Sunday, August 30, 2015

لنڪن ميموريل، واشنگٽن ڊِي سِي- ياسر قاضي

لنڪن ميموريل، واشنگٽن ڊِي سِي
پئسفڪ جي پاڙي ۾ قسط 30
ياسر قاضي
گذريل هفتي جي سفر ڪٿا جي آخر تائين اسين ”فرينڊس آف پاڪستان، يُو ايس اي“ پاران اسان جي مان ۾ ڏنل مانجھاندي ۾ شرڪت ڪرڻ کان پوءِ امريڪا جي سورهين صدر ۽ ”امريڪا جي ابي“، ابراهام لنڪن جي ياد ۾ اڏايل يادگار گھمڻ لاءِ ”لنڪن ميموريل سرڪل“ (چؤڪ) تي پهتاسين. جتان ڪوسٽر تان لهي هن عمارت آڏو واقع وڏو عاليشان باغ لتاڙيندا ان يادگار جي ڏاڪڻين تائين پهتاسِين. هي يادگار هڪ اهڙي حسين جڳهه تي ٺاهيو ويو آهي، جنهن جي جاءِ وقُوعه جي سُونهن جو صحيح اندازو فقط ان جو فضائي نظارو ڪرڻ سان ئي ڪري سگھجي ٿو. هي اهو علائقو آهي، جنهن جي آسپاس متعدد امريڪي يادگار گڏ گڏ آهن. هن چؤڪ جي چئني پاسن کان مختلف روڊ، رستا گذرن ٿا. هن جي بلڪل سامهُون واشنگٽن ڊِي سِيءَ جي مشهُور ”پوٽوميڪ ندي“ وهي ٿي. جنهن جي پرينءَ ڀَر تي سڌو ۽ سپاٽ (پاڻ واري لاهور ۾ صُوبائي اسيمبليءَ جي عمارت آڏو ٺهيل، ”ٻئي اسلامي سربراهي ڪانفرنس جي يادگار“ وانگر) ”جارج واشنگٽن ميموريل“ ڳاٽ اُوچو ڪري بِيٺل آهي. هن ۾ ۽ لاهور واري يادگار ۾ فرق اهو آهي ته هي يادگار تلوار وانگر هيٺان ويڪرو ۽ مٿان سنهو آهي. لنڪن يادگار جي پاسي ۾ ويتنامي جنگ جي شهيدن جو يادگار پڻ موجُود آهي. جڏهن ته ٻئي پهلُوءَ ۾ ”اولاهون پوٽوميڪ پارڪ“، ”مارٽن لُوٿر ڪنگ جُونيئر ميموريل“ ۽ فرينڪلن ڊيلينو ريزيويلٽ ميموريل“ پڻ موجُود آهن ۽ واشنگٽن ڊِي سِيءَ جا مشهُور روڊ ”پينسلوينيا ايوينيُو“ ۽ ”ڪانسٽيٽيُوشن ايوينيُو“ پڻ هن يادگار کان ڪي گھڻيُون پري ڪونهن. هُونئن ته پُوري امريڪا ۾ ابراهام لنڪن جي ياد ۾ ۽ کيس خراج پيش ڪرڻ لاءِ لاتعداد يادگار موجُود آهن، جن ۾ اسڪُولن، ڪاليجن، يُونيورسٽيُن، روڊن، رستن، چؤڪن (سرڪلس) توڙي اسٽيڊيمس سميت متعدد وَٿون موجُود آهن. پاڻ اوهان هن ئي سفرنامي ۾ منهنجي ”هونولُولُو“ (هوائيءَ) ۾ قيام واري ڀاڱي ۾ پڙهيو هُوندو ته اسين جنهن هاسٽل ۾ رهيل هُئاسُون، اها پڻ ابراهام لنڪن جي نالي سان منسُوب آهي، جنهن جو نالو ”لنڪنس هال“ هو. اها حقيقت آهي ته امريڪا جي ڪل 44 صدرن منجھان (براڪ اوباما 44هون صدر آهي) جيڪا اهميت امريڪا جي بانيءَ، جارج واشنگٽن (ڄم: 22 فيبروري 1732ع ـ لاڏاڻو: 