مشهد جي آسپاس
الطاف شيخ
رات جو ماني تي اسان کي ايران گهمائڻ لاءِ وٺي ايندڙ محمد علي رضوي ۽ سلمان ٻڌايو ته هنن الحرمين ٽريول ايجنسي طرفان لگزري بس جو انتظام ڪيو آهي جيڪا صبح جو اسانکي مشهد شهر جي اوس پاس جون زيارتون هلي ڏيکاريندي.
دراصل مشهد شهر توڙي آسپاس جي علائقي ۾ ڪيترائي درويش، فقير ، اولياءَ، شاعر اديب ۽ سياستدان دفن ٿيل آهن، جيڪي هن شهر جي شهيد اعظم امام علي الرضا جي آخري آرمگاهه ڪري هتي اچي رهيا يا هنن جي وصيت موجب سندن وفات بعد کين هتي دفنايو ويو. مونکي هتي اچي اسانجي گائيڊ کان خبر پيئي ته هن شهر مشهد ۾، اسانجي ملڪ جون ٻه اهم شخصيتون اسڪندر مرزا ۽ راجا صاحب محمود آباد پڻ دفن ٿيل آهن. اسڪندر مرزا اسانجي ملڪ جو آخري گورنر جنرل هو. آڪٽوبر ۱۹۵۵ کان مارچ ۱۹۵۶ تائين ۽ ان بعد آڪٽوبر ۱۹۵۸ تائين صدر ٿي رهيو. پاڻ بنگال جي شهر مرشد آباد ۾ ۱۸۹۹۾ ڄائو ۽ بمبئي ۾ وڏو ٿيو. اتي جي ايلفنسٽن ڪاليج مان تعليم حاصل ڪرڻ بعد انگلنڊ جي مشهور فوجي اڪيڊمي رايل مليٽري اڪيڊمي سئنڊهرسٽ مان گرئيجوئيشن ڪيائين. پاڻ ننڍي کنڊ مان پهريون ڇوڪرو هو جنهن اتان تعليم حاصل ڪري ۱۹۲۰ ۾ برٽش انڊين آرمي ۾ آفيسر ٿيو. بهرحال اسڪندر مرزا زندگي جا آخري ڏينهن لنڊن ۾ ملڪ بدر جي حيثيت ۾ گذاريا. ستر سالن جي ڄمار ۾ جڏهن ۱۹۶۹ ۾ گذاري ويو ته يحيٰ خان جي فوجي حڪومت هن جي مڙهه کي پنهنجي وطن ۾ دفن ڪرڻ کان انڪار ڪيو. ان بعد هن جي لاش کي تهران موڪليو ويو جتي شهنشاهه ايران ان کي وڏي شان شوڪت سان جنرل زاهدي (ايران جي اڳوڻي وزيراعظم ) جي ڀر ۾ دفن ڪيو ويو.
راجا امير احمد خان آف محمود آباد جيڪو ” راجا صاحب آف محمود آباد “ جي نالي سان وڌيڪ ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو ۽ جنهن جي نالي ڪراچي جي هڪ بستي محمود آباد آهي جيڪا ڊفينس سوسائٽي کان وٺي چنيسر ڳوٺ سان وڃي لڳي ٿي. راجا محمود آباد قائد اعظم محمد علي جناح جو تمام سٺو دوست ۽ ساٿي هو. پاڻ ۱۹۱۴ ۾ ڄائو، لکنو ۽ پوءِ انگلنڊ مان تعليم حاصل ڪيائين. سندس والد مهاراجا سر محمد علي (۱۹۳۱-۱۸۷۷) يوپي (انڊيا ) جو وڏو جاگيردار ۽ امير ماڻهو ۽ محمد علي جناح جو اعتبار جوڳو دوست هو. سندس وفات بعد سڄي مليڪت جو وارث راجا آف محمود آباد ٿيو. راجا صاحب پڻ پنهنجي پيءُ وانگر مسلم ليگ جي وڏي خدمت ڪئي ۽ پاڪستان تحريڪ ۾ ڀرپور حصور ورتو. ڪجهه عرصي لاءِ پاڻ مسلم ليگ جو خزانچي به ٿي رهيو. پاڪستان ٿيڻ بعد پاڪستان آيو پر هو ملڪ جي سياسي حالتن جو رخ ڏسي مايوس ٿي ويو ۽ عراق هليو ويو، جتي ڪجهه عرصو رهڻ بعد زندگي جا باقي ڏينهن لنڊن ۾ گذاريائين جتي هو ڪجهه عرصي لاءِ اسلامي ڪلچر سينٽر جو ڊئريڪٽر پڻ ٿي رهيو. ۱۹۷۳ ۾ وفات ڪرڻ تي هن جي لاش کي دفن ڪرڻ لاءِ لنڊن کان هن شهر مشهد ۾ آندو ويو.
