سنڌ جي ثقافتي ورثي جا
رکپال
مشتاق باگاڻي
تاريخ
چوڏھن جولاءِ ۲۰۱۷ع تي، سنڌي ادب جي لاڏلي ڪهاڻيڪار، نسيم کرل جي ورسي هئي. مون کي
منهنجي مهربان دوست عبدالقادر منگيءَ فون تي دعوت ڏني. مون کان دعوت ۾ شرڪت ڪرڻ ۽ ڪجهه
لکي اچڻ جو وچن ورتائين.
عبدالقادر
منگي، گهڻ-پاسائين شخصيت جو مالڪ آهي. منهنجي ساڻس واقفيت، سال ۱۹۸۱ع ڌاري ٿي، جڏهن
پاڻ ايس ڊي ايم ميرپورساڪرو ضلع ٺٽو هو. آئون سرڪار طرفان، فريادي ٿي ڪيس کڻي وڃي،
سندس ڪورٽ ۾ پيش ٿيندو هوس. ڪورٽ ڪچهري پوري ڪري، مئجسٽريٽي معاملا اڪلائي، آفيس
جا در کولي ڇڏيندو هو. پوءِ خلق خدا جي، سائل سوالي، غريب غربو ائين پيو ايندو ۽ ويندو
هو ڄڻ، ڪنهن سخي، دياوان، همدرد ۽ هڏ ڏوکيءَ جو اوطارو هجي. جتي دردن جا انبار کڻي
اچي دانهون ڪجن ۽ اميدن، آسرن ۽ خوشين جون جهوليون ڀري واپس موٽجي.
آئون
سندس آفيس کي، چانهن جو مئخانو سڏيندو هوس. جتي ڪو ڪيٽي بندر جو پيرن اگهاڙو به
عزت ۽ آبروءَ سان ويهي چانهن چُڪو پي، کليءَ دل سان پنهنجا ڏک سور ٻڌائي، فرياد ڏيئي
داد حاصل ڪري، مانَ سان موٽي ويندو هو. هيڏي هچا وارو دور اڃا ڪو نه آيو هو. ملڪ ۾
ڀلي مارشل لا هئي پر پوءِ به عبدالله جي ميمڻ، شاهد عزيز صديقي، عبدالله ايم
آخوند، محمد هاشم ميمڻ، عبدالقادر منگي ۽ انور شاهه جهڙا آفيسر، لاڙ سان لاڳاپيل
ماڻهن جا مسئلا بنا لالچ، لوڀ ۽ رياڪاريءَ جي جڏهن حل ڪندا هئا ته لاڙ جا ماڻهو به
کين اوتري عزت ۽ مانُ ڏيندا هئا.
لاڙ جي
لوڪ شاعرن به انهن کي ڪو نه وساريو. محمد هاشم ميمڻ، ڪوٽڙي بئراج جو روينيو آفيسر
هو. پنهنجي نوڪري داءَ تي لڳائي به اهڙا خير جا ڪم ڪيائين جو لاڙ جي لوڪ شاعرن
سندس شان ۾ حق جو آواز بلند ڪيو ۽ عام خلق کي وڏي واڪ ٻڌايو؛
محمد هاشم ميمڻ جهڙا، ڪامورا ٻه-چار هجن
سنڌ سڄي جا سهڻا سائين، ٻيڙا پوءِ پار هجن
هي ڪلام
خوب ڳايو ۽ وڄايو ويو. هيءُ هڪ ادني آفيسر لاءِ، عوام طرفان نوبل پرائيزNobel
prize کان
گهٽ نه هو.
