Thursday, February 03, 2011

تهران جون ڏسڻ و ٽان جايون - الطاف شيخ

تهران جون ڏسڻ و ٽان جايون
الطاف شيخ
گذريل مضمون ۾ پاڻ ايران جي گادي واري شهر تهران جي ڳالهه ڪري رهيا هئاسين. البورض جبلن جي قدمن ۾ تهران ايران جو وڏي ۾ وڏو شهر آهي. ڪراچي ۽ ممبئي وانگر ملڪ جون اڌ کان وڌيڪ فئڪٽريون ۽ ڪارخانا تهران ۾ آهن. اليڪٽرڪ ۽ اليڪٽرانڪ جا ڪارخانا، ڪارن ٺاهڻ جا ڪارخانا، فوجي هٿيارن جا ڪارخانا، ڪپڙي، کنڊ، سيمينٽ ۽ دوائن جا ڪارخانا ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه ته هن سڄي ريجن ۾ تهران غاليچن ۽ فرنيچر جي وڪري جو مرڪز آهي. تهران شهر ۾ ڪٿي ڪٿي ٽريفڪ جئم ۽ ٽريفڪ جي قانون جي ڀڃڪڙي پنهنجي جاءِ تي باقي تهران ۾ پڪن رستن جي جيڪا ڄار وڇايل آهي، ان جو مقابلو ڪوبه مغربي ايشيا توڙي وچ ايشيا جو ملڪ نه ڪري سگهندو. تهران ۾ تعليمي ادارن کان علاوه ميوزيم، ثقافتي مرڪز ۽ هر مذهب جون مسجدون، مندر، گرجا گهر ۽ گورد وارا آهن.
 
پنهنجي پاڪستاني جهازي دوست اسلام مصطفيٰ جي ايراني زال فرخنده کان پڇيم ته تهران لفظ جي معنيٰ ڇا آهي.
”تهران فارسي جي ٻن لفظن تهه ۽ ران مان نڪتل آهي“ هن ٻڌايو ”تهه معنيٰ ترو يا پوڇڙ ۽ ران معنيٰ لاهي (Slope) -خاص ڪري جبل جي لاهي“
سو تهران لفظي معنيٰ جبل جي’ لاهيءَ جو تر‘ ٿي. هونءَ به تهران جو شهر البورض جبلن جي تَري ۾ آهي. ياد رهي ته فارسي جو لفظ تهه پاڻ وٽ به سنڌي ۽ اڙدو ۾ عام طرح استعمال ٿئي ٿو. جيئن ته تهه دل معنيٰ دل جي تري مان. شروع جي مضمونن ۾ فارسي لفظ تهه ديگ جو ذڪر ڪري آيو آهيان. چانورن جي کرڙ کي ايران ۾ تهه ديگ سڏين ٿا- يعنيٰ ديڳ جي تري واري- سا کرڙ ئي ٿي. ايران جي هوٽلن ۾ کرڙ (تهه ديگ) خاص ڊش مڃيو وڃي ٿو.
تهران شهر جي مٿين معنيٰ به ٿي سگهي ٿي پر منهنجي هتي جي دوست پروفيسرن جو چوڻ آهي ته تهران تران لفظ مان نڪتو آهي، معنيٰ تر ديوتا جو ٺڪاڻو. تر آتش پرستن (پارسين Zoroastrian) جي عقيدي موجب بارش جو فرشتو چيو وڃي ٿو. قديم زماني ۾ هتي تران ۽ مهران ٻه ننڍڙا ڳوٺڙا هئا پارسين جي عقيدي موجب مهر يا مٿرا پاڻي جو فرشتو چيو وڃي ٿو ۽ مهراڻ معنيٰ پاڻي جي فرشتي جو ٺڪاڻو اهي ٻئي ڳوٺ ايڏا وڌي ويا آهن جو هڪ تهران سڏجي ٿو ۽ ٻيو تهران جو حصو مهراڻ آهي، جيڪو تهران جي ڏکڻ ۾ رهائشي علائقو آهي. هونءَ تهران جي لفظي معنيٰ گرم علائقو به آهي ۽ ان جي ابتر تهران جو اتراهو علائقو شيميران آهي، جنهن جي معنيٰ ٿڌي جاءِ آهي.
