Saturday, January 05, 2019

هڪ سفر ڪجھ تاثر - رئوف نظاماڻي


هڪ سفر ڪجھ تاثر
رئوف نظاماڻي
ويجھڙ ۾ لاهور وغيره وڃڻ ته ٿيو هو پر ڪراچيءَ کان ٻاهر سنڌ ڏسڻ جو اتفاق، هڪ ڊگھي عرصي کان نه ٿيو هو. تازو هنڱورجا ۾ هڪ شاديءَ جي دعوت ملي ته مون سوچيو ته ان موقعي کي هٿان نه وڃائجي ۽ گھٽ ۾ گھٽ سنڌ جي هڪ جھلڪ ضرور پسجي ۽ اهو ڏسجي ته اتي ان دوران ڪهڙيون تبديليون واقع ٿيون آهن. مون سوچيو ته بجاءِ رات جي، ڏينهن جو سفر ڪجي ته جيئن سنڌ کي ڏسي سگھجي. منهنجو مقصد رڳو منزل تي پهچڻ نه پر سفر ڪرڻ ۽ سنڌ ڏسڻ هو. ان ڪري مون ڏينهن جي سفر کي ترجيح ڏني ته جيئن سڄو منظرنامو منهنجي آڏو هجي.


ڪراچيءَ مان نڪرندي ئي سپر هائي وي، جنهن کي هاڻي ايم نائن جو نالو ڏنو ويو آهي، شروع ٿئي ٿو. ايوب خان جي دور ۾ سپر هائي وي جي ٺهڻ کان وٺي آئون وقت بوقت ان تي سفر ڪندو رهيو آهيان. رڻ پٽ، جتي پري پري تائين ڪا انساني آبادي نظر نه ايندي هئي ۽ ساوڪ رڳو تڏهين اکين کي راحت ڏيندي هئي جڏهين اتي مينهن وسندا هئا پرهاڻي اهو سڄو علائقو آباد ٿي ويو آهي يا ٿي رهيو آهي. ڪجھ وقت اڳ اهو چيو ويندو هو ته اهو وقت ايندو جڏهين ڪراچي ۽ حيدرآباد گڏجي ويندا پر هاڻي اهو وقت اچي ويو آهي. گھڻي عرصي تائين ان شاهراه تي رڳو نوري آباد جو صنعتي علائقو هوندو هو جيڪو پڻ علائقي جي سردارن جي مفادن جي ڪري پنهنجا گھربل مقصد حاصل نه ڪري سگھيو ۽ علائقي جي ماڻهن کي روزگار ۽ ٻيون شهري سهولتون حاصل نه ٿي سگھيون، جن جي توقع هئي. پر هاڻي ڊي ايچ اي ۽ بحريا ٽائون ته ٻه وڏيون هائوسنگ اسڪيمون آهن، انهن کانسواءِ به ٻين گھڻين ننڍين هائوسنگ اسڪيمن تي پڻ ڪم هلندڙ آهي. ڪراچي جي حدن کي ٽپڻ کانپوءِ اهو ساڳيو سلسلو ڄامشورو ضلعي ۾ پڻ جاري رهي ٿو. ڪجھ علائقن ۾ ته جتي چئني پاسي ويراني نظر اچي ٿي ۽ جتي ڪا شهري سهولت به ناهي، اهڙين اسڪيمن جو هجڻ ۽ ان ۾ ماڻهن جي سيڙپ ڪرڻ واقعي حيران ڪندڙ آهي. هڪ ڊگھي مدي واري رٿابندي ۽ سيڙپ جنهن جي لاءِ يقين سان ڪجھ به نه ٿو چئي سگھجي. حيدرآباد ۾ داخل ٿيڻ سان هائي وي سان گڏ ٺهندڙ مختلف اپارٽمنٽ جي حوالي سان خبر پيئي ته اها سرڪاري زمين آهي، جنهن تي بلڊر ناجائز قبضو ڪري تعميرات ڪئي آهي ۽ هاڻي ان کي عدالت جي حڪم تحت ڊاهڻ جا سانباها ٿي رهيا آهن.
هن پاسي پهرين خاص تبديلي روڊ رستن جي حوالي سان نظر آئي. هڪ ته گھڻن شهرن کي بائي پاس هئڻ جي ڪري شهر جي رش وغيره کي منهن نه ٿو ڏيڻو پئي ۽ ٻي ڳالھ ته اڳ جڏهين به ان روڊ تي سفر ڪبو هو ته مختلف جاين تي روڊ ڀڳل هوندو هو، يا ان تي ڪم هلي رهيو هوندو هو، جنهن سان وقت جو زيان ۽ گاڏيءَ جو نقصان لازمي ڳالھ هوندي هئي. پر هن وقت اهڙي ڪا به صورتحال نه هئي ۽ آرام ۽ سڪون سان ماڻهو سفر ڪري سگھي پيو. ها باقي مختلف جاين تي ٺهيل چنگي ناڪا ضرور تنگ ڪن ٿا. درياءَ جو هي پاسو، ٻئي پاسي جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ سائو، خوشحال ۽ آباد نظر اچي ٿو. حيدرآباد ٽپڻ کانپوءِ ٻنهي پاسي ٻنيون ۽ ساوڪ ۽ ساوڪ نظر اچي ٿي.