14 ڊسمبر 1799ع) ۽ وري 16هين صدر، ”ابراهام لنڪن“ (ڄم: 12 فيبروري 1809ع ـ قتل: 15 اپريل 1865ع) کي ڏني ويندي آهي، اها ٻئي ڪنهن صدر جي نصيب ۾ ناهي اچي سگِھي. جارج واشنگٽن کي ملندڙ اهميت فطري آهي، ڇاڪاڻ ته ڪنهن به ملڪ لاءِ ان جي بانيءَ جو درجو انتهائي اهميت وارو هُوندو آهي، جڏهن ته ابراهام لنڪن کي ملندڙ قدر ۽ احترام هن پاران جديد جمهُوريت جي طرز تي هڪ نئين امريڪا جو بنياد رکڻ واري سياسي خدمت جي ڪري آهي، جيڪڏهن ايئن چئجي ته ان ڳالهه ۾ ڪوبه وڌاءُ ڪونه ٿيندو ته دنيا کي جمهُوريت جي صحيح معنى ۾ وصف سمجھائيندڙ لنڪن ئي هو، جنهن ان نئين وصف جي بنياد تي جديد امريڪا جو بنياد وڌو. ان ڪري ئي شايد انهن ٻنهي اهم صدرن جا يادگار هڪ ٻئي جي آمهُون سامهُون ٺاهيا ويا آهن، ڄڻ امريڪا جو باني ۽ جديد امريڪا جو تخليقڪار انهن يادگارن جي صُورت ۾هڪ ٻئي سان آمهُون سامهُون ڳاٽ اُوچو ڪري ڳالهائي رهيا هُجن. هڪ ٽپاليءَ ۽ ڪلارڪ جي حيثيت سان پنهنجي عملي زندگيءَ جي شرُوعات ڪندڙ، غريب گھراڻي سان تعلق رکندڙ لنڪن پنهنجي مُسلسل محنت، اورچائيءَ ۽ جدوجهد سان امريڪا جي صدر جي عهدي تائين پهتو. هن پنهنجيءَ محنت سان قانُون جو امتحان پاس ڪيو ۽ وڪالت جي ڪرت اختيار ڪيائين. هُو ڪجهه عرصو امريڪي فوج ۾ پڻ رهيو ۽ ڪپتان جي حيثيت ۾ 3 مهينا خدمتُون انجام ڏيندي ”بليڪ هاڪ جنگ“ ۾ پڻ وڙهيو. سياست ۽ ملڪي صُورتحال ۾ دلچسپيءَ کيس اڪيچار مرحلن مان گذرڻ کانپوءِ امريڪي ڪانگريس جو رڪن بڻايو. 1834ع کان 1854ع تائين 10 سال ساندهه، لنڪن امريڪا جي سياسي جماعت ”وهنگ“ ۾ جڏهن ته ان کان پوءِ 1854ع کان 1865ع تائين 11 سال ريپبلڪن جماعت سان واڳيل رهيو. هُو 1860ع ۾ پهريون ۽ 1864ع ۾ ٻيو ڀيرو امريڪا جو صدر چُونڊيو ويو. پنهنجي ٻئي صدارتي مُدي دؤران هن 1863ع ۾ حبشين جي آزاديءَ جو اعلان ڪيو ۽ انسان کي انسان جو غلام هجڻ واريءَ سوچ کي غلط سمجھندي ۽ نِنديندي حبشين کي غلاميءَ مان ڇوٽڪارو ڏيارڻ لاءِ ڀرپُور ڪوشش ڪيائين. جمهُوريت لاءِ ”باءِ دي پِيپل...  آف دي پِيپل اينڊ فار دي پِيپل“ (جمهُوريت ـ ماڻهن جي، ماڻهن لاءِ ۽ ماڻهن پاران) جهڙي مضبُوط، مُنفرد ۽ حقيقي وصف ڏيندڙ، ابراهام لنڪن کي 15 اپريل 1865ع تي هڪ چريي (ذهني مريض) ان وقت گولي هڻي ماري وڌو، جڏهن لنڪن، ”فورڊ ٿيئٽر“ ۾ ويٺي ڊرامو پئي ڏٺو.


