Tuesday, February 08, 2011

يورپ ۽ اسان جي ملڪن ۾ فرق


يورپ ۽ اسان جي ملڪن ۾ فرق

گاڏي دهلي شهر جون لانڍي، ملير جهڙيون ننڍيون اسٽيشنون بنا ترسڻ جي لتاڙي هريانا صوبي جي فريد آباد ريلوي اسٽيشن، ٿوري گهٽ رفتار سان لتاڙي رهي هئي. مون انڊوپاڪ جي تاريخ جي مغل گهراڻي جي دور جو چئپٽر ڪڍي اڃا پڙهڻ شروع ڪيو ته اتي مهرچند اوڏ گهوٽڪي جو هڪ واپاري ٻن ٻين همراهن سان گڏ اچي حاضر ٿيو ته اچو ته پتي راند ڪريون. مون صاف انڪار ڪيو.
“يار ڪمال آهي پوءِ جهاز تي ڪيئن وقت پاس ڪندا هئا؟” مهرچند چيو. “چوين سچ ٿو، انهيءَ ڪري ته آئون لکڻ پڙهڻ جهڙن ڪمن ۾ لڳي ويس جو پتي راند مونکي نٿي آئي”.
“ان جو مطلب مونکي چوٿون پليئر به آڻڻو پوندو”. اهو چئي هو ڪنجهندي اُٿيو ۽ ٿوري دير کانپوءِ ڀر واري دٻي مان ڪرڪندو اچي پهتو. ساڻس گڏ حيدرآباد کان آيل سندس سوٽ پڻ هو. مهرچند وارن اسان جي بئنچن هيٺان ۽ مٿان بئگون لاهي انهن کي سيٽن جي وچ ۾ ٽيبل ٺاهيو ۽ هاڻ پتي راند شروع ڪئي. منهنجي راند سان ڪا دلچسپي نه هئي. ايڏي دلچسپي مغل دور جي تاريخ سان به نه هئي پر انڊيا گهمڻ جو صحيح طرح مزو وٺڻ خاطر مون دماغ ۾ ماضي جي بادشاهن جا قصا رکڻ ٿي چاهيان جن هن ڌرتيءَ تي حڪومت ڪئي. اهو ته نه چئي سگهندس ته هنن رعيت جي خدمت ۽ رعيت سان انصاف ڪيو. ها اهو ضرور چوندس ته ٺٺ ٺنگر ۽ پنهنجي عيش عشرت لاءِ محل محلاتون ٺهرايون. ناچڻين رنن ۽ نخريلي ڇورين سان محل ۽ ڳجها آرامگاهه ڀريائون. ڪنهن ايڪڙ ٻيڪڙ کي ڇڏي سڀ راجا، بادشاهه توڙي نواب هڪ جهڙا لڳن ٿا. انهن جا ٺهيل محل ۽ مقبرا اڄ ڏسي ٺرون پيا. خبر ناهي انهن تي ڪم ڪندڙ ڪمين ڪاسبين کي سندن پورهئي جو اجورو به ڏيندا هيا يا هو رڳو سندن نستي جواني اُڀارڻ لاءِ زور ڏيڻ وارين عورتن کي ئي خرچيون ڏيندا رهيا. دنيا جي ماڻهن جون تاريخون پڙهه ته انهن مان ته اهائي خبر پوي ٿي باقي اسان جي سائين محمد صديق ميمڻ جي “تاريخ انڊوپاڪ” پڙهه ته هر هڪ بادشاهه لاءِ لکيو پيوآهي ته هو وڏو مسلمان هو، وڏو نيڪ نمازي هو، وڏي