ايران جي هر شهر ۾ عالم ۽ اڪابر ملندا
الطاف
شيخ
نيشاپور ۾ ايران جي مشهور صوفي شاعر فريد الدين عطار جي مقبري جي ڀر ۾ ئي ايران جي هي ٻي اهم شخصيت ڪمال و ملڪ جو مقبرو آهي. ڪمال و ملڪ هڪ مشهور ۽ بنا ڪنهن شڪ جو هڪ وڏو چترڪار (Painter) ٿي گذريو آهي جنهن جو آئون به پرستار آهيان. دنيا جا ڪيترائي آرٽسٽ (تصويرون ٺاهڻ وارا) ۽ انهن جو تصويرون مشهور آهن پر آئون سمجهان ٿو ته ڪمال و ملڪ هڪ مشرقي ۽ سو به وري ايراني هجڻ ڪري هن جي ايڏي واکاڻ نه ٿي سگهي آهي جنهن جو هو لائق آهي. اخبار جي ڪالم يا ڪتاب ۾ ايتري گنجائش نٿي ٿئي جو پڙهندڙن لاءِ هن جون ڪجهه تصويرون ڏيئي سگهجن. بهرحال گوگل، فلڪر يا پڪاسا جهڙن سرچ مشينن ذريعي پڙهندڙ ڪمال و ملڪ جون ٺهيل ڪجهه تصويرون ڪمپيوٽر ۾ ڏسي اندازو لڳائي سگهن ٿا ته هو ڪيڏي وڏي پئماني جو مصور ٿي گذريو آهي. ايران، ترڪي ۽ لنڊن ۾ رهندڙ هنن تصويرن مان ڪجهه اتي جي مڪاني ميوزمن ۾ پڻ ڏسي سگهن ٿا جتي مونکي پهريون دفعو ڏسڻ جو موقعو مليو.
ڪمال ملڪ (جيڪو ڪمال الملڪ به سڏجي ٿو) جو اصل نالو محمد غفاري هو. پاڻ ۱۸۴۷ ۾ ايران جي شهر ڪاشان ۾ ڄائو. هن ننڍپڻ ۾ ئي چترڪاريءَ ۾ اهڙا ته ڪمال ڪري ڏيکاريا جو هو ۱۸ ورهن جي ڄمار ۾ ان وقت جي حاڪم نصير الدين شآهه جي درٻار ۾ شاهي چترڪار طور مقرر ڪيو ويو . ڪمال وملڪ بنيادي تعليم پنهنجي ڳوٺ ۾ حاصل ڪرڻ بعد مصوري جو هي فن تهران جي دارالفنون مڪتب مان حاصل ڪيو هو.
۱۸۹۶ ۾ نصير الدين بادشاهه ڪمال و ملڪ کي مصوري جي وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ فلورينس (يورپ) موڪليو. ٻن سالن بعد جڏهن هو ايران واپس آيو ته هن محسوس ڪيو ته درٻار جا ڪجهه ميمبر هن سان هر ڳالهه ۾ ساڙ ۽ حسد ڪرڻ لڳا آهن. آخر هن بهتري ان ۾ سجهي ته ايران ڇڏي ڏجي ، سو بادشاه سان زيارتن جو بهانو ڪري ڪربلا (عراق) ۾ اچي رهائش اختيار ڪيائين. عراق ۾ هن ”زرگر بغدادي و شاگردش“ (بغدادي سونارو ۽ هن جو شاگرد)، ميدانِ ڪربلا، عربِ خوفتھ (ستل عرب ) ۽ فالگيرِ بغداد (بغداد جو جوتشي) جهڙيون شاهڪار تصويرون ٺاهيون.
ڪمال و ملڪ ۱۹۳۹ ۾ وفات ڪئي ۽ هتي نيشاپور ۾ دفن ڪيو ويو. سندس نالي سان ايران ۾ فارسي ۾ فلم پڻ ٺاهي وئي آهي. جنهن ۾ هن آرٽسٽ جي زندگي ۽ تصويرن بابت ٻڌايو ويو آهي. هن فلم جي ڪهاڻي ۽ ڊئريڪشن هتي جي مشهور فلمي ڊئريڪٽر علي حاتميءَ ڏني آهي. فلم ۾ چترڪار جا مختلف بادشاهن سان تعلقات پڻ ڏيکاريا ويا آهن. هن فلم ۾ ايران جي مشهور ائڪٽرن حصو ورتو آهي. جمشيد ماشيخي پينٽر ڪمال و ملڪ ٿيو آهي ۽ عزت الله انتظامي ان وقت جو شهنشاهه نصير الدين شاهه ٿيو آهي.
