اصفهان – نصف جهان
الطاف شيخ
هن کان اڳ لکي آيو آهيان ته ايران جو شهر اصفهان جيڪو سلجوق گهراڻي جي حاڪم مالڪ شاهه اول (۱۰۹۲-۱۰۷۲) جي ڏينهن ۾ هڪ بلي بلي شهر هو ۽ مالڪ شاهه ٻيا سڀ شهر ڇڏي اصفهان کي ايران جي گاديءَ جو شهر مقرر ڪيو.
يارهين ۽ ٻارهين صديءَ ۾ اصفهان جي ترقي ڏسڻ وٽان هئي. هي اهو دور هو جڏهن ابو علي سينا جهڙا عالم، ڏاها ۽ پڙهيل ڳڙهيل ماڻهو هتي رهيا ٿي.پر پوءِ تيرهين صديءَ ۾ منگولن اصفهان تي حملا ڪري نه فقط اصفهان شهر کي ڊاهي رکيو پر هن شهر سان واسطو رکندڙن جي به تمام گهڻي خونريزي ڪئي. ان بعد چوڏهين صدي ۾ هڪ دفعو وري، ۱۳۸۷ ۾، تيمورلنگ هن شهر جي تباهي آندي. پراصفهان جي جاگرافيائي طور بهتر پوزيشن هجڻ ڪري اهو صفوي گهراڻي جي دور حڪومت ۾ هڪ دفعو وري سهڻو ٿي ويو. صفوي گهراڻي جي ايران تي ۱۵۰۲ کان ۱۷۳۶ تائين حڪومت رهي ۽ يارهن کن ناليرا حاڪم ٿيا جن مان عباس شاهه اول جنهن کي ”عباس دي گريٽ“ سڏيو ويو ٿي، ان جي چاليهارو کن سالن (۱۶۲۹-۱۵۸۷) واري حڪومت جو عرصو اصفهان جو سونهري دور سڏيو وڃي ٿو. انهن ڏينهن ۾ هن شهر جي آدم شماري پنج لک هئي جيڪا ان وقت جي حساب سان تمام گهڻي هئي. اصفهان گهمڻ لاءِ اوسي پاسي کان ته ڇا پر يورپ کان ماڻهو هلي آيا ٿي. جيتوڻيڪ انهن ڏينهن ۾ مشهد، تبريز، بلخ ۽ بخارا به ڪي گهٽ شهر نه هئا پر اصفهان جي ڳالهه ئي ٻي هئي. اصفهان علم، هنر، عمارتسازي، واپار وڙي، علمي ادارن ۽ سونهن سوڀيا ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو. جيئن اسان وٽ ٻاهران تعليم حاصل ڪري آيل پاڻ کي ”فارين رٽرنڊ“ سڏائيندي فخر محسوس ڪن ٿا. تيئن هن دور ۾ اصفهان ۾ سال ٻه رهي ويندڙ پاڻ کي اصفهاني سڏائيندي خوشي ۽ عزت محسوس ڪندا هئا. چوندا هئا هي ايراني آهي ۽ ايراني به ڪهڙو؟ اصفهاني آهي. مونکي ياد آهي ته ستر جي شروع وارن سالن تائين جڏهن اڃا سنگاپور ٺڳين، لچائين، جعلي شين ٺاهڻ ۽ نمبر ٽو مال جي وڪري کان دنيا ۾ بدنام هو. سنگاپور ۾ رهندڙ چيني، ملئي، تامل، پنجابي، سک ۽ ٻيون قومون ۽ ذاتيون، پاڻ کي سنگاپوري سڏائڻ بدران پنهنجي وڏن جي ملڪن، قومن ۽ ذاتين جي سڃاڻپ سان سڏائيندا هئا ۽ پوءِ ڏسندي ئي ڏسندي سنگاپور ترقي ڪرڻ لڳو ۽ ۱۹۹۰ تائين هو يورپ جي شهرن کان اڳيان نڪري ويو ته ان جو هر باشندو پاڻ کي سنگاپوري سڏائيندي فخر محسوس ڪرڻ لڳو. ايتري قدر جو ڪنهن لاءِ چئبو هو ته هن جو پيءُ مدراس کان هتي آيو يا چيچ وطني کان آيو ته هن کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳندي هئي ۽ ڪوشش ڪندو هو ته ڪنهن ريت هن جو پاڪستان ۽ انڊيا جهڙن جاهل، غريب ۽ فسادي ملڪن سان سنڱ نه ڳنڍيو وڃي. سو اهڙي طرح شاهه عباس صفوي جي ڏينهن ۾ اصفهان جي ساک ۽ هاڪ اڄ جي سنگاپور کان به اعليٰ ٿي وئي ۽ ويندي تعليم يا نوڪري خاطر چند سالن لاءِ ايندڙ به پاڻ کي اصفهاني سڏائيندي فخر محسوس ڪرڻ لڳا. پراڻي دور جي ٺٽي وانگر اصفهان به مسجدن، مدرسن، باغن ۽ عمارتن جو شهر هو. منجهس ۱۶۰ مسجدون، ۵۰ کن مدرسا، ٻه هزار دڪان ۽ اڍائي سو کن پبلڪ باٿ هئا.
