”يُو ايس ايڊ“ جو هيڊڪوارٽر ۽ اسٽار بَڪس ڪافي
(پئسفڪ جي پاڙي ۾ قسط 26)
ياسر قاضي
گذريل هفتي اسين واشنگٽن ڊي سِيءَ ۾، ”امريڪي اسٽيٽس ڊپارٽمينٽ“
۾ مختصر قيام دؤران سينيئر امريڪي صحافِيءَ ۽ يُو ايس اسٽيٽس ڊپارٽمينٽ جي پبلڪ افيئرس
لاءِ اسسٽنٽ سيڪريٽري آف اسٽيٽس، ”مسٽر ڊُوگلس فرينٽز“ ۽ امريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ ۾
افغانستان ۽ پاڪستان لاءِ ”ڊپٽي اسپيشل ريپريزنٽيٽِو“ (نائب نمائندهء خاص)، ”ايمبيسڊر
اَي ايلزبيٿ جانز“ سان مختصر سيشنس کان پوءِ ”يُو ايس ايڊ“ جي هيڊ ڪوارٽر اُسهڻ لاءِ
اچي ڪوسٽر ۾ ويٺا هُئاسين. اسان کي ٽنپهرن جي 3:00 لڳي واشنگٽن جي ”رونالڊ ريگن بلڊنگ“
۾ واقع ”يُونائيٽيڊ اسٽيٽس ايجنسي فار انٽرنيشنل ڊويلپمينٽ“ (يُو ايس ايڊ) جي هيڊڪوارٽر
پهچڻو هو. مُون گذريل قسط ۾ ٻڌايو هو ته اسين اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ جي عمارت منجھان
2:30 لڳي تائين نڪري آيا هُئاسِين ۽ منجھند جي 3:00 لڳڻ ۾ اڃا ڪجھه منٽ هئا ته اسان
رونالڊ ريگن بلڊنگ جي استقباليه (رسيپشن) تي پهچي سيڪيُورٽي فارملٽيُون پُوريون ڪندي،
پنهنجا پاسپورٽ ڏئي، پنهنجو اندراج ڪرائي، اُن عمارت ۾ ”يُوايس ايڊ“ جي سُونهن سان
”يُو ايس ايڊ“ جي هيڊ ڪوارٽر اندر پنهنجي گھربل مِيٽنگ رُوم تائين پهچڻ لاءِ روانا
ٿياسِين ۽ هن گھڻ منزله عمارت جي مطلُوبه فلور تي پهچي، سنهين گھٽين مان گُذرندي اُن
مِيٽنگ روُم تائين پهتاسي، جتي اسان کي ”يُو ايس ايڊ“ جي ذميوارن سان ملڻو هو. ”يُو
ايس ايڊ“ جو قيام 3 نومبر 1961ع تي تڏهوڪي امريڪي صدر، جان ايف. ڪينيڊيءَ جي هڪ صدارتي
آرڊر سان عمل ۾ آيو. هاڻوڪي امريڪي صدر، براڪ اوباما جي ”اسٽيٽ آف دِي يُونين“ سڏجندڙ
تقرير (جنهن ۾ هن چيو هو ته: ”اچو! ته پنهنجن اتحادي مُلڪن منجھان ايندڙ 20 سالن اندر
غربت جو خاتمو آڻيُون!“) کان پوءِ ”يُو ايس ايڊ“، ”بي انتها غربت جي خاتمي ۽ لچڪدار
جمهُوري معاشرن جي قيام ۾ مدد فراهم ڪرڻ واسطي امريڪا جي سلامتيءَ ۽ پاڻ ڀرائيءَ کي