دين جي خدمت ڪيائين، هندن جا مندر ڊهرائين، ان تي هيترا دفعا حملا ڪري منجهس موجود سون جا بُت ڀڃرائي ڇڏيائين (۽ پوءِ اهو سون ڪيڏانهن ويو. ڇا غريبن ۾ ورهائين يا ڳوٺ کڻائي ويو)، سکن جو زوريءَ طهر ڪرائي هنن کي مسلمان بنائين (جنهن جون نفرتون اڄ تائين اسان ڀوڳي رهيا آهيون. ڇا ڪهڙي حديث ۾ ايئن آهي، يا ڪهڙي خليفي يا اصحابيءَ ايئن ڪيو؟ ۽ ڇا مسلماني ان ڳالهه تائين محدود آهي ته پاڻ نيڪ ڪم نه ڪريو. باقي ڪنهن جي ٽپڙ جو وکو ڪٽي ثواب حاصل ڪريو) پر اسان آهيون جو پيا ٺرون. تاج محل، خاص محل ۽ ٻيا مقبرا ۽ مينار ڏسي وڏي ٽانءَ ۾ ٿا اچون ۽ اڄ جو رئيس، وڏيرو، چوڌري ته ڇا هڪ اسيمبليءَ جو ميمبر ۽ وزير (جيڪو عوامي نمائندو آهي جنهن کي عوام چونڊي اڳيان ڪيو آهي ته اسان جي لاءِ ڪجهه ڪر) هو به عوام جي خدمت ڪرڻ بدران هنن جا فنڊ پنهنجن ڪمن ۽ مشهورين ۾ لڳائي مشهوري ماڻڻ جا جتن ڪري ٿو. يعني هر هڪ ٻئي جي خرچ تي تاج محل ٺاهڻ جي چڪر ۾ آهي، اها هڪ Sick Mentality اسان جي خمير ۾ وسي وئي آهي.
اڄ کان پورا ٽي سئو چوهتر سال اڳ 7 جون 1631ع تي هندستان جي عظيم الشان شهنشاهه شاهجهان جي محبوب راڻي ممتاز محل، پنهنجي چوڏهين ٻار شهزاديءَ گوهر آرا بيگم کي جنم ڏيندي، ويم دوران infection سبب وفات ڪئي. بادشاهه انهيءَ غم ۾ هيڪر ته ڀڄي ڀُري پيو. روئندي روئندي سندس نظر چٽ ٿي وئي. غم ۾ وار اڇا ٿي ويس. هن جي نظر ۾ طوفان نوح کانپوءِ انسان جي تاريخ جو هي ٻيو سانحو هو. مرحومه ملڪه ممتاز محل جي ياد ۾ جمنا درياهه جي ڪناري تي هن هڪ عظيم الشان مقبرو اڏايو. ويهن سالن ۾ تيار ٿيندڙ هيءَ عمارت دنيا ۾ لاثاني مڃي وئي جنهن کي دنيا تاج محل جي نالي سان سڏي ٿي. هن عمارت جي ٺهي راس ٿيڻ ۾ ڪيترو وقت ۽ پئسو خرچ ٿيو، اُن لاءِ پٿر ڪٿان ڪٿان آيو ۽ انهن پٿرن کي ڪنهن ڪنهن گهڙيو، ٽڪيو ۽ پالش ڪيو، هن محل جي پيڙهه ۾ ڪيترن ماڻهن جون هڏيون دفن ٿي ويون، هن جون ڪهڙيون ڪهڙيون ڀتيون، ڪيترا ڪيترا دفعا ڪيرائي انهن کي وري ٺاهيو ويو-اها هڪ الڳ ڪهاڻي آهي.
