تهران شهر ۾ چڪر ڏيڻ
الطاف
شيخ
تهران ايران جي گادي جو ۽ سڀ کان وڏو شهر- آدمشماري توڙي پکيڙ جي خيال کان آهي. تهران ۾ نه ڪنهن امام جو مقبرو آهي نه ڪي گهڻا ديني درسگاهه. تهران ۾ ٽرئفڪ جئم ۽ دونهون آهي. مذهبي نقطي نگاهه کان ايران ۾ جيڪي ڌاريان اچن ٿا انهن جي زيارت لاءِ مشهد ۽ قم اهم شهر آهن. يورپ، ڏور اوڀر ۽ آمريڪا کان جيڪي سياح ايران جي قدرتي سونهن ۽ تاريخي جايون ڏسڻ اچن ٿا انهن لاءِ تبريز، شيراز ۽ اصفهان جهڙا شهر ” اڌجهان“ آهن. پر ڳالهه اها آهي ته ڌاريون کڻي ايران جي ڪهڙي به شهر ۾ اچي هن کي تهران مان ضرور لنگهڻو پوي ٿو. اسانجي ملڪ جا زوار جيڪي فقط مشهد ۽ قم شهرن ۾ وڃن ٿا انهن کي به تهران مان لنگهڻ لازمي ٿيو پوي. هو باءِ ايئر پهرين تهران پهچن ٿا. جيڪي ڪوئيٽا پاسي کان زاهدان مان ٿيندا اچن ٿا اهي به قم پهچي پوءِ ٻي منزل مشهد ڏي وڃن لاءِ تهران مان لنگهن ٿا ۽ وري واپسي تي به تهران اچن ٿا. اسان جا سرڪاري ڪامورا ميٽنگن ۽ سيمينارن ۾ تهران ئي اچن ٿا، اسان جي واپاري ڪميونٽي جا ماڻهو ڏيتي ليتي ۽ ڪاروبار جي سلسلي ۾ تهران ئي اچن ٿا.
تهران گهمڻ، اتي رهندڙ ايران جي جهاز دوستن (جن سان گڏ مون يورپ ۾ تعليم حاصل ڪئي يا جن سان گڏ مونکي جهاز هلائڻ جو موقعو مليو) ملڻ ۽ ايراني ٻين ڏورانهن شهرن ڇابهار، شيراز، تبريز ۽ اصفهان وڃڻ لاءِ، آئون تهران جي هوٽل ارمان ۾ ٻن ٽن ڏينهن لاءِ اچي رهيس. جيڪا ملت سب وي ريلوي اسٽيشن جي بلڪل ڀر ۾ آهي ۽ مهرآباد ايئر پورٽ کي به ويجهي آهي- جنهن تي ايران جي هر شهر جي اڏام لهي ٿي بلڪه هي هوائي اڏو مهرآباد جو پراڻو آهي ۽ شهر اندر آهي. اهو ايران جي ڊوميسٽڪ اڏامن لاءِ رکيو ويو آهي ۽ بين الاقوامي اڏامن جي لهڻ چڙهڻ لاءِ شهر کان ٻاهر امام خميني هوائي اڏو مقرر ٿيندو وڃي جيڪو بيحد وڏو ۽ نئون آهي. پاڪستان (ڪراچي) کان تهران جيڪي اڏامون آيون ٿي سي هيستائين ته مهرآباد هوائي اڏي تي لٿيون ٿي پر هاڻ کان - ۽ اسان جي اها پهرين اڏام هئي، جيڪا ڪراچي کان امام خميني هوائي اڏي تي لٿي هئي. هينئر مشهد کان باءِ ايئر، تهران اچڻ لاءِ مهرآباد هوائي اڏي تي ئي لهڻو پيو.
