خواجه غريب نواز جي نگري
مان ...
ڊاڪٽر رميش ڪمار
وانڪواڻي
آئون نئين سال ۲۰۱۹ع جو پنهنجو هي پهريون ڪالم، حضرت خواجه سيد
محمد معين الدين چشتي المعروف خواجه غريب نواز جي نالي ڪرڻ چاهيندس، جن جي آخري
آرامگاهه جي زيارت جو شرف حاصل ڪرڻ جي لاءِ آئون درگاهه اجمير شريف ۾ حاضري ڏئي
رهيو آهيان. مون هتي پنهنجي پياري ملڪ پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي، علائقائي امن ۽
استحڪام، پاڪ-ڀارت جي ٻه طرفن لاڳاپن ۾ بهتري جي لاءِ خصوصي دعائون به گهريون آهن.
راجسٿان ۾ واقع حضرت خواجه غريب نواز جي درگاهه اجمير شريف کي برصغير پاڪ و هند ۾
موجود دين جي بزرگن جي مقدس مزارن ۾ اهم ترين سمجهيو وڃي ٿو. حضرت خواجه غريب نواز
هڪ اهڙي قابل احترام شخصيت آهي، جن جا مڃيندڙ هر مذهب سان تعلق رکن ٿا ۽ پوري دنيا
۾ ڦلهيل آهن. هڪ اندازي مطابق روزانو هڪ لک پنجاهه هزار عقيدتمند درگاهه اجمير
شريف جي زيارت ڪندا آهن ۽ مختلف نوعيت جون دعائون پڻ گهرندا آهن. هِتي مونکي بالي ووڊ
جا فلمي ستارا به شوبز ۾ نالو ٺاهڻ ۽ فلمن جي ڪاميابيءَ جي لاءِ حاضري ڏيندي نظر
آيا. مونکي درگاهه اجمير شريف ۾ مختلف مذهبن ۽ قومن سان تعلق رکندڙ زائرين سان
خيالن جي ڏي وٺ ڪرڻ جو پڻ موقعو مليو، جن ۾ مسلمانن کانسواءِ هندو، سِک، عيسائي،
پارسي ۽ ٻُڌ مت سان تعلق رکندڙ به شامل آهن، جڏهن ته گهڻي ڀاڱي پاڪستاني زائرين کي
ويزا جي حوالي سان پيش ايندڙ مشڪلاتن بابت ذڪر ڪندي ٻڌو ويو. درگاهه اجمير شريف ۾
غير مسلم زائرين به مسلمانن وانگر چادرون، گُل ۽ نذرانو پيش ڪرڻ ۾ اڳيان اڳيان
هوندا آهن ۽ پنهنجي بي پناهه عقيدت جو اظهار ڪندا آهن. هتي مختلف قسمن جو لباس
پائيندڙن خاص طور تي مغربي لباس ۾ ڍڪيل عقيدت مندن جي موجودگي روح کي وڻندڙ منظر
پيش ڪري ٿي.
حضرت خواجه معين
الدين چشتي جي پيدائش سيستان ۾ هڪ امير گهراڻي ۾ ٿي پر هُن سڄو مال ملڪيت وڪڻي
غريبن ۾ ورهائي ڇڏيو ۽ حق جي ڳولا ۾ غريب الوطني جي راهه اختيار ڪئي. پنهنجي ڊگهي
سفر ۾ ظاهري ۽ باطني علم حاصل ڪري ورتو، پاڻ بغداد ۾ به رهيا، حج ۽ عمرو به ڪيو.