ڳالهه
پئي ڪئيسين عبدالقادر منگيءَ جي. انهن عوامي خدمتن کان علاوه هن کي سنڌي ٻولي، ادب
۽ ثقافت سان بيحد چاهه هو. سنڌالاجيءَ جي رڪارڊ لاءِ، مون جيڪا ڪينجهر ڪنڌيءَ تي،
سگهڙن جي ڪچهري ڪوٺائي هئي، ان ڪامياب ڪچهريءَ کان پوءِ ڊاڪٽر غلام علي الانا،
جنهن جي لاءِ منهنجي دل ۾گهڻي عزت ۽ احترام رهيو آهي، مون کي ٻي ڪچهري ڪوٺائڻ جي ڳالهه
چئي. آئون هائوڪار ڪري ويٺس ۽ اها ڳالهه، اچي عبدالقادر منگيءَ جي اڳيان رکيم. هن
ان ڳالهه کي ايڏي ته اهميت ڏني جو ان کي پنهنجو ذاتي ڪم سمجهي، ڪيٽي بندر ۾ هڪ اهڙي
يادگار ڪچهريءَ جو انتظام ڪرائي ڏنائين، جيڪا نه رڳو اتي جي مقامي باشندن جي تفريح
جو باعث بڻي پر ان ۾ اهڙو ادبي مواد ڪٺي ٿيو، جنهن تي سنڌالاجي فخر ڪري سگهي ٿي.
اھا ۱۳
مئي ۱۹۸۲ع جي چانڊوڪي رات هئي. جوار-ڀاٽا پنهنجي جوڀن تي هئي. سنڌو ساگر جون ڇرون
۽ ڇوليون، ڪيٽي بندر جي ننڍڙي ٻيٽڙي جي زمين کي چمي، وري واپس سمونڊ ۾ سمائجي ٿي
ويون. ڪيٽي بندر، چنڊ جي روشنيءَ ۾ کير وانگر چمڪي رهيو هو. مهمانن جي ميزبانيءَ
جو شرف محترم عزيز ميمڻ تي رکيو ويو هو. جيڪو مزمانن جي خدمت ڪري، هن خوب حاصل ڪيو.
سامونڊي مڇيءَ جا قسمين قسمين طعام. ڪراڪري ايڏي ته صاف ۽ شفاف، خذمت چاڪري ايڏي
ته اعليٰ ۽ عمدي جو اسين دنگ رهجي وياسين. ان راقت سمونڊ کي ڏاڍي سختي هئي. ٻيڙائتا
۽ سامونڊي لوڪ، هن مند کي ڪوس سڏيندا آهن. هن موسم ۾ هوا ڏکڻ کان گهلندي آهي. هيءَ
هوا وڻندڙ ۽ صحت بخش هوندي آهي. مھيني جي ۲۳ تاريخ کان، وير چڙهڻ لڳندي آهي، جنهن
کي چاندي جوار سڏيندا آهن. هيءَ وير، مهيني جي پهرين تاريخ تائين چڙهندي آهي. پوءِ
لهڻ شروع ڪندي آهي ۽ ۷ تاريخ، ڀاڱ ڏيندي آهي. يارهين تاريخ کان وري چڙهڻ شروع ڪندي
آهي، جنهن کي پنڌ-پاڙو سڏيو ويندو آهي. اها سورهين تاريخ تي پنهنجي مڪمل جوڀن تي
پهچندي آهي ۽ پوءِ لهڻ شروع ڪندي آهي ۽ ٻي تاريخ تي پنهنجو چڪر پورو ڪندي آهي. پڙهندڙن
جي معلومات خاطر هتي سامونڊي هوائن ۽ ويرن جا ٻيا قسم قلمبند ڪري ٿو ڇڏيان.
اوڀر
وارو: هي هوا اوڀر کان ايندي آهي، هن کي اڳناڻون به سڏيندا آهن، هي هوا ڪڏهن سياري
۾ به لڳندي آهي. چؤماسي ۾ موسم گرم ٿي ويندي آهي، وڄ ۽ ڳوڙ سان برساتون شروع ٿي
وينديون آهن.
سيارو:
اتر کان هوا لڳڻ شروع ٿيندي آهي ۽ زوردار ٿڌ پوندي آهي.
ساتائو:
تهه سياري ۾ هوا ٿورو ڦري اتر-اولهه کان لڳڻ شروع ٿيندي آهي ۽ ٿڌ اڃا به گهڻي وڌي
ويندي آهي.
ناسي:
اتر جي هوا جڏهن بنهه تيز ٿي ويندي آهي ته ان کي ناسي موسم سڏيندا آهن. هي هوا
سامونڊي ويرن کي متاثر ڪندي آهي.
الهندو:
هي هوا اولهه طرف کان ايندي آهي ۽ ٿڌ کي گهٽائيندي آهي. هن کي مقامي طور شمال به سڏيو
وڃي ٿو.