”لنڪن ميموريل“ واشنگٽن ڊِي سِيءَ ۾ نيشنل مال جي اولاهين ڇيڙي تي واقع 27 هزار 336 چورس فوٽن تي مُشتمل يادگار آهي. جنهن جي اڏاوت جو ڪم 1914ع ۾ شرُوع ٿيو ۽ 1922ع ۾ ختم ٿيو. هن خوبصُورت يادگار جي عمارت جو نقشو مشهُور آمريڪي بيُوڪس آرٽ جي ماهر آرڪيٽيڪٽ ”هينري بيڪن“ (ڄم: 28 نومبر 1866ع ـ وفات: 17 فيبروري 1924ع) ٺاهيو، جڏهن ته هن عمارت اندر رکيل ابراهام لنڪن جو مُجسمو، نامياري امريڪي مُجسمي ساز، ”ڊينيل چيسٽر فرينچ“ (ڄم: 20 اپريل 1850ع ـ لاڏاڻو: 7 آڪٽوبر 1931ع) تخليق ڪيو. هن عمارت جو نقشو ”بِيڪس آرٽ“ واري انداز ۾ جوڙيل آهي. ”لنڪن ميموريل“ جو انتظام ”نيشنل پارڪ سروس“ جي حوالي آهي. 25 آگسٽ 1916ع تي ”نيشنل پارڪ سروس آرگينڪ ايڪٽ“ تحت امريڪي ڪانگريس پاران ”نيشنل پارڪ سروس“ (اين پِي ايس) نالي قائم ٿيل هن اداري جو ڪم قومي ورثو قرار ڏنل باغن، باغيچن توڙي قومي يادگارن جي سار سنڀال، حفاظت ۽ صفائي سُٿرائيءَ جو خيال رکڻ آهي. جڏهن ته هن يادگار کي 15 آڪٽوبر 1966ع تي ”امريڪي نيشنل رجسٽر آف هسٽارڪ پليسز“ ۾ شامل ڪيو ويو. ”نيشنل رجسٽر آف هسٽارڪ پليسز“ (اين آر ايڇ پي) اهڙن امريڪي ماڳن، مڪانن، عمارتن، علائقن توڙي شين جي سرڪاري لسٽ آهي، جن جي سار سنڀال، اصلوڪيءَ حالت ۾ بحال رکڻ ۽ حفاظت جو خاص خيال رکيو ويندو آهي. اهڙا ماڳ مڪان پاڻ وٽ به آهن، جن جي خاص سار سنڀال لاءِ انهن تي بورڊ لڳائڻ جي حد تائين انهن کي ”قومي ورثو“ ته قرار ڏنو ويو آهي، پر حقيقت ۾ اهڙن ماڳن مڪانن جو اسان وٽ ڪو ڌڻي سائين ڪونهي ۽ اهي به ٻين هزارين ماڳن ۽ عمارتن جيان لاوارث ۽ نظر انداز ٿيل ئي آهن.