شاهه عباس صفوي جي وفات (۱۶۲۹) کان پوءِ به اصفهان جو اوج هڪ صدي برقرار رهيو. ان بعد ۱۷۲۲ڌاري افغانين جي لاڳيتن حملن هن شهر کي تباهي جي حد تي آڻي ڇڏيو. هي ڳالهه يا هي زمانو، مشهد ۾ ٺهيل گوهر شاد مسجد کان اڳ جو ٿيو، جو صفوي دور حڪومت بعد نادر شاهه ايران جو حاڪم ٿيو جنهن جي ۱۷۴۷ ۾ وفات کان سال کن پوءِ ۱۷۴۸ ۾ جڏهن هن جو پٽ شاه رخ تخت تي ويٺو ته شاه رخ جي ٻي زال گوهر شاد مشهد ۾ امام رضا جي مقبري ڀرسان پنهنجي نالي واري مسجد ٺهرائي جنهن کان اڄ جو هر زوار ۽ ٽوئرسٽ واقف آهي.
تاريخ جو رڪارڊ صحيح رکڻ خاطر، هتي اهو لکڻ به ضروري سمجهان ٿو ته افغانين اصفهان تي حملا ڪري اصفهان کي تباهه ضرور ڪيو پر پوءِ ملڪي حالتون صحيح ٿيڻ بعد به ڪامرس ۽ ايڪانامي ۾ اصفهان مٿي اڀري نه سگهيو. ان جو وڏو سبب يورپ وارن جي وڌندڙ سامونڊي طاقت هئي. هالنڊ (نيدرلينڊ)، پورچوگال، اسپين، فرانس ۽ انگلنڊ جهڙا ملڪ هڪ ٻئي پويان پاڻي جا جهاز ٺاهيندا ويا جيڪي هاڻ سندن بندرگاهن کان ٻاهران ئي ٻاهران آفريڪا ۽ ايشيا جي ملڪن ڏي نه فقط تجارت لاءِ وڃڻ لڳا پر انهن ملڪن تي بيٺڪون ٺاهي قبضا ڪرڻ لڳا، نه ته ان کان اڳ يورپ جي چين، هند ۽ وچ ايشيا جي ملڪن سان تجارت خشڪي رستي هلي ٿي، جيڪي رستا ۽ لنگهه اصفهان ۽ ايران جي ٻين شهرن وٽان گذريا ٿي ۽ امير شهر ۽ ملڪ اهي سڏجڻ لڳا جتان هي Silk Route ۽ جي ٽي روڊ جهڙا رستا گذريا ٿي. پر پوءِ اها چوڻي مشهور ٿي ته جنهن جي بحري طاقت ان جي دنيا ۽ اها چوڻي گذريل صديءَ جي ٽي چوٿي تائين ٺيڪ ٺاڪ رهي. هاڻ پاڻيءَ جي جهازن کي ڪٽ پئي لڳي ۽ رديءَ جي اگهه ۾ ڪٻاڙين وٽ Scrape ٿيو پيا وڪامن.
