Wednesday, January 16, 2019

مالٽا ۾ ڪجهه ڏينهن جي مهماني


مالٽا ۾ ڪجهه ڏينهن جي مهماني!
Notes from Europe
عبدالله عثمان مورائي
هونءَ ته هر ماڻهو خواب ڏسي ٿو ۽ خواب ڏسڻ حق پڻ آهي، ڪي خواب ننڊ ۾ ڏسن ٿا ته ڪي وري جاڳ ۾. جاڳ ۾ ڏٺل سپنا لفظن جي شڪل وٺن ٿا ۽ جيڪڏهن انسان ۾ همت هجي ته اهي لفظ وري ان خواب کي ساڀيان واري پاسي وٺي وڃن ٿا. ڪن ماڻهن لاءِ انهن سپنن کي ساڀيان ڪرڻ سولو آهي ته ڪن لاءِ وري تمام ڏکيو. سولائي ۽ ڏکيائي جو دارومدار ملڪي ۽ ذاتي معيشت، ملڪي جاگرافي ۽ تعليم تي هوندو آهي. بهرحال اهو هڪ وڏو بحث آهي جنهن تي گهڻو ڪجهه لکي سگهجي ٿو.


آءٌ ۽ منهنجو دوست شعيب اسٽاڪهولم کان ميڊيٽيرينين سمنڊ ۾ يورپ جي ننڍن ٻيٽن تي مشتمل ملڪ مالٽا وڃي رهيا هئاسين. مالٽا يوناني ٻولي جو لفظ آهي جنهن جي معنيٰ آهي ماکي. مالٽا ۾ هڪ خاص قسم جي ماکيءَ جي مکين جو نسل آهي، جيڪي هڪ خاص قسم جي ماکي ڏين ٿيون. مالٽا تي عربن ٻن صدين کان به وڌيڪ حڪومت ڪئي آهي، جيڪا اتان جي ٻولي ۾ پڻ صاف نظر اچي ٿي. مالٽي ٻولي ۾ گهڻا لفظ عربي جا آهن. انگريزن پڻ مالٽا تي حڪومت ڪئي آهي، جيڪا ڏيڍ سئو سالن کان به وڌيڪ عرصي تي مشتمل آهي. مالٽا جي ماڻهن جي ٻولي آهي ته مالٽي پر انگريزي عام جام ڳالهائي وڃي ٿي ۽ يورپ جي ڪافي ملڪن جا شاگرد هتي رڳو انگريزي سکڻ لاءِ پڻ اچن ٿا.
جهاز ۾ ته تقريبن رڳو گورا هئا پر جڏهن اسان مالٽا جي هوائي اڏي لوقا کان ٻاهر آياسين ته محسوس ٿيو ته هتي ڪافي تعداد ۾ آفريڪا جي ملڪن جا ماڻهو اچي ويا آهن. ان سان گڏوگڏ انڊيا جا ماڻهو به ڪافي تعداد ۾ نظر آيا. آفريڪا جي ملڪن مان آيلن جو گهڻو تعداد انتهائي سخت مشڪلاتن کي منهن ڏئي پوءِ هتي پهچي ٿو. ڇاڪاڻ ته انهن کي پهريان ته اتر آفريڪا جي ملڪ لبيا تائين اچڻو پوي ٿو. ان کان پوءِ وري ٻيڙين جي ذريعي مالٽا، اٽلي جي ٻيٽن خاص ڪري سسلي يا يونان جي ڪنهن ٻيٽ تائين پهچي پوءِ سياسي پناهه لاءِ درخواست ڏين ٿا. ڪي شايد تيونس يا الجيريا کان پڻ وڃڻ جي ڪوشش ڪندا هوندا ۽ مان سمجهان ٿو اهو سڄو عمل ايترو سولو نه هوندو، جيترو مون هنن پنجن ستن لائينن ۾ لکيو آهي. مالٽا جي گادي واري شهر ويليٽا ۾ ڪشميرين جو هڪ کاڌي پيتي جو هوٽل هيو، انهن ٻڌايو ته مالٽا هاڻي تازو انڊيا جي ڏهه هزار ماڻهن کي اسپيشل ويزائون ڏئي گهرايو آهي. انڊيا توڙي آفريڪا جي ملڪن جا ماڻهو هتي سڀ نظر آيا، ڪي سولائي سان سڌيون ويزائون وٺي آيا هوندا ڪي ٻيڙين ۾ جان جوکم ۾ وجهي پهتا هوندا. سپنا سڀني جا ساڳيا هوندا، بهتر کان بهتر زندگي جي ڳولها.