هڪ يورپي يا آمريڪن لاءِ، تهران ٽرئفڪ جئم جو شهر ڀلي لڳي پر هڪ ڪراچي، ممبئي يا قاهري جهڙي شهر جي رهواسي لاءِ تهران سهڻن، ويڪرن ۽ سڌن رستن جو شهر آهي. مهرآباد ايئرپورٽ کان ٻاهر نڪرڻ سان تهران جي مشهور چوراهي ”ميدانِ حسين“ واري چوراهي تائين هليو وڃجي ٿو. رستي تي ٻه ٻيا اهم چوراها ؛ ميدان انقلاب ۽ ميدان فردوسي به اچن ٿا. ميدان آزادي کان ميدان انقلاب تائين وارو رستو آزادي روڊ سڏجي ٿو ان بعد وارو انقلاب اسلامي روڊ سڏجي ٿو. مونکي ٽئڪسي وارو ميدان فردوسي بعد ساڄي پاسي فردوسي روڊ تي، ان بعد جمهوري اسلامي روڊ تان ڦيرائي ملت روڊ ۽ امير ڪبير روڊ جي ڪراسنگ وٽ هوٽل ارمان ۾ اچي لاٿو. پنج ماڙ هوٽل ڪنڪريٽ جي دٻي جهڙي ٿي لڳي. رسيپشن تي ويٺل ڇوڪريءَ منهنجي انگريزي نه سمجهي ۽ فارسي کان آئون اڻ واقف آهيان. سو هوءَ ٻاهران ڪنهن نوجوان ڇوڪري کي وٺي آئي جنهن جي معرفت هن ڳالهه سمجهي ۽ مڃي ته منهنجي دوست پاران هن هوٽل ۾ مون لاءِ ڪمرو اڳهين ڊسڪائونٽ اگهه تي بڪ ٿيل آهي. هڪ جهول ڊبل بيڊ وارو، ٻوسٽ ۽ گهٽ وارو، هن هوٽل جو ڪمرو پهرين مونکي عجيب لڳو پر پوءِ دري کولڻ سان ٿڌڙي هير لڳڻ ۽ سامهون هڪ مسجد جا خوبصورت منارا ڏسي دل خوش ٿي وئي. هونءَ به ۱۵ آمريڪن ڊالرن وارو ڪمرو مونکي ۱۲ ڊالرن (يعني ۷۵۰ رپين) ۾ مليو هو، سو به تهران جهڙي Cosmopolitian شهر ۾. باٿ روم به گڏ هئي جنهن ۾ ٿڌي سان گڏ گرم پاڻي به آيو ٿي ۽ نه فقط آيو ٿي پر پريشر سان . ان کان ٻيڻ جيترن پئسن ۾ ۽ ان جي اڌ جهڙي چڱي هوٽل ته مونکي حيدرآباد لاڙڪاني ۽ سکر ۾ به نه ملي. ۽ هڪ ڊالر (۶۲ رپين) ۾ سلاد جي پليٽ سان گڏ چلو ڪباب جي پليٽ (جيڪا ٻه ماڻهو کائي سگهن) جهڙي سستي ماني ته راڌڻ، پڊعيدن يا سجاول جهڙي ڳوٺ ۾ به نه ملي سگهي.
هوٽل ارمان جي ٻاهرين گهٽي آٽو پارٽس دڪانن، ويلڊرن ۽ گئريج مسترين جي ڪري ڪراچي جو اڪبر روڊ يا حيدرآباد جي گاڏي کاتي جو هيٺيون حصو (ويسٽ ڪچو ) ٿو لڳي. آئون انهن دڪانن اڳيان ۽ ڪارن ۽ موٽر سائيڪلن جي مرمت ڪندڙ مسترين جي وچمان، انگڙ ونگڙ هلندو، رستو ٺاهيندو ويجهي سب وي ميٽرو اسٽيشن ”ملت“ تي پهتس. ٻين ملڪن ؛ جپان، چين، ويندي ملائشيا جهڙن ۾ هر هڪ سمجهيو وڃي ته اسان ڌاريان آهيون. ايران ۾ توهان سٿڻ قميص پائڻ بدران پينٽ پائي هلندائو ته ورلي ڪوشڪ ڪندو ته توهان ڪي ڌاريان آهيو ۽ مڪاني ماڻهن جي اوپرين نگاهن کان توهان هميشه بچيل رهي آزادي سان گهمي ڦري سگهندائو. بقول ممبئي يونيورسٽي جي پروفيسر ۽ سنڌي اديب ڊاڪٽر ٻلديو متلاڻي جي انڊيا، ايران ۽ سعودي عرب جهڙن شهرن ۾ ڪڏهن به سٿڻ قميص نه پائي هلجي.