يقيني بڻائڻ“ جي اصُول ۽ عزم کي پنهنجن مُولن متاعن ۾ شامل ڪيو آهي. ”يُو ايس ايڊ“
جو خاص ڪم، غربت ۽ قدرتي آفتن جي خاتمي، ماحوليات، سماج ـ معاشي سُڌاري (سوشيو اڪانامڪ
ڊويلپمينٽ) ۽ ٻه طرفه مُعاملن ۾ ٽيڪنيڪل توڙي مالي مدد فراهم ڪرڻ آهي. سال 2012ع جي
انگن اکرن مُوجب ”يُو ايس ايڊ“ جي صدر دفتر (هيڊڪوارٽر) اندر 3 هزار 909 امريڪي مُلازم
ڪم ڪندڙ هُئا، پر اسان کي هتي پاڪستاني مُلازمن جو تعداد ۾ اطمعنان جوڳو نظر آيو. اسان
جي سُونهَن (اسڪارٽ) طور جيڪي ٻه چار ڄڻا اسان کي وٺڻ رسيپشن تي آيا، انهن ۾ هڪ پشاور
جي پشتو ڳالهائيندڙ، خاموش طبع، ماٺيڻي، پر مُرڪڻِي پاڪستاني نؤجوان ڇوڪري، حناء به
شامل هئي. پاڪستان جي هڪ پٺتي پيل صوبي سان تعلق رکندڙ هڪ روشن ذهن ڇوڪرِيءَ کي ”يُو
ايس ايڊ“ جهڙي اهم اداري ۾ ڪم ڪندو ڏسي ڏاڍِي خوشي ٿي. هُوءَ به اسان پاڪستاني صحافين
جي پاڪستان کان آيل وفد جو ٻُڌي خوشيءَ وچان اسان سان ملڻ آئِي هُئي. اسان جي گرُوپ
جا پٺاڻ دوست (اڪرام الله، خالد خيشگي، اسد الله حمزو ۽ رياض برڪي) ته ساڻس پشتو ۾
”پخپل بخپل... “ ڪرڻ ۾ شرُوع ٿي ويا. استقباليه کان اسان جي مِيٽنگ هال تائين پهچڻ
تائين رستي ۾ اسان جي ان پشاوري ناريءَ، حناء سان ڪچهري جاري رهي. اسين ميٽنگ رُوم
۾ پهتاسِين، جتي ”يُو ايس ايڊ“ جي پاڪستان آفيس جي اڳواڻ، ”اِيرن ڪراسڪ“ کي اسان کي
”يُو ايس ايڊ“ پاران پاڪستان ۾ هلندڙ پراجيڪٽس جي باري ۾ برِيفنگ ڏيڻي هئي، جيڪو ڪنهن
سبب جي ڪري اسان سان ملي ڪونه سگھيو. ٻڌايو ويو ته هُو ڪنهن اهم سرڪاري مصرُوفيت سبب
اسان جي اچڻ کان اڳ ئي هيڊڪوارٽر کان ٻاهر وڃي چڪو آهي. ڄاڻ ناهي ته اسان کي بريف ڪرڻ
لاءِ ”اِيرن ڪراسڪ“ ڪيتري تياري ڪئي هُئي، پر مجمُوعي طور تي مُون کي اسان جي هتي اچڻ
جو ڪو خاص فائدو نظر ڪونه آيو، ڇاڪاڻ ته ڪراسڪ جي هلي وڃڻ جي ڪري اسان کي ”يُو ايس
ايڊ“ جي جن ٻن ڄڻن ”يُو ايس ايڊ“ جي پاڪستان ۾ هلندڙ پراجيڪٽس جي حوالي سان اڌِي گابري
معلُومات ڏني، انهن جي نه ڪا خاص تياري هُئي ۽ نه ئي وري انهن کي ان ڏس ۾ ڪا ڄاڻ ئي