”لنڪن يادگار“ تي هر روز هزارين ماڻهُو اچن ٿا ۽ اچي امريڪا جي ابي کي سلام پيش ڪن ٿا. سال 2013ع جي انگن اکرن مُوجب اُن سال هتي ايندڙ سيّاحن جو تعداد 65 لک 46 هزار 518 هو. ابراهام لنڪن جي ياد ۾ سڀ کان پهريون عوامي يادگار سندس شهادت کان 3 سال پوءِ 1868ع ۾ هڪ مُجسمي جي صُورت ۾ ٺهرايو ويو هو، جيڪو ”لاٽ فلينري“ (ڄم: 1836ع ـ لاڏاڻو: 19 ڊسمبر 1922ع) نالي هڪ آئرش ـ امريڪي مجسمي ساز ٺاهيو هو، جنهن کي ”ڊسٽرڪٽ آف ڪولمبيا سٽي هال“ آڏو نصب ڪرايو ويو هو. ان ڏس ۾ لنڪن جي لاڏاڻي کان وٺي مختلف حلقن پاران پُرزور آواز اُٿي رهيا هُئا ته سندس ياد ۾ ڪو مُجسمو ٺهرايو وڃي. سال 1967ع ۾ امريڪي ڪانگريس ان ڏس ۾، امريڪا جي هن 16هين صدر جي ياد ۾ هڪ عظيم يادگار تعمير ڪرائڻ لاءِ هڪ ڪميشن جوڙڻ جو بل منظور ڪيو. تنهن دؤر جو مشهُور امريڪي مجسمي ساز، ”ڪلارڪ ملس“ (ڄم: 13 ڊسمبر 1810ع ـ لاڏاڻو: 12 جنوري 1883ع) کي لنڪن جو اهو يادگار مجسمو تخليق ڪرڻ لاءِ چُونڊيو ويو، پر اهو مُجسمو ٺاهڻ سندس نصيب ۾ ڪونه هو. امريڪي ڪانگريس پاران مختلف سالن ۾ مختلف بل پاس ٿيندا رهيا، مختلف ڪميشنُون ٺهنديُون رهيون، جنهن جا مختلف سربراهه مقرر ٿيندا رهيا ۽ نيٺ 3 لک امريڪي ڊالرن جي منظوريءَ کان پوءِ هن يادگار جي ”ارپنا واري تقريب“ 12 اپريل 1914ع تي منعقد ٿي، جنهن کان پوءِ ايندڙ مهيني (مئي 1914ع ۾) هن يادگار جي تعمير جو ڪم شرُوع ٿيو، يعني، جنهن عظيم الشان يادگار ٺهرائڻ جو خواب 19هين صديءَ ۾ ڏٺو ويو هو ۽ جنهن جي منصوبي تي ڪاڳري ڪم اُنهيءَ ئي صديءَ دؤران ڪم شرُوع ٿي چڪو هو، ان جي عملي ڪم جي شرُوعات 20هين صديءَ جي پهرين 14 سالن پُڄاڻان ٿي. ان اڏاوت جي دؤران يادگار جي اڏاوتي منصُوبن ۾ ڦير گھير ايندي رهي، مثال طور: يادگار جي عمارت اندر رکجندڙ لنڪن جي مُجسمي جي ماپ جي حوالي سان ابتدائي منظُوري 10 فٽ (3 ميٽر) اُوچي مُجسمي جي ڏني وئي، پر پوءِ ان جي ماپ وڌائي 19 فوٽ (ساڍا 5 ميٽر) ڪئي وئي. نيٺ يادگار جي اڏاوت جو ڪم پنهنجي طئي ٿيل وقت تي پُورو ٿيو. امريڪي سينٽ پاران هن يادگار جي اڏاوت لاءِ قائم ڪيل خاص ڪميشن، جي تڏهوڪي صدر ”ايڇ. ٽافٽ“ (جيڪو امريڪا جو تڏهوڪو چيف جسٽس به هو) هن يادگار جي جُڙي راس ٿيڻ کان پوءِ 30 مئي 1922ع تي باضابطه طور تي ان کي امريڪي عوام پاران تڏهوڪي امريڪي صدر (امريڪا جي 29هين صدر) ”ويرن جِي هارڊنگ“ کي پيش ڪيو. هن اهم تقريب (جنهن ۾ ڪميشن پاران هي يادگار امريڪي صدر جي حوالي ڪيو ويو) جي دلچسپ ڳالهه اها هئي ته ان وقت لنڪن جو واحد پُٽ ”رابرٽ ٽوڊ لنڪن“ حيات هو، جيڪو پڻ 78 سالن جو پوڙهو ٿي چُڪو هو، اُن، هن اهم تقريب ۾ شرڪت ڪري، پيءُ جي پاران نمائندگي ڪندي، هن ميڙاڪي کي هميشه لاءِ يادگار بڻائي ڇڏيو.
