Sunday, August 30, 2015

اسان گورک هل اسٽيشن گهمي آياسين - ثمينه ميمڻ

اسان گورک هل اسٽيشن گهمي آياسين
ثمينه ميمڻ
گورک هل اسٽيشن، دادوءَ کان 95 ڪلو ميٽر پري اولهه ۾ کيرٿر سلسلي جي سڀ کان وڏي 688. 5 فوٽ بلند ۽ بيحد خوبصورت چوٽي آهي. جنهن جي پکيڙ ڏهه ڪلوميٽر ۾ آهي. تازو سنڌ حڪومت هڪ سهڻو ريسٽ هائوس ۽ ريسٽورنٽ ۽ ان ۾ هڪ ٽڪ شاپ پڻ ٺهرايو آهي، جنهن جو افتتاح 15- پريل 2014ع تي ثقافت ۽ سياحت کاتي جي صوبائي وزير شرميلا فاروقي ڪيو هئو، جنهن کان پوءِ سياحن جي اچ وڃ وڌي وئي آهي.
گورک تي اونهاري ۾ به  گرمي پد 20 ڊگري کان مٿي نه هوندو آهي ۽ سياري ۾ ڪاٽو 20 تائين رهجي ويندو آهي.


وئڪيشن جي موڪلن ۾ ٻارن پروگرام ٺاهيو ته اسلام آباد هلجي. ٿوري دير لاءِ سوچيم ۽ ان مهل ئي فيصلو ڪيم ته اسلام آباد ته پري آهي، پر اسان جي سنڌ ۾ گهمڻ جا هنڌ ڪيترا آهن ڇو نه ٻارن کي پنهنجي سنڌ جي خوبصورت ماڳن تي وٺي هلجي ته جيئن اهي سُونهان ٿين ته اسان جي سنڌ ۾ به گهمڻ لاءِ ڪيڏا نه خوبصورت ماڳ آهن ۽ مون فيصلو ڪيو گورک هل اسٽيشن هلڻ جو. ٻارن  پهريون دفعو ٻڌو هئو. سو پريشان ٿي  ويا. مون ڪجهه به نه ٻڌايو، بس ايترو چيو ته اوهان هلندو ته ضرور انجواءِ ڪندو. پوءِ مون پنهنجي دوست ڊاڪٽر زبيده جوڻيجو سان پڻ صلاح ڪئي. جنهن پڻ هامي ڀري. ائين پنهنجي ويجهن دوستن ۾ ٽن چئن ڪٽنبن هلڻ لاءِ فيصلو ڪيو. بس ٻار ٿورا پريشان هئا ته الائي اسان کي ڪيڏانهن ٿا وٺي هلن. ۽ موبائلن تي هڪٻئي کان پڇي رهيا هئا، پر اسان هنن کي هر وقت مطمئن پئي ڪيو ته اوهان هلندو ته اوهان کي مزو به ايندو، پر هلڻ کان اڳ ۾ رات جو ٻارن نيٽ تي پڻ سرچ ڪرڻ شروع ڪيو ته ” گورک هل اسٽيشن“ ڪٿي آهي ۽ ڄام شورو کان ڪيترو پري آهي. ۽ 7000 هزار فوٽن جي پهاڙن جي بلندين کي ڏسندي ٿورا حيران هئا ته اتي ڪيئن پهچبو!
اسان ڄام شورو مان منجهند جو ٻين وڳي نڪتاسين ۽ جڏهن سيوهڻ پهتاسين ٻارن پڇڻ شروع ڪيو ته گورک اڃا ڪيترو پري آهي؟ هُو به هاڻي اُتاولا هئا ته اهو ماڳ اکين سان ڏسون. جنهن جي ايڏي تعريف پئي ٻُڌجي. رستي تي سيوهڻ، کان پوءِ ڪچاچنا، پڪاچنا، بختيارپور، آراضي، بوبڪ، ڀان سعيد آباد، دادو ۽ پوءِ جوهي ۽ هاڻي واهي پانڌيءَ پهتاسين، اهو سفر اسان جو چئن ڪلاڪن جو هئو، جتان اسان کي پنهنجون گاڏيون ڇڏڻيون هنيون ۽ پوٽوهار جيپن ۾ سفر ڪرڻو هئو. اسان ڄام شورو مان ئي پوٽوهار جيپن ۽ گورک هل اسٽيشن جي ريسٽ هائوس تي رهڻ لاءِ بڪنگ ڪرائي هئي. هينئر شام جا ڇهه ٿي رهيا هئا ۽ اسان وري گورک جي سفر جي تياري ڪئي ۽ پوٺوهار جيپن ۾ ويٺاسين. ڊرائيورن کان پڇا ڪئيسين ته انهن ٻڌايو ته گورک تائين جو سفر اڍائي ڪلاڪ آهي. هونئن پنڌ گهڻو ڪونهي، پر اڻانگي رستي جي ڪري ۽ پهاڙن جي بلنديءَ ڪري گاڏين کي آرام سان هلائڻو پوندو آهي. جڏهن رستا وروڪڙ شروع ٿيندا ويا ۽ اسان پهاڙن جي بلنديءَ تي پهچندا ٿي وياسين ۽ جيپن مان هيٺ ٿي نهاريو ته ان مهل ڊپ ورائي ويو ان مهل اسان ڊرائيورن کان پڇا ڪئي جن ٻڌايو ته پوٽوهار جيپن جي چئني ڦيٿن ۾ بريڪر لڳل  هوندا آهن. پوءِ وڃي ساهه پيو.

