Thursday, February 03, 2011

نيشاپور ۾ عطار جي مقبري تي .....الطاف شيخ

نيشاپور ۾ عطار جي مقبري تي .....
الطاف شيخ
عمر خيام جي مقبري مان نڪري باغِ محروق لتاڙي امام زاده محمد محروق جي مقبري ڏي پنهنجي ساٿين سان ملڻ آيس. مسجد جي ڀر واري هال ۾ اڃا مجلس هلي رهي هئي. دروازي وٽ محترما رباب موسيٰ ۽ ڊاڪٽر ارم فاطمه ويٺيون هيون انهن کان آهستي پڇيم ته مجلس اڃا ڪيتري دير هلندي ” گهٽ ۾ گهٽ ڪلاڪ کن لڳندو،“ هنن ٻڌايو، ” ان بعد عورتن کي ٿوري شاپنگ ڪرڻي آهي ۽ محمد علي ٻڌائي چڪو آهي ته پوري اٺين بجي رستوران قصر آريا تي ڊنر لاءِ سڀ اچي گڏ ٿين.“
”اهو ته پاڻ سٺو،“ مون هنن کي چيو، ”آئون تيسين ٽئڪسي ڪري فريد الدين عطار ۽ ڪمال و ملوڪ جي مقبري جون ڪجهه تصويرون ڪڍي ٿو اچان.“
 
اسان جي سنڌ هند جا ڪيترائي شاعر ايران جي شاعرن مان بيحد متاثر آهن ڪيترن تي انهن جي شاعري جو رنگ پڻ چڙهيل آهي. درازن جو سچل سرمست به انهن مان هڪ آهي. هو شمس تبريزي ۽ خواجه احمد جهڙن صوفي شاعرن مان بيحد متاثر رهيو آهي. سچل سائين، وحدت الوجودي صوفين مان جيترو فريد الدين عطار نيشاپوري کي پنهنجي شاعري ۾ ياد ڪري ٿو، اوترو ٻئي ڪنهن لاءِ به نه چيو اٿس. ايتريقدر جو سچل کي ” سنڌ جو عطار“ سڏيو وڃي ٿو. سچل پنهنجي ڪيتري ئي ڪلام ۾ خواجا عطار جي شهر، نيشاپور سان پڻ انتهائي محبت ۽ عقيدت جو اظهار ڪيو آهي ۽ پاڻ کي شيخ عطار جي غلامي ۾ رهڻ جي تلقين ڪئي آهي.
مارا هوا گرفت نيشاپور ”آشڪار“
با صدق تو غلام عطار باش باش
هڪ ٻئي غزل جي مقطع ۾ صاف لفظن ۾ چيو اٿائين ته اي آشڪار ! جيڪڏهن تون هدايت واري واٽ جو طالب آهين، ته حضرت عطار جي شهر نيشاپور جي گهٽين جي خاڪ ۽ مٽي ٿي رهه.
اي آشڪار گر طلبي رهه هدايتش
تو خاڪره شهر نيشاپور باس باس .