هُئي. مُون کي اهو لکڻ لاءِ سوچڻو ڪونه ٿو پوي ته اسين اهو هڪ ڪلاڪ ضايع ڪرڻ لاءِ
”يُو ايس ايڊ“ جي هيڊڪوارٽر آياسي. ”يُو ايس ايڊ“ جا ٻه اعلى عملدار اسان جي وفد سان
ملڻ ۽ اسان کي برِيف ڪرڻ آيا. انهن جي موجُودگيءَ ۾ حناء ۽ پاڪستان آفيس جي هڪ ٻي ترجمان
امريڪي سندري پڻ اسان واريءَ گڏجاڻيءَ ۾ شامل رهيُون. اسان کي ”يُو ايس ايڊ“ جي انهن
اهم ذميوارن ”يُو ايس ايڊ“ جي پاڪستان اندر ڪيل ڪم ۽ هلندڙ ڪمن ڪارن (پراجيڪٽس) جي
حوالي سان سرسري ڄاڻ ڏني، جيتري شايد پاڪستاني اخبارن ۾ ”يوُ ايس ايڊ“ پاران ڇپيل خاص
ايڊيشنز ۾ به ڏنل هُوندي آهي. جڏهن اها ڳالهه ٻولهه (هنن پاران ڏنل مختصر برِيفنگ)
پُوري ٿي ۽ اسان جي پاران سُوالن جوابن جو سلسلو شرُوع ٿيو ته همراهه ڏئي وٺي بيهي
رهيا. ايئن ٿي لڳو ته ڄڻ اسان پرائمريءَ جي شاگرد کان صرف ۽ نحو يا فلسفي ۽ منطق جا
سوال ڪيا هُجن. هر سوال جي جواب ۾ اهو ٿي ٻڌڻ لاءِ مليو ته: ”اهي تفصيلات اوهان اسان
جي ويب سائيٽ تي ڏسِي سگھو ٿا!“ اسان سڀني کي سندن حالت ڏسي زبردست مزو پئي آيو ۽ اسان
ويتر کانئن ڏکيا سوال ڪرڻ لڳاسِين ۽ هڪ ٻئي کي ٺُونٺيُون هڻي، سندن جوابن منجھان لُطف
اندوز ٿيندا رهياسِين.
مُون ”يُو ايس ايڊ“ جي انهن ٻنهي چڱن مُڙسن کان هڪ انتهائي
دلچسپ سوال ڪيو. مُون پڇيو ته: ”پاڪستان ۾ يُو ايس ايڊ پاران ان قسم جا اشتهار به اليڪٽرانڪ
ميڊيا توڙي اخبارن ۾ ڇپبا آهن، ته يُو ايس ايڊ جي حوالي سان عوام جيڪڏهن ڪنهن به ٺڳيءَ
يا ٻئي نمبر ڪم جي حوالي سان ڄاڻندو هُجي ته فلاڻي ٽول فري نمبر تي اهڙي قسم جي ٺڳيءَ
جو اطلاع ڏئي! ڇا اهڙي قسم جي ٺڳيُن جا انگ اکر ٻُڌائي سگھو ٿا ته سال ۾ اهڙا آخر ڪيترا
ٺڳيءَ جا ڪيس رپورٽ ٿين ٿا، جن مان بيزار ٿي، يا جن تي ضابطو نه ڪري سگھڻ جي سگھه رکندي
اوهان اهڙي قسم جا اشتهار ٿا هلايو ته اوهان کي عوام ٺڳيءَ کان آگاهه ڪري ۽ ڇا ان قسم
جا ٺڳين جا ڪيس پاڪستان کان سواءِ ٻين مُلڪن ۾ به رپورٽ ٿيندا رهن ٿا؟ ۽ ڇا انهن اشتهارن
کان علاوه به اوهان اهڙين ٺڳين کي روڪڻ لاءِ ڪي قدم کنيا آهن؟“ مُنهنجي ان سوال تي