تهران ۾ سواري جو مسئلو نه آهي، جيئن اسان وٽ آهي، ٽئڪسي يا رڪشا ڳول ته ملي نه، بس اچي ته چڙهي نه سگهجي ۽ ٽرين جي انتظار ۾ سڄو ڏينهن گذريو وڃي، سندس نه اچڻ جو مقرر وقت ۽ نه وري ڇٽڻ جو. تهران ۾ هر قسم جي سواري جام، آرمده ۽ بنهه سستي آهي. بس توڙي ميٽرو گاڏي ۾ مرد ته ڇا پوڙهيون عورتون به سولائي سان چڙهيو وڃن. هڪ شهر کان ٻئي شهر لاءِ به جام بسيون ۽ آرمده ريل گاڏيون آهن، جنهن لاءِ ايران ۾ فارسي لفظ ”راهه آهن“ استعمال ٿئي ٿو. راهه معنيٰ رستو يا پٽڙي، ۽ آهن معنيٰ لوهه. جيئن پاڻ وٽ مضبوط ۽ اصول جي پڪي ماڻهو کي مرد آهن سڏين ٿا، يعنيٰ لوهي ماڻهو. ريلوي اسٽيسن لاءِ فارسي نالو ايستگاهه آهي. تهران ريلوي اسٽيشن جي ٻاهران توهان کي وڏن اکرن ۾ لکيل نظر ايندو ”ايستگاهه راهه آهن تهران“ سو فارسي جا ڪي ڪي نالا ڌارين کي عجيب لڳن ٿا، توڙي کڻي اسان عربي، اردو ۽ سنڌي جهڙين زبانن کان واقف آهيون. مرد آهن تان ياد آيو ته ايران ۾ ڪجهه مرد اهڙا به آهن، جيڪي مرد ناڪام سڏجن ٿا، اسان واري الحرمين جي گائيڊ محمد علي رضويءَ ٻڌايو ته اهو مرد جيڪو شادي نٿو ڪري ايران ۾ اهو”مرد ناڪام“ سڏجي ٿو.
تهران ۾ امير گپير روڊ تي ارمان هوٽل ۾ ٽي چار ڏينهن رهڻ دوران هڪ ڏينهن صبح جو پنهنجي تهراني جهازي دوست غلام رضا ساساني سان گڏ امام حسين يونيورسٽي ۽ امام صادق يونيورسٽي هليو ويس، جتي سندس ڌيئرون پڙهن ٿيون. غلام رضا به مون سان گڏ سئيڊن مان پوسٽ گريجوئيشن ڪئي ۽ اسان ٻه سال مالمو شهر جي هولما علائقي ۾ هڪ ئي پاڙي ۾ رهياسين. جيئن مون مئرين انجينئرنگ جي بنيادي تعليم چٽگانگ مان حاصل ڪئي تيئن غلام رضا ساسانيءَ منيلا فلپين مان ڪئي. سندس زال فلپينو ڊينٽل سرجن آهي ۽ کيس ٽي ڌيئرون آهن. ايران ۾ اسلام جي آمد کان اڳ ساسانين جي حڪومت هئي، جيڪي زوروسٽرين (باهه جا پوڄاري) هئا. ٿي سگهي ٿو ته غلام رضا ان شهنشاهي خاندان مان هجي، بهرحال ڪيترن ايرانين جون ذاتيون اهي ساڳيون آهن، جيڪي هنن جي وڏن جون مسلمان ٿيڻ کان اڳ هيون.