سمرقند، بخارا، خراسان ۽ وچ ايشيا جي مختلف علائقن ۾ پنهنجو سفر جاري رکندي، آخرڪار
هندستان کي پنهنجو وطن بڻايو. پهرين لاهور ۾ حضرت داتا گنج بخش جي روضي تي چلا ڪاٽيا،
بعد ۾ ملتان ۾ به ڪجهه وقت گذاريو، پوءِ دهلي مان ٿيندي اجمير جي سرزمين کي پنهنجي
مستقل رهائشگاهه بڻائي ڇڏي. روايتن جي مطابق خواجه صاحب چاليهه سال اجمير شريف ۾
رهيو. حضرت خواجه غريب نواز کي اُن جي مرشد خواجه عثمان هاروني نصيحت ڪَئي هُئي ته
”اي معين الدين! هاڻي تو فقيري اختيار ڪري ورتي آهي، ان جي تقاضا آهي ته فقيرن
وانگر عمل ڪر. مثال طور، غريبن سان محبت ڪر، نادارن جي خدمت ڪر، برائين کان پاسو ڪر،
مصيبت ۽ پريشانيءَ ۾ ثابت قدمي جو مظاهرو ڪر.“ حضرت خواجه غريب نواز سڄي زندگي نه
رڳو اُن نصيحت تي پاڻ عمل ڪيو پر پنهنجي مڃيندڙن کي به هر قسم جي فرق کان هٽي ڪري
انسانيت جي خدمت جو درس ڏنو. خواجه صاحب پنهنجي زندگيءَ ۾ سادگي جا قائل هُئا، هو
اُن ڳالهه تي يقين رکندا هُئا ته انسان جي لاءِ اصل اهميت ظاهرداري جي نه پر نيڪ
عملن جي هُئڻ گهرجي. اهو ئي سبب هو ته خواجه غريب نواز جي اعليٰ اخلاق، برداشت ۽
رواداري سان لاڳاپيل رويي لکين انسانن کي سندس گرويده بڻائي ڇڏيو. خواجه صاحب برصغير
۾ روحاني چشتيه سلسلي جو باني آهي. پاڻ قطب الدين بختيار ڪاڪي، بابا فريد الدين
گنج شڪر ۽ نظام الدين اولياءَ جهڙن عالي القدر پيران طريقت جا مرشد آهن. غريبن سان
خاص طور تي رحم دلي رکڻ سبب عوام کيس غريب نواز جو لقب ڏنو. حضرت خواجه معين الدين
چشتي جي باري ۾ اِها ڳالهه مشهور آهي ته هو برصغير جي ڦهليل روحاني مامرن جا
انچارج آهن، ان ڪري کيس سلطان هند به چيو وڃي ٿو.
درگاهه اجمير شريف
تي چادر چاڙهڻ جي روايت گذريل اٺ سئو سالن کان جاري آهي. چيو وڃي ٿو ته سڀني کان
پهرين سلطان التمش هتي چادر چاڙهي هُئي. مغل بادشاهه جلال الدين اڪبر جي جاه و
جلال اڳيان سڄي هندستان جو ڪنڌ جهڪيل رهندو هو پر پاڻ خواجه غريب نواز جي در تي
فقيرن وانگي حاضري ڏيندو هو. تاريخ ۾ لکيل آهي ته اولاد خاطر اڪبر بادشاهه پيرين
اگهاڙين درگاهه اجمير شريف تي پهچي سڀني جي آڏو سوالي وانگر هٿ ڦهلايا. اڪبر هر
جنگ ۾ وڃڻ کان پهرين ۽ ڪامياب ٿيڻ کان پوءِ هتي حاضري ڀرڻ ڪڏهن به نه وساريندو هو.
اڪبر بادشاهه کان پوءِ جهانگير تخت نشين ٿيو ته هو به خواجه معين الدين چشتيءَ جو
سچو عقيدتمند ثابت ٿيو. اهڙي طرح اورنگزيب عالمگير باقاعدگيءَ سان پيرين پنڌ اجمير
شريف حاضري لاءِ ايندو هو، برصغير تي جڏهن انگريز قابض ٿيا ته اُهي به خواجه غريب
نواز جي روبرو پيش ٿيا. برطانيا جي راڻي ميرِي هر سال باقاعدگي سان درگاهه تي چادر
چاڙهڻ لاءِ موڪليندي هُئي. وائسراءِ لارڊ ڪرزن خواجه صاحب کي انهن لفظن ۾ خراج
عقيدت پيش ڪندي چيو ته ”هُنن پنهنجي زندگيءَ ۾ هڪ اهڙو بزرگ ڏٺو آهي، جيڪو پنهنجي
وفات کانپوءِ به هندستانين جي دِلين تي راڄ ڪري ٿو“. انگريزن جي وڃڻ کانپوءِ مقدس
درگاهه کي درگاهه خواجه صاحب ايڪٽ ۱۹۵۵ع جي تحت راجسٿان حڪومت جي تحويل ۾ ڏنو ويو.