هن يادگار جي ٻاهرين اڏاوت يُوناني مندرن جي طرز تي ٿُلهن ٿنڀن جي سُونهن سان سينگاري ڪئي وئي آهي. جنهن ۾ ڪولوراڊو جِي ”يُولي“ ماربل استعمال ڪئي وئي آهي. سمُوري اڏاوت 189.7 فُوٽ ڊگھي، ساڍا 118 فُوٽ ويڪري ۽ 99 فُوٽ (30 ميٽر) اُوچي آهي. هن اڏاوت جي بُڻ ۾ 44 کان 66 فوٽ گهرائيءَ ۾ ڪنڪريٽ وڌو ويو آهي. هن عمارت کي تعمير ڪندڙ ادارا ”ايم ايف ڪامر اينڊ ڪمپني“ ۽ ”نيشنل فائُونڊيشن اينڊ انجينيئرنگ ڪمپني“ هئا. هن عمارت اندر داخل ٿيڻ لاءِ 22 ڏاڪا هڪڙا ۽ هڪ لينڊنگ کان پوءِ 18 ڏاڪا ٻيا اُڪرڻا پون ٿا. هيٺيان 22 ڏاڪا ناسي رنگ جي ماربل ۽ مٿيان 18 ڏاڪا اڇي رنگ جي ماربل جا ٺهيل آهن. اسان جيئن ته 5 اپريل 2014ع تي هتي آيا هُئاسِين، جيڪو ڇنڇر جو ڏينهن هو، ته ”وِيڪ ـ اينڊ“ هئڻ سبب ان ڏينهن رش تمام گھڻي هئي. اسان پهريان 22 ڏاڪا اُڪريا. جنهن بعد لينڊنگ واريءَ جاءِ تي اهو خاص مقام آهي، جتي بيهي 28 آگسٽ 1963ع تي ”مارٽن لُوٿر ڪنگ جُونيئر“ (ڄم: 15 جنوري 1929ع ـ قتل: 4 اپريل 1968ع)، سِول مارچ دؤران، پنهنجي زندگيءَ جي مشهُور ۽ خاص تقرير ”آءِ هيو اَي ڊريم“ ڪئي هئي. مارٽن لُوٿر ڪنگ جُونيئر کي 1964ع ۾ نوبل پرائيز به مليو هو. اُن جاءِ تي، جتي بيهي هُن پنهنجي زندگيءَ جي اهم ترين تقرير ڪئي هئي، اُتي اُن جاءِ تي ماربل واري فرش تي اُڪريل هي لفظ لکيل آهن: ”آءِ هَيو اَي ڊرِيم ـ مارٽن لُوٿر ڪنگ جُونيئر ـ دي مارچ آن واشنگٽن فار جابس اينڊ فريڊم ـ آگسٽ 28، 1963“ ذڪر نڪتو آهي ته مارٽن لُوٿر ڪنگ جُونيئر جي ان تقرير جو ٿورو تتُ به اوهان کي ٻُڌائيندو هلان. لُوٿر چيو: ”مُنهنجو اڃا تائين هڪ خواب آهي...  هڪ اهڙو خواب، جنهن جُون پاڙُون انتهائيءَ گهري انداز ۾ امريڪي خواب ۾ کُتل آهن. هڪ ڏينهن هيءَ قوم ضرُور اُٿي کڙي ٿيندي ۽ پنهنجي مذهب مُطابق جيئندِي. اسان پنهنجي شاهدي پاڻ ڏيندي انهيءَ سچ جا سنڀاليدار آهيُون ته سڀ انسان برابر آهن... منهنجو هڪ خواب آهي!“
اسان جي کُنڊي (خشڪ) گائيڊ ”ايليڪسي سوچينڪو“ اسان کي اُن جاءِ تي بيهاري ڏاڪڻ جي لينڊنگ تي اُها تحرير ڏيکاري، جنهن کي اسان نه فقط غور سان ڏٺو ۽ پڙهيو، بلڪه مُون ته اُن ميڙاڪي کي تصّور جي اک سان ڏٺو ۽ محسُوس به ڪيو، جڏهن مارٽن لُوٿر ڪنگ هتي بيهي لکن جي ميڙاڪي کي پنهنجو خواب ٻڌايو هُوندو. اسان جي بلڪل سامهُون ”پوٽوميڪ نديءَ“ جي هڪ سانتيڪي ڪرِيڪ ۽ اُن جي پرئين پاسي ”جارج واشنگٽن ميموريل“ هو. ڇا ته سُهڻو منظر هو ۽ هن چيري بلاسم جي هلڪي ٿڌڙيءَ مُند ۾ ايڏو دلفريب احساس هو، جيڪو بيان کان ٻاهر آهي. اسان ان عبارت جا فوٽا به ڪڍيا. مٿي هلندي اڇي ماربل وارين ڏاڪڻين تي ويهي اسان مان لڳ ڀڳ هر ڪنهن فوٽو ڪڍرايا. ماڻهن جي پيهه سبب اسان جي تصويرن ۾ گورن جو وڏو انگ نظر آيو.