تهران تعليمي ادارن جو شهر آهي، جنهن ۾ ۵۰ کان مٿي اعليٰ قسم جون يونيورسٽيون ۽ ڪاليج آهن. غلام رضا ٻڌايو ته تهران جو سڀ کان جهونو تعليم گاهه جيڪو اڄ ڏينهن تائين هلندو اچي اهو دارالفنون آهي، جيڪو ۱۸۰۰ ۾ ٺهيو. تهران يونيورسٽي صوبي جو سڀ کان پراڻو ۽ وڏي ۾ وڏو درسگاهه آهي. تهران جو آمريڪن ڪاليج آف تهران به مشهور آهي، جنهن جي باني سئميوئل جارڊن نالي تهران جو هڪ شاهراهه ”جارڊن ايوينيو“ مشهور آهي. هتان لنگهڻ مهل ڪجهه ٻيون يونيورسٽيون ۽ ڪاليج نظر آيا ۽ جن جا نالا نوٽ ڪيا اٿم، اهي هن ريت آهن:
· طوسي يونيورسٽي آف ٽيڪنالاجي
· ڪمپرينسو يونيورسٽي آف ٽيڪنالاجي
· تهران يونيورسٽي آف اپلائيڊ سائنسز اينڊ ٽيڪنالاجي
· انٽر نيشنل يونيورسٽي آف ايران
· ملڪ اشتر يونيورسٽي آف ٽيڪنالاجي
· شهيد ستاري يونيورسٽي آف ايئروناٽيڪل انجنيئرنگ
· شهيد يونيورسٽي آف ميڊيڪل سائنسز
· اسلامڪ آزاد يونيورسٽي آف تهران ميڊيڪل سائنسز
· امير ڪبير يونيورسٽي آف ٽيڪنالاجي
· الظهرا يونيورسٽي
· يونيورسٽي آف امام رضا وغيره وغيره.
واپسي تي منهنجي ايراني دوست غلام رضا کي ”بيمارستان فجر“ ۾ ڪنهن مريض وٽ وڃڻو هو سو آئون پيروزي روڊ تي لهي پيس. فارسي زبان ۾ اسپتال کي بيمارستان يعني بيمار ماڻهن جي رهائش جي جاءِ سڏجي ٿو. پيروزي روڊ تان واڪ ڪري ميدان شهداءِ تي پهتس جتان بس ۾ چڙهي تهران جي خاص جاءِ مينار آزدي (برج آزادي) ڏسڻ لاءِ ميدان آزادي پهتس. جيئن ڪراچي جي نشاني جناح جي مزار يا لاهور جي نشاني مينار پاڪستان آهي، تيئن هي مينار آزادي ڄڻ ته تهران جو Icon آهي. مهرآباد ايئر پورٽ کان نڪرڻ سان هي نظر اچي ٿو، جنهن بعد شهر شروع ٿئي ٿو. ۱۹۷۱ع ۾ جڏهن پهلوي شهنشاهه ايران ”پرشن سلطنت“ جو ۲۵۰۰ هون سال ملهائي رهيو هو ته ان موقعي تي هن وڏي خرچ سان هي مينار ٺهرايو هو جنهن کي ۱۹۷۹ع واري اسلامي انقلاب کان اڳ تائين آريا مهر شاهياد (يعنيٰ شاهن جي ياد) مينار سڏيو ويو ٿي. هي مينار ۵۰ ميٽر اتاهون آهي، جنهن جي چوڌاري سنگ مرمر لڳل آهي، مينار آزادي اسلامي ۽ ساساني عمارت سازي جو هڪ خوبصورت مجسمو آهي، جيڪو ”ميدان آزادي“ جي وچ ۾ لڳل آهي.
تهران جي گشا علائقي ۾ برج ميلاد (Milad Tower) نالي هڪ منارو ٺهي راس ٿيو آهي، جيڪو پاڙ کان چوٽيءَ تي لڳل ائنٽينا تائين ۴۳۵ ميٽر اتاهون آهي ۽ اهو مينار دنيا جو چوٿون نمبر اتاهون مينار سڏيو وڃي ٿو. باقي ٽي مينار آهن: ٽورنٽو (ڪئناڊا) جو CN ٽاور، ماسڪو جو Ostankino ٽآور، ۽ شنگهائي (چين) جو اورينٽل پرل ٽاور. منهنجي خيال ۾ اڳتي هلي هي ٽاور تهران شهر جي نئين نشاني ٿي سگهي ٿو.