ايران جي شاعرن رومي، حافظ، شيرازي، فردوسي ۽ عمر خيام وانگر فريد الدين عطار پڻ، نه فقط مشرق جي ملڪن ۾، پر مغرب جي ملڪن ۾ به مشهور آهي. سندس شعر و شاعري جو ترجمو دنيا جي ڪيترين ئي زبانن ۾ ٿيل آهي. تعليم دروان سئيڊن ۾ رهندو هوس ته اتي جي شهر مالمو جي ميونسپل لئبرري ۾ عطار جي شاعري جو ڪتاب سئيڊش زبان ۾ ترجمو ٿيل هوندو هو جيڪو ڪتاب ۱۹۳۲ جو ڇپيل آهي ۽ بارون فريڪ هرملن ترجمو ڪيو آهي. منهنجي خيال ۾ يورپي زبانن ۾ سڀ کان اڳ انگريزي زبان ۾ جي. ايڇ. هنڊلي ۱۸۰۹ ۾ ترجمو ڪيو. عطار جي شاعري جو اڙدو ۾ ترجمو ويجهڙائي ۾ ۱۹۷۸ ۾ مولانا بشير احمد سيالويءَ ڪيو آهي ۽ سڀ کان آڳاٽو ترجمو مولانا سلطان ذوق جو ۱۳۸۹ ۾ ٿيل آهي. سنڌي ۾ به عطار جي شاعري جا ڪيترائي ترجما آهن جيئن ته ” غنچھ هدايت“ نالي لاڙڪاڻي جي عبدالهادي سرهئي صاحب ۱۹۷۱ ۾ ۽ ان کان اڳ ۱۹۶۸ ۾ ڳوٺ وليد لاڙڪاڻي جي مولانا غلام حسين عباسي ڪيو آهي پر اهو اڃان ڇپيو ناهي. سنڌ يونيورسٽي جي ڊين قاسم ٻگهئي صاحب ٻڌايو ته اهو ترجمو سنڌالاجي وارن وٽ موجود آهي. عطار نيشاپوري جي شاعري جو سنڌيءَ ۾ سڀ کان جهونو ترجمو محمد عارف جو آهي جيڪو شڪارپور مان پوڪرداس وارن ڇپرايو هو. سڀ ۾ ويجهڙائي ۾ عطار جي شاعري جو سنڌي ۾ ترجمو ’پند نامو‘ محمد ادريس بن مولانا محمد قاسم سومري جو آهي جيڪو ڪنڊياري جي روشني پبليڪيشن وارن گذاريل سال ڇپرايو آهي. مزي جي ڳالهه اها ته اهو ترجمو شاعري ۾ ڪيو ويو آهي. شروعات جو ٻه سٽون آهن ؛
حمد جو لائق ڌڻي سبحان آ،
مُٺ مٽيءَ کي جنهن ڏنو ايمان آ.
اهڙي طرح ساڳي فارسي جي شعر کي محمد عارف ترجمو ڪيو آهي ته ؛
حمد بي حد خاص خالق پاڪ کي،
جنهن ڏنو ايمان ذرڙي خاڪ کي.
اڄ آئون ان شاعر جي شهر نيشاپور ۾ سندس آخري آرمگاهه اڳيان بيٺو آهيان. فريد الدين ”عطار“ سنڌ جي صوفي شاعر سچل سرمست کان ۶۰۰ سال کن اڳ ۱۱۴۲ ۾ هن شهر نيشاپور ۾ ڄائو ۽ ۱۲۲۰ ۾ هن ئي شهر ۾ وفات ڪيائين. (سچل سرمست ۱۷۳۹ ۾ ڄائو ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۱۶۸۹ ۾ ڄائو. سچل جي عمر ۱۳ سال کن هئي ته شاهه لطيف ۱۷۵۲ ۾ هن فاني جهان مان ڪوچ ڪيو هو.)
فريد الدين عطار هڪ امير عطر ٺاهڻ واري جو پٽ هو جنهن جو عطرن جو دڪان هو جتي نه فقط عطرن جو وڪرو ٿيو ٿي پر ڪيميائي طرح ۽ عام وراجي طرح (گلن مان ٻاڦ لنگهائي) اهي ٺاهيا ويا ٿي. فريد الدين هن دڪان تي پنهنجي پيءُ جي مدد ڪئي ٿي ۽ پيءُ جي وفات بعد هو هن دڪان جو مالڪ ٿيو. عطر جي وڪري ڪري فريد الدين عطار سڏجڻ لڳو.فريد الدين عربي، ميڊيسن ۽ دينيات ۾ ان مدرسي مان تعليم حاصل ڪئي جيڪو مشهد ۾ امام رضا جي مقبري سان لاڳاپيل آهي. پاڻ دوا سازي ۽ علاج جي ڪمن ۾ بيحد هوشيار هو . روزانو ڪيترائي مريض هن وٽ علاج لاءِ ايندا هئا. جنهن بابت هن پاڻ پنهن جي ڪتاب مثبت نامي ۾ لکيو آهي ته ؛
به دارو خانه پانصد شخص بودند
کھ هر روز نبضم مي نمودند
(دوا خاني ۾ پنج پنج سئو ماڻهو ايندا هئا، هرروز نبض ڏيکاريندا هئا.)
