مالديپ ٻيٽن تي ابن بطوطه به آيو ته مارڪوپولو به
مالديپ سامونڊي تانگهن ڪنارن (Beaches) ۽ انهن جي صاف ۽ سفيد ريتيءَ کان مشهور آهن. هنن ٻيٽن تي سادگي واري زندگي آهي جيڪا هتي جا ماڻهو پسند ڪن ٿا. هو گهڻو ماڊرن ۽ شهري زندگي کان پاسو ڪن ٿا، غربت ۽ ڪمائي جي ٻين ذريعن نه هجڻ ڪري هنن ٽوئرزم کي قبول ڪيو آهي ته ڌارين ملڪن اج ماڻهو سندن ٻيٽ تي گهمڻ لاءِ اچن پر دلئون نٿا چاهين ته ڪو ٻاهران اچي سندن Life Style کي ڊسٽرب ڪري. ان هوندي به ڪوشش ڪئي اٿن ته سياح ۽ مسافر ڪن چند ٻيٽن تان گهمي ڦري هليا وڃن. مڪاني ماڻهن جو گهڻو لاڙو مذهب ڏي آهي. جتي ڪٿي مسجد نظر اچي ٿي ۽ ماڻهن جو سڄو ڏينهن مسجدن ڏي اچڻ وڃڻ عام آهي. مختلف ٻيٽن تي ڌارين سياحن لاءِ ڪجهه هوٽلن تي انهن ۾ رهندڙن کي شراب مٿي ٿو باقي ڪنهن به مڪاني يا ڌارئين کي شراب آڻڻ جي سختي سان منع آهي. ايئرپورٽ ۽ بندرگاهه ۾ ٻاهران آيلن جي سامان جي سختيءَ سان چيڪنگ ٿئي ٿي ۽ شراب ۽ نشي وارين شين کان علاوه سوئر مان ٺهيل مختلف شين جي آڻڻ تي به سختي سان پابندي آهي.
هندي وڏي سمنڊ ۾ چون ثا ته 700 کن مڇين جا مختلف قسم آهن جن مان ڪي ڪهڙا ايشيائي يا آفريڪي ملڪ ۾ نظر اچن ٿيون ته ڪي ڪهڙي ۾ پر مالديپ ٻيٽ اهو هنڌ آهي جتي انهن جون ذري گهٽ سڀ جنسون ملن ٿيون .هنن ٻيٽن جا شروع وارا رهاڪو جيتوڻيڪ سرلنڪا پاسي جا ٻڌ ڌرم سان واسطو رکندڙ هئا. پر ٻاهرهينءَ صدي کان پوءِ گهڻائي مسلمانن جي ِ نظر اچي ٿي. اڄ به ڪيتريون ئي پراڻيون مسجدون ڏسڻ ۾ اچن ٿيون. جن مان هڪ 1665ع جي ٺهيل آهي هن ٻيٽ تي ڪيترائي مسافر پراڻي زماني کان هلي ملي گهمڻ خاطر، جهاز ڀڄڻ ۽ ٻڏڻ تي يا رستو ڀلجڻ تي هيڏانهن ايندا رهيا. پراڻي زماني جي سياحن هنن ٻيٽن جو نالو مالها ديو (Maladiv) رکيو جنهن جي معنيٰ ٻيٽن جو هار آهي. هونءَ به هي ٻيٽن جو جهڳٽو گهڻُ مٿي کان ڏسجي ٿو ته هار وانگر لڳي ٿو. ابن بطوطا کان علاوه ٻيا به ڪيترائي مشهور سياح، تاريخدان ۽ ليکڪ هنن ٻيٽن تي آيا هڪ ٻيو مشهور سياح جيڪو هتان کان اچي نڪتو اهو يورپ جو مارڪو پولو آهي. مارڪو پولو هنن ٻيٽن کي “The flower of the indies” سڏيو آهي. مڪاني ماڻهو هنن ٻيٽن کي اڄ ڪلهه “ديويهي راجي” (ٻيٽ واري سلطنت ) سڏين ٿا. جيتوڻيڪ سڀني ٻيٽن جي جملي آدمشماري ڪا ٻه لک مس آهي پر ڪمائيءَ جا ڪي خاص ذريعا نه هجڻ ڪري هي ملڪ دنيا جي غريب ترين ملڪن مان هڪ آهي. پئسي ڏوڪڙ ۾ به ته ٽيڪنيڪل معلومات ۾ به.