بلڪل انهن ئي ڏينهن ۾ جن ڏينهن ۾ هندستان جو بادشاهه شاهجهان هو، سئيڊن جو بادشاهه گستاورس اڊولفس هو  ۽ انهي مهيني هن جي زال پڻ هڪ ڇوڪريءَ کي جنم ڏنو جنهن مهيني ۾ ممتاز محل جي پيٽ مان گوهر آرا بيگم پيدا ٿي ۽ بلڪل ان ئي جون جي مهيني ۾ سئيڊن جي بادشاهه گستاورس جي راڻي صاحبه ٻار جي ڊليوري دوران پيٽ ۾ Infection ٿي پوڻ ڪري گذاري وئي. ان ئي لمحي سئيڊن جو بادشاهه سلامت به همت هاري ويهي رهيو، جڏهن هندستان جو بادشاهه شاهجهان پنهنجي راڻي ممتاز محل جي غم ۾ روئي روئي نابين ٿي رهيو هو. هيڪر ته گستاورس غم ۾ غرق ٿي ويو پر جلد ئي پاڻ سنڀالي پنهنجي زال جي موت تي غور ڪيائين ۽ جنهن وقت شاهجهان تاج محل جي اڏاوت ۾ مشغول هو، گستاورس ايڊولفس حڪم ڏنو ته “ملڪ جي هر ڳوٺ، هر ڳوٺ جي هر پاڙي ۽ هر طبقي مان ٻه چست ۽ ذهين ڇوڪرين کي گاديءَ واري شهر اسٽاڪ هوم ۾ آندو وڃي ۽ کين دائيءَ جي ڪم جي ٽريننگ ڏني وڃي. جڏهن اهي ماهر ٿي وڃن ته کين واپس پنهنجي ڳوٺ موڪليو وڃي، جتي اهي ٻين ٻن ٻن ڇوڪرين کي ٽريننگ ڏين، پوءِ جيڪڏهن ڪنهن ڳوٺ، ڪنهن پاڙي يا شهر جي ڏهن ڪوهن ۾ ڪا عورت ويم دوران مري وئي ته نه انهن داين جو خير ٿيندو ۽ نه وري عورت جي مائٽن جو!
اهو فرق هو اسان ۾ ۽ يورپ ۾. جڏهن اسان جا وڏا شاهي مقبرا ٺاهي زال جو غم غلط ڪري رهيا هئا، هاٿين جي وات مان ٻڪرين جا آواز ڪڍائي رهيا هئا، راڳن سان پاڻيءَ ۾ باهه لڳرائي رهيا هئا. حڪيمن کان طاقت جا ڪُشتا ٺهرائڻ ۾ لڳا پيا هئا. انهيءَ وقت يورپ جا حاڪم عوام جي فلاح ۽ بهبود جا منصوبا ٺهرائي رهيا هئا. يونيورسٽيون قائم ڪري رهيا هئا. ڪارخانا، فيڪٽريون، لائبريريون ۽ ليبارٽريون ٺهرائي رهيا هئا. هنن سمجهيو ٿي ته قومن جي عروج لاءِ انسان جي بهتري تي مبني سماجي نظام، بهترين تعليم، ٽيڪنالاجي ۽ انصاف آهي. ان ڪري يورپ جي حاڪمن هميشه انهن ڳالهين تي زور ڏنو ۽ اسان جا حاڪم ملڪ يا صوبي جا هجن يا ضلعي، تعلقي يا ڳوٺ جا اڄ به عوام جي ڀلائيءَ ڪرڻ بدران حڪم هلائڻ کي حڪومت ڪرڻ سمجهن ٿا. اسان جي سڄي انڊوپاڪ جي تاريخ ماضيءَ جي اهڙن حاڪمن سان ڀري پئي آهي جيڪي پاڻ کي زمين تي خدا جو پاڇو سڏائڻ لڳا ۽ هو دين الاهي ايجاد ڪرڻ لڳا جنهن جو نتيجو اهوئي نڪتو جو عروج زوال ٿي ويو ۽ زوال عروج. ڪاش شاهجهان تاج محل بدران انگلينڊ جي آڪسفورڊ يونيورسٽي ٺاهي هجي ها، سئيڊن جهڙو ڪو ميڊيڪل ڪاليج کوليو هجي ها، عوام جي سک ۽ مستقبل لاءِ پوک ۽ پاڻيءَ جي بندوبست جو سوچي ها. مستقل روزگار مهيا ڪرڻ ۽ صحتمند رکڻ لاءِ ڪارخانا، فيڪٽريون ۽ ميڊيڪل تعليم جا ماهر پيدا ڪري ها. نتيجي ۾ مليريا جي علاج لاءِ انگريزن طرفان مليل چند ڪوئنن جي گورين تي به اسان جا بادشاهه سلامت ڦان ٿي پيا ۽ پوءِ آخر ۾ ڀڄڻ ۽ لڪڻ جي راهه نٿي ملين. ڪيڏي دردناڪيءَ سان مغل خاندان جو آخري شهنشاهه پنهنجي جان بچائڻ لاءِ پنهنجي تڙ ڏاڏي مهايون جي مقبري ۾ اچي لڪيو هو. ڇهه هزار ميل پري کان آيل چند انگريزن جي مڪاني سپاهين کيس جهلي گورن جي حڪم تي رنگون ملڪ دربدر ڪري ڇڏيو ۽ سندس سموري اولاد (ننڍي وڏي) کي قتل ڪري ڇڏيو. ڪو احتجاج نه ٿيو، ڪا ريلي نه نڪتي، ڪا بک هڙتال نه ٿي. سندن رعيت چپ چاپ نئين آيل حاڪم جي “جي حضوريءَ” ۾ لڳي وئي! فارسي ڇڏي انگريزي زبان سکڻ ۾ لڳي وئي!!