چون ٿا ته هڪ ڏينهن عطار جي دڪان تي هڪ فقير آ يو ۽ جنهن نموني سان هو دڪان ۾ رکيل مال کي سڪڻين نگاهن سان ڏسي واکاڻ ڪرڻ لڳو، عطار کي اها ڳالهه نه وڻي. هن فقير کي دڪان ڇڏڻ لاءِ چيو. فقير دڪان ۾ سٿيل مال ۽ ان جي مالڪ ڏي نهار وجهي پوءِ پنهنجي ڦاٽل پراڻي چوغي ڏي اشارو ڪري چيو :” منهنجي ملڪيت سان هتان نڪري وڃڻ ۾ مونکي ڪا تڪليف نه آهي. پر مونکي اهو ٻڌاءِ ته هيڏي ساري مال هوندي تو هي جهان ڇڏڻ جي ڪهڙي پلاننگ ڪئي آهي؟“
عطار تي فقير جي انهن لفظن تمام گهرو اثر ڇڏيو. هو ڪيترائي ڏينهن فقير جي ان ڳالهه تي سوچيندو رهيو. آخرڪار هن دڪان ۽ ڪارو بار کي ڇڏي شيخ رڪن الدين آقاف وارن ڪبروي صوفين سان وڃي مليو. عطار ان بعد وڏو عرصو صوفي فقيرن سان گڏ ديس پرديس جو سفر ڪندو رهيو. ڪڏهن ري ۽ ڪوفي ته ڪڏهن مڪي ۽ دمشق. ترڪستان ۽ هندستان به ويو جتي هن کي خانقاهن ۾ رهڻ جو تجربو ٿيو ۽ طريقھ جا اصول سکيو. آخر ۾ وري موٽي پنهنجي وطن نيشاپور آيو ۽ وري پنهنجي دوا درمل وارو ڪم شروع ڪيو ۽ ان سان گڏ شعر شاعري ۽ صوفي فڪر جي پرچار ڪئي.
”تذڪرات اولياءُ“ عطار جو شروعاتي ڪتاب آهي جنهن ۾ هن ڪيترن ئي صوفي درويشن جا شعر، چوڻيون ۽ آتم ڪهاڻيون ڏنيون آهن. فريدالدين عطار ڏانهن ڪيترائي ڪتاب ۽ مثنويون منسوب آهن. ڪن جو چوڻ آهي ته فريد الدين عطار جي تصنيفن جي تعداد، قرآن مجيد جي سورتن جيترو – يعني ۱۱۴ آهي. بهرحال سندس هيٺيان ڪتاب نه فقط ايران ۾ پر دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ مشهور آهن؛
ديوان عطار
مختار نامھ
منطق الطير
مصيبت نامھ
الاهي نامھ
اسرار نامھ
پند نامھ
بلبل نامھ ، وغيره وغيره.