مالديپ ٻيٽن جي ذڪر دوران دنيا جي ٻن مشهور ۽ آڳاٽن سياحن: ابنِ بطوطا ۽ مارڪو پولو جا نالا آيا آهن. هتي هنن چوڏهين ۽ تيرهين صديءَ جي سفر ڪندڙن (Travelesrs) جو مختصر احوال ڏيڻ به محل نه ٿيندو.
ابنِ بطوطه هڪ مسلمان سياح هو. سندس نالو ابو عبدالله محمد هو پاڻ 1304ع سن ۾ موراڪو (مراڪش) جي شهر طنج (Tangier) ۾ ڄائو ڏٺو وڃي ته هي همايون ۽ بابر جهڙن مغل بادشاهن کان به گهڻو اڳ ڄائو ۽ ان وقت جي دنيا جو سير ڪيائين. ابن بطوطه جو جنهن خاندان سان تعلق هو اهي وقت جا قاضي (فيصلا ڪندڙ) پاڻ به قاضي (جج) هو. 21 سالن جي ڄمار ۾ هو حج ڪرڻ لاءِ مڪي ڏي روانو ٿيو. گهران نڪرڻ وقت هن جو ارادو فقط مذهبي ڊيوٽي (حج جي ادائگي) ۽ اوڀر جي عالمن وٽان علم پرائڻ هو. پر پوءِ گهر کان ٻاهر نڪرڻ بعد هن ملڪ ملڪ گهمڻ جو شوق پيدا ٿي پيو ۽ فيصلو ڪيائين ته جيتري قدر ٿي سگهندو دنيا جا گهڻي کان گهڻا علائقا گهمندس. هن جو ڪيترن ئي شآهي درٻارن ۾ آڌر ڀاءُ ڪيو ويو. هن مسلمانن جو هڪ هڪ ملڪ گهميو ۽ اٽڪل سٺ کن بداشاهن، حاڪمن ۽ راجائن ۽ ڪيترن ئي راڻين سان مليو ۽ پنهنجو سفرنامون قلمبند ڪيو. سندس ڪتاب (سفرنامون) اڄ ڇهه سئو سالن گذرڻ بعد بع ساڳي شوق سان پڙهيو وڃي ٿو.
ابنِ بطوطه گهران نڪرڻ وقت اولهه ۽ اتر آفريڪا جي ملڪن مان ٿيندو دمشق، بغداد پتو،. دمشق ۾ ڏٺائين ته خليفه وليد مسجد جي ٻاهران شهر جا اهم نوٽري بپڪل اسٽال ٺاهيو ويٺا هئا. هر هڪ وٽ ڇهه کن شاهد موجود هئا. جيڪو ڇوڪري ڇوڪري شادي لاءِ آيو ٿي ته هن في وٺي اتي نڪاح نامون تيار ڪري ڏنو ٿي. کين قاضي طرفان اجازت مليل هئي. هي ائين هو جيئن اڄ ڪلهه مغربي ملڪن ۾ سول مئريجون (شاديون) ٿين ٿيون.
بغداد کان مديني ۽ مڪي واري رستي “ضرب زبيدهه” تي جتي ڪٿي مسافرن جي لاءِ پاڻي جو بندوبست ٿيل هو جيڪو خليفي هارون رشيد جي زال زبيده طرفان هو. اڄ به ان رستي ۾ ڪا ورلي تبديلي آئي آهي.
حج دوران ابنِ بطوطه بيمار ٿي پيو ۽ هن طواف ۽ سعي پيرين پنڌ ڪرڻ بدران امير جي گهوڙي تي چڙهي ڪئي. (سعي صفا ۽ مروهه ٽڪرين جي وچ ۾ ست ڦيرا ڪرڻ کي سڏجي ٿو) يمن ۾ ابن بطوطه زابد شهر ۾ رهيو جيڪو انهن ڏينهن ۾ اتي جو ٻيو نمبر وڏو شهر هو. ايران ۾ ابن بطوطه ابو سعيد سان مليو جيڪو ايران جي منگلو گهراڻي جو آخري خان هو. هن وائسراءِ جي خاتون جي حاضري اچي ڀري جيڪا آغا سڏي وڃي ٿي. خاتون ابن بطوطه کي پئسا ۽ سواري لاءِ گهوڙو سوغات طور ڏنو ابن بطوطه کي شيراز شهر جا ماڻهو بيحد نيڪ ۽ سچار لڳا.
No comments:
Post a Comment