مون گهڻو وقت اڳ هڪ ڪالم لکيو هيو جنهن ۾ مون پٺاڻن لاءِ لکيو هيو ته اهي بي دعوتيا مهمان سنڌ ۾ اچي ويا آهن. مونکي ائين شايد نه لکڻ گهرجي ها. هر هڪ ماڻهو پنهنجا پنهنجا سپنا ڏسي ٿو ۽ انهن کي کڻي اڳتي وڌي ٿو. ڪنهن پٺاڻ جو شايد رڳو اهو ئي خواب هجي ته مونکي ڪراچي ۾ ڪمائڻو آهي. مان پاڻ به پنهنجو ملڪ ڇڏي سئيڊن ۾ پيو رهان. انهن ئي خوابن کي پورو ڪرڻ جي چڪر ۾. ها، اها ٻي ڳالهه آهي ته اتان جي حڪومت ۽ ادارن وٽ ڪيتري قابليت آهي جو اهي ٻاهران آيل ماڻهن کي ڪيئن ٿا ڪنٽرول ڪن ته جيئن اهي اتان جي مقامي ماڻهن جي لاءِ ڪنهن به صورت ۾ هاڃيڪار ثابت نه ٿين. باقي روزي ۽ بهتر زندگيءَ جي ڳولها ۾ ڪير ڪٿي به وڃي سگهي ٿو. ان لاءِ ماڻهو پنهنجيون زندگيون پڻ داءِ تي لڳائي ڇڏين ٿا.
مالٽا جي شهر ويليٽا جي بس جو اڏو شهر کان ٻه ٽي سئو ميٽر ٻاهر آهي. جتان ماڻهو پنڌ ڪندو ٽريٽون ڦوهارن کان ٿيندو اچي شهر جي دروازي جنهن کي سٽي گيٽ ٿا چون، اچي داخل ٿئي ٿو. سٽي گيٽ جو نالو ٻڌي ماڻهو ماضيءَ ۾ هليو ٿو وڃي ۽ مان به هليو ويس. مون کي به حيدرآباد، هيرآباد، ڀرڳڙي فليٽس، ڪيپري سينيما، جيل روڊ، مارڪيٽ، ٽاور، يونيورسٽي جو دور، دلبر دوست ۽ ٻيو به الائي ڇا ڇا ياد اچي ويو. اهي ماضيءَ جون يادگيريون ساريندا اچي شهر ۾ داخل ٿياسين. مالٽا ۾ هئي ته سياري جي مند پر موسم ڏاڍي وڻندڙ هئي. شايد اسان کي سئيڊن جي حساب سان سيءُ صفا گهٽ پئي لڳو، ٻين ماڻهن کي اسان کان وڌيڪ آٿر پاتل هيا.
اسان جو رهڻ وارو هوٽل لا فالڪونيريا ويليٽا جي مشهور گهٽين ريپبلڪ ۽ اولڊ منٽ اسٽريٽ جي وچ تي ميليتا گهٽيءَ ۾ فرانس جي سفارتخاني جي بلڪل آمهون سامهون هيو. اسان جڏهن هوٽل ۾ چيڪ اِن ڪيو ته سج لهي ويو هيو پر لڳي ائين پيو ته ويليٽا جو شهر اڃا هاڻي جاڳيو هجي. وڏي گهما گهمي ۽ رش هئي، شايد ڪرسمس جي ڪري شهر کي پڻ ڪنوار وانگر سينگاريو ويو هيو. شهر نه رڳو سياحن سان پر اتان جي مقامي ماڻهن سان پڻ ڀريل هيو. کاڌي جا هوٽل، بار، چانهه، ڪافيءَ جا هوٽل لڳ ڀڳ سڀ جا سڀ ڀريل هيا. اسان به هيڏانهن هوڏانهن مختلف گهٽين ۾ چڪر هڻي اچي اتان جي مشهور پنڌ ڪرڻ واري گهٽي ريپبلڪ اسٽريٽ تي پهتاسين ۽ اتي به هيڏي هوڏي پنڌ ڪندا ۽ فوٽو ڪڍندا رهياسين. ڪجهه دڪانن تي نالن ۽ بورڊن مان خبر پئي ته دڪان ننڍي کند جي ديسين جا آهن. اها خبر هاڻي خدا کي ته اهي هتي هاڻي تازو ئي آيل هيا يا گهڻي وقت کان اتي رهيل آهن.