يادگار جي عمارت جي اندر 60 فُوٽ ويڪري ۽ 74 فُوٽ ڊگھي ايراضي لنڪن جي مُجسمي لاءِ مخصُوص ڪيل آهي. ابراهام لنڪن جو هي مُجسمو سندس پُوري جسم تي مُشتمل آهي، جنهن ۾ هُو صدارتي جاح ۽ حشمت سان وڏي ڪُرسيءَ تي ويٺل ڏيکاريو ويو آهي. سندس ساڄو هٿ ڪرسيءَ جي ٻانهن تي رکيل آهي ۽ اُن هٿ جي مُٺ بند اٿس. لنڪن جُون نظرُون پنهنجي بلڪل سِڌ ۾ نهاري رهيُون آهن ۽ سندس چهري تي مُڪمّل سنجيدگيءَ توڙي ڳُوڙهي سوچ جا آثار آهن ۽ هلڪي به مُرڪ ڪانهيس. هن عمارت جو مُنهن اولهه طرف آهي ۽ هن ۾ اندر داخل ٿيڻ سان عمارت جو اندرُوني حصّو هڪ ئي وڏي هال تي مُشتمل آهي، جنهن کي 3 ڪالمن ۾ ورهايو ويو آهي. عمارت جي مک دروازي کان اندر داخل ٿيندي اوهان جي بلڪل سامهُون لنڪن جو هي جاح ۽ جلال وارو مُجسمو رکيل آهي، جنهن جي پويان انگريزيءَ ۾ پنجن سٽن ۾ جيڪا تحرير اُڪريل آهي، اُن جو ترجمو آهي: ”هن مندر ۾ ۽ ڄڻ ته انهن ماڻهن جي دلين ۾، جن لاءِ هن ”يُونين“ (اتحاد) کي بچايو، ابراهام لنڪن جي ياد هميشه لاءِ شامل آهي“. جڏهن ته هن مُجسمي جي ٻنهي پاسن وارين ديوارن (هال جي اُترين ۽ ڏاکڻين ڀت) تي ابراهام لنڪن جا قؤل ۽ سندس يادگار تقريرن جا خاص حصّا، ان جي فرمُودات جي طور تي تاريخ سان گڏ اُڪريل آهن. هي ٻئي ڪالم (اُتريون توڙي ڏاکڻيون ڪالم) ڇت کان وچ واري (مُجسمي واري) ڪالم کان الڳ ٿيل آهي. جن ۾ ماڻهن جي رش گھٽ هُئي. ماڻهن جي پِيهه وچ واري ڀاڱي (پيسيج) ۾ وڌيڪ هُئي. اسان لنڪن جي مُجسمي توڙي سندس فرمُودات وارين ڀتيُن کي چڱيءَ ريت ڏسڻ کان پوءِ، اُترئين پيسيج ۾ اُن جاءِ تي باقي ساٿين جو انتظار ڪرڻ لاءِ گڏ ٿياسِين، جتي اسان کي ”ايليڪسيءَ“ گڏ ٿيڻ لاءِ چيو هو، ڇاڪاڻ ته هن پِيهه ۾ هر ڪنهن الڳ الڳ ٿِي فوٽوز پئي ڪڍرايا. اسين اُتي گڏ ٿياسين ته اُن وقت اسين عين لنڪن جي مُجسمي جي پاسي ۾ هُئاسِين، جتان بيٺي اسان کي مُجسمي جي پويان وارو حصّو به نظر پئي آهي. ”ايليڪسي سوچينڪو“ اسان سڀني جو ڌيان ڇڪايو ته اسان کي سندس مُنهن جي ٺيڪ مُخالف رُخ ۾ سندس