مينار آزادي وٽ هڪ پاڪستاني سان ملاقات ٿي، هو وزارت تعليم طرفان تهران ۾ ٽن ڏينهن جي ڪا ڪانفرنس اٽينڊ ڪرڻ آيو هو. هو پهريون دفعو ايران آيو هو. هن کي سخت پريشاني هئي ته هو ايران ۾ ڇاڇا ڏسي ”ڪو چوي ٿو شيراز هليو وڃ ته ڪو چوي ٿو ته اصفهان هليو وڃ“ هن ٻڌايو .
”ڳالهه هي آهي جو“ مون ٻڌايو مانس، ”ايران اهڙو ملڪ آهي جنهن جو هر شهر خوبصورت ۽ تواريخي آهي، هڪ ڏينهن لاءِ ڪنهن ٻئي شهر ڏي وڃڻ ۾ اڌ ڏينهن ته سفر ۾ لڳي ويندو، ان کان بهتر آهي ته تهران جون ئي مختلف شيون ڏسي وڃ“
هن وقت اهوئي لکڻ چاهيان ٿو ته جيڪڏهن ڪنهن کي ڪو هڪ يا ڏيڍ ڏينهن هجي ته تهران ۾ جلدي جلدي ڪهڙيون شيون ڏسڻ گهرجن؟ مٿي بيان ڪيل مينار آزادي ۽ مينار ميلاد کان علاوه تهران جون هيٺيون شيون مشهور آهن، جيڪي فارينرس ڏسن ٿا.
گلستان محل- تهران ۾ هي جهوني کان جهونيون شاهي عمارتون آهن، جيڪي سورهين صدي ۾ صفوي گهراڻي جي دور حڪومت ۾ ٺهرايون ويون هيون، جنهن جي چوڌاري مٽيءَ جي اوڏڪي ڀت ڪوٽ جو ڪم ڪيو ٿي بعد ۾ هي محل (شاهي عمارتون) ڪريم خان زند، جنهن ايران تي ۱۷۵۰ع کان ۱۷۷۹ع تائين حڪومت ڪئي، مرمت ڪرايون. قاچاري بادشاهه محمد خان قاچار حڪومت جون واڳون سنڀالڻ تي تهران کي ايران جي گادي جو شهر بڻايو ۽ ”گلستان“ قاچاري گهراڻي جي شاهي رهائش قرار ڏني وئي. ۱۸۶۵ع ۾ هي محل وڌيڪ بهتر بڻايو ويو، جنهن شڪل ۾ اڄڪلهه نظر اچي ٿو،.
پهلوي گهراڻي جي حڪومت (۱۹۷۹-۱۹۲۵) ۾ گلستان محل شاهي دعوتن لاءِ استعمال ۾ اچڻ لڳو ۽ هنن شهنشاهن رضا خان ۽ سندس پٽ محمد رضا پهلوي پنهنجي گهراڻي جي رهائش لاءِ ”نيا وارن“ نالي نئون محل ٺهرايو، گلستان محل ۾ شهنشاهه رضا خان (جنهن ايران تي ۱۹۲۵ کان ۱۹۴۱ تائين حڪومت ڪئي ) جي تخت مرمر ۾ تاجپوشي ٿي ۽ محمد رضا پهلوي جي پڻ گلستان محل جي ميوزيم هال ۾ تاجپوشي ٿي. بهرحال گلستان محل جنهن کي ايراني پنهنجي فارسي زبان ۾ ڪاخ گلستان سڏين ٿا، ۴۰۰ کن سال پراڻو آهي ۽ شهر جي بلڪل وچ ۾ آهي، جتي توهان بيحد سولائي سان پهچي سگهو ٿا. امام خميني ميٽرو اسٽيشن تي لهندائو ته اتي ئي تهران جو جهونو تعليمي ادارو دارالفنون آهي. جتي مور اسرافيل روڊ ۽ ناصر خسرو روڊ ملن ٿا، اتي هي گلستان محل آهي، پاسن کان هتي جون ٻه مشهور هوٽلون خادم ۽ زيبا نالي پڻ اتي ئي آهن، جن جا بورڊ پري کان ئي نظر اچن ٿا.