پنڌ ڪري ڪري جڏهن اچي ٿڪاسين ته مون واري دوست شعيب چيو ته هاڻي هوٽل تي هلي ٿورو تازا ٿي پوءِ پيٽ جي پوڄا ڪرڻ لاءِ ٿا نڪرون. شعيب منهنجو سئيڊن جو پهريون دوست آهي، جيڪو مون کي سئيڊن ۾ پهرين ڏينهن آگسٽ 2008 ۾ اسٽاڪهولم جي هوائي اڏي تان منهنجي دوست عالم صديقي جي چوڻ تي وٺڻ آيو هو. شعيب آهي ته پنجابي پر سندس تعلق ڪي پي ڪي جي بنون شهر سان آهي. مون هڪ دفعي کانئس پڇيو هو ته اوهان جا وڏا بنون تائين ڪيئن پهتا؟ چيائين ته پاڪستان ٺهڻ کان پهريان اسان جا وڏا هندستان جي ڪنهن شهر کان لڏي اچي سيالڪوٽ ۾ رهيا هيا ۽ وري اتان کان پوءِ منهنجو ڏاڏو بنون هليو ويو، جتي منهنجو والد پيدا ٿيو ۽ اسان به اتي ئي پيدا ٿياسين، پر هاڻي رڳو سندس ماءُ ۽ پيءُ اتي ٿا رهن، باقي سندس ڪجهه ڀائر پنڊيءَ ۾ ٿا رهن ته ڪي وري يورپ اچي ويا آهن. پنجابين جي هڪ خاصيت آهي ته جتي به رهن ٿا، اتان جي ٻولي کي ضرور سکن ٿا. شعيب به پنهنجي مادري ٻولي پنجابي ۽ قومي ٻولي اردو سان گڏوگڏ پشتو ۽ سئيڊش مڪمل ڄاڻي ٿو. مٿان وري پولش ٻولي به ٿوري اچيس ٿي جو سندس زندگي جي ساٿياڻي پولينڊ جي آهي. هوٽل تي ڪجهه وقت ساهي پٽي پوءِ وري پيٽ جي پوڄا ڪرڻ لاءِ نڪتاسين. هلندي هلندي اچي ڪشميرين جي کاڌي واري هوٽل تي پهتاسين. اتي ماني کائيندي انهن سان ڪچهري پڻ ڪندا رهياسين، ميرپور جا سردار هيا. سو ڪشمير جي سردارن جو ٺاهيل ڪباب مالٽا جي گاديءَ واري شهر ويليٽا ۾ کائي ڍؤ ڪيوسين. سردارن پنهنجا قصا ٻڌايا ته ڪٿان ڪٿان کان ٿيندا اچي هتي پهتا آهن. پاڻ ٻڌايائون ته هتي مالٽا ۾ پرمننٽ ريزيڊنٽ ملڻ ۾ پندرنهن سال لڳيو وڃن ۽ ان کان پوءِ به سندن مرضي ته شهريت ڏين يا نه ڏين. صبح جو مزي سان تيار ٿي ناشتو پاڻي ڪري هلياسين شهر کي ڀيلڻ. ڏينهن جي روشني ۾ ٻاهر نڪرڻ کانپوءِ محسوس ٿيو ته هتي ٻلا ۽ ٻليون تمام گهڻا آهن، جيڪي هر پاسي هئا. اتي ٻلا ئي ٻلا ڏسي مون کي موري جو هڪ پاڙو ياد اچي ويو، جتي گهڻن جون اکيون شيريون آهن ۽ پاڻ ۾ هڪ ٻئي کي يا شهر وارا کين ٻلا سڏين ۽ اهي يار به دل ۾ صفا ڪونه ڪن.