مشهد جي اوس پاس جون زيارتون ڏيکارڻ لاءِ اسانجي بس امام علي رضا جي روضي جي مغربي صدر دروازي جي ڀرسان خيابان خسروي تي اچي بيٺي. ان ڏينهن شروعات سٺي نه ٿي جو صبح ساڻ بس جو چالان ٿي ويو ۽ ڏنڊ جي خاطر بس جي ڊرائيور کي – جيڪو ظاهر آهي اسانجي ٽريول ايجنسي الحرمين وارن کي ڀرڻو پيو. محمد علي کي چيم ته ائين ڏنڊ ڀرڻ بعد پوءِ ڪمائيندا ڇا هوندائو؟
”اسان هن پاسي (ايران، عراق، شام وغيره) جي زائرين مان ڪڏهن به ڪمائڻ جو نه سوچيو آهي. هن سڄي Struggle پويان خدمت جو جذبو هوندو آهي. اسان جي اها ئي ڪوشش رهي ٿي ته زائرين کي تڪليف نه پهچي ۽ هنن کي خوش رکيو وڃي“ محمد علي چيو.
دراصل رات جو ڊنر تي ۽ صبح جو نيرن تي محمد علي توڙي هن جو ڀاءُ سلمان ۽ دوست مستان بار بار اسان کي ٻڌائيندا رهيا ته مقرر هنڌ تي اسان هر صورت ۾ ساڍي اٺين کان اڳ پهچي وڃون. بس پوري ساڍي اٺين بجي ان هنڌ تي ٿوري لاءِ بيهندي جو اتي پارڪنگ جي اجازت ناهي. اسان جي گروپ ۾ گهڻين عورتن ڪري هنن بس کي ايڏو ويجهو گهرايو آهي جيئن اسان وڏي پنڌ کان بچي وڃون ....
بهرحال ان ڏينهن سڀني کي خبر پئجي وئي ته ” عورتون هار سينگار (ميڪ اپ) ۾ وقت وڃائڻ ڪري هر هنڌ دير سان پهچن ٿيون“ وارو الزام غلط آهي. هو ته بنا ميڪ اپ جي به دير سان پهچن ٿيون، ڇو جو ان ڏينهن اسان ڪنهن شادي جي فنڪشن يا ڪنهن ٻي دعوت ۾ نه وڃي رهيا هئاسين جو ميڪ اپ ڪرڻ ضروري ٿئي ۽ ٻي ڳالهه ته مٿو ڍڪڻ ۽ ڊگهي چادر اوڍڻ مان اهوئي ته فائدو آهي ته چوٽيون ۽ تيل ڦليل نٿا ڪرڻا پون ۽ نه ڪپڙن جي استري ۽ ٺاهه جوڙ ڪرڻي ٿي پوي. هر عورت کي فقط پنهنجي چوڌاري وڏي چادر ڦيرائي هوٽل جي ڪمري کان بس اسٽاپ تائين پهچڻو هو پر افسوس جو هنن کي پنج يا ڏهه منٽ نه پر اڌ ڪلاڪ لڳي ويو ۽ ٽرئفڪ پوليس وارو بس واري کي هڪ دفعو وارننگ ڏيئي ٻئي دفعي پاڪستاني ڇهه هزار رپين برابر جو ڏنڊ هڻي بس کي ٿاڻي تي جمع ڪرائڻ جو آرڊر ڪيو. اها به مونکي ان ڏينهن خبر پئي ته ايران جا ڊرائيور ٽرئفڪ پوليس کان ڪيڏو ڊڄن ٿا ۽ انهن جي حڪم جي پوئواري ڪن ٿا. اسان پاڪستانين مان ڪجهه پوليس واري کي هن دفعي ڇڏڻ لاءِ گهڻيون ئي منٿون ڪيون پر مون ڏٺو ته پوليس جو حڪم لوهه تي ليڪو هو. هو اسان سان گڏ هليو به ڪونه، ته به اسانواري ڊرائيور ويجهي ٿاڻي تي پنهنجي بس هلي جمع ڪرائي ۽ اسان لاءِ ٻي بس گهرائين جنهن کي ايندي ايندي ساڍا نو ٿي ويا ۽ اها هن پهرين وانگر ايتري آرام ده ۽ ايئر ڪنڊيشنڊ به نه هئي.