مٿي تخت مرمر جي ڳالهه ڪئي وئي آهي، هي ماربل جو تخت ڪريم خان زند ۱۷۵۰ع ڌاري ٺهرايو. ان کان علاوه هتي جي گائيڊ هن بابت ٻڌايو ته ان تخت جي ڊيزائين مرزا بابا شيرازي نقش باشي ۽ شاهي سنگتراش استاد محمد ابراهيم اصفهاني ڪئي. هن ٻڌايو ته هي ٻئي ايران جا مشهور ڪاريگر آهن، جن کان هتي جو ٻچو ٻچو واقف آهي.
نياواران محل: هي محل پهلوي شهنشاهن ۱۹۲۵ع ۾ حڪومت حاصل ڪرڻ بعد تهران جي اتر واري علائقي ۾ ٺهرايو. هن محل ۾ ڪيتريون ئي عمارتون ۽ ميوزيم آهن. ايران جو آخري شهنشاهه محمد رضا پهلوي ۱۹۷۹ع ۾ ايران ۾ انقلاب اچڻ تائين هن ئي محل ۾ رهيو. هن محل ۾ پهچڻ لاءِ توهان کي شهر مان ڪنهن بس ذريعي ميدان صياد شيرازي (شيرازي چونڪ) تي اچڻو پوندو، جتان پاسداران روڊ وٺي نياوران پارڪ ۾ پهچي سگهجي ٿو، جنهن جي ڀرسان هي محل ڪاخ نياوران آهي. هن محل توڙي گلستان محل ۾ هر شيءِ ساڳي حالت ۾ رکي وئي آهي، جيئن ڏسندڙ Idea لڳائي سگهن ته هنن بادشاهن ۽ شهنشاهن ڪهڙي عيش جي زندگي گذاري ساڳي وقت امام خميني جو رهائش گاهه پڻ نمائش لاءِ اصلي حالت ۾ رکيو ويو آهي. ويندي امام خميني جو چئمپل جيڪو هو پائي ٻاهر نڪرندو هو، سادا سودا ٿانو ۽ پٽ تي ويهڻ لاءِ وڇايل تڏو هر شيءِ موجود آهي، جيئن ماڻهو اندازو لڳائي سگهن ته امام خميني جهڙي وڏي شخصيت ڪيڏي سادگي ۾ گذاريو.
نيا وارن محل کان علاوه پهلوي شهنشاهن سداباد نالي هڪ ٻيو محل تهران جي شيميران علائقي ۾ پڻ ٺهرايو. انقلاب بعد هي محل ميوزيم طور استعمال ٿئي ٿو. هن محل جي ڀرسان ئي ملڪ جي صدر جو محل آهي.
تخت طائوس: جنهن کي انگريزي ۾ Peacok Throne سڏين ٿا، گلستان محل ۾ ڏسي سگهجي ٿو. تخت طائوس دراصل هندستان جي مغل شهنشاهن جو هو، جيڪو ايران جو حاڪم نادر شآهه ۱۷۳۸ع ۾ هندستان تي حملو ڪري ان وقت جي حاڪم محمد شاهه کان هي تخت ۽ ٻيا هيرا جواهر ڦري ايران کڻي آيو. هي تخت جنهن جي پٺيان ٻه بيٺل مور هيرن سان مڙهيل هئا ۽ سترهين صدي ۾ مغل شهنشاهه شاهجهان لاءِ ٺاهيو ويو هو، سڄي دنيا ۾ مشهور ۽ مهانگو مڃيو ويو ٿي. ۱۶۶۵ع ۾ فرانس جو هڪ جواهري تاور نير نالي دهلي گهمڻ آيو هو، جنهن هن مغلن جي تخت طائوس کي هنن لفظن ۾ بيان ڪيو هو.