ايران بابت دنيا کي – خاص ڪري مغرب کي ، کڻي ڪيتري به نگيٽو سوچ هجي ته ايران جاهلن ۽ ڄٽن جو ملڪ آهي. پر حقيقت اها آهي ته ايران اڳ ۾ به ۽ اڄ به عالمن، تعليم يافته ۽ هنر مند ماڻهن جو ملڪ آهي. ايران جي هر شهر ۾ توهان کي جهوني کان جهونا تعليمي ادارا نظر ايندا. ايران جي هر درسگاهه، هريونيورسٽي ۾ توهان کي بيحد Learned ماڻهو ملندا. ايران جي تهران يونيورسٽي ۾ هن شهر نيشاپور جا ٻه پروفيسر مليا. هڪ محمد رضا شفيعي ڪرڪاني ۽ ٻيو پرويز ميشڪاتيان. پروفيسر محمد رضا مونکان پنج سال کن وڏو آهي (سندس ڄم جو سال ۱۹۳۹ آهي) پاڻ ايران جو مڃيل ليکڪ، شاعر، ادبي نقاد، ترجميڪار ۽ ايڊيٽر پڻ آهي. پاڻ تهران يونيورسٽي ۾ لٽريچر جو پروفيسر آهي جتان هن Ph. D ڪئي ۽ پرويز ميشڪاتيان مونکان ڏهه سال کن ننڍو آهي. هو ۱۹۵۵ ۾ هن شهر نيشاپور ۾ ڄائو. پاڻ هن وقت تهران يونيورسٽي ۾ ميوزيشن ۽ ڪمپوزر آهي. پاڻ سنتور ۽ ستار جو ماهر آهي ۽ Twenty Pieces of Santur نالي ڪتاب پڻ لکيو اٿس. هو ڪيترائي دفعا يورپ جي ملڪن ۾ پرفارم ڪري چڪو آهي. ۱۹۹۲ ۾ انگلينڊ ۾ Spirit of Earth Fastival ٿيو هو جنهن ۾ هن کي پهريون انعام مليو هو. هن وقت پاڻ تهران يونيورسٽي ۾ ”ميوزڪ“ پڙهائي ٿو.
مون جڏهن پنهنجي ايراني دوست ۽ ڪلاس ميٽ حسين قليزاده سان فون تي نيشاپور جي ڳالهه ڪئي ته اهو شهر مون کي سنڌ جو پاٽ يا ڏيپلو لڳي ٿو، جو انهن شهر وانگر نيشاپور جا به تمام گهڻا ماڻهو پڙهيل ڳڙهيل ۽ قابل آهن.
”ايران جي هر شهر ۽ هر ڳوٺ ۾ توهان کي عالم، اڪابر ۽ سائنس ۽ آرٽ جي مختلف برانچن جا ماهر ملندا.“ هن چيو ۽ هن کي اها به خوشي ٿي ته آخرڪار آئون نه فقط سندس ملڪ گهمڻ آيو آهيان پر مونکي ايران، ايران جا ماڻهو، ايران جي سرڪاري توڙي نجي ادارن جي ڪارڪردگي پسند آهي.
حسين قليزادو منهنجو همعمر آهي. اسان ٻنهي هڪ ئي وقت سئيڊن جي ” ورلڊ مئريٽائيم يونيورسٽي“ مالمو ۾ پنهنجي پنهنجي فيلڊ ۾ پوسٽ گرئجوئيشن ڪرڻ لاءِ داخل ورتي هئي. هو ايران جي بندرگاه جو مئنيجر هو ان ڪري هو PSA (پورٽ ائينڊ شپنگ ائڊمنسٽريشن)۾ M. Sc ڪرڻ آيو هو ۽ آئون مئرين انجنيئرنگ ۾. اسان جا ڊپارٽمينٽ جيتوڻيڪ مختلف هئا پر ڪي ڪي سبجيڪٽ ساڳيا هئا جن ۾ ليڪچر لاءِ اسان کي هڪ ئي هال ۾ وهڻو پيو ٿي. ان کان علاوه مالمو (سئيڊن) ۾ اسان جا گهر هڪ ئي بلڊنگ ۾ هئا ۽ ٻه سال نه فقط پاڙيسري ٿي رهياسين پر موڪلن ۾ يا فيلڊ ورڪ لاءِ ڀر واري ملڪ جرمني، هالنڊ، پولند ، ناروي يا ڊئنمارڪ وڃڻ ٿيندو هو ته فئملي سان گڏ ويندا هئاسين. هو هر وقت ان ڳالهه تي تعجب کائيندو هو ته مون هڪ طرف دنيا جا ڏورانهن ملڪ ۽ ٻيٽ ڏٺا آهن پر پنهنجو پاڙيسري ملڪ ايران ڇو نه؟ ۽ هو مونکي هميشه دل جي گهرائين ۽ اڪير مان ايران گهمڻ جي دعوت ڏيندو . پڙهائي بعد جڏهن هر هڪ جدا ٿي ويو تڏهن هو مونکي اي ميل يا فون ذريعي پاڻ وٽ تهران ۾ اچڻ لاءِ چوندو هو. گذريل ڇهه ست سالن کان هو ايران حڪومت پاران لنڊن ۾ IMO جي نمائندگي طور ڪم ڪري رهيو آهي. ان هوندي به مون کيس فقط ايران وڃڻ جو ارادو ڏيکاريو ٿي ته هن يڪدم منهنجي همت افزائي ڪئي ٿي ۽ ايران جي مختلف شهرن ۾ رهندڙ اسان جي ٻين ايراني ڪلاس ميٽن ۽ هڪ سال جونئرن جا فون نمبر موڪليا ٿي ته، هن هنن کي چئي ڇڏيو آهي ۽ ايران پهچڻ تي هو منهنجو خيال رکندا ۽ هاڻ جڏهن پوڙهائپ ۾ ايران جو پڪو پروگرام ٿيو ته آئون کيس بنا ٻڌائڻ جي اچي نڪتس. مون اهوئي سوچيو ته ضرورت پئي ته پنهنجن يونيورسٽي دوستن کي تڪليف ڏيندس، پر هتي پهچي پهرين ڏينهن ئي اهو احساس ٿيو ته ايران اهڙو ملڪ آهي جتي ٻار ٻچو يا اڪيلي سر عورت به بنا ڪنهن خوف خطري جي گهمي ڦري سگهي ٿي ۽ صحيح پاڻي ۽ هائجنڪ کاڌي ڪري مسافر کي اهو ڪي ڪجهه نٿو ڀوڳڻو پوي جيڪي دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ عام آهي. جيتوڻيڪ ايران ڇڏڻ کان اڳ ڪجهه ايراني ڪلاس ميٽن سان ملي آيس پر شروع جي ڏينهن ۾ مون فقط حسين سان فون ذريعي لنڊن ۾ رابطو رکيو ۽ پڇندو رهيو مانس ته ڪهڙن شهرن ۾ وڃان ۽ اتي ڇا ڇا ڏسان ۽ ساڳي وقت هر ڳالهه لاءِ پنهنجيون Comments به کيس ٻڌائيندو هليس.
”نيشاپور ۾ رهي ڪري جڏهن عمر خيام، فردوسي، عطار ۽ ڪمال و ملڪ جي ڳالهه ٿو ڪرين“ ، حسين قليزاده چيو، ” ته پاڻ واري حسابدان (Mathematician) جو به ذڪر ضرور ڪجانءَ جنهن جو يونيورسٽي ۾ جڏهن اسين نالو کڻندا هئاسين ته توهان سڀ کلندا هئائو. پوءِ نيٺ فرينچ پروفيسر، اسانجي ڳالهه جي تائيد ڪئي هئي ۽ توهان کي ٻڌايو هو ته ”ابول وفا “ واقعي وڏو مئٿيشن ۽ Astronomy جو ماهر آهي جنهن جي نالي سان يورپين چنڊ جو هڪ چگهه (Crater) منسوب ڪيو آهي.“
حسين ٻڌايو ته ايران جو هي سائنسدان ۽ حسابدان ۹۴۰ ۾ هتي نيشاپور ۾ ڄائو هو.
ابول وفا جو سڄو نالو ابول وفا ابن محمد هو. هو ننڍي هوندي Mathematics پڙهيو ۽ پوءِ ٽرگناميٽري جي فيلڊ ۾ ڪم ڪيو ۽ چنڊ جي چرپر تي تحقيقاتي ڪم ڪيو. هن Tangent فنڪشن جو تعارف ڪرايو ۽ ٽرگناميٽري جي Table ٺاهڻ جا بهتر طريقا ڳوليا. مشهور ٽرگناميٽري Identity جنهن کان هر ڪاليجي شاگرد واقف آهي.
Sin(a+b) =Sin (a)cos (b)+cos(a)Sin(b)
ابو وفا جي ايجاد آهي. ان کان علاوه اسفيريڪل جيوميٽري ۾ Sine فارمولا ايجاد ڪرڻ ۾ هن جو وڏو هٿ آهي.
No comments:
Post a Comment