تهران جون زمين دوز (سب وي) اسٽيشنون ڪافي صاف، روشن ۽ ايراني آرٽ جو شاهڪار آهن. ڪجهه گهڙين لاءِ ائين به محسوس ٿيو ڄڻ بيجنگ (چين) جي سب وي اسٽيشن تي سڀ ايراني ماڻهو بيٺا آهن. تهران جي هن ميٽرو ريل جو پراجيڪٽ گهڻو اڳ ۱۹۷۰ ڌاري فرينچن شروع ڪيو جن پئرسڄو سب وي ٺاهيو آهي. ڪجهه سال ان تي study ٿي ۽ شروعاتي رپورٽون به مڪمل ٿيون پر پوءِ ۱۹۷۹ واري ايراني انقلاب ۽ ان بعد ۱۹۸۰ ۾ ”ايران عراق“ جنگ ڪري ڪم اڳتي وڌي نه سگهيو. پوءِ ڏهاڪو سالن بعد چينين هتي جون ٻه کن لائينون شروع ڪيون. تهران ميٽرو جون ڪيتريون ئي شيون ريل جي بوگين کان ان جي هلائڻ جو سسٽم چيني طرز جو آهي. ڏهن پنڌرهن منٽن اندر ريل اچيو وڃي. ريل جا اڳيان ٻه دٻا عورتن لاءِ مخصوص آهن پر اهي عورتون جيڪي مڙسن يا مرد مائٽن سان گڏ آهن، اهي چاهين ته مردانن گاڏن ۾ سوار ٿي سگهن ٿيون. ايران ۾ مردن ۽ عورتن کي هر هنڌ ڌار ڌار رکيو ويو آهي – ويندي مزارن ۽ مقبرن تي به. قبر جا ٻه پاسا مردن لاءِ ته ٻه پاسا عورتن لاءِ . هونءَ نئين ماڻهو کي پهريان ڏينهن اسٽيشن تي ٽرين اچڻ جو ڏيک عجيب لڳي ٿو. ريل جا پهريان ٻه دٻا ڪارن برقعن سان ان بعد سفيد ۽ هلڪن رنگن جي پينٽ شرٽ ۾ ملبوس مرد حضرات سان ڏسي هو وائڙو ٿيو وڃي. پنهنجي ايراني دوست کان اڳيان دٻا عورتن لاءِ مقرر ڪرڻ جو سبب پڇيم.
”ان ڪري جو اڳين دٻن ۾ لوڏا گهٽ اچن ٿا،“ هن ٻڌايو، ” ۽ اسان چاهيون ٿا ته عورت ذات آرام سان سفر ڪري،“
” پوءِ ته توهان جي سوچ ۽ نيت کي داد ڏيڻ کپي“، مون چيومانس، ” مون سمجهيو ته متان توهان ڪجه دقيانوسي ملن وانگر اهو سوچي عورتن کي اڳين دٻن حوالي ڪيو آهي ته حادثي ۾ مرن ته اهي مرن، ايران ۾ عورتن جو ڳاڻيٽو هونءَ ئي گهڻو آهي.“
ياد رهي ته ” عراق ايران جنگ“ ۾ ايران جا مرد ايترا ته مارجي ويا جو هنن کي هر فيلڊ ۾ - جهاز راني، تعليم کان ڪارخانن ۽ اسپتالن ۾ انڊيا، پاڪستان، مصر ۽ ٻين ملڪن جا مرد ماڻهو رکڻا پيا جيسين سندن ٻار وڃي وڏا ٿيا.