“يار مهرچند تون پتي راند ٿو ڪرين يا جوڊي ڪراٽي؟” مون انڊيا جي تاريخ پڙهڻ بند ڪري مهرچند کي چيو- جنهن جي گوڙ ۽ ويڙهاند تي باوجود ڪوشش جي آئون ڪتاب تي Concentrate نه پئي ڪري سگهيس. پتو ايئن ٿي سٽيائين ڄڻ سرن يا تختن جي بنڊل تي مُڪ هڻي ٻه اڌ ٿي ڪيائين. کٽڻ توڙي هارائڻ ۾ هن لاءِ دانهون ڪرڻ ضروري هو. سٺا پتا ٿي آيس ته اُڀو ٿي ويو. “ڇا ٺنڊڪ ٺار پتا آهن” ۽ پوءِ خراب ٿي پتا آيس ته جپاني ڪبوڪي ائڪٽر جهڙو چٻو چهرو ٿي پئي ويس. “هاءِ ماري وڌائون ڇا ته اندر ساڙ پتا آيا آهن”.
ههڙي هلندڙ ويڙهاند ۾ پڙهڻ جو سوال ته پيدا ئي نٿو ٿئي. هيڏانهن هوڏانهن دريءَ مان ڏسجي ۽ منهنجي ڀر ۾ ۽ سامهون ويٺل ڌارين مسافرن سان خبر چار ڪجي. گاڏي فريد آباد ٽپي وئي هئي. اتي بيٺي ضرورپر فقط ٻن منٽن لاءِ ۽ هاڻي ننڍين ننڍين اسٽيشنن تي گاڏي بيهڻ بدران ويندي رهي. اسٽيشن اچڻ تي ڪجهه رفتار گهٽي ٿي ۽ هڪ ٻن اسٽيشنن جا نالا پڙهي ورتم: پلوا، بالا بڳڙهه، شولاڪا جهڙا هئا.
هي فريد آباد اهو شهر آهي جتي هندستان جي ورهاڱي وقت سڀ کان گهڻا پاڪستان کان لڏي آيل هندو اچي رهيا. اڄ هي شهر فيڪٽرين ۽ ڪارخانن سان مشهور آهي، چون ٿا ته هن شهر جو نالو مشهور صوفي بزرگ سيد مرتضيٰ خان فريد بخاري تي آهي جيڪو ننڍي کنڊ ۾ بابا فريد جي نالي سان مشهور آهي. سندس مقبرو به هن ئي شهر ۾ آهي، جتي حاضري ڀرڻ لاءِ عقيدتمند پري پري کان اچن ٿا. ڪن جو اهو به چوڻ آهي ته هي شهر اڪبر جي نورتن مان هڪ شيخ فريد جي نالي تي آهن، جنهن هن شهر جو بنياد رکيو. شيخ فريد شهنشاهه اڪبر ۽ ان بعد سندس پٽ شهنشاهه جهانگير جي حڪومت ۾ وزير خزانا ٿي رهيو. هن هتي هڪ قلعو ۽ مسجد پڻ ٺهرائي. فريد آباد جو شهر هريانا صوبي ۾ ايئن آهي جيئن ڪراچي سنڌ ۾ هريانا صوبي جي سٺ سيڪڙو اُپت فريد آباد مان آهي

No comments:

Post a Comment