انهن مڙني ڪتابن ۾ منطق الطائر (پکين جي ڪانفرنس) بيحد مشهور آهي جيڪو شاعري جو ڪتا ب آهي جنهن ۾ حضرت سليمان جي طريقي جو نقل ڪندي پکين کان ڳالهرائي ٿو جيڪي ڪوهه قاف جبل ڏي پنهنجي بادشاهه ”سيمرغ“ جي ڳولا ۾ نڪرن ٿا. سيمرغ، ٽرڪي پکي جهڙو هڪ خوبصورت کنڀن وارو پر خيالي پکي آهي، جنهن کي انگريزي ۾ Phoenix سڏين. هتي سيمرغ رب پاڪ لاءِ ascribe ڪيو ويو آهي ته انسان رب پاڪ جي ڳوالا ۾ هيڏانهن هوڏانهن ڀٽڪن ٿا. ان لاءِ هنن مان ڪي پير و مرشد به اختيار ڪن ٿا. هي پکي به هد هد کي پنهنجو اڳواڻ ۽ سونهون بڻائي سيمرغ (پنهنجي شهنشاهه) کي ڳولڻ لاءِ نڪرن ٿا. هو اڏامندا وڃن ٿا، اڏامندا وڃن ٿا. نڪرڻ وقت هو هزارن جي تعداد ۾ هئا پر منزل تي پهچڻ مهل فقط ٽيهه پکي وڃي بچن ٿا. رستي تي هنن جو ستن خوفناڪ ماٿرين مان گذر ٿئي ٿو. هر ماٿري ۾ هنن کي سوين ڏاکڙن ۽ آزمائشن مان گذرڻو پوي ٿو. جن کي ڪاميابي نصيب ٿئي ٿي اهي سيمرغ سان ملڻ جي خواهش ۾ اڳتي جي سفر ۾ نڪرن ٿا. ٻي ماٿري مان لنگهڻ وقت هنن جو عقل ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏئي ٿو ۽ دل دماغ تي حاوي ٿيڻ تي عشق ۾ هزار دليون به فدا ڪرڻ لاءِ تيار ٿيو وڃن. اهڙي طرح ٽي ماٿري مان لنگهڻ وقت هو محسوس ڪن ٿا ته سندن دنيا جي ڄاڻ بنهه بيڪار آهي ۽ اها حقيقت کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪابه حيثيت نٿي رکي. اهڙي طرح ست ماٿريون عبور ڪري آخر سيمرغ جي رهائش گاهه تي جڏهن هي ٽيهه پکي پهچن ٿا ته هنن کي خبر پوي ٿي ته سيمرغ ته آهي ئي ڪونه. سيمرغ جو دربان کين سيمرغ لاءِ انتظار ڪرائيندو رهي ٿو جتي هي ٽيهه پکي سو چيندي سوچيندي ان راز کي پروڙين ٿا ته سيمرغ ٻيو ڪونه، پر هو پاڻ سي (ٽيهه) مرغ (پکي) آهن! فارسي ۾ فونيڪس پکي سيمرغ سڏجي ٿو ۽ ساڳي وقت سي معنيٰ ٽيهه ۽ مرغ معنيٰ پکي آهن.
مٿي بيان ڪيل سيمرغ (Phoenix) خيالي پکي ڪيترن ئي ملڪن ۾ مختلف نالن سان سڏيو وڃي ٿو. قديمي يوناني ۽ مصري تهذيبن ۾ سيمرغ ” سورج ديوتا“ سان لاڳاپيو ويوٿي. ايراني مٿ مطابق سيمرغ هڪ سهڻن کنڀن واري پکي نما مخلوق سمجهي وڃي ٿي جنهن جو وجود جهوني زماني ۾ ٿيو. فارسي شاعري ۽ ادب ۾ ڪيترن ئي هنڌن تي سيمرغ جو ذڪر ٿيو آهي. عطار کان علاوه فردوسيءَ جي شاهنامي ۾ پڻ هن پکي جو احوال آهي. ايراني ڏند ڪٿائن موجب تاريخ جي خيالي ڪردار رستم جي ڏاڏي ذال کي سيمرغ پالي وڏو ڪيو هو. چين ۾ سيمرغ جهڙي خيالي پکي کي ” فينگ هئانگ“ سڏين ٿا، جيڪو هنن وٽ ازدها (Dragon) بعد ٻئي نمبر تي قابلِ احترام سمجهيو وڃي ٿو. جپان ۾ ان پکي کي ” فوشي چو“ سڏين يعني لافاني Immortal پکي.