اڄ – يعني ايڪيهين صدي جي هن پهرين ڏهي جي آخري سالن ۾ جڏهن منهنجو هتي ايران اچڻ ٿيو آهي ته اصفهان هڪ دفعو وري ترقي جي راهه تي آهي ۽ ايران جي تهران ۽ مشهد بعد ٽئي نمبر تي اصفهان وڏو شهر آهي. اصفهان ۾ ويندي نيوڪليئر جا تجرباتي Reactors ۽ نيوڪليئر ٻارڻ (UCF) ٺاهڻ جون سهولتون موجود آهن. هن شهر اصفهان ۾ يورنيم کي UF۶ (يورينيم هيگزافلورائيڊ گئس ۾ تبديل ڪيو وڃي ٿو جيڪو تيز رفتار Centrifuges ۾ گهمائي ان مان آئسوٽوپ ڪڍيا وڃن ٿا. اصفهان ۾ اسٽيل ملون به آهن جيڪي هن سڄي ريجن جي ضرورت پوري ڪن ٿيون. جيئن اسان وٽ ملير، لانڍي، ماريپور، لالو کيت، ڪياماڙي، ڪلفٽن ملي ڪراچي جو شهر ٺاهين ٿا يا حيدرآباد ۾ قاسم آباد، لطيف آباد، ٽنڊو ٺوڙهو ، ٽنڊو آغا ۽ هيرآباد جهڙا ننڍڙا شهر ملي حيدرآباد جو شهر ٺاهين ٿا تيئن نجف آباد، خانھ اصفهان، خميني شهر، شاهين شهر، زرين شهر ۽ فولادِ مبارڪ جهڙا شهر گڏجي اصفهان جو ميٽرو پوليٽن شهر ٺاهين ٿا. نجف آباد اهو آهي جتي آيت الله حسين علي مونتظاري ۽ مصطفيٰ معين پيدا ٿيا. نجف آباد جا ڏاڙهون مشهدي صوفن وانگر مشهور آهن.
اصفهان ڪارخانن جي لظاظ کان ڪراچي جهڙو شهر آهي اٽڪل ۲۰۰۰ ڪمپنيون هتي ڪم ڪن ٿيون. ملڪ جي وڏي آئل ريفائنري ۽ وڏي ۾ وڏو ايئرفورس بيس اصفهان ۾ آهي. ايران جو سڀ کان وڏو ۽ ماڊرن هوائي جهاز ٺاهڻ جو ڪارخانو پڻ هتي آهي جتي AN-۱۴۰ جهاز ٺهن ٿا.
هونءَ اسان جي ماڻهن لاءِ ايران معنيٰ مشهد ۽ قم آهي ڇو جو اسان جا ماڻهو ايران ۾ پاڪ جاين جي زيارت لاءِ اچن ٿا جيڪي انهن ٻن شهرن ۾ آهن جن کي ڏسڻ لاءِ بقول ” الحرمين ٽريول“ ايجنٽ جي هفتو ڪافي آهي. ”دراصل ڏهه ڏينهن جي ٽرپ سڀ ۾ بهتر آهي،“ الحرمين جي مئنيجر محمد علي رضوي صاحب هڪ دفعي ٻڌايو هو، ”پر جيئن ته پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ هفتي ۾ فقط هڪ ڏينهن فلائيٽ آهي ان ڪري يا هفتو رهي سگهجي ٿو يا ٻه هفتا. ان صورت ۾ هڪ هفتو صحيح آهي جيئن ايران ڇڏڻ وقت تشنگي رهي باقي ٻه هفتا فقط ٻن شهرن لاءِ گهڻا آهن. ايترن ڏينهن ۾ ماڻهو بيزار ٿيو پوي – جيتوڻيڪ اچڻ مهل هر ڪو اهو ئي چوي ٿو ته اهڙين مذهبي جاين تي مهينو به گهٽ آهي“ بهرحال توهان کي واندڪائي آهي – يعني واپس وطن ورڻ جي جلدي ناهي ته ايران ۾ ڏسڻ ۽ گهمڻ ڦرڻ لاءِ کوڙ جايون ۽ کوڙ شهر. ايران جي اها به سٺي ڳالهه آهي جو زائرين