ڪامنهن:
هي هوا اولهه طرف کان ايندي آهي ۽ هلڪي ٿڌ محسوس ٿيندي آهي. عام طرح لاڙ جا ماڻهو
اولهه جي هوا کي واھوندو سڏيندا آهن.
ڪراچي
کي ڇڏي، باقي ڪوسٽل ايريا جي هوائن بابت ڪا به اسٽڊي موجود ڪانهي. گهڻو ڪري چؤماسي
۾ سمنڊ جي ڪنڌيءَ ويجهو هوا پندرهن ميل في ڪلاڪ جي رفتار سان گهلندي آهي. هاڻ
اوهين سمجهي ويا هوندا ته ۱۳ مئي تي هوا ڪيتري رفتار سان هوندي ۽ جوار ڀاٽا پنهنجو
ڪهڙو رنگ ڏيکاريو هوندو. هاڻ ٻه چار سٽون ڪيٽي بندر بابت به لکندو هلان.
ماضي
بعيد ۾ سنڌ جون قديم وسنديون ۽ بندرگاهه ستوار، ڪامنا، ڪوريٽس، ڪروڪولا، پٽالا،
پاتار-بندر سميت ڪيترا ئي بندرگاهه بڻيا. پنهنجو اوج ماڻي، سمونڊ جي سيرن حوالي ٿي
ويا. ٻيڙائتا پنهنجا ٻيڙا ڀري، سوداگر سامان سٿائي آڻي اتي لاهيندا هئا. بازاريون ڀرجي
وينديون هيون. پنهنجو مال وڪڻي هتان جي ڪڻڪ، ڪپهه، ڪپڙو، نير، ڳهه ڳٺا ۽ مصالحا
خريد ڪري واپس ويندا هئا.
ڪيٽي
بندر به انهن مان هڪ مشهور بندرگاهه هو. جيڪو سنڌ جي هر هڪ شيءِ وانگر اجڙي ويو.
هاڻ هي هڪ پڪي وسندي آهي. انگريزي دور ۾ به هن کي ميونسپالٽيءَ جو درجو هو. هي اوچتو
ڪريڪ تي واقع آهي، جنهن کي ڪيٽي بندر وٽ ڪيٽي بندر ڪريڪ سڏيو وڃي ٿو، جيڪا حجامڙي
نار وسيلي سمونڊ سان ڳنڍيل آهي. هاڻ هي ٽائون ۳۵ ايڪڙن تي پکڙيل آهي، جنهن کي چوڌاري
بند ڏنل آهي. سال ۱۹۹۸ع جي سينسس مطابق آبادي ۳۰۰۰ آهي. جڏهن ته پسگردائي وارن ڳوٺن
جي آبادي ۲۳۰۰۰ ڏيکاريل آهي. اسان جي تازي سروي دروان، آبادي ۳۵۰۰ نوٽ ڪئي وئي.
چاليهه سيڪڙو گهر، پڪين سرن ۽ سيمنٽ بلاڪس جا ٺهيل آهن. سٺ سيڪڙو گهر، ڪاٺ ۽ مٽيءَ
جا ٺهيل آهن. ڪيٽي بندر جي پسگردائيءَ وارا ڳوٺ ۽ انهن جي آدمشماري هن ريت آهي.
ڳوٺ
علي بخش جت ۳۰۰۰ .
حاجي
اسماعيل جت ۱۵۰۰ .
احمد
خان ميمڻ اوچتو ڪريڪ ۱۰۰۰.
محمد
خان ميمڻ جو هو ڪريڪ ۳۰۰۰.
۽ گلبهار دبلو
جو هو ڪريڪ ۵۰۰ .
اهڙيءَ
طرح حجامڙي نار تي دبلن جا ٻيا ڳوٺ به آباد آهن. اهي سڀ مڇي جو ڌنڌو ڪندا آهن.