سنڌ جي ننڍن شهرن ۾ گھڻو ڪري پيئڻ ۽ ٻئي استعمال لاءِ جر جو پاڻي استعمال ٿئي ٿو. پائپڊ واٽر جي سهولت يا ته موجود ناهي ۽ جتي موجود آهي اتي ان جي ڪوالٽي سٺي ناهي ۽ استعمال جي لائق ناهي. ماڻهو ان جي ڀيٽ ۾ جر جي پاڻيءَ کي وڌيڪ اهميت ڏين ٿا. پوري ملڪ ۾، ايستائين ته لاهور جتي سنڌ جي ڀيٽ ۾ مينهن گھڻا پون ٿا، جر جي سطح ڏينهون ڏينهن هيٺ ٿيندي ٿي وڃي ۽ اهڙيءَ ريت ان جي ڪوالٽي پڻ خراب ٿيندي وڃي. سنڌ جا پڙهيل ڳڙهيل ماڻهو، اهو سمجھن ٿا ته اهو پاڻي صحت لاءِ هاڻي ڪيترو هاڃيڪار ٿي چڪو آهي. هڪ همراھ ٻڌايو ته هاڻي چوراسي پنجاسي فوٽن تي پاڻي ملي ٿو ۽ هن تازو جيڪا بورنگ ڪرائي آهي ته پاڻي اڳ کان وڌيڪ ٻاڙو آهي. ٻئي همراھ صلاح ڏني ته ان پاڻي جو ليبارٽري ٽيسٽ ڇو نه ڪرائجي ته پهرئين همراھ چيو ته اها ته اسان کي خبر آهي ته نتيجو ڇا ايندو. انهن معيارن موجب ته اهو پاڻي ماڳيئي استعمال جوڳو ئي ناهي.
سچل جي درگاه تي ڪجھ تبديليون نظر آيون. هن وقت هڪ ته ملڪ جي ٻين درگاهن جيان دهشت گرديءَ کي منهن ڏيڻ لاءِ پوليس فورس کي مقرر ڪيو ويو آهي. درگاھ تي هونئن ميلي ۾ ته مون راڳ ٻڌو هو پر عام ڏينهن ۾ اهو نه هوندو هو. هن وقت پهريون ڀيرو عام ڏينهن ۾ مون راڳين کي ڏٺو، جيڪي راڳ ڳائي رهيا هئا ۽ سانجھيءَ جي ٻانگ ملڻ سان پنهنجا ساز وغيره کڻي هلي ويا. ٻي ڳالھ ته اڳ جڏهين آئون هت آيو هوس ته هتي گلن، چادرن ۽ ٻين شين جا دوڪان نه هئا، پر هاڻي درگاه کان ٻاهر ڄڻ انهن شين جي هڪ ننڍي بازار قائم ٿي ويئي آهي. هندو مريدن جون قبرون، درگاه جي احاطي ۾ اڳ به هونديون هيون. هن ڀيري مون کي ٽي نيون قبرون نظر آيون. انهن مان قبرن تي لڳل ڪتبي موجب، هڪ عورت جو تعلق آمريڪا سان هو. هڪ خاص ڳالھ جيڪا مون کي هتي نظر آئي، جيڪا مون پنجاب ۽ سنڌ جي ڪنهن ٻي درگاه تي نه ڏٺي اها هي ته هتي ڪو پينو فقير گھٽ ۾ گھٽ مون کي نظر نه آيو.
ٻهراڙين مان مختلف ڪارڻن جي ڪري شهرن ڏانهن لڏپلاڻ وڌي ويئي آهي. اها صورتحال اٽڪل سڀني شهرن سان آهي. ننڍا شهر ڦهلجي وڏا ٿي رهيا آهن ۽ ٻهراڙيون انهن شهرن ۾ ضم ٿي رهيون آهن. ان عمل سان ساڳئي وقت مختلف ذاتين جي، جيڪي اڳ پنهنجن خاص علائقن تائين محدود هونديون هيون، پاڻ ۾ گڏجڻ جو عمل پڻ تيز ٿي ويو آهي. اڳتي وڌڻ لاءِ تعليم جي اهميت کي محسوس ڪيو وڃي ٿو. اهو عمل ممڪن آهي ته اڳتي هلي خاص طور وچولي سنڌ هڪ مضبوط وچولي طبقي کي سامهون آڻي ۽ ذات پات ۽ قبائليت کي منهن ڏيڻ ۾ مددگار ثابت ٿئي.

(رئوف نظاماڻيءَ جي فيس بوڪ وال تان کنيل)


No comments:

Post a Comment