مون کيس ويٽنامين وارو چرچو ٻڌايو ته هڪ ويٽناميءَ کي ڪنهن چيو ته ” هونءَ توهان اهڙا فضيلت وارا نه آهيو پر هڪ ڳالهه توهانجي تعريف جوڳي آهي ته هلڻ وقت ٻين ايشيائي مردن وانگر پنهنجين عورتن کي رڍن ٻڪرين وانگر پٺيان هلڻ بدران کين اڳيان هلڻ جي عزت بخشيو ٿا ۽ توهان مرد هميشه پٺيان پٺيان هلو ٿا.“
هن پيلا ڏند ڪڍي پهريون ٽهڪ ڏنو ۽ پوءِ چيو ؛ ” اهو ان ڪري جو ويٽنام آمريڪا واري جنگ جون ڪجهه ڪجهه mines (بارودي سرنگهون) اڃا موجود آهن.“
مونکي تهران جي بازار بزرگ – جنهن کي بازار اڪبر به سڏين ٿا ۽ عام طرح انگريزي لفظ گرانڊ بازار آهي، وڃڻو هو.هيءَ بازار دنيا جي جهوني ۽ وڏي بازار آهي جنهن ۾ هر قسم جي شيءَ ملي ٿي. اها ايڏي وڏي بازار آهي ۽ ايتري ته منجهس گپا گيهه رهي ٿي جو ان کي “City within City” سڏين ٿا. هن بازار ۾ بئنڪون، مسجدون، گيسٽ هائوس ۽ آفيسون پڻ آهن. بازار ٻن اسٽاپن بعد آهي. ميٽرو گاڏي سابلان، شاهد مدني، امام حسين، دروازه شيمرانڳ ۽ بهارستان اسٽيشن تان ٿيندي، ملت اسٽيشن تي پهتي هئي جتان مونکي چڙهڻو هو. سابلان ريلوي اسٽيشن جو نالو ايران جي ٽئي نمبر اتاهين جبل سبلان تان پيو آهي جيڪو ڪنهن زماني ۾ آتش فشان هو پر هاڻ خاموش آهي. سندس چوٽي تي ٺهيل گِهٻُ (Crater) هاڻ خوبصورت ڍنڍ آهي جنهن کي ڏسڻ لاءِ ملڪي ۽ غير ملڪي ٽوئرسٽ ويندا رهن ٿا. ۽ ڀر واري بهارستان اسٽيشن جو نالو اتي موجود ڪنهن زماني ۾ پارليامينٽ جي بلڊنگ تان آهي . هي عمارت ۱۹۰۶ ۾ ٺهي ۽ سندس نالو بهارستان رکيو ويو. هتي نئشنل اسيمبلي جي ميٽنگ هلي ٿي ۽ سينيٽ لاءِ ٻئي هنڌ عمارت هئي. ۱۹۷۹ ۾ اسلامي انقلاب بعد ايران جي پارليامينٽ يڪ ايواني (Unicameral) ڪئي وئي.