ڊاڪٽر
غلام علي الانا، عبدالله ورياهه، محمد قاسم ماڪا ۽ ٻي ٽيم سان گڏجي پهتو هو. هيڏانهن
مونسان حضرت فقير عبدالله مسڻ، طيب فقير جت، محمد جمن مڱڻهار، محمد صديق فقيراڻي
جت ۽ ان جا ٻيا ساٿي، عبدالڪريم تابان ۽ عطا محمد عطائي وارا گڏ هئا. جتن فقيرن،
شاهه لطيف جا بيت واهه جو ڳائي وڄائي ٻڌايا. ان کان علاوه هنن پنهنجي جتڪيءَ ٻوليءَ
جي شاعرن جمارو جت، ميرو جت ۽ احمد جت جا ڪلام ڳائي حاضرين تي وجد طاري ڪري ڇڏيو.
اها يادگار ڪچهري ساري رات هلندي رهي ۽ ڀنڀراڪي جو اچي اختتام پذير ٿي. افسوس! ان
۾ شريڪ ٿيندڙ دوست عبدالله ورياهه، فقير عبدالله مسڻ، طيب فقير جت، محمد صديق
فقيراڻي جت، عبدالڪريم تابان ۽ عطا محمد عطائي هن دنيا مان هميشه ڪاڻ هليا ويا.
محمد صديق فقيراڻي جت ٺٽي ۾ مون وٽ اچي راتين جون راتيون ڪچهريون ڪري ويندو هو.
اسان سڀني کي هڪ ٻي ڳالهه جو به ڏاڍو افسوس ٿيو. ڪيٽي بندر ۾ بي روزگاري گهڻي هئي،
ڪپڙا ته لڳ ڀڳ سڀني جا پراڻا ۽ ميرڙا هئا پر نوي سيڪڙو ماڻهن جي پيرن ۾ جتي به ڪا نه
هئي.
ادب ۽
ثقافت جي حوالي سان، عبدالقادر منگي هڪ ٻيو ڪمال جو ڪارنامو ڪري ڏيکاريو. ڊاڪٽر
غلام علي الانا کي مون عرض ڪيو ته ڀنڀور بابت ڪو سيمينار ڪرائجي ته ڪيئن رهندو؟ هن
هڪدم منهنجي تجويز جي تائيد ڪئي. مون اها ڳالهه به آڻي عبدالقادر منگي جي اڳيان
رکي. هن جي من ۾ اها ڳالهه ڪا اڳيئي موجود هئي. مون کي ورڪنگ پيپر تيار ڪرڻ لاءِ
چيائين. مون فائيل سندس حوالي ڪيو. بس هن تي پوءِ ڄڻ جنون طاري ٿي ويو. هن ان کي
پنهنجو ذاتي ڪاڄ ۽ ڪارج سمجهي، وٺي ڪم کي کنيو. ليکڪن، اديبن ۽ دانشورن سان لکپڙهون
هلائي، پنهنجا خرچ پکا ڪري ۽ ڀنڀور تي اهڙو سئمينار منعقد ڪري ڏيکاريو جو اڃا
تائين ٺٽي جي لوڪن کان وسريو ناهي. ڊاڪٽر الانا، ادبي ۽ ثقافتي خذمت جي حوالي سان
منهنجي ڪوششن کي به ساراهيو، پر هن عبدالقادر منگيءَ کي زبردست خراج تحسين پيش ڪيو.
علمي مقالا پيش ٿيا. اتهاس کي اجاڳر ڪيو ويو. آخر عابده پروين جي راڳ سان، هي سئمينار
اختتام پذير ٿيو.
ڪيئي
سال گوشه-نشينيءَ ۾ رهڻ کانپوءِ مون نسيم کرل جي ورسيءَ جي هن شاندار تقريب ۾ شرڪت
ڪئي هئي. منهنجو محسن، منهنجو دلبر سائين پوڙهڙو تاج بلوچ ته ڏاڍو خوش ٿيو. ڇاڪاڻ
ته نسيم کرل مون کي جيترو ڀانئيندو ۽ لکڻ تي اتساهيندو هو، تاج بلوچ ان جو اکين ڏٺو
شاهد هو. تيرهين جولاءِ شام جو آئون رکيل مورائيءَ کي پنهنجا مضمون ڏيڻ لاءِ عوامي
آواز دفتر پهتس ته تاج بلوچ، نسيم کرل تي ٽي ويءَ لاءِ پنهنجو پروگرام رڪارڊ ڪرائي،
ٻاهر نڪري رهيو هو. هو مونسان ملي ڏاڍو خوش ٿيو. نسيم کرل سان ملاقاتن ۽ ٻين پراڻين
ڳالهين کي ياد ڪري هن خوب ٽهڪ ڏنا.