خواجا فريد الدين عطار انهن چئن صوفي شاعرن مان هڪ سڏيو وڃي ٿو جيڪي صوفيانه شاعري جا ٿنڀا سمجهيا وڃن ٿا. ٻيا ٽي هن ريت آهن؛
سنائي، ابوالمجد مجدود الدين – وفات ۱۱۵۰
اوحدي اصفهاني – ۱۱۸۱
رومي جلال الدين – ۱۲۷۳
جڏهن منگولن ۱۲۱۵ ۽ ۱۲۲۰ جي وچ ۾ ” وچ ايشيا“ جي ملڪن تي حملو ڪيو ته جلال الدين روميءَ جو والد پنهنجي سڄي ڪٽنب ۽ خٿابين جي هڪ ٽولي کي ساڻ ڪري ترڪي جي بحر اسود واري علائقي ڏي ڪوچ ڪيو. رستي تي ايران جي خراسان واري صوبي مان لنگهڻ وقت هنن جي نيشاپور ۾ ان وقت جي مشهور صوفي شاعر فريد الدين عطار سان ملاقات ٿي. عطار ارڙهن سالن جي ننڍڙي جلال الدين روميءَ کي ڏسي هن جي روحاني لاڙن کي سمجهي ويو. هو پنهنجي پيءُ جي پٺيان پٺيان عطار ڏي وڌي رهيو هو ته عطار يڪدم رومي جي پيءُ کي مخاطب ٿي چيو ”ڏسو ته سهي ! مون ڏي هڪ سمنڊ (Sea) اچي رهيو آهي جنهن جي پٺيان بحر (وڏو سمنڊ Ocean) آهي.“
عطار ننڍڙي روميءَ کي پنهنجو ڪتاب اسرار نامھ ڏنو جنهن ۾ انسان جو روح دنيا جي لذتن ۾ ڦاٿل ڏيکاريل آهي. ۱۸ سالن جي ننڍڙي روميءَ جي ذهن تي هن ملاقات وڏو اثر ڇڏيو ۽ اڳتي هلي عطار جي شاعري روميءَ لاءِ وڏيInspiration پيدا ڪئي. اڄ رومي به دنيا ۾ مشهور صوفي شاعر مڃيو وڃي ٿو. رومي ۽ عطار جي هن ملاقات جو احوال، مونکي هميشه سچل ۽ شاهه جي ملاقات ياد ڏياريندي آهي جيڪا ڇهه کن صديون پوءِ ٿي. سچل اڃان پنجن سالن مو مس هئو (۱۷۴۴ جي ڳالهه آهي) ته شاه عبداللطيف ڀٽائي، سچل جي ڏاڏي ميان صاحبڏني فقير سان ملڻ لاءِ درازن ۾ آيو. جتي هُن معصوم ٻارڙي، سچل کي راند ڪندو ڏسي فرمايو ته ” اسان جيڪو ڪُنو چاڙهيو آهي، ان جو ڍڪڻ هيءَ نينگر لاهيندو!“ غيب جي پڙدي مان ليئا پائيندر وقت ، حقيقت جو روپ ورتو. شاهه صاحب، جنهن وحدت الوجود جي مسئلن ۽ هيڪڙائي جي رمزن کي ڪي قدر ڍڪ ۽ پڙدي ۾ پئي بيان ڪيو، سچل اهي سمورا راز، بيخوديءَ جي عالم ۾ پڌري پٽ افشان ڪري ڇڏيا. هتي اهو به ٻڌائيندو هلان ته ننڍي کنڊ جا شاعر نيشاپور جي عطار کان علاوه سنائيءَ جي شاعريءَ مان به بيحد متاثر رهيا. سنائي غزنا جو صوفي شاعر هو. غزنا اڄڪلهه افغانستان جو حصو آهي نه ته انهن ڏينهن ۾ غزنا پڻ ايران ۾ اچي ويو ٿي جتي جي عام زبان فارسي هئي. سنائي جو مشهور ڪتاب” حديقھ الحقيقھ وشريعھ الطريقھ“ آهي. سنائي بهرام شاهه بادشاه جي ڪورٽ سان وابسته هو جنهن جي ايران تي ۱۱۱۸ کان ۱۱۵۲ تائين حڪومت رهي. چون ٿا ته هڪ دفعي سنائي، جڏهن بهرام شاه سان گڏ فوجي مهم تي هندستان پهتو ته اتي هن جي هڪ صوفي ٽيچر ”لائي خر“ سان ملاقات ٿي ۽ سنائي صوفي سنگت ۾ اهڙو ٻڌجي ويو جو هن بهرام شاهه جي حڪومت مان استعيفا ڏني. جيتوڻيڪ ملڪ جي حاڪم سنائي کي وڏي مال ملڪيت ۽ شادي جي لاءِ پنهنجي ڌيءَ جي پڻ آڇ ڪئي. سنائي جو هڪ شعر آهي؛
”اي ڪيھ نا شناسي خفي را از جالي هوشيار باش !