درگاهه اجمير شريف
تي هندستان جي تقريبن سڀني حڪمرانن حاضري ڀري آهي. مونکي ياد اچي ٿو ته پاڪستاني حڪمرانن
۾ صدر ضياءُ الحق ۽ صدر پرويز مشرف به درگاهه اجمير شريف ۾ حاضري ڏني. بينظير ڀٽو
شهيد جي باري ۾ مشهور آهي ته جڏهن آصف زرداري جيل ۾ قيد هو ته هُن اجمير شريف اچي
رهائيءَ جي دُعا گهري هُئي ۽ جڏهن زرداري صاحب کي رهائي نصيب ٿي ته محترمه کيس
درگاهه اجمير شريف وٺي آئي. موجوده وزيراعظم عمران خان به پندرنهن سال اڳ درگاهه
اجمير شريف جو دورو ڪيو هو، هندستان جي ٻنهي وڏين سياسي پارٽين ڪانگريس ۽ بي جي پي
جي اڳواڻن وچ ۾ گهڻن سياسي اختلافن باوجود درگاهه اجمير شريف تي چادر چاڙهڻ جي
لاءِ مڪمل اتفاق آهي. پاڪستان، بنگلاديش ۽ سريلنڪا جي حڪمرانن پاران به مقدس
درگاهه جي لاءِ چادرون موڪليون وينديون آهن. آمريڪي صدر باراڪ اوباما پنهنجي
اقتدار واري دور ۾ خواجه معين الدين چشتي جي عرس جي موقعي تي خصوصي طور تي درگاهه
جي لاءِ چادر موڪلي هُئي، هي ڪنهن به ڏکڻ ايشيا کان ٻاهر جي حڪومتي اڳواڻ پاران
پهريون ڏنل عقيدت وارو نذرانو هو. درگاهه اجمير شريف ۾ حاضري دوران مونکي اُتي ٻن
وڏين ديڳين ۾ نذرانو وجهڻ جو شرف به حاصل ٿيو. وڏي ديڳ مغل بادشاهه اڪبر جي نالي
تي ڏنل هُئي، جنهن ۾ هڪ سؤ ويهه مڻ کاڌو ٺاهي سگهبو آهي. هي ٻئي ديڳيون درگاهه جي
اڱڻ ۾ رکيل آهن ۽ ايتريون وڏيون آهن جو زائرين چاڙهيون چڙهي ڪري ڇيڙي تي پهچن ٿا.
خواجه جي نگري اجمير شريف پاڪستان جي صوبي سنڌ سان لاڳاپيل رياست راجسٿان ۾ واقع
آهي. آئون سمجهان ٿو ته هر پاڪستاني هندو ۽ مسلمان جي دِلي خواهش آهي ته هو هڪ ڀيرو
درگاهه اجمير شريف جي زيارت ضرور ڪري. وزيراعظم عمران خان ۽ سندس گهرواري بشريٰ
بيبي کي روحانيت ۽ انسانيت جي خدمت سان خاص لڳاءُ آهي، هو بابا فريد گنج شڪر وٽ پاڪ
پتن ۾ واقع مزار جو دورو ڪندي رهندي آهي. ان لاءِ آئون وزيراعظم صاحب کي اپيل ڪرڻ
چاهيندس ته هو بابا فريد الدين گنج شڪر جي مرشد خواجه غريب نواز جي درگاهه اجمير
شريف تي به حاضري ڀرين. جتي ڪافي سالن کان فيض عام جاري آهي. پاڪستان ۽ هندستان
گذريل ۷۰ سالن ۾ جنگيون به وڙهيون آهن ۽ هڪ ٻئي جي هر محاذ تي مخالفت پڻ ڪئي آهي.
آئون سمجهان ٿو ته هاڻي امن جي خاطر انسانيت جي خدمت جو درس ڏيندڙ مقدس شخصيتن جي
محبت واري پيغام کي اهميت ڏني وڃي. آئون ڪرتارپور راهداري جي ڏس ۾ ٻنهي ملڪن جي حڪومتن
کان پنهنجو هي مطالبو دهرائڻ چاهيان ٿو ته ٻه طرفي لاڳاپن کي معمول تي آڻڻ لاءِ
اجمير شريف راهداري ٺاهڻ جي لاءِ گڏيل قدم کنيا وڃن، جيئن پاڪستاني زائرين به
خواجه غريب نواز جي نگري ۾ بغير ويزه حاضري ڏيڻ جي سعادت حاصل ڪري سگهن. اهڙي طرح
اڳئين مرحلي ۾ درگاهه نظام الدين اولياءَ دهلي، هنگلاج ماتا مندر بلوچستان، شري
آنندپور مندر ٺيڙهي خيبرپختونخواهه وغيره سميت ٻين مذهبي مقدس هنڌن جي زيارت لاءِ
ايندڙ ياترين کي ويزه فري سفري سهولتن جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي.
No comments:
Post a Comment