ٻئي ڏينهن
شام جو ساڍي ڇهين وڳي سنڌ ميوزم جي آڊيٽوريم پهتس ته اهو اڳيئي ڀرجي چڪو هو. ماڻهو
مون کي گهڻو ڪري اڻ واقف نظر آيا. ايتري ۾ رکيل مورائي به اچي پهتو. هن مون کي وٺي
هلي اڳيان ويهاريو. مدد علي سنڌي جي اسٽيج تان نظر پئي ته هلي اچي مليو ۽ چيائين؛
آئون تو سان ملڻ آيو آهيان. سال ۱۹۶۶-۶۷ع جو زمانو هو. حيدرآباد مان ڪيترا ئي
رسالا ۽ پبليڪيشون شايع ٿي رهيون هيون. سنڌي ادب، ڦلجي ڦولجي ۽ وڌي ويجهي رهيو هو.
چار رسالا جن جو تمام گهڻو چلتو هو، اهي هئا سهڻي، اڳتي قدم، پيغام ۽ تحريڪ. آئون
به ٿوري گهڻي شاعري ۽ ڪهاڻيون لکي رهيو هوس. پيغام ۽ تحريڪ، ادب سان گڏ سياسي ٽرئڪ
تي هلي رهيا هئا. انهن ۾ اسان جو ڇپجڻ مشڪل ھيو. سهڻي ۽ اڳتي-قدم جي فهرست، هر
مهيني لڳ ڀڳ ساڳي هوندي هئي. شيخ اياز، امداد حسيني، فتاح ملڪ، رشيد ڀٽي، نسيم
کرل، امر جليل، عبدالقادر جوڻيجو، ماڻڪ، شوڪت حسين شورو ۽ مشتاق شورو. انهن رسالن
۾ به اسان جهڙن سيکڙاٽن جا ليک ڇپجڻ ناممڪن هئا. توڙي جو منهنجا ليک انهن رسالن ۾ ڇپجي
ڪونه سگهيا. پر طارق اشرف توڙي مدد علي سنڌي، مون کي گهڻو ڀانئيندا هئا. مدد علي،
پنهنجي آشرم ۾ وٺي هلي رهائيندو هو. گهر وٺي هلي مانيون کارائيندو هو. سندس ڀاءُ
مشتاق لا ڪاليج ۾ مونسان گڏ پڙهندو هو. مدد، ادب ۾ پنهنجا پير پڪا ۽ پختا ڪندو
ويو. هو مسلسل لکندو رهيو. هن جي قلم ۾ طوفان جي رواني هئي.
سنڌي
ادب تي بندش پوڻ کانپوءِ هو سنڌ نيوز اخبار جو ايڊيٽر بڻيو. اتي البت هن منهنجا ڪافي
ڪالم شايع ڪيا. اخبارن ۾ ڇپجندڙ هن جا سياسي مضمون، نهايت ئي اهم آهن. اسان واري
ان آڳاٽي دور ۾، هن جي شاعريءَ جو ڪتاب، پنرملن ڇپيو هو. هن ادبي سفر کي جاري
رکندي هي ڪتاب منظر عام تي آندا؛ شهر صحرا ڀانيان، قلندر (قرت العين حيدر جي ڪهاڻين
جو ترجمو)، سندس اصلوڪين ڪهاڻين جو ڪتاب دل اندر درياهه، ڪونج به ڪائي گونج (شيخ
اياز جون يادگيريون) ۽ حشو ڪيولراماڻي جي شخصيت تي ڪتاب ۽ اڄ هو هن تقريب ۾ منهنجي
سامهون بٺيو هو. اهو ئي منهن مهانڊو، اها ئي سادي پوشاڪ، نماڻائي ۽ نهٺائي جو
مجسمو ۽ محبوب مڙس مدد علي سنڌي.