اسان کي ان ڏينهن مشهد شهر کان ٻاهر مختلف هنڌن تي (توس ۽ نيشاپور تائين) وٺي هليا، جتي مختلف هنڌن تي لهي بزرگن، درويشن ۽ الله جي نيڪ ٻانهن جي آخري آرامگاهن تي فاتح ۽ قل پڙهياسين. منجهند جي ۽ رات جي ماني به ٻاهر کائڻي پيئي ۽ رات جو ڏهين وڳي ڌاري واپس هوٽل تي پهتاسين. رستي تي ڪي ڪي وڏا شهر به ڏٺاسين ته ڪي ڪي ڳوٺ به جيڪي نالن توڙي ڪچائن گهرن مان، سنڌ ۽ بلوچستان جا ڳوٺ لڳا ٿي. جن جا نالا نوٽ ڪيم، اهي هن ريت آهن؛ يوسف آباد، دولت آباد، اسحاق آباد، عبير آباد، دوشيب، جيلو، سلطان آباد، مسجد چوبي، ميان آباد ۽ هڪ جو نالو اسلام آباد به هو، جنهن ۾ اوڻهين، ويهين ۽ ايڪهين گريڊ جي بيروڪرئيٽن بدران سادي طبيعت جا هاري ۽ غاليچن جو ڪم ڪندڙ پورهيت نظر آيا. مردن سان گڏ عورتون به ٻنين ٻارن ۾ ڪم ڪري رهيون هيون. هر ڳوٺ ۾ اسانجي ڳوٺ جهڙيون هوٽلون هيون جن ۾ اسانجهڙن ٽوئرسٽن جون بسون اچي بيٺيون ٿي ۽ مسافرن چانهه يا ٿڌو پيتو ٿي. ڪنهن به ڳوٺ ۾ اسانجي جهڙين هوٽلن جهڙو حال نه هو. جتي ٽو ٽي ۽ موالي مرد ڪانڀ ٻڌي، چانهه جي ڪوپ تي ويٺا ڪچهريون ڪن يا ٽي وي تي ساڳيون ساڳيون فلمون ڏسيو پيا ٺرن ! جپان ۽ ملائشيا وانگر هتي ايران ۾ به ڳوٺن جي وچ۾ ڪيترائي اڪيلا اڪيلا گهر نظر اچن ٿا – يعني امن امان جي حالت بهتر آهي تڏهن ته ماڻهو ٻهراڙي، رڻ پٽ ۽ جنگلن ۾ اڪيلا رهيا پيا آهن.
اسان ان ڏينهن جن جن هنڌن تي وياسين اهي هن ريت آهن؛
خواجا اباصالت هيروي جو مقبرو
خاجيح ربيع جو مقبرو
خواجا مراد جو مقبرو
قدم گاهه علي ابن موسيٰ الرضا
محمد محروق و ابراهيم
بيبي شطيطه جو مقبرو
منهنجي خيال ۾ اهي ماڻهو جيڪي گروپ ۾ وڃن ٿا انهن کي کپي ته اسان وانگر سڄي ڏينهن لاءِ ڀاڙي تي بس ڪري مٿين جاين تي ضرور وڃن. چاهي اهي شيعا هجن يا سني يا عيسائي. ايشيائي هجن يا يورپي. هنن کي ايران جي ٻهراڙي ڏسڻ جو موقعو هڪ طرف ملندو ته ايران جي تاريخي جاين، خوبصورت ۽ چٽسالي وارن عمارتن، گنبذن ۽ پراڻي زماني جي ڪاشيءَ جي ڪم جو نمونو پسڻ جو پڻ موقعو ملندو. ان کان علاوه هر هنڌ مختلف ماڻهن کي پڻ ڏسي سگهجي ٿو جن ۾ بنا ڪنهن شڪ جي هتي جا مڪاني ايراني آهن، ٻئي نمبر تي عراقي، ڪويتي، گلف جي رياستن جا آهن ۽ ٽئي نمبر تي پاڪستاني افغانستاني ۽ وچ ايشيا جي رياستن جا آهن. هرهنڌ تي پڪنڪ جو سمو لڳي ٿو. خواجا ابا صالت جي مقبري تي ته ڪلفٽن وارو نموني لڳي ٿو جتي ڪيترا ماڻهو وڏن ننڍن کي سواري جو مزو وٺرائڻ ۽ پئسا ڪمائڻ لاءِ پنهنجا اٺ ۽ گڏهه سينگاري آيا هئا. مون ڏٺو ته