اڍائي ڪلاڪن جي وچ سفر ۾ رستي تي گاڏين جي پاڻي ۽ تيل انجڻ وغيره چيڪ ڪرڻو هوندو آهي. انهيءَ جاءِ تي سڀ لٿاسين. اتي سڀني فوٽو گرافي ڪئي، هينئر ٻارن جي منهن تي ڪجهه سَرهائي هئي ڇو ته چوڌاري سُونهن ئي سُونهن هئي. جبلن جي خوبصورتي ڏسڻ وٽان هئي. اڌ ڪلاڪ جي وقفي کان پوءِ وري سفر جاري رکيوسين، هاڻي چوڌاري اوندهه ئي اوندهه هئي، گاڏيون هڪٻئي جون نظر نه ٿي آيون ڪا گاڏي الاهي اڳيان نڪري وئي ته ان جي پري کان تاري جهڙي روشني ٿي نظر آئي.۽ اڍائي ڪلاڪ جو سفر ائين طئي ڪيو سين ۽ اسان هاڻي گورک تي پهچڻ وارا هئاسين. هتي ساڄي پاسي هڪ ڊسپينسري پڻ ٺهيل هئي ۽ ان کان پوءِ رستي جي کاٻي پاسي اسٽريٽ لائيٽس لڳل هيون، پوءِ وڃي ڪجهه ساهه پيو ته هاڻي پهچڻ وارا آهيون ۽ ٿورو اڳيان هلي هڪ ٻئي پٺيان پاڻ سڀ پهچي وياسين. گاڏين مان سڀ لٿاسين ۽ ريسٽ هائوس ڏانهن رخ ڪيوسين. ٿڪجي به ڏاڍا پياسين. رات جو چوڌاري اوندهه ڪري ڪجهه به نظر نٿي آيو. ۽ وري لائيٽ به نه هئي ۽ اتي جي ريسٽ هائوس ۾ رهندڙن ٻڌايو ته لائيٽ صبح جو چئين وڳي ايندي. هينئر ته هونئن به گهمي نه ٿي سگهياسين. سڀني کي بُک به الاهي لڳي هئي وري ريسٽ هائوس کان ٿورو ئي پنڌ تي هوٽل ٺهيل هئي ان ۾ هڪ هال هئو ۽ ٻاهر خوبصورت ورانڊو ۽ اڳيان آڳنڌ  ٺهيل هئو. هوٽل تمام خوبصورت هئي. اسان اتي به فوٽو گرافي ڪئي ۽ ماني به سٺي هئي، پر سروس ٿوري ڍرائي واري هئي. جيڪڏهن انهن کي اڃان ٽريننگ ڏني وڃي ته شايد وڌيڪ سروس بهترين بڻجي وڃي، بهرحال کائي پي وري ريسٽ هائوس آياسين. اسان تصور به نه ٿي ڪري سگهياسين ته اهڙي جُون جي مهيني جي گرميءَ ۾ ايڏي  ٿڌ هئي ۽ نلڪن ۾ پاڻي ٿڌو هئو، ٽيبلون ڪمرا سڀ ٿڌا هئا. لائيٽ نه هئڻ جو بلڪل احساس نه ٿيو، ريسٽ هائوس ۾ ڪمرن جي آڏو آگنڌ ٺهيل هئو جن تي رليون وڇائي سڄي رات ڳايوسين، منهنجي پٽ راول پنهور، ادا فرقان سومرو، بينظير جوڻيجو، پرهه، ڪائنات، حرا ادا غلام علي ڪاڪا ۽ سريلي ننڍڙي جانب محفل کي