”هي تخت بستري جي شڪل ۾ ڇهه فٽ باءِ چار فوٽ آهي، جيڪو ٻه فٽ کن سونين ٽنگن تي بيٺل آهي. تخت جي چوڌاري ٻارهن ڪمانيون آهن، جيڪي مٿاهين ڇٽ کي جهلين ٿيون. هي ڪمانون به ربي، زمرد، ياقوت هيرن ۽ سچن موتين سان مڙهيل آهن...“
هن فرينچ جواهريءَ جي ڪاٿي مطابق ان تخت جو ملهه انهن ڏينهن ۾ ڏهه ڪروڙ رپيا هجڻ کپي ۽ ڪٿي مون پڙهيو هو ته ان اصلي مغلن واري تخت طائوس جي اڄ جي سڪي ۾ قيمت هڪ بلين ڊالر يعني ۶۰ ارب پاڪستاني رپيا ٿيڻ گهرجي.
۱۷۴۷ع ۾ نادر شاهه جي قتل بعد هي مغلن وارو اصلي تخت طائوس ملڪ جي افراتفري ۽ وڳوڙ ۾ تباهه ٿي ويو، پر ان بعد ايران ۾ جيڪو به ملڪ جي شهنشاهه جي تاجپوشي لاءِ تخت استعمال ٿيڻ لڳو ته ان کي تخت طائوس سڏيو ويو ٿي. اهي تخت ويندي آخري تخت جيڪو گلستان محل ۾ نمائش لاءِ رکيل آهي، کٽ ( بستر) بدران ڪرسي جي شڪل جو آهي. مثال طور ۱۸۱۲ ۾ فتح علي شاهه قاچار پنهنجي تاجپوشي لاءِ تخت ٺهرايو، اهو ۽ ان بعد محمد شاهه قاچار جو ۱۸۳۶ع ۾ ٺهرايل تخت پڻ طائوسي تخت سڏجڻ لڳو.
تهران آيل ڪنهن ٽوئرسٽ کي پراڻين شين ڏسڻ جو شوق آهي ته ان لاءِ تهران ۾ ڪيترائي ميوزيم ۽ عجائب گهر آهن، جن مان نيشنل ميوزيم آف ايران (موزه ملي ايران) ۽ موزه ايران باستان سڀ ۾ مشهور آهي، هي ميوزيم ٻن عمارتن ۾ آهي، هڪ ۾ اسلام کان اڳ جون شيون آهن ۽ ٻي ۾ اسلام کان پوءِ جون شيون آهن. هڪ ٻيو ميوزيم Museum of Contemporary لاله پارڪ جي ڀر ۾ آهي، لاله پارڪ ميدان انقلاب واري چوواٽي کان اتر ڏي ويندڙ ڪارگر روڊ تي آهي. پارڪ جي ٻي پاسي حجاب روڊ آهي. هن ميوزيم ۾ دنيا جي وڏن آرٽسٽن جون ٺهيل تصويرون ۽ مجسما آهن. تمام وڏي Collection آهي ۽ منهنجي ايراني دوست ٻڌايو ته آمريڪا ۽ يورپ کان ٻاهر ايران جي هن ميوزيم ۾ رکيل آرٽ جون شيون سڀ کان گهڻيون آهن. ڪجهه فنڪار جن جا نالا هن وقت ياد اٿم ۽ جن جا چتر هن ميوزيم ۾ رکيل آهن، هن ريت آهن، وانگو، ڪپڪا، پئبلو، پڪاسو، لوئس والٽئٽ، مئسپر، جان رچرڊ هئملٽن وغيره وغيره.