اي گرفتار ابو بڪر او علي هوشيار باش !“
“Oh! He that can not read fine print from the bold, Beware. Oh! He that is engrossed in Abu – Bakar and Ali Beware.”
هن کان اڳ وارن مضمونن ۾ لکي چڪو آهيان ته گذريل درو ۾ نيشاپور هڪ تمام وڏو شهر، سياسي ۽ واپاري مرڪز هو پر پوءِ منگولن جي حملي بعد هي شهر برباد ٿي ويو. هنن سڄي شهر ۾ قتل عام ڪيو. فريد الدين عطار به ان ۾ قتل ٿي ويو. عطار جي قتل بابت هتي جي گائيڊ اهو به ٻڌايو ته منگولن جي حملي دوران عطار کي هڪ منگول يرغمال بنائي غلام طور وڪڻڻ ٿي چاهيو ته ڪو همراهه چاندي جا هزار سڪا کڻي هن منگول وٽ ڀنگ طور ڏيڻ لڳو. عطار منگول کي صلاح ڏني ته هو هن کي ان قيمت تي نه وڪڻي. منگول اهو سوچي ته شايد هن ماڻهو جو ڪو وڏو ملهه آهي سو چانديءَ جي سڪن جي عيوض عطار کي ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. ان کان پوءِ هڪ ٻيو ماڻهو آيو. هن دفعي عطار کي آزاد ڪرڻ لاءِ هو بُهه جي ڳوڻ آفر ڪرڻ لڳو. عطار منگول کي چيو ” اهو ئي منهنجو ملهه آهي تون ان قيمت ۾ مونکي وڪڻي سگهين ٿو.“ منگول کي بيوقوف بنجڻ تي ڪاوڙ وٺي وئي ۽ هن ترار سان عطار جو سر ڌڙ کان ڌار ڪري ڇڏيو.
مٿين ڳالهه صحيح هجي يا نه پر اها ڳالهه صوفين جي اندر جو حال بيان ڪرڻ لاءِ تعليم خاطر ٻڌائي وڃي ٿي ته هو پنهنجي ذات ۾ ته ڪابه حيثيت نٿا رکن. هنن جو ملهه ڪکن برابر آهي. جيڪا شيءَ بي بها آهي اها هنن جي اندر ۾ محبوب جي موجودگي آهي جنهن کي جسماني موت بعد به ڪو مٽائي نٿو سگهي.
رومي وانگر عطار جي شاعري کي به مغرب ۾ وڏي شوق سان پڙهيو وڃي ٿو. اسانجي وڏن، جن اسڪول جي ڏينهن ۾ فارسي پڙهي، اهي ڪيترن ئي ايراني شاعرن جا ڪتاب پڙهندا هئا. پر انگريزن / گورن کي خيام، رومي ۽ عطار جهڙن ايراني شاعرن جو انگريزي ۾ ترجمو پڙهندو ڏسي اسانکي به شوق ٿيو. فارسي شاعرن جا ڪي ڪي شعر انگريزي ۾ بيحد سٺي نموني سان ترجمو ٿيل آهن. نموني خاطر فريدالدين عطار جي هڪ شعر جو انگريزي ترجمو هتي ڏيان ٿو.
In the dead of night, a sufi began to weep.
He said, “This world is like a closed coffin, in which
We are shut and in which, through our ignorance,
We spend our lives in folly and desolation.
When death comes to open the lid of the coffin,
Each one who has wings will fly off to eternity,
But those without will remain locked in the coffin
So, my friends , before the lid of this coffin is taken off,
Do all you can to become a bird of the way to God;
Do all you can to develop your wings and your feathers.”
اسان جي ملڪ جي ڪيترن ئي مدرسن ۾ فارسي جا ڪيترائي ڪتاب گلستان، بوستان ۽ عطار جو پند نامھ ۽ ٻيا ڪتاب پڙهايا وڃن ٿا. جن مان ڪيترائي سنڌي ۽ اڙدو ۾ ترجمو پڻ ٿيل آهن. نموني خاطر عطار جي شاعري جو سنڌي ترجمو هتي ڏيان ٿو جيڪو ڪنڊياري جي عالم محمد ادريس سومري ڪيو آهي؛
ڇا فقيري آ تو ڄاتي اي پسر!
مان ٻڌايانءِ گر نه آهين باخبر
گوڏڙي پاتل هجي ۽ مال گهٽ
پاڻ ڏيکاري سکيو ته به خلق وٽ
دم هڻي ڍوءَ جو، ڀلي بکيو وتي
دشمنن سان دوستي رکيو وتي
پٽ ! فقيرن جي حوالي پاڻ ڪر
تڏهن پاليندڙ وجهي توتي نظر
جو فقيرن سان سدائين ساٿ ڏئي
جنتن ۾ سو مقرب ٿو ٿئي....
مختلف ملڪن ۾ مئرين انجنيئرنگ تي ليڪچر ڏيڻ دوران وچ وچ ۾ پنهنجي شاگردن جي دلچسپي قائم رکڻ لاءِ وتايو فقير، نصير دين هوجا، شيخ سعدي ۽ ٻين، جن جا لطيفا، ٽوٽڪا ۽ عقل جون ڳالهيون ٻڌائيندو آهيان انهن ۾ فريد الدين عطار جي هيٺين ڳالهه، جنهن جو عنوان آهي؛ ”چار ڳالهيون جن جي ڄاڻ هجڻ کپي“، ٻڌائيندو آهيان. اها گهڻو اڳ انگريزيءَ ۾ پڙهي هيم. ائنڊريو هاروي ۽ ايرڪ هانٽ عطار جي فارسي ڪتاب جو Perfume of Desert نالي انگريزي ڪتاب ۾ ترجمو ڪيو آهي.
حاتم العصوم چيو ؛ ” مون چار شيون چونڊيون آهن جن بابت ڄاڻ رکڻ ضروري سمجهان ٿو باقي ٻين ڳالهين کي ڪٿ ۾ آڻڻ ضروري نٿو سمجهان.
”پهرين ڳالهه هيءَ آهي؛ مون کي خبر آهي ته منهنجي روزاني رزق جو مقدار مقرر ٿيل آهي. ان ۾ نه واڌارو اچي سگهي ٿو ۽ نه ڪا وري کوٽ. ان ڪري مون ان ۾ واڌاري ڪرڻ جي ڪوشش کي ڇڏي ڏنو آهي.
”ٻي ڳالهه مونکي خبر آهي ته آئون رب پاڪ جو مقروض آهيان اهو قرض (ڊيوٽي/فرض) مونکي ئي پورو ڪرڻو آهي ٻيو ڪو نٿو ڀري سگهي. سو آئون ان جي ادائيگي ۾ مشغول آهيان.
” ۽ ٽي ڳالهه ته آئون ڄاڻان ٿو ته ڪا شيءَ منهنجي ڪڍ لڳل آهي .... اهو آهي موت .... جنهن کان آئون ڀڄي نٿو سگهان، ان ڪري مون پاڻ کي هن سان ملڻ لاءِ تيار رکيو آهي.
”چوٿين ڳالهه، آئون يقين رکان ٿو ته رب پاڪ مونکي هر وقت ڏسي رهيو آهي، ان ڪري مونکي اهڙو ڪم ڪندي شرمندگي ٿئي ٿي جيڪو مونکي ڪرڻ نه کپي.“

No comments:

Post a Comment