پٺيان جي وارن ۾ پڻ سندس شبيهه نظر آئي، جنهن کي ٺاهڻ جو مقصد اهو ٻڌايو ويو، ته هن عمارت جي پوئين پاسي وارو علائقو لنڪن جي صدارت واري عرصي دؤران ”واگنگ جنگ“ ۾ وڏي اثر هيٺ رهيو ۽ جنگي سرگرميءَ جو حصّو رهيو، ته سندس مُنهن جي شبيهه پويان پڻ ٺاهڻ جو مقصد اهو آهي ته هُو جهڙوڪر پنهنجين فؤجن تي نظر رکيو ويٺو آهي. لنڪن جي مُجسمي جي ڀرسان خاموش رهڻ جا انتباهي بورڊ به رکيل هُئا، جن تي اهڙو تاڪيد به لکيل هو ته: ”هي ادب جو مقام آهي...  خاموش رهو... “ پر هيڏيءَ رش جي هُوندي خاموشي مُمڪن ڪانه هئي. جيتوڻيڪ سڀني هرُوڀرُو اسان پاڪستانين وانگر لُڙ ڪونه ٿي مچايو، پر پوءِ به هلڪي ڦُلڪي ڳالهه ٻولهه به مجمُوعي طور تي گوڙ جي صُورت ۾ ٻُڌڻ ۾ پئي آئي. هڪ اندازي مُوجب اُن وقت هال ۾ سؤ کان مٿي ماڻهُو موجُود هئا. مطلب ته جيتوڻيڪ لنڪن امريڪي رياست ”الينوائي“ جي راڄڌانيءَ ”اسپرنگ فِيلڊ“ ۾ مدفُون آهي ۽ سندس آخري آرامگاهه اُتي واقع آهي، پر واشنگٽن وارا سندس هن يادگار کي سندس آخري آرامگاهه (مزار) جيتري ئي تعظيم ڏيندا آهن ۽ ادب مان ايئن حاضر ٿيندا آهن، ڄڻ واقعي سندس آڏو حاضري ڏيندا هجن.

اسان هن عمارت ۾ اندر جو حصّو پُورو گھمي، پنهنجي گائيڊ سوچِينڪو سان ٻاهر آياسِي، جنهن ڏاڪڻين رستي هيٺ لهڻ کان اڳ اسان کي عمارت واريءَ سطح تي ئي هن عمارت جي چوڌاري موجُود ورانڊو لتاڙيندي، عمارت جي پويان گھمائڻ لاءِ اسان کي پنهنجي پويان اچڻ جو چيو. اُن طرف به کوڙ سارا سيّاح آيا ويا پئي، پر ماڻهن جو ڪو وڏو يا گھڻو انگ ان ورانڊي (دالان) طرف ڪونه ٿي ويو. اسان اُترئين پاسي، عمارت جي ڀت سان گڏ گڏ هلندي، پويان (اوڀارين حصي) واريءَ ڀت سان گڏ ٺهيل رستي تي هلندي عمارت جي عين اُن جاءِ تي اچي بيٺاسِين، جتي اندازي مُطابق اندر رکيل لنڪن جي مُجسمي جِي پُٺ هُوندي. اُتان سوچِينڪو پُٺيان وران روڊن تي ٽرئفڪ جي روانيءَ طرف اشارو ڪندي چيو ته ”هي علائقو، واگنگ جنگ جو ميدانِ جنگ هو!“ اسان اتي ڪجهه دير ترسڻ کان پوءِ، عمارت جي پويان واري باقي رