان نيويارڪ" ۾ لکي آيو آهيان ته ڪراچيءَ کان مون سان گڏ سفر ڪندڙ هڪ نوجوان کي نيويارڪ جي هوائي اڏي تان ئي وطن ورائي ڇڏيائون جيتوڻيڪ هن کي تعليم حاصل ڪرڻ جي ويزا هئي ۽ سال ڏيڍ آمريڪا ۾ گذاري چڪو هو. اميگريشن پوليس پاڻ ته سبب ٻڌائڻ کان گريز ڪئي پر هن شاگرد ٻڌايو ته هن کي شڪ ٿو پوي ته پوليس کي خبر پئجي وئي ته آئون تعليم جي بهاني سان نوڪري پيو ڪريان ۽ يونيورسٽيءَ کان گسائيندو رهان ٿو." ويجهڙائيءَ ۾ ان شاگرد جو هڪ سڃاڻو مليو تنهن ان بابت پنهنجو خيال ٻڌايو ته پوليس کي ان ڳالهه مان شڪ پئجي ويو ته هو هڪ غريب شاگرد ٿي هر ٽي چوٿين مهيني ڪيئن موڪلون ڪري ملڪ وڃي اچي ٿو.
ان ئي ڏينهن، اسان جي ئي جهاز ۾ سفر ڪري نيويارڪ ايئرپورٽ تي پهتل هڪ همراهه کي ويزا ڏيڻ کان ان ڪري انڪار ڪيو ويو جو هن پوليس جي سوالن جا صحيح جواب نه ڏنا. هن ڪجهه انفارميشن لڪائڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن کان هتي جي پوليس ڀليءَ ڀـَـتِ واقف هئي
اهو به ٻڌائيندو هلان ته ويزا لاءِ جيڪا ڳالهه توهان درخواستي فارمن تي لکي موڪليو ٿا يا اسلام آباد ۾ اينٽرويو تي ٻڌايو ٿا، اها ذري پرزي جي خبر جتي ڪٿي پئجيو وڃي. اڳ ۾ ته ماڻهن اهي به ٺڳيون ڪيون جو جعلي ويزائن ۽ پاسپورٽن تي آمريڪا يا يورپ پهچي ويا ٿي يا ٻي جي پاسپورٽ تي پنهنجو فوٽو چنبڙائي ڌارئين ملڪ ۾ پهچي ويا ٿي پر هاڻ اهي ڳالهيون ناممڪن آهن جو هڪ ته پاسپورٽ ۽ شناختي ڪارڊ Readable ٿي پيا آهن يعني مشين ۾ پاسپورٽ وجهڻ سان ڪمپيوٽر جي اسڪرين (مانيٽر) تي توهان بابت سڄي انفارميشن لکجيو وڃي. توهان جي آڱرين جا نشان، ويندي اکين جي تارن جي به خبر پئجيو وڃي ته پاسپورٽ ۾ درج ٿيل معلومات مسافر جي آڱرين ۽ اکين جي تارن جي Print سان ملن ٿا يا نه ۽ ٻي ڳالهه ته ڪمپيوٽر سسٽم On Line هجڻ ڪري اها معلومات جيڪا توهان فارمن ۾ لکي يا انٽرويو ۾ ٻـُـڌائي يا پوليس ۽ Intelligence کان هنن حاصل ڪئي اها هر ايئرپورٽ، بندرگاهه تي ڪمپيوٽر کولڻ سان توهان جي نالي اڳيان مليو وڃي. مثال طور آمريڪا جي ويزا جي درخواستن واري فارم تي نه فقط ماءُ پيءُ ۽ ٻارن جا نالا لکڻا پون ٿا پر ڀائر ڀينرن جا پڻ ۽ انهن جي ڄم جي تاريخ پڻ. هاڻ مثال طور مونکان ڪنهن جو نالو يا