هي ميٽرو جنهن ۾ آئون ويٺس، اها لائين ٿو يعني دوم سڏجي ٿي ۽ اڳيان حسن آباد، ميدانِ حر ، شاهد نواب صفوي، آزادي، دانش گاههِ شريف ۽ طراشت جهڙين اسٽيشنن تان ٿيندي آخري اسٽيشن تهران (صادقھ) تائين وڃي ٿي جيڪا اسٽيشن محمد علي جناح ورڊ جي ويجهو آهي . هن علائقي صادقيھ جو انقلاب کان اڳ آريا شهر نالو هو. هي علائقو تهران جو مشغول ڪمرشل ۽ رهائشي علائقو آهي. هتي جا ٻه چوراها فلک اول صادقيھ ۽ فلک دوم صادقيھ مشهور آهن. تهران جي هيءَ ريلوي اسٽيشن سخت مشغول اسٽيشن آهي، جتان تهران جي ميٽرو ريل پنجين اڪبتان، چتگار، ايران کڊرو جهڙين اسٽيشنن تان ٿيندي ڪرج تائين وڃي ٿي. ڪرج شهر تهران جي اولهه ۾ ۲۰ ڪلوميٽرن جي فاصلي تي البورض جبلن جي قدمن وٽ آهي. ڪرج جي ويهه لک کن آدمشماري آهي ۽ تهران، مشهد ۽ اصفهان بعد ايران جو چوٿون نمبر وڏو شهر آهي. ڪرج جي تواريخ نهايت جهوني آهي جنهن جو ثبوت پارٿين دور جي پارسين (Zoroastrian) جا تختِ رستم وارن پٿرن جا ٺهيل باهه جا مندر آهن.
تهران جو اڪبتان وارو علائقو اسلام آباد وانگر Planned شهر آهي جتي ماڊرن قسم جا رهائشي فلئٽ، رستا ۽ پارڪ آهن. منهنجي ايراني دوست ٻڌايو ته هن علائقي جو ڪم ۱۹۷۵ کان شروع ٿيو ان جي ڊيزائين جرمني ۽ اٽلي جي انجنيئرن ٺاهي. اڪبتان جو اهم روڊ ايراني پريس رپورٽر محمود سريمي نالي آهي جيڪو مزار شريف (افغانستان) ۾ پنهنجي فرض ادائگي دوران طالبان هٿان دهشتگردي جو شڪار ٿي ويو هو.
تهران صادقيھ وانگر امام خميني اسٽيشن، جتي آئون لهي پيس، پڻ ڪوٽڙي ۽ روهڙي وانگر جنڪشن اسٽيشن آهي جتان تهران ميٽرو جي لائين ون واري ريل ڪراس ڪري ٿي.
تهران ميٽرو جي ”لائين ون“ ۲۸ کن ڪلوميٽر ڊگهي آهي ۽ اتر ۾ شهيد حقاني هاءِ وي کان شروع ٿي ڏکڻ ۾ شوش ۽ خيام روڊ جي ڪراسنگ تائين وڃي ٿي. ان بعد هنن جي ريل آهي جيڪا وڌيڪ ڏکڻ ۾ علي آباد، جوانمرد، شهر ري، باغر شهر جهڙين اسٽيشنن ڏي هليو وڃي ٿي. شهر ري اسٽيشن وٽان ئي هڪ ريل جي پٽڙي جو ڪم بهشت زهرا (ايران جو قومي قبرستان ۽ امام خميني جو مقبرو) ۽ نئين هوائي اڏي تائين هلي رهيو آهي. اهو ڪم مڪمل ٿيڻ تي مڪاني توڙي اسان ڌارين لاءِ ايئر پورٽ تي پهچڻ ۾ سستائي ۽ سولائي ٿي پوندي. هينئر ٽئڪسي ذريعي وڃڻو پوي ٿو – خاص ڪري اسان پاڪستانين کي ڪراچي جي اڏام لاءِ ايئرپورٽ تي صبح جو چئين بجي پهچڻو پوي ٿو جو ايران ايئر جو ڪراچي لاءِ ڊپارچر جو وقت هر اربع ڏينهن صبح جو ستين وڳي آهي ۽ ايئرپورٽ تي چئين بجي پهچڻ لاءِ ٽين وڳي تهران جي رستن تي ٽئڪسي لاءِ واجهائڻو پوي ٿو. ان کان علاوه بهشت زهرا جو قبرستان ۽ امام خميني جي مقبري لاءِ پڻ ٽئڪسي ڪرڻي پوي ٿي. ميٽرو يا ريل جي سروس شروع ٿيڻ بعد اهو ڪم سستو ٿي پوندو، جو ايران ۾ بس توڙي ميٽرو جا ڀاڙا نه برابر آهن. منهنجي خيال ۾ ان کان گهٽ ڀاڙو دنيا ۾ شايد ڪٿي هجي.