همراهن جا هٿ پيرَ ٿڌا ٿي ويا... اصل همراهه
هَڪا ٻَڪا ٿِي ويا. هُنن جي علم ۾ اها ڳالهه ئي ڪانه هُئي ته ان قسم جا اشتهار خُود
”يُو ايس ايڊ“ پاران پاڪستان اندر پبلڪ ڪيا وڃن ٿا. پهريان ته اُنهن ٻنهي همراهن منجھان
هڪڙي ترديدي جُملن چوڻ جِي شرُوعات ڪئي، ته: ”اسان جي پاران ته اهڙي قسم جا اشتهار
ڪونهن هلايا ويندا!“ اها ڳالهه چوندي اڃا سندس بيان اڌ ۾ ئي هُيو ته اسان جي گرُوپ
جي لڳ ڀڳ سڀني دوستن مٿس چڙهت ڪرڻ جو آغاز ڪيو ته: ”اسان سڀني جي چينلس ۽ اخبارن ۾
ان قسم جا اشتهار نشر ۽ شايع ٿيندا رهن ٿا!“ ته ان تي انهن آفيسرس حيرت مان چيو: ”اڇا؟
ان ڏس ۾ اوهان کي اِي ـ ميلز رستي پيرائتي ڄاڻ ڏني ويندي!“ جڏهن ان ڳالهه جو بار بار
ورجاءُ ٻُڌوسي ته ”هي شيءِ به اوهان اسان جي ويب سائيٽ تي ڏسِي سگھو ٿا... هُوءَ شيءِ به اوهان اسان جي ويب سائيٽ تي ڏسي سگھو
ٿا... “ ته مُون ۽ رياض برڪيءَ کين اهو چئي به ڏنو ته: ”اوهان جي ويب سائيٽ ئي ڏسڻي
هُجي ها ته پوءِ اسين پاڪستان مان سيِڙهجِي هتي ڇو اچئُون ها! اها ويب سائيٽ اُتي نه
چيڪ ڪري وٺئُون ها؟“ بهرحال اسان جو اهو هڪ ڪلاڪ، ڪُجهه ”يُو ايس ايڊ وارن“ جا اسٽِيريو
ٽائيپ جُملا ٻُڌي ۽ ڪُجهه حمزه جا بور ڪندڙ سوال ٻُڌي گذرِي ويو. اسان جي هر مِيٽنگ
۽ هر سيشن کان پوءِ اسان مان ڪن به ٻن ٽن ساٿين جو انتخاب ڪري، انهن کي اسان جي ميزبان
اداري ”اِيسٽ ويسٽ سينٽر“ پاران ڪونه ڪو تحفو پيش ڪرڻ جو بار رکيل هُوندو هو. (اهڙو
انتباهه اسان کي پاڪستان ۾ ئي ڏنو ويو هو ته اسين متعدد ڳاڻيٽي ۾ پاڪستاني ثقافت ظاهر
ڪندڙ اهڙا ننڍا ننڍا تحفا کڻي اچُؤن، جيڪي مختلف سيشنز هلائيندڙ مقررن کي اسان پاران
ڏنا وڃن.) اڄ مُنهنجو وارو هو ۽ مُون پاران ”يُو ايس ايڊ“ جي ذميوارن منجھان هڪ کي
تحفو پيش ڪرڻو هو. مُون کيس سنڌي ٽوپيءَ جو تحفو پيش ڪيو. گوري کي سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ
هُونءَ ئي وڌيڪ سهڻي لڳندي آهي. سندن پاران سنڌي ٽوپيءَ ۽ اجرڪ پائڻ مان هنن پاران
اسان جي ثقافت جي هنن اهڃاڻن جي مڃتا جو پڻ احساس ٿيندو آهي.