ڄـَـم جي تاريخ ڄاڻي واڻي يا بيخياليءَ ۾ رهجي وئي يا غلط لکجي وئي ته اها به هڪ قسم جي "غلط ڄاڻ" مهيا ڪرڻ هيٺ منهنجي ويزا جي عمل کي نقصان پهچائي سگهي ٿي ۽ منهنجي ڀاءُ يا ڀيڻ به جي ويزا لاءِ Apply ڪيو آهي ۽ هن جي ڏنل معلومات ۽ منهنجي ۾ فرق به نقصان پهچائي سگهي ٿو. ڇو ته ڪمپيوٽر سسٽم آن لائين هجڻ ڪري هو آساني سان منهنجي فارم تي ڏنل منهنجي مائٽن جي پوزيشن معلوم ڪري سگهن ٿا ته انهن کي به آمريڪا جي ويزا يا پاسپورٽ آهي يا نه ۽ انهن پاڻ لا”، مون لاءِ ۽ ٻين مائٽن لاءِ ڪهڙي معلومات ڏني آهي. بهرحال آمريڪا توڙي ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ ڪٿي به غلط معلومات نه ڏجي. نائن اليون کان اڳ ته يورپ توڙي آمريڪا ۾ ڪيترا غير قانوني طرح آيل ماڻهو بنا پاسپورٽ جي به پيا هلندا هئا. ورلي ڪو چوڏهين چنڊ ڪنهن واٽهڙوءَ کان سندس ملڪ يا سفر جي ڪاغذن جو پـُـڇيو ويو ٿي پر هاڻ ڪڏهن ڪڏهن ريلوي اسٽيشن، هوائي اڏن، پارڪن يا ٻين هنڌن تي اوچتي پڇا ڪئي وڃي ٿي ۽ اها فقط اسان مسلمانن يا پاڪستانين کان نه پر هرهڪ کان ۽ توهان جي قانوني طرح آيل آهيو ۽ ڪنهن به ڏوهه ۾ involve نه آهيو ته پوءِ توهان کي ڪوبه فڪر نه هئڻ کپي. آمريڪا يا يورپ جي ملڪن کي کڻي اسان نادانيءَ ۾ ڪافرن جو ملڪ سڏيون پر هتي جي پوليس راڻيپور، گمبٽ يا ڏهرڪي، گهوٽڪي جهڙي ظالم ناهي. پر ڪيترن واقعن ۾ اسانجو ماڻهو غلط معلومات ڏيڻ ڪري سزا جو حقدار ٿيو وڃي. ان سلسلي ۾ پنهنجي گذريل سفرنامي "نيو هالا کان نيويارڪ" ۾ لکي چڪو آهيان ته ڪيئن اسان جي مسجد (نيو جرسي جي اوڪ ٽـِـري روڊ واري) جو امام جيڪو آمريڪا جي انٽيليجنس FBI ۾ ڪم ڪري ٿو، اسان نمازين کي جمع نماز جي خطبي ۾ ٻڌايو هو ته پوليس جي سوال ڪرڻ تي اسان کي ان جو صحيح جواب ڏيڻ کپي ۽ جي هن جي انگريزي سمجهه ۾ نه اچي ته پنهنجي ماڻهوءَ کي سڏائي ان جي اڳيان جواب ڏجي يا حڪومت طرفان مهيا ڪيل وڪيل جي معرفت جواق ٻڌائجن ۽ جيڪا صحيح ڄاڻ هجي اها ئي ڏجي. هن ٻڌايو ته ڪيترا دفعا ڪنهن ڏوهه جي شڪ ۾ پوليس جڏهن پڇا ڪري ٿي ۽ مشڪوڪ ماڻهوءَ کي ڪورٽ تائين پهچائي ٿي ته اتي خبر پوي ٿي ته ان ماڻهوءَ کي ان ڏوهه ڪري نه پر پاڻ بابت غلط معلومات ڏيڻ ڪري ڪوڙ جي سزا ۾ ٽي هفتا جيل ملي ويو.