هن لائين ون تي ۲۲ اسٽيشنون آهن جن مان ۱۴ اسٽيشنون زمين هيٺ (Under Ground) آهن باقي زمين تي. هر گاڏي کي ست گاڏا ٿين جن مان ٻه عورتن لاءِ ۽ پنج مردن لاءِ جن ۾ ۱۳۰۰ کن مسافرن جي وهڻ ۽ بيهڻ جي جاءِ ٿئي ٿي. ريل جي مٿانهين رفتار ۸۰ ڪلوميٽر في ڪلاڪ رهي ٿي. هن لائين جي اتر ۾ پهرين اسٽيشن ميرداماد آهي. ان بعد شهيد همت، شهيد بهشتي، شهيد مفاتيح، دروازه دولت ۽ سعدي جهڙين اسٽيشنن تان ٿيندي امام خميني اسٽيشن تي پهچي ٿي جنهن لاءِ ٻڌائي چڪو آهيان ته جنڪشن اسٽيشن آهي ۽ جتي آئون لائين ٽو ميٽرو ذريعي ملت اسٽيشن کان آيو هوس.
مٿي بيان ڪيل اسٽيشنن مان ڪجهه نالا هتي جي شاعرن، عالمن ۽ شهيدن تان کنيل آهن. شهيد بهشتي ايران جو مذهبي عالم ٿي گذريو آهي. پاڻ ۱۹۲۸ ۾ اصفهان ۾ ڄائو ۽ تهران يونيورسٽي ۽ طاباطابائي يونيورسٽي مان تعليم حاصل ڪيائين. پاڻ اليڪٽريڪل انجنيئرنگ ۾ Ph. D ڪئي هئائين. اسلامي ريپبلڪ پارٽي جو سيڪريٽري جنرل ۽ ايران جي جوڊيشل سسٽم جو سربراهه ٿي رهيو. هي ۽ هن سان گڏ اسلامڪ ريپبلڪ پارٽي جي ۷۰ کن ميمبرن جي ۱۹۸۱ ۾ شهادت ٿي.
اهڙي طرح شهيد محمد مفتح جي ۱۹۷۸ ۾ انقلاب دوران شهادت ٿي. پاڻ شهيد بهشتي جو همعمر هو ۽ ۱۹۲۸ ۾ ايران جي شهر همدان ۾ ڄائو. هن همدان جي مشهور اسڪول ” آخوند ملا علي حمداني اسڪول“ ۽ قُم شهر جي مدرسن مان تعليم حاصل ڪئي. جتي علامه طابا طابائي (تفسير الميزان جي مصنف) جهڙا عالم سندس استاد رهيا. شهيد مفتح ايران جو وڏي پئماني جو فلاسفر مڃيو وڃي ٿو.
هتي اهو به ٻڌائيندو هلان ته شهيد بهشتي نالي فقط تهران ۾ ٻه يونيورسٽيون آهن . هڪ شهيد بهشتي يونيورسٽي (SBU) ۽ ٻي شهيد بهشتي يونيورسٽي آف ميڊيڪل سائنس (SBUMS) – يعني ٻاهران لنگهندي گهٽ ۾ گهٽ اهي ٻه يونيورسٽيون ته مونکي نظر آيون. ٿي سگهي ٿو شهيد بهشتي نالي ٽي يونيورسٽي انجنيئرنگ جي به هجي جو دراصل پاڻ ڊاڪٽر ته هو پر اليڪٽريڪل انجنيئر هو، جنهن ۾ هن پي ايڇ ڊي ڪئي هئي.
No comments:
Post a Comment