مِيٽنگ رُوم مان نڪتاسِين، ته حناء اسان کي ”يُو ايس ايڊ“
جي ٻن ٽن ٻين اهڙين ساٿياڻين سان مِلايو، جن جو تعلق پاڪستان سان هو. پرڏيهه ۾ پنهنجي
ڪنهن هم وطن سان ملي پنهنجائپ جو ڪيڏو احساس ٿيندو آهي، ان جو احساس اوهان مان هر اُن
شخص کي هُوندو، جيڪو ان تجربي مان گذريو هُوندو. سڀني سان ملِي، ملائي اسين ”يُو ايس
ايڊ“ جي هيڊڪوارٽر واري عمارت مان ٻاهر نڪتاسِين. استقباليه تائين اسان کي حناء ڇڏڻ
آئِي. رونالڊ ريگن بلڊنگ، حسين امريڪي عمارتن جي وچ ۾ ڳاٽ اُچو ڪري بيِٺل هڪ انتهائي
سُهڻي بلڊنگ آهي، جنهن جي ٻاهران پٿر جو روايتي ڪم اهڙي ته غير روايتي انداز ۾ ٿيل
آهي، جو من کي موهيو ڇڏي! هن عمارت جي آڏو مختلف شخصيتن جا مُجسما ۽ انهن جي آسپاس
ويهڻ جُون جايُون، مختلف ماڻهن جي هتي مجمُوعي (ميڙ) جو ڪارڻ هيُون، ويتر هتي ايندڙ
ڪبُوترن جو جھجھو تعداد هن جڳهه جي خوبصُورتيءَ ۾ اضافو ڪري رهيو هو. اسان شام جو
4:00 لڳي ڌاري جڏهن هن عمارت منجھان نڪتاسِين، ته انهن سمُورن سببن اسان کي هن بلڊنگ
جي مُختلف پاسن سان فوٽو ڪڍرائڻ تي مجبُور ڪيو. ويتر سون تي سُهاڳو اهو ته اسان جي
ڪوسٽر (جيڪا اسان کي کڻي هتي آئِي هُئي ۽ جنهن کي اسان کي کڻي اڳتي هلڻو هو) هن بلڊنگ
جي ڪنهن اهڙي پاسي کان پارڪ ٿيل هُئي، جيستائين اسان کي ڦري وڃڻ ۾ وقت لڳي ها، تنهن
ڪري مائِي اينان (مسز اين هارٽمين) ان ڪوسٽر جي ڊرائيور کي ڦري اُن پاسي کان اچڻ لاءِ
چيو، جنهن پاسي کان اسين تصوير ڪشِي ڪري رهيا هُئاسِين. تيسين اسان مڙني کي وقت ملي
ويوته اسِين رونالڊ ريگن بلڊنگ سان جھجھيُون تصوِيرُون ڪڍرائي سگھُون.
امريڪا ۾ هي سالياني ٽيڪس اوڳاڙِيءَ جا ڏينهن هُئا ۽ هر سال
جيان، اُن سال (2014ع ۾ به) اُتي ٽيڪس اوڳاڙِيءَ جي آخري تاريخ 15 اپريل هُئي. ان ڏس
۾ امريڪا ۾ جتي ڪٿي اهڙيُون هدايتُون لکي لڳايل هيُون ۽ لڳ ڀڳ هر پبلڪ نوٽيس بورڊ تي
اها تاريخ آخري تاريخ طور ڄاڻايل هُئي. ماڻهن جي زبان تي به ان تاريخ جو تذڪرو سالياني
محصُول ڀرڻ جي ڳڻتيءَ جي حوالي سان گھڻو ٻُڌڻ ۾ آيو. ذڪر نڪتو آهي ته اوهان سان سَلِيندو
هلان ته پُوريءَ امريڪا ۾ مُون کي ڪٿي به ڪو”بِلبورڊ“ يا ”هورڊنگ“ وغيره نظر ڪانه آئي.
يقيناً ان جو سبب باشعُور قوم ان جي ارضياتي توڙي ماحولياتِي نقصانن کان ڀليءَ ڀت آگاهه
آهي. هتي ڪابه عمارت اوهان کي، سواءِ اُن جي پنهنجي سائِين بورڊس جي هرُوڀرُو جي اشتهارن
سان ”ڪمرشل ڪُنوار“ بڻيل نظر ڪانه ايندي. اسان جِي ڪوسٽر آئي، پر شايد پارڪنگ جي اُصُولن
مُوجب ٺيڪ اُن جاءِ تائين نه اچي سگھي، جتي اسين بِيٺل هُئاسِين ۽ اسان کي ٿورو ڪوسٽر
تائين هلِي وڃڻو پيو ۽ رونلڊ ريگن عمارت کان ٻن فرلانگن کن جيترو پنڌ ڪري وياسِين.