يا ٽوئرسٽن لاءِ شهرن جي پابندي نه لڳائي آهي. گهٽ ۾ گهٽ اڃان تائين ته نه هنئي آهي ۽ توهان ملائيشيا ۽ ٿائيلينڊ وانگر انهن ملڪن جي ويزا ملڻ تي ڪنهن به شهر ۾ ڪيترا به ڏينهن رهي سگهو ٿا جيسين ويزا جو عرصو پورو ٿئي. ايران ۾ رهائش ۽ کاڌو به يورپ ته ڇا پر ڪيترن ئي عرب ۽ ايشيا جي ملڪن کان سستو ۽ هائجنڪ آهي. امن و امان جي حالت به بهتر آهي. اهڙي صورت ۾ هڪ مسافر سڪون سان گهمي ڦري سگهي ٿو ۽ ايران جي تاريخي جاين، خوبصورت عمارتن، باغ باغيچن، ادب، ڪلچر ۽ ثقافت جو مقابلو ته انڊيا، چين ۽ روم به نه ڪري سگهي. ايران جو هڪ هڪ شهر تاريخي شين ۽ سونهن سوڀيا کان مالا مال آهي. اصفهان ڪو تهران کان پري ناهي. ايترو آهي جيترو ڪراچي کان نواب شاهه، ۽ ايران جا رستا تمام سٺا ۽ بسيون تيز رفتار ۽ آرامده آهن. ٽن چئن ڪلاڪن ۾ تهران کان اصفهان پهچيو وڃجي۽ توهان جي ٻن ٽن ڏينهن لاءِ اصفهان ۾ اچي نڪتا آهيو ته ڪجهه ڏسڻ لاءِ شيون، هتي آئون Suggest ڪرڻ چاهيندس. اصفهان شهر جي ڪجهه رستن ۽ چوراهن تي چڪر ضرور ڏجي جهڙوڪ نقش جهان اسڪائر(جيڪو شاهه اسڪائر يا امام اسڪائر به سڏيو وڃي ٿو)، ميدانِ ڪهنه (Old Square)،ايران ۾ چوراهي (Square) کي ميدان پڻ سڏين ٿا جيئن مشهد جو شهداءَ اسڪائر ” ميدانِ شهداءَ“ پڻ سڏجي ٿو. ان کان علاوه اصفهان جو شاهه شاهان اسڪائر، چار سئو سال پراڻو چهار باغ بليورڊ، چهار باغ خاجائو بليورڊ وغيره، هتي جا طارق روڊ، زيبنساءَ اسٽريٽ، ڪلفٽن جو پاڪ ٽاور ۽ بولٽن مارڪيٽ آهن.
اصفهان ۾ ڪيترائي حاڪم رهيا ۽ ڪيترائي ماضي جا قلعا ۽ محل محلاتون آهن جن مان سترهين صدي جو شاهي محل جيڪو علي قاپو سڏجي ٿو، ۱۶۵۰ جو ٺهيل تالار اشرف (محل)، ۱۶۷۰ جو هشت بهشت (اٺن بهشتن وارو محلات) ۽ چيهل سوتون (چاليهه تنبن وارو محلات) ڏسڻ وٽان آهن. اصفهان مدرسن، مسجدن، پراڻن گرجا گهرن – ويندي يهودين جي عبادت گهرن (Synagogues) کان پڻ مشهور آهي. مُلا جاقوب جو سنا گاگ ۽ آرميني گرجا گهر انهن مان هڪ آهي. مدرسن ۾ صدر مدرسو، مدرسھ شاهه (جيڪو انقلاب بعد ”امام جعفر صادق مدرسو“ سڏجي ٿو)شيخ لطف الله مسجد، اصفهان جامع مسجد هتي جون مشهور عمارتون آهن. پارسين جو باهه جو ”آتش گاهه“ ، ٻارهين صدي جو ابوسينا گنبذ، نظام الملڪ ۽ مالڪ شاهه جا مقبرا، سترهين صدي جا ڪبوتر گهر ۽ مينارِ جانبان پڻ لنگهندي سارو ضرور ڏسجن.