نصير مرزا
به هلي اچي مون کي هٿ ڏنو. اهو ئي پنهنجي بزرگن وارو شان ۽ شوڪت. هن به اسان سان گڏ
سال ۱۹۶۶-۶۷ع کان ادبي سفر شروع ڪيو. هن جو تعلق، جيئن ته سنڌ جي وڏي علمي ۽ ادبي
گهراڻي سان هو، ان ڪري هن جون لکڻيون به ڪمال درجي جون هيون. خاص طور تي محرم پاڪ
۾ هن جا عزاداريءَ جا مضمون، وڏي اتساهه سان پڙهيا ويندا هئا. هو ريڊيو پاڪستان ۾ ڊائريڪٽر
جي عهدي تائين رسيو. (هن جي گرجندڙ آواز ۾ وڏو مٺاڄ هو. ناز سهتو سان گڏ، هن جي ڪمپيئرنگ
زبردست هئي) ... هن جو مشاهدو تيز هو. ڪراچيءَ کان حيدرآباد ويندي، چند گهڙيون هن
مڪليءَ جو قبرستان گهمي ڏٺو. ايڏو ته زبردست مضمون لکيائين جو ساراهڻ کانسواءِ رهي
نه سگهجي.
تاج
جويو به حيدرآباد کان آيل هو. منهنجي سندس ڀاءُ خاڪي جويو سان وڌيڪ لڳندي هئي. خاڪي،
اسان جي ڳوٺ موري ايندو هو. اسان کي زوريءَ ڪتاب ۽ رسالا پڙهائيندو هو. قاضي احمد
۾ اخبارن جو ڌنڌو ڪيائين. غريباڻا حال پر عزم پختو. سڪرنڊ آيو ته دڪان کي واهه جو ڄمايائين.
آئون جڏهن به وٽس وڃي رات ٽڪندو هوس، هو پنهنجي لئبريري ڏيکاري سرهو ٿيندو هو. تاج
به بي حد پيارو انسان آهي. سندس ڇپيل ڪتاب، ادبي خذمتون، ڀڄ ڊڪ، غمي خوشيءَ ۾
اديبن سان گڏ سندس ڪم، نهايت ئي ڌيان لهڻن. هن پيار مان، مون کي خاڪيءَ تي ڇيپل ڪتاب
ڏنو. آئون سندس ٿورائتو آهيان.
آئون
تقرير ڪري لٿس ته محترم نعيم کرل مبارڪون ڏنيون ۽ چيائين ته؛ ادا اسان به ٻهراڙيءَ
جي سماج جا ماڻهو آهيون ۽ اها ئي اسان جي ٻولي آهي، جنهن ۾ تو تقرير ڪئي آهي يعني ٻهراڙيءَ
۾ عام ڳالهائيندڙ ٻولي. مون کي محترم اڪبر لغاري به جس ڏنو. پاڻ انتهائي هر دلعزيز
شخصيت جو مالڪ آهي. ڪنهن دور ۾ منهنجي شهر مورو ۾ ايس ڊي ايم ٿي آيو. هاڻ ڏک ٿو ٿيئيم
ته آئون ڪيڏو نه بدنصيب هوس جو اهڙي املهه ماڻڪ شخص سان ملاقات، نه ڪري سگهيس. پاڻ
ڊي سي عمر ڪوٽ به رهيو. ڪمشنر لاڙڪاڻي جي حيثيت ۾ هن جيڪو موهن جي دڙي تي انٽرنيشنل
سئمنار ڪرايو، ان جو اڄ ڏينهن تائين ڪو مثال نٿو ملي. هاڻ سيڪريٽري ثقافت، سياحت ۽
آثار قديم آهي. سندن ادبي خدمتن جي حوالي سان سندس ڪتاب، سنڌي ادب، فلسفي جي مختصر
تاريخ، نمايان حيثيت رکن ٿا. سندس گهرواري شهناز شورو، پي ايڇ ڊي آهي ۽ اردوءَ جي
بهترين ڪهاڻيڪاره آهي. هي اعليٰ اخلاق جو ڌڻي، دل جو سخي ۽ دياوان آهي. الله کيس سؤ
ورهه کان به وڌيڪ ڄمار ڏئي. آمين. پهرين ملاقات ۾ ئي هو ته مون کي فرشته صفت انسان
نظر آيو.
No comments:
Post a Comment