ڪوسٽر رستي اسين پنهنجي رهائش وارِيءَ جاءِ ”ميرِيييٽ ريزيڊنسِي اِن“ جي ويجھو ”اسٽار
بَڪس ڪافي“ جي هڪ برانچ تي پهتاسِين، جتي اچڻ جي اسان کي خبر ڪانه هُئِي، نه ئي هتي
اچڻ ڇاپِي شيڊيُول جو حصّو هُيو. هتي اسان کي غير مُتوقع طور تي، ٿورِي دير اڳ ”يُو
ايس اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ“ ۾ ملندڙ (بلڪ اُتي اسان جِي اسان جي ميزبان / سُونهِي)، ”مسز
اينِي سمپڪنز“ (جيڪا امريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ جي ”بيُورو آف سائُوٿ اينڊ سينٽرل ايشين
افيئرس“ جي آفيس آف پريس اينڊ پبلڪ ڊپلوميسي جي ”پاڪستان ڊيسڪ آفيسر فار پبلڪ ڊپلوميسي“
آهي) ۽ واشنگٽن ڊِي سِيءَ ۾ قائم پاڪستاني سفارتخاني جو پريس اتاشي، محترم نديم هوتيانا
مليا. نديم صاحب انتهائي خوش مزاج ۽ با اخلاق پاڪستاني آهي، جيڪو ڪجھه عرصي کان هتي
قائم پاڪستاني سفارتخاني ۾ پنهنجيُون خدمتُون انجام ڏئي رهيو آهي. اسان کي اها ته خبر
هُئي ته اسان جي اڄ رات جي مانِي نديم هوتيانا صاحب جي گھر آهي، پر اهو پتو ڪونه هو
ته ساڻس هتي هيئن به مُلاقات ٿي ويندِي. ساڍا 4 کن ٿيا هُئا ۽ اڄ واشنگٽن ۾ جھُڙالو
هو. هڪ حسِين اتفاق اهو به هو ته جيئن اسان جو گرُوپ ”پاڪستان ـ يُوايس جرنسلٽ ايڪسچينج
پروگرام“ تحت هتي آيل هو، تيئن ئي واشنگٽن ڊِي سِيءَ ۾ صدر دفتر رکندڙ صحافين جي بين
الاقوامي ۽ جڳ مشهُور اداري، ”انٽرنيشنل سينٽر فار جرنلسٽس“ (آءِ سِي ايف جي) پاران
گھُرايل پاڪستاني صحافين جو هڪ وفد به انهن ئي ڏينهن ۾ واشنگٽن ۾ رهيل هو، جن جا اڄ
سُڀاڻي آخري ڏينهن هُئا، جنهن کان پوءِ اُهي پاڪستان اُسهِي رهيا هُئا، جڏهن ته اسان
جو اڃا ”هوائيءَ“ کان پوءِ واشنگٽن ڊِي سِي پهريون ٿاڪ هو ۽ اڃا اسان کي نيُو يارڪ
۽ ڪولمبيا مِزُورِي ڀيلڻو هو. ٻي ڳالهه ته ”آءِ سِي ايف جَي“ واري وفد جي گھُمڻ وارن
شهرن ۽ اسان وارن شيڊيُول ٿيل شهرن ۾ سواءِ واشنگٽن ۽ نيُويارڪ جي ٻيا سمُورا شهر مُختلف
هُئا. ”آءِ سِي ايف جَي“ وارن صحافين اسان تي رشڪ پئي ڪيو ته اسان جو ٽُوئر وڌيڪ سهڻو
ڊزائن ٿيل آهي. خير! ڪنهن جي ڀاڳ سان ڪهڙِي رِيسَ! سو اسين جڏهن ”اسٽار بڪس ڪافي“ تي
پهتاسِين، ته اُن ”آءِ سِي ايف جَي“ واري گرُوپ جا ڪجهه ساٿي به اسان سان اُتي مليا.