ڪيتريون ئي ايراني زالون ۽ ڪاليج جون ڇوڪريون – جيتوڻيڪ چادر اوڍيل هيون، انهن تي نه فقط سواري ڪري رهيون هيون پر ڪئميرا ۽ موبائل فونن ذريعي فوٽا پڻ ڪڍي رهيون هيون. ۽ سواءِ مشهد شهر ۾ امام علي رضا جي مقبري جي، باقي هنڌن تي هنن جي چادر فقط نالي ماتر مٿي ۽ ڪلهن تي ورايل هئي ۽ ٿوري ئي هوا لڳڻ تي خبر پوي پئي ته ايراني اسان وانگر سڄو ڏينهن آمريڪا کي گاريون ضرور ڏين ٿا پر ڪپڙ ي گندي ۽ ٻين ڪيترين ڳالهين ۾ آمريڪن کي فالو ڪن ٿا. ايترو ته ملائشيا جون ڇوڪريون به ڪارگو پينٽون ۽ برانڊيڊ جينز جو پتلونون نٿيون پهرين جيترو هتي ايران جي ڇوڪرين ۾ عام آهي. اڄ جون ايراني ڇوڪريون چادر ضرور اوڍين ٿيون پر هو دنيا جون پڙهيل ڳڙهيل ليکيون وڃن ٿيون، ڪپڙي گندي ۽ ميڪ اپ ۾ به هو هوشيار مڃيون وڃن ٿيون، اليڪٽرانڪ ۽ I.T کان به واقف آهن، سونهن ۾ ته هو جپاني، اسپيني، انگريز ۽ عرب ڇوڪرين کان صدين کان سرس آهن.
خواجا ابا صالت هيراوي هڪ نيڪ انسان ۽ امام علي رضا جو سچو خدمتگار هو. هتي موجودگائيڊ فارسي گاڏڙ انگريزي ۾ ٻڌايو ته امام رضا جون ڪيتريون ئي ڳالهيون اباصالت بيان ڪيون آهن. امام علي الرضا (شيعن جون اٺون امام) جڏهن مَروَ (Merv) شهر کان بغداد وڃي رهيو هو ۽ رستي تي طوس شهر وٽ ان وقت جي عباسي خليفي المامونءَ جي ماڻهن هن کي انگورن ۾ زهر وجهي ڏنو. امام گهر پهچي پنهنجي ساٿي ۽ خدمتگار ابا صالت کي چيو ” گهر ۾ وڇايل سڀ غاليچا هٽائي ڇڏ ۽ ڪنهن کي به اندر اچڻ نه ڏي ڇو جو منهنجي روح جو جسم کان جدا ٿيڻ جو وقت اچي ويو آهي، آئون پنهنجي ڏاڏي مرحوم حضرت حسين بن علي وانگر ڌرتيءَ تي مرڻ چاهيان ٿو.“
ابا صالت – امام جو دوست ٻڌائي ٿو ته ” امام صاحب جي شهادت بعد خليفي مامون جي حڪم تي مونکي قيدي بنايو ويو. مون بيحد غمگين حالت ۾ هڪ سال قيد منجهه گذاريو. ان بعد مونکي خواب ۾ نائون امام الجواد نظر آيو ۽ منهنجو هٿ وٺي مونکي جيل کان ٻاهر ڪڍيو ۽ چيو ته هن کان پوءِ تون نه مامون کي ڏسي سگهندين ۽ نه هن طرفان ڪو نقصان تو تائين پهچي سگهندو.“ جيئن امام چيو ائين ئي ٿيو.
ابا صالت بابت هي ڳالهيون، هن جي مقبري تي آيل ڪجهه لورستاني همراهن پڻ ٻڌايون. هو ايران جي ڏاکڻي صوبي لورستان کان امام علي الرضا جي مقبري تي حاضري ڀرڻ لاءِ مشهد آيا هئا ۽ هاڻ واپس وڃڻ کان اڳ امام علي رضا جي وفادار ساٿي ۽ نيڪ انسان ابا صالت جي آخري آرامگاهه تي پهتا هئا. ابا صالت سن ۸۱۸ع ۾ وفات ڪئي. سندس هي مقبرو مشهد کان ۱۲ ڪلوميٽر پري نيشاپور ڏي ويندڙ رستي تي آهي.