اصفهان تعليمي ادارن جو به شهر آهي ۽ توهان کي هڪ ڪنڊ کان ٻي ڪنڊ تائين ويندي ڪيترائي اسڪول ۽ ڪاليج نظر ايندا. ميڊيڪل سائنسز جي اصفهان يونيورسٽي، يونيورسٽي آف اصفهان، اصفهان يونيورسٽي آف آرٽس، اصفهان يونيورسٽي آف ٽيڪنالاجي جهڙن تعليمي ادارن ۾ نه فقط مڪاني پر ترڪمنستان، آذربائيجان، آرمينيا، ازبڪستان جهڙن ڀر وارن ملڪن جا به شاگرد نظر اچن ٿا جن جي مادري زبان فارسي آهي ۽ اهي ملڪ ڪنهن زماني ۾ ايران حڪومت جو حصو هئا.
هتي اهو به لکندو هلان ته ”اصفهان“ شهر جو نالو آهي ته ايران جي ٽيهن صوبن مان هڪ صوبي جو نالو پڻ آهي جنهن جي گادي جو هنڌ اصفهان شهر آهي. جيئن نيويارڪ آمريڪا جي پنجاهه رياست مان هڪ رياست جو نالو آهي ته وڏي شهر جو پڻ. پر نيو يارڪ رياست جو گادي وارو شهر الباني آهي.
اصفهان رياست جي پکيڙ هڪ لک ڏهه هزار چورس ڪلوميٽر آهي يعني بنگلاديش ملڪ کان ڪجهه ننڍو آهي (جنهن جي ايراضي ۱۴۴۰۰۰ چورس ڪلوميٽر آهي ۽ سنڌ جي ۱۴۱۰۰۰ آهي).
اصفهان، خراسان، ڪرمان، يزد، فارس، سيمنان، سيستان ۽ بلوچستان، حورموزگان، حزيستان ۽ اوڀر ازبڪستان ايران جي وڏن صوبن مان آهن. ايران جا ڪجهه صوبا اهڙا آهن جيڪي انتظاميه خيال کان ٻه ملائي هڪ ڪيا ويا آهن جيئن ته مٿي ٻڌايل سيستان ۽ بلوچستان هڪ صوبو آهي. اهڙي طرح ڪوه گلويھ ۽ بويا احمد هڪ صوبو آهي. چار محل ۽ بختياري پڻ هڪ صوبو آهي. ايران جي صوبن بابت هڪ ٻي ڳالهه ته وڏن صوبن کي انتظاميا خيال کان ٻن يا ٽن صوبن ۾ ورهايو ويو آهي جيئن خراسان کي ويجهڙائي ۾ ٽن حصن ۾ ورهايو ويو آهي. شمال خراسان، رضوي خراسان ۽ جنوب خراسان. شمال ۽ جنوب فارسي لفظ آهن جن جي معنيٰ آهي اتر ۽ ڏکڻ. رضوي خراسان جو اهو نالو امام علي رضا جي مقبري ڪري رکيو ويو آهي. دراصل ايران جي انهن ٽن خراسان صوبن کان علاوه خراسان جو هڪ وڏو حصو افغانستان، ازبڪستان ۽ ترڪمنستان ۾ به اچي وڃي ٿو جيڪو سمورو صدين تائين ايران جو حصو هو ۽ مٿس ايراني حاڪمن جي حڪومت هئي. اهڙي طرح ايران جو هڪ ٻيو حصو ازبڪستان آهي جنهن جا ٻه صوبا مشرق ازبڪستان ۽ مغرب ازبڪستان ٺاهيا ويا آهن. خراسان وانگر ازبڪستان صوبي جا هي ٻئي حصا ۽ ڀر وارو ملڪ ازبڪستان هڪ ئي صوبو هو جيڪو پڻ ايران جي حڪومت جو حصو هو. اڄ ازبڪستان ملڪ جي ڏاکڻي حصي ۾ فارسي ڳالهائي ۽ پڙهي وڃي ٿي جيئن آمريڪا (USA) جي ڏاکڻين رياستن؛ ٽيڪساز، لوزيانا ۽ نيو ميڪسيڪو رياست ۾ ميڪسيڪو ملڪ (جيڪو هيٺ ڏکڻ ۾ آهي ۽ ڪامن بارڊر ٺاهي ٿو) جي اسپيني زبان ڳالهائي وڃي ٿي.