هُونءَ ته نديم هوتيانا صاحب اسان جي جيڪا رات جي مانِي جھلِي هُئي، اُن ۾ اهي ٻئي
گرُوپ (وفد) مدعُو هُئا ۽ پاڪستاني سفارتخاني جي پريس اتاشيءَ جي حيثيت ۾ هن پاران
ان مانيءَ جھلڻ جو هڪ اهم مقصد اهو به هو ته ٻنهي گرُوپن جي نؤجوان صحافين کي هڪ ٻئي
سان ملڻ جو موقعو به ملي.
اسين ”اسٽار بڪس ڪافي شاپ“ ۾ پهريان اندر هليا وياسِين. ڪلاسيڪل
انداز ۾ ٺهيل هن خوبصُورت ڪافي شاپ جي ڪاٺ واري ڏاڪڻ چڙهِي، اڳ ۾ مٿي ويهي ڪافي انجُواءِ
ڪرڻ چاهِي، پر جيئن ته اسين ماڻهُو تعداد ۾ وڌِيڪ هُئاسِين ۽ اُتي مٿي گھٽ ماڻهن جي
ويهڻ جي جاءِ هُئي، تنهن ڪري ٻاهر (ڪافي شاپ جي ٻاهر رکيل ٽيبلس تي) ويهي واشنگٽن جي
ٽنپهرن جي بادلن جو مزو وٺڻ لڳاسِين. بادلن مان ڪنهن ڪنهن وقت سجَّ به مُنهن ڪڍيو پئي،
پر اڳ ۾ به ٻُڌائي چُڪو آهيان ته هي واشنگٽن جو بهار هو، جيڪو اسان لاءِ، اسان جي ديس
جي سياري کان به ٿڌو هو، تنهن ڪري اُس جو هجڻ نه هجڻ ساڳئِي ڳالهه هو. آءٌ ۽ اِشُو
(اشفاق آذر) ساڳئِيءَ ئي ٽيبل تي ويٺاسِي. مُون اِشُوءَ جُون ٻه چار ڏاڍيُون سهڻيُون
تصوِيرُون ڪڍيُون، جيڪي ڪڍي ڪئميرا جِي ايل سِي ڊِيءَ تي کيس ڏيکارِيندي چيم ته: ”هيءَ
تصوِير پنهنجي ڪتاب جي بيڪ ٽائيٽل تي ڏجانءِ!“ (پر هاڻي جڏهن اِشُوءَ جو ڪتاب اچي!)
”اسٽار بَڪس ڪافيءَ“ جي حوالي سان اوهان مان اُهي پڙهندڙ ضرُور ڄاڻندا
هُوندا، جيڪي غير مُلڪي سفر ڪري چڪا آهن، ڇاڪاڻ ته ”اسٽار بَڪس ڪافي“ امريڪا جو ڄاتل
سُڃاتل برانڊ آهي. هاڻي ته پاڪستان ۾ به ”اسٽار بَڪس ڪافي“ جي هڪ اڌ برانچ کُلِي چُڪي
آهي. ”اسٽار بَڪس ڪافي“ 30 مارچ 1971ع تي هن ئي شهر واشنگٽن ڊي سِيءَ ۾ ئي شرُوع ٿِي
هُئي، جنهن جو پايو 3 ڄڻن (جيري بلڊوِن، زيوۡ سِيگل ۽ گورڊن بوڪر) وڌو هو ۽ اڄ ”اسٽار
بَڪس ڪافي“ جا سڄيءَ دُنيا ۾ (12 مارچ 2015ع تائين جي انگن اکرن مُوجب) 21 هزار 5 سؤ
36 ڪافي شاپس ماڻهن کي عمدي ۽ لذت وارِي ڪافي فراهم ڪري رهيا آهن. هي دڪان امريڪا جي
لڳ ڀڳ هر رياست کان سواءِ، افريقا ۾ مصر، مراڪش ۽ ڏکڻ آفريقا، آسٽريليا (کنڊ) ۾ آسٽريليا
۽ نيُوزيلينڊ، ڏکڻ امريڪا (کنڊ) ۾ برازيل، ارجنٽينا، بوليويا، پيرو، چلي ۽ ڪولمبيا،
يورپ ۾ آسٽريا، بيلجيم، بلغاريه، ڊينمارڪ، فنلينڊ، فرانس، جرمني، گرِيس، هنگري، آئرلينڊ،
نيڌرلينڊ، ناروي، پولينڊ، پُرتگال وغيره، جڏهن ته پاڻ وارِيءَ ايشيا ۾ گڏيل عرب رياستن،
سعودي عرب، سنگاپُور، سري لنڪا، لبنان، انڊيا، انڊونيشيا، جاپان، اُردن، ڪُويت، ملائيشيا،
تُرڪي، تائيوان ۽ ٻين ڪيترن مُلڪن سميت هاڻي پاڪستان ۾ به موجُود آهن.