خاجيج ربيع جو مقبرو مشهد شهر کان ۶ ڪلوميٽر اولهه ۾ آهي جتي وڃڻ لاءِ حرم وٽان ۳۰ نمبر بس به وڃي ٿي. خاجيح ربيع (ڪي خواجا ربيع به سڏين ٿا) جو سڄو نالو ربيع ابن هيشام الاسدي الساوري آهي پاڻ تابعين مان آهي ۽ ڪوفا جو رهاڪو هو ان ڪري ڪوفي پڻ سڏجي ٿو. پاڻ حضرت علي جو ويجهو ساٿي ۽ ابن مسعود (صحابي) جو سٺو دوست هو. پاڻ هڪ نيڪ انسان هو جنهن سڄي زندگي ماڻهن کي تفسير ۽ حديث جو سبق ڏنو. ايران جي شيخ طبرسي ربيع کي انهن مضمونن ۾ ايڪسپرٽ سڏيو آهي. زندگي جي آخري سالن ۾ خاجيح ربيع خراسان ۾ اچي رهيو جتي هو ۶۳ هجري (عيسوي سن ۶۸۲) ۾ گذاري ويو. سندس مقبرو عام قبرستان جي باغيچي جي وچ ۾ آهي. مقبري اي ڪاشي جو ڪم ڏسڻ وٽان آهي. خاجيح ربيع کي وڏي عزت سان ڏٺو وڃي ٿو ۽ مشهد ايندڙ هر زوار هتي پڻ اچي ٿو. سندس مقبري جي اڄ واري سونهن ۽ ڪنسٽرڪشن ايران جي حاڪم شاهه عباس جي حڪم تي سترهين صدي ۾ ڪرائي وئي هئي.
مشهد کان ۱۴ کن ڪلوميٽر ڏکڻ اوڀر ۾ بنالود جبلن جي قدمن ۾ خواجا مراد جو مقبرو آهي. مقبري کان ڪلوميٽر پري اسان کي بس لاٿو جو مقبري تائين پهچڻ لاءِ سوڙهو ۽ پٿرائون رستو آهي جتان ڪابه لاري يا موٽر هلي نٿي سگهي. رستي تي فقط هڪ موٽر سائيڪل، پوليس آفيس جي ٻاهران نظر آئي. پوليس آفيس جي ٻنهي پاسي ڪيترين مڪاني شين جا دڪان آهن. ان پٿرائين رستي جي ختم ٿيڻ بعد مٿي جبل تي به فرلانگ ٻه چڙهڻو پوي ٿو. ان ڪري بيمار ۽ وڏي عمر جا مسافر پارڪنگ ۾ بيٺل بس ۾ ئي ويٺا رهيا. خواجا مراد جنهن جو اصل نالو حرثا ميح ابن ايون هو، امام رضا جي ساٿين مان هڪ هو. سندس وفات ۸۲۵ع (هجري سال ۲۱۰) ۾ ٿي. هي مقبرو هتي جي قبرستان بهشت رضا جي ڀر ۾ آهي.
مشهد شهر جي اولهه ۾ اٽڪل ۱۱۲ ڪلوميٽر جي فاصلي تي ايران جي صوبي خراسان جو هڪ ٻيو مشهور شهر نيشاپور آهي. نيشاپور پهچڻ کان ۲۶ ميل کن اڳ- يعني مشهد کان ۸۶ ڪلوميٽر پري، خاجيح ربيع جي مقبري سان ڪافي ملندڙ جلندڙ گنبذ واري اٺڪندي عمارت اچي ٿي جيڪا قدم گاهه سڏجي ٿي. هن بيحد ننڍڙي درگاهه (جنهن ۾ مشڪل سان ڏهه کن ماڻهو مس اچي سگهن) ۾ اها سر رکيل آهي جنهن تي ٻن پيرن جا نشان ٺهيل آهن. چيو وڃي ٿو ته هي پيرن جا نشان اٺين امام علي الرضا جي پيرن جا آهن. هن عمارت جو گنبذ خوبصورت سفيد ۽ فيروزي رنگ جي ڪاشيءَ جي ڪم جو آهي. هن عمارت جي چوڌاري جيڪو ڳوٺ آهي ان جو نالو پڻ هن مقبري نما عمارت جي نالي تان قدم گاهه پيو آهي. واپسي تي بيبي شطيطه جي مقبري تي آياسين جتي وڏي پيماني تي مرمت جو ڪم هلي رهيو هو.
No comments:
Post a Comment