ايران جي صوبي اصفهان جي اتر ۾ سيمنان، قم ۽ مرڪزي صوبا آهن. ڏکڻ ۾ فارس آهي. اوڀر ۾ يزد ۽ اولهه ۾ لورستان صوبو آهي. ايران ۾ جيڪا سڀ کان پراڻي مسجد آهي اها سلجوق دور جي هن صوبي اصفهان جي شهر ”نين“ ۾ آهي. هن صوبي جي هڪ ٻي مسجد ”مسجد آغا بزرگ“ آهي جيڪا ڪاشان شهر ۾ آهي.اصفهان وانگر هن جو پاڙيسري ڪاشان پڻ جهوني ثقافت، ڪلچر ۽ عمارتسازي کان مشهور آهي. صفوي دور ۾ اصفهان گادي جو شهر هو ته ڪاشان آرام ۽ موڪلون گذارڻ جو شهر هو. جيئن انگريز لاءِ ڪوه مري ۽ شمله هئا. انگريز ڪجهه سال ٻيا هجن ها ته سنڌ ۾ گورک هل به ٺاهي وڃن ها.
ايران ۾ مسلمانن جي حڪومت شروع ٿيڻ کان اڳ سوا چار سئو سال ساسانين جي حڪومت رهي. ساساني آتش پرست يعني باهه جا پوڄاري هئا. سندن ڪيترائي جهونا باهه جا مندر هن صوبي اصفهان ۾ آهن. خاص ڪري هن صوبي جي تاريخي شهر ابيانيج ۾. هن صوبي ۾ ايرانين کان علاوه بختياري، جارجين، آرمينين، قاشقين به رهن ٿا جيڪي ڪنهن زماني ۾ وچ ايشيا جي مختلف ملڪن ۽ رياستن کان هتي آيا ۽ هاڻ هو فارسي ڳالهائين ٿا جيئن اسان وٽ ٽنڊي ٺوڙهي ۾ Settle ٿيل مرحوم مرزا قليچ بيگ ۽ ريڊيو پاڪستان وارو نصير مرزا وغيره جارجين آهن جيڪي گهڻو اڳ وچ ايشيا جي ملڪ جارجيا کان لڏي هتي اچي رهيا ۽ هاڻ هو هتي جون مڪاني زبانون ڳالهائين ٿا. حيدرآباد ۾ رهندڙ اهي سڀ مرزا (جارجين) شيعا مسلمان آهن، سندن وڏن جا ٻيا مائٽ جيڪي ڪراچي ۽ بمبئي ۾ وڃي رهيا ۽ ڪي ته ويهين صدي جي شروعات ۾ انگلينڊ به لڏي ويا انهن ۾ ڪجهه عيسائي به آهن. تيئن هتي اصفهان صوبي ۾ جارجيا ۽ آرمينا جا Settlers شيعا مسلمان به آهن ته عيسائي به ۽ ڪجهه يهودي پڻ آهن پر ڳالهائين فارسي ٿا ۽ ملائيشيا وانگر هتي جا ماڻهو پڻ امن امان ۽ سڪون ۾ رهن ٿا.
مسجدن جو احوال لکندي شيخ لطف الله مسجد بابت لکڻ رهجي ويو. شاهه عباس اول جي ڏينهن جي هي مسجد ۱۶۰۲ کان ۱۶۱۹ تائين ٺهي ۽ اصفهان جي وچ شهر ۾ ميدان نقش جهان جي اڀرندي طرف آهي. هيءَ مسجد ايران جي مشهور عمارت ساز (آرڪيٽيڪ) محمد رضا اصفهانيءَ ٺاهي. وڏي گنبذ (اٽڪل ٻارهن ميٽرن جي ڊائياميٽر) واري هيءَ مسجد بناوٽ ۽ نقش نگارين جو ماسٽر پيس آهي جيڪا ان وقت جي عالم دين شيخ لطف الله جي نالي آهي. شيخ لطف الله اڄ جي لبنان واري علائقي جو رهاڪو هو جتان هن کي اصفهان ۾ اچي تعليم ۽ تدريس جو ڪم ڪرڻ لاءِ صفوي حاڪمن گهرايو هو. علي قاپوح صفوي گهراڻي جي تاريخي محلاتن جو داخلا وارو حصو آهي جيڪو ميدان نقشِ جهان کان وٺي چهار باغ بليوارڊ تائين آهي. علي قاپوح ڇهن ماڙين جي ڏيڊ سئو فٽ اتاهين مستطيل عمارت آهي. هي اهو هنڌ آهي جتي شهنشاهه شاهه عباس – صفوي حاڪم سن ۱۵۹۷ (هجري سن ۱۰۰۶) ۾ پهريون دفعو نوروز (نئين سال جو ڏينهن ) ملهايو. شاهه عباس جي ڏينهن جي هڪ چترڪار رضا عباسي جون ڪيتريون ئي تصويرون، علي قاپوح ۾ نظر اچن ٿيون.