خوب گرمايو. اوندهه ۾ آسمان تي تارن جي جهرمر ڏسڻ وٽان هئي، تارا هڪٻئي سان ڳتيل ٿئي نظر آيا. صبح به ٿيڻ وارو هئو. پوءِ ٿوري دير ٿڪ ڀڃڻ لاءِ ڪلاڪ آرام ڪيوسين، پر ننڊ اکين کان ڪوهين ڏور هئي، ڇو ته صبح جو منظر پسڻو هو انهي ڪري ڇهين بجي اٿياسين. ان مهل جيپون تيار هيون گورک هل اسٽيشن جي زيرو پوائنٽ هلڻ لاءِ. ريسٽ هائوس مان نڪتاسين ته چوڌاري جُهڙ ۽ جبل ئي جبل هئا. اسان 7000 فوٽ بلندي تي هئاسين. واقعي هيءَ سنڌ جو ماڳ ايترو خوبصورت هو. اسان جي سوچ کان به بهترين هئو. هن پوائنٽ کي زيرو پوائنٽ سڏبو آهي جيڪو ريسٽ هائوس کان ٿوري مفاصلي تي هئو. سڀ مرد ۽ ٻار صبح جو سويل پنڌ نڪري ويا هئا. پر اسان گاڏين ۾ چڙهي اتي پهتاسين ڇا ته دلڪش منظر هو. چوڌاري جبل ئي جبل ۽ وچ ۾ اسان هئاسين. ۽ اِتان ئي بلوچستان جي سرحد شروع ٿئي ٿي. خوب فوٽوگرافي ڪئيسين. زيرو پوائينٽ تي پهجڻ لاءِ هيٺ وڃڻ مهل ڏاڍو مزو ٿي آيو، پر واپسي مهل الاهي ٿڪجي پياسين. ڪلاڪ کن اتي رهياسين ۽ خوب انجواءِ ڪيوسين. هن ماڳ تي پهچڻ لاءِ پهرئين جيترا ٻار پريشان هئا انهن اسان کان وڌيڪ انجواءِ ڪيو ۽ ننڍڙن ٻارن کي به خوب مزو آيو ۽ هو اُتي هيئنر خوش نظر اچي رهيا هئا. ان وقت مون پنهنجي ٻارن کي چيو ته اوهان ڪوهه مريءَ گهمڻ لاءِ ٿي چيو اوهان ڏٺو ته سنڌ جو ماڳ گورک، ڪوهه مريءَ کان وڌيڪ خوبصورت آهي. بس هن ماڳ کي اڃان خوبصورت بڻائڻ جي ضرورت آهي. رستا روڊ صحيح ڪن. اڃان وڌيڪ ريسٽورنٽ ۽ ريسٽ هائوس ٺاهين ته جيئن سنڌ جا ماڻهو ۽ ٻاهران به سياح اچن ۽ هن ماڳ جو مزو وٺن ۽ هُو ڄاڻي سگهن ته اسان جي سنڌ ۾ به اهڙا خوبصورت ماڳ آهن صرف انهن کي خوبصورت ڪرڻ لاءِ ان جي پرگهور لهڻي آهي ۽ ائين اسان هن خوبصورت ماڳ تان صبح نيرن ڪري واپسيءَ جو سفر ڪيو ۽ سيوهڻ ۾ مانجهندو ڪري ڄام شوري لاءِ اُسرياسين. ٺيڪ شام جو ستين بجي ڄام شورو پهتاسين، ۽ هيءُ سفر اسان جو سهڻين يادن ۾ شامل ٿي ويو.

No comments:

Post a Comment