ويليٽا گهمڻ جو مزو پنڌ ۾ آهي ۽ اسان ڪيو به ائين، هڪ ڇيڙي کان شروع ڪيوسين ويندي ٻئي ڇيڙي تائين. اصل ۾ اهو گول ڦري پئي آيو، اسان کي اهو گول ڦيڙو ڏيڻ ۾ تقريبن چار ڪلاڪ لڳي ويا ۽ اسان ان وچ ۾ گرانڊ هاربر، اپر باراڪا گارڊنس، فورٽ سينٽ المو، نيشنل وار ميوزم، لوئر باراڪا گارڊنس، آئوبرگي ڊي ڪيسٽيلي جي عمارت، سئج بيل وار ميموريل، هيسٽنگ گارڊنس، بيسيليڪا آف اورليڊي آف مائونٽ ڪارميل چرچ ۽ سينٽ پبليس پارش چرچ گهمي ڏٺاسين.
جتي جتي به گهمندا رهياسين ۽ جتان جتان به لنگهياسين شهر ۾ صفائي واهه جي نظر آئي. مطلب ٽيڪس جا پيسا صحيح ڪمن تي خرچ ٿيندا هوندا ۽ اتي پاڻ وانگر ڦرلٽ ۽ ڪرپشن گهٽ يا نه هئڻ جي برابر هوندي. ڪرپشن تان ڳالهه ذهن ۾ آئي ته اڄڪلهه پاڪستان ۾ ڪرپشن جا قصا عام جام پيا ٻڌجن. ڪي ماڻهو ڪنهن جي ٿا حمايت ڪن ته ڪي وري ڪنهن جي. پاڻ هتي ڪنهن کي ڏوهي نٿا چئون، پاڻ رڳو هتي مولانا روم جي ڪتاب مثنوي مولانا روم ۾ لکيل هڪ حوالي کي سمجهڻ جي ڪوشش ٿا ڪريون.
مثنوي مولانا روم ۾ آهي ته ڪنهن به ڳالهه کي مڃڻ يا ڪنهن به ڳالهه تي يقين ڪرڻ کي ٽن طبقن ۾ ورهائي ان تي يقين ڪري سگهجي ٿو يا ان کي رد ڪري سگهجي ٿو. ان ۾ پهريون آهي علم اليقين، جنهن جو مطلب آهي ته جيڪڏهن ڪو چڱو، اعتبار وارو ۽ نيڪ انسان ڪا ڳالهه ٻڌائي ته ان ڳالهه تي اعتبار کي علم اليقين چئبو، مثال ڪنهن شاهدي ڏني ته باهه ساڙيندي آهي. معنيٰ اهو اسان کي ڪنهن جي طرفان علم مليو ته باهه ساڙيندي آهي. ان سلسلي جي ٻي ڪڙي آهي عين اليقين ۽ ان بابت چيو ويو آهي ته اِهو اُهو علم آهي جيڪو اسان پاڻ پنهنجي اکين سان ٿيندي ڏسون، جيئن باهه ۾ ڪنهن شئي کي سڙندي پنهنجي اکين سان ڏسون ته ان طبقي جي علم کي عين اليقين چئبو. ٽيون ۽ آخري طبقو آهي حق اليقين، معنيٰ اهو علم جنهن جو اوهان کي پاڻ ذاتي تجربو ٿئي. جيئن پاڻ جيڪڏهن باهه ۾ پنهنجو هٿ ساڙي ڏسون ته ان طبقي جي علم کي حق اليقين چئبو. هاڻي انهن ٽن طبقن يا بنيادن تي اوهان پاڻ حساب لڳايو ته ملڪ ۾ يا خاص طور تي سنڌ ۾ ڇا پيو ٿيندو رهيو آهي. اوهان ڪنهن جي واتان ڪا ڳالهه ٻڌي؟ اوهان ڪا شئي ٿيندي ڏٺي؟ يا اوهان تي ڪنهن شئي جو سڌيءَ طرح اثر ٿيو؟ جيڪڏهن جواب ها ۾ آهي ته پوءِ اسان کي پنهنجي سوال جو جواب ملي ويو.