اصفهان جي تاريخي شاهراههِ چهارباغ لاءِ ايترو لکندو هلان ته هي صفوي دور جو آهي يعني اڄ کان ٽي چار سئو سال پراڻو رستو آهي جنهن جو اڄ به هيڏو شان آهي ته ان وقت ڇا هوندو جيئن اڄ جو ايم اي جناح روڊ (بندر روڊ) سعيد منزل کان بولٽن مارڪيٽ تائين، اڄ به ويڪرو ۽ شاندار رستو سڏيو وڃي ٿو، اهو سئو سال کن اڳ ڇا بلي بلي هوندو. اهڙي طرح اصفهان شهر جو هي چهار باغ بليوارڊ اڄ کان ۳۵۰ سال اڳ ٺهڻ وقت ايڏو ته دنيا ۾ مشهور ٿيو جو فرانس وارن هن رستي جي هاڪ ٻڌي ان بعد ان طرز جو پئرس جو مشهور Champs – Elysees ٺهرايو. ائين ته اصفهان جون ٻيون به ڪيتريون ئي شيون ڏسڻ لاءِ يورپ ۽ انگلينڊ جا ماڻهو اصفهان آيا ٿي. سو اصفهان جي جاين جڳهين ۽ اتي رهندڙ ماڻهن جو سڄي دنيا ۾ نالو هو. ۱۹۶۳ ۾ جڏهن مئرين انجنيئرنگ جي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ چٽگانگ ۾ داخلا ورتي هئي ته اتي ” اصفهاني چانهه“ مشهور هوندي هئي. ان وقت آئون اهو ئي سمجهندو هوس ته ” اصفهاني“ چانهه جو نالو آهي. گهڻو گهڻو پوءِ خبر پئي ته اصفهاني چانهه تي نالو ان جي پاڪستاني مالڪ اصفهانيءَ تان پيو آهي. دراصل ان مالڪ جي به اها ”ذات“ هئي سندس نالو ٻيو هو ۽ هو اصفهاني ان ڪري سڏبو هو جو هن جا وڏا ايران جي شهر اصفهان کان پاڪستان لڏي آيا. اهڙي طرح ايران جي ٻين به ڪيترن شهرن ۽ صوبن جا ماڻهو اسانجي توڙي ٻين ملڪن ۾ رهن ٿا جيڪي شيرازي، يزداني، ڪرماني، حمداني، زاهداني، تبريزي، ڪاشاني، سبزواري، مشهدي، زنجاني، سرجاني سڏجن ٿا جيڪي ايران جي صوبن يزد ، ڪرمان، حمدان، تبريز، زنجان ۽ شهرن شيراز، ڪاشان، سبزوار، مشهد ۽ سرجان وغيره کان آيا آهن. جيئن پارس شهر کان گجرات، بمبئي ۽ ڪراچي ۾ لڏي آيل آتش پرست (زورسٽرن) ”پارسي“ سڏائين ٿا، خمين شهر جو روح الله امام خميني سڏيو وڃي ٿو. ڪيترا ماڻهو سمجهن ٿا ته ايران ۾ اسلامي انقلاب آڻيندڙ جو خميني لقب يا مذهبي درجو آهي پر دراصل ” آيت الله“ ۽ ان کان مٿي ”امام “ مذهبي رتبو آهي. خميني ” خمين“ شهر جو رهاڪو هجڻ ڪري هن جي سڃاڻپ يا کڻي چئجي ته ذات خاطر سڏيو وڃي ٿو.

No comments:
Post a Comment