ٻاهرين ملڪن ڏي ويندڙن لاءِ هتي اها به سهڻي صلاح لکندو هلان ته پنهنجي پاسپورٽ جي مـُـدي ختم ٿيڻ جي تاريخ (Expiry Date) ضرور ڏسندا ڪريو. جيڪڏهن ان جي ختم ٿيڻ ۾ ڪو هڪ سال يا ان کان گهٽ بچيو آهي ته بهتر اهو ئي آهي ته نئون پاسپورٽ ٺهرائي ان تي ويزا لڳرايو. مثال طور آمريڪا، ڪئناڊا يا ٻين ڪيترن ملڪن جي ويزا يڪي پنجن سالن جي ملي ٿي. سال گذرڻ بعد توهان کي نئون پاسپورٽ ٺهرائڻو پوندو. پوءِ پراڻي پاسپورٽ جي پـُـچـَـر ڇڏڻ بدران توهان کي اهو به نئين سان گڏ کڻي هلڻو پوندو جو ويزا ان پراڻي تي لڳل آهي. ٻي ڳالهه ته توهان ان ڌارئين ملڪ ۾ تعليم يا بزنيس جي خيال کان ٻه ٽي سالن لاءِ رهڻ ٿا وڃو ته معنيٰ پرديس ۾ توهان کي نئون پاسپورٽ ٺهرائڻ لاءِ ڊوڙڻو هڪ طرف پوندو ته خرچ ٻئي طرف ڪرڻو پوندو جو ٻاهرين ملڪن ۾ انهن ڪمن جون فيون تمام ڳريون آهن چاهي اسان جي ملڪ جو سفارتخانو هجي ۽ ڪي ملڪ اهڙا آهن جن ۾ جتي توهان کي رهڻو پوي ٿو، ان کان گاديءَ وارو شهر جتي توهانجي ملڪ جو سفارتخانو آهي ايترو پري آهي جيئن ڪراچي کان اسلام آباد ۽ اتي پهچڻ ۾ سفر جو خرچ ۽ ٻه ٽي ڏينهن هوٽل ۾ رهڻ جو خرچ پاسپورٽ في کان به ڏهوڻو ويهوڻو ٿيو وڃي. مون سان به هڪ دفعو اهڙي جـُـٺ ٿي چڪي آهي، جڏهن پنهنجي جهازي سبجيڪٽ "مئرين انجنيئرنگ" لاءِ مالمو (سئيڊن) ويو هوس. هيستائين ته جهاز هلائي ٻين ملڪن ۾ ويندڙ رهيس ٿي جنهن سفر لاءِ CDC جو بـُـڪ ڪافي آهي ۽ اهو Renew به نٿو ڪرائڻو پوي پر هاڻ جڏهن پاسپورٽ تي ٽن سالن جي سئيڊن جي ويزا لڳرائي پوسٽ گرئجوئيشن لاءِ ورلد مئريٽائيم يونيورسٽي ۾ اچي داخلا ورتم ته خبر پيئي ته منهنجي پاسپورٽ جو مـُـدو ختم ٿيڻ تي آهي. ڪراچي مان نڪرڻ وقت هن ۾ ڪي اٺ نوَ مهينا رهيل هئا جيڪي اچي ختم ٿيا هئا. انهن ئي ڏينهن ۾ سيمسٽر جا امتحان به هئا ۽ اسان جي يونيورسٽي جتي آئون رهيل هوس اها جنهن شهر مالمو ۾ هئي اهو سمجهو ته ڪراچي وانگر هو ۽ پاسپورٽ لاءِ مونکي سئيڊن جي گادي واري شهر اسٽاڪهوم وڃڻو پيو جيڪو ايترو پري هو جيترو لاهور. بهرحال ڪراچي ۾ جي اها ڳالهه ڌيان ۾ اچي وڃي ها ته هزار سوا روپين ۾ نئون پاسپورٽ ٺهرائي نڪران ها پر هاڻ سئيڊن ۾ ڪيترو وقت ۽ پئسو خرچ ڪرڻو پيو- اهو سئيڊن ۾ رهندڙ اسان جا پاڪستاني اندازو لڳائي سگهن ٿا
No comments:
Post a Comment