واپسيءَ تي هلڪي ڦلڪي پيٽ جي پوڄا ڪري پوءِ هوٽل تي اچي ساهي پٽيسين. مان گهڻو ڪري ٽي وي ناهيان ڏسندو پر شعيب ٽي وي هلائي ته ٻين کوڙ چينلن سان گڏوگڏ برطانيه جو ڪو اردو چينل پڻ هليو پئي جتي برطانيه جي يورپين يونين کان ڌار ٿيڻ بابت ڳالهه ٻولهه هلي رهي هئي، جيڪا پوءِ ڦري سري پاڪستاني سياست تي اچي بيٺي.
شام ڌاري وري ٻاهر وياسين. ريپبلڪ اسٽريٽ، اولڊ منٽ اسٽريٽ، ٽريٽون ڦوهاري ۽ سٽي گيٽ جا چڪر ڏيندا رهياسين. يورپ جي ٻين ملڪن وانگي هتي به تقريبن ساڳي ڳالهه هئي، گهٽين ۾ ڪرتب ڏيکاريندڙ فنڪار، ڳائڻا، کاڌي جي هوٽلن ٻاهران گراهڪن کي اندر اچڻ لاءِ سهڻين جا سڏ ڪرڻ وغيره وغيره. اسان به دڪانن تان اگهه پڇائيندا پڇائيندا ۽ مختلف کاڌي وارين هوٽلن تي کاڌا ڏسندا اچي ميرپور ڪشمير وارن سردارن جي هوٽل تي پهتاسين، جيڪو مليو شڪر ڪري کاڌوسين. رات دير تائين آءٌ ۽ شعيب هوٽل جي بالڪنيءَ ۾ ڪچهري ڪندا رهياسين. سمهڻ کان پهريان هوٽل جي بالڪني کان هيٽ جهاتي پائي ڏٺم، فرانس جي سفارتخاني جي ٻاهران گارڊ چوڪس بيٺل هيو.
ٻئي ڏينهن اسان ٽريٽون ڦوهارن وٽان بس ۾ چڙهي مالٽا جي پهرين گاديءَ واري شهر مدينه جيڪو چون ٿا ته ڪي چار هزار سال کن پراڻو آهي وياسين. هن شهر کي خاموش شهر پڻ سڏين. بس ۾ تقريبن اڌو اڌ ماڻهو آفريڪا جي ملڪن جا هيا ۽ ڪجهه ديسي هندستاني پڻ. ويليٽا کان مدينه پهچڻ تائين بس تقريبن ڪي پنجاهه منٽ لڳايا. مدينه شهر ۽ رباط جو شهر پاڻ ۾ گڏ آهن. مدينه شهر کي چوڌاري ڀتيون آهن ۽ اندر لاجواب ۽ طلسماتي شهر اڏيل آهي، جتي اڄ به ماڻهو رهن ٿا. شهر جون تقريبن سڀ گهٽيون سوڙهيون آهن جن ۾ هر وقت سياح نظر اچن ٿا. شهر ٽڪريءَ تي ٺهيل آهي ۽ اتان سمنڊ کي سولائيءَ سان ڏسي يا انگريزي ۾ مانيٽر ڪري سگهجي ٿو. چون ٿا ته اهو شهر ٽڪريءَ تي اڏيو ئي انڪري ويو هيو ته سمنڊ تي ٻاهرين حملو ڪندڙن تي نظر رکي سگهجي، پر ان هوندي به انگريز ۽ عرب مٿانئن حڪومت ڪري ويا.
مدينه ۾ ڪارميلائيٽ چرچ، پلازو فالزون جي عمارت، سينٽ پائولس ڪيٿيڊرل، چيپل آف سينٽ آگاٿا چرچ، بانڪا جيوراٽالي جي عمارت، مدينه ڊنجنس (پراڻي دور ۾ شهر جا اندروني ڳجها رستا)، نونيري آف سينٽ بينيڊڪٽ (پراڻي دور جي عمارت جيڪا عورتن جي اسپتال هئي) ڏسڻ وٽان آهن. چون ٿا مدينه جو شهر رات جو وڌيڪ سهڻو ۽ طلسماتي ٿي وڃي ٿو، انڪري رات جو پڻ گهمي ڏسجي پر سائين هاڻي ايترو وقت ڪنهن وٽ آهي جو رات تائين انتظار ڪجي.