تهران جو هي لاله پارڪ به ڏسڻ وٽان آهي. تهران پارڪن سان ڀريو پيو آهي. زمين ڀلي موسم ٺاهوڪي، ماڻهو فضيلتن وارا. صحيح قسم جون گل گلڪاريون ۽ صحيح قسم جي موسم بهار هتي ايران ۾ ئي اچي ٿي. اسان وٽ ان قسم جي سونهن فقط ڪشمير ۾ آهي، باقي سنڌ، بلوچستان ويندي پنجاب جو هيٺيون وڏو حصو بقول بنگالين جي ”دوسر صحارا“ (رڻ ۽ واري) آهي سو جڏهن فارسي شاعري ۾ گل ڦلن، باغ بهارن ۽ بلبل جي ڳالهه ٿي پڙهجي ته واقعي لڳي ٿو ته هنن ڪجهه ڏسي شاعري ڪئي. اسان جي سنڌ جي ماڻهن وري فارسي شاعري پڙهي بهار ۽ بلبل جي ڳالهه سمجهي آهي چي:
بيچارگي کان چاڪ گريبان ڪري ڇڏيم
دور خزان ۾ جشن بهاران ڪري ڇڏيم
هر در عشق زينت مڙگان ڪري ڇڏيم
بزم ڪده يار چراغان ڪري ڇڏيم
دل کي اسير ڪاڪلي پيچان ڪري ڇڏيم
زندان گزين يوسف ڪنهان ڪري ڇڏيم
اڄ کان پنجاهه سٺ سال اڳ تائين سنڌي توڙي اڙدو جي ڪجهه شاعرن جي شاعري اجهو اهڙي هئي. فارسي ننڊي کنڊ تي ايڏو ته اثر انداز ٿيل هئي جو سٺو اديب شاعر يا اڪابر اهو سمجهيو ويندو هو، جيڪو گهڻي کان گهڻا فارسي جا لفظ استعمال ڪري.
تهران ۾ ننڍا وڏا پارڪ ڪيترائي آهن. توهان جو کڻي ڪٿي به رهڻ ٿئي ٻاهر نڪري ڪجهه وکون کڻندائو ته ڪونه ڪو پارڪ ضرور نظر ايندانو. ڪجهه پارڪن جا نالا هن ريت آهن، پارڪ ملت، پارڪ شهر، پارڪ ارم، پارڪ طبيعت پرديسان، پارڪ جنگلي نصر، پارڪ جنگلي لويزان، پارڪ پرواز، پارڪ بهاران، پارڪ سپيده، پارڪ ابريشم وغيره وغيره
تهران ۾ دنيا جي ٻين شهرن وانگر دنيا جون Chain هوٽلون جهڙوڪ ڪانٽيننٽل، هلٽن، حايات، هاليڊي ان نالن واريون نظر نٿيون اچن. هن پاسي هوٽلن جا جيڪي نالا عام آهن اهي هن ريت آهن، سيمرغ هوٽل، انقلاب هوٽل، هما هوٽل، استقلال هوٽل، هوٽل سفير، اطلاش پارسا، فيروزه، مرمر رودڪي، اميد، امير وغيره
تهران جي لاله پارڪ وٽ غاليچن جو به ميوزيم آهي، جيڪو ۱۹۷۶ع ۾ ٺاهيو ويو ۽ راڻي فرح ديبا هن ميوزيم جي عمارت ڊيزائين ڪئي، هن ميوزيم ۾ ۱۸ صدي کان وٺي اڄ تائين جي غاليچن جا نمونا رکيل آهي. مڪاني ۽ ٻاهران آيل ٽوئرسٽن جي سڀ کان گهڻي رش هتي جي اميوزمينٽ پارڪ تي لڳي ٿي، جنهن کي هتي جا ماڻهو شهر بازي سڏين ٿا. هي پارڪ شهر جي اتر ۾ شاهد مصطفيٰ چمران هاءِ وي وٽ آهي. هي پارڪ دنيا جي وڏن پارڪن مان هڪ آهي ۽ ۱۵۰ کن ايڪڙ تي ٺهيل آهي. منجهس ڪيتريون ئي Rides رکيل آهن، جن تي ننڍا توڙي وڏا شوق سان چڙهن ٿا.

No comments:

Post a Comment