”اسٽار بَڪس ڪافي“ تي رڳو ڪافي ئي نه، بلڪه چانهه، پيسٽريُون، فريپُوچينو
ڊرنڪس ۽ سمُوٿِيز وغيرهه به دستياب آهن ۽ ”اسٽار بَڪس ڪافي“ جي سڄيءَ دنيا جي سمُورن
آئُوٽ ليٽس منجھان آمدني 2 ارب امريڪي ڊالرس کان وڌيڪ آهي، جڏهن ته سال 2014ع جي انگن
اکرن مُوجب ”اسٽار بَڪس ڪافي“ جا سڄيءَ دنيا ۾ موجُود دُڪانن ۾ هڪ لک 91 هزار ملازم
ڪم ڪندڙ آهن. ”اسٽار بَڪس ڪافي“ رڳو ڪافي شاپ ئي نه آهي، بلڪه اُن پاران ساڳئي ئي برانڊ
سان خشڪ ڪافي، منرل واٽر، چانهه ۽ بيڪرِي پراڊڪٽس جا مختلف نمُونا به سڄيءَ دنيا ۾
موجُود آهن ۽ هاڻي ”اسٽار بَڪس ڪافي“ ڪافيءَ جي معيار جي ضمانت سمجھي وڃي ٿي. ”اسٽار
بَڪس ڪافي“ تي هر ڪنهن پنهنجي پنهنجي پسند جي ڪافي آرڊر ڪئي. مُون پنهنجي محبُوب ڪافي
”ڪيپيچينو“ آرڊر ڪئي. ”اسٽار بَڪس ڪافي“ جي ڪيپيچينو جو مزو اُهو ئي ڄاڻي، جنهن پيتي
هُجي، باقي ان جو اظهار لفظن ۾ مُون لاءِ مُمڪن ناهي.
اسان جو ”اسٽار بَڪس ڪافي شاپ“ تي لڳ ڀڳ ڪلاڪ کن جو قيام
نديم هوتيانا ۽ ”آءِ سِي ايف جَي“ جي سڏ تي آيل پاڪستاني صحافين سان مُلاقات جو سبب
بڻيو. لڳ ڀڳ 5 لڳي ڌاري اسان ”اسٽار بَڪس ڪافي“ کان پنڌ پنڌ ٽولن ٽولن ۾ پنهنجي هوٽل
روانا ٿياسيِن، جتان اسان کي ساڍي ڇهين لڳي نديم هوتيانا جي گھر رات جي مانيءَ لاءِ
اُسهڻو هو. هڪ مُتحرڪ ۽ مصرُوف ڏينهن جي اڌ گُذارڻ کان پوءِ هر ڪنهن جھٽ سوا لاءِ ڪمري
تي پنهنجي پنهنجي چيلهه ڊگھِي ڪئِي. هوتيانا صاحب جي گھر اسان جي زبردست مهمان نوازِيءَ
جو احوال ايندڙ هفتي اوربو.
No comments:
Post a Comment