اسان به جڏهن گهمي گهمي ٿڪاسين ته اچي هڪ کاڌي پيتي واري هوٽل تي پهتاسين، اتي ڪم ڪرڻ وارن ۾ به ڪافي ديسي نظر آيا، هندستان جي آندهرا پرديش ۽ تلنگانا رياستن جا هيا. انهن ۾ ٻه ٽي نوجوان پڙهيل لکيل نظر آيا ۽ انهن سان ڳالهه ٻولهه شروع ڪئي سين ته خبر پئي ته انهن مان هڪ سول انجنيئرنگ ڪئي آهي ۽ ٻيو آئي ٽي پڙهيل آهي. مون پڇيومان ته اوهان هتي ڪيئن پهتا؟ ٻڌايائون ته اسان ليٽويا جي شهر رگا جي يونيورسٽين ۾ داخلا ورتي ۽ اتي ڪجهه پڙهائي ڪرڻ کان پوءِ هتي اچي ويا آهيون ۽ ڪڏهن ڪڏهن رگا ويندا آهيون، جڏهن ڪو امتحان ڏيڻو هوندو آهي، نه ته هتي ڪمائڻ لاءِ هوندا آهيون. مون انهن کي سندن ٻوليءَ ۾ ٻه اهي لفظ ٻڌايا جيڪي اسٽاڪهولم ۾ منهنجي يونيورسٽي جي هڪ آندهرا پرديش جي ڪلاسي دوست مون کي سيکاريا هيا. ٻڌڻ کان پوءِ سندن کل آخر تائين نه بيٺي، اهي ٻه لفظ هتي نٿا لکي سگهجن. يونيورسٽين تان ڳالهه ياد آئي ته مالٽا ۾ 1592 ۾ هڪ يونيورسٽي قائم ڪئي وئي هئي، جيڪا دنيا جي پراڻين يونيورسٽين مان هڪ آهي. هاڻي به مالٽا ۾ ڪافي تعليمي ادارا آهن جيڪي ملڪي توڙي ٻاهرين ملڪن جي شاگردن کي سولائي سان داخلا ڏين ٿا. هتي جي يونيورسٽين ۽ ٻين تعليمي ادارن ۾ يونيورسٽي آف مالٽا، مالٽا ٽوئرازم ائنڊ لئنگويج انسٽيٽيوٽ، مالٽا ڪاليج آف آرٽس، سائنس ائنڊ ٽيڪنالوجي، آمريڪن يونيورسٽي آف مالٽا، سينٽ مارٽنس انسٽيٽيوٽ آف هائر ايجوڪيشن ۽ انسٽيٽيوٽ آف ٽوئرازم اسٽڊيز اچي وڃن ٿا.
مدينه گهمڻ کان پوءِ اسان رباط جو رخ ڪيو ۽ اتي جي گهٽين ۾ گهمندا رهياسين تان جو تمام تيز هوا شروع ٿي وئي، جنهن اتي وڌيڪ بيهڻ نه ڏنو. واپس ويليٽا جي بس ۾ چڙهي اچي هوٽل ڀيڙا ٿياسين. شام ۽ رات جو وري اهي ساڳيا هيڏانهن هوڏانهن جا چڪر ڏناسين، هاڻي ويليٽا جي سوڙهين، لهوارين ۽ چڙهائين وارين گهٽين کان چڱيءَ ريت واقفيت ٿي وئي هئي پر اها اسان جي اتي آخري رات هئي ۽ اسان کي به هتان وڃڻو هو جيئن مالٽا جا مالڪ پاڻ به هتان هليا ويا آهن. چون ٿا ته مالٽا جا ماڻهو پنهنجي ملڪ کان وڌيڪ آسٽريليا جي شهر ميلبورن ۾ ٿا رهن. شايد مالٽا جي ماڻهن کي سندن ملڪ ۾ رهڻ ڪو گهڻو پسند ناهي. آمريڪا جي مشهور ڳائڻي برٽني اسپيئرس جو پڙڏاڏو ايڊورڊ رچرڊ پورٽيلي پڻ مالٽا جو هيو ۽ اتي ئي ڄائو هو، پوءِ هو پاڻ يا شايد سندس پيءُ آمريڪا لڏي ويو. رات جو وري هوٽل جي بالڪني مان ڏٺم، ساڳيو گارڊ فرانس جي سفارتخاني ٻاهران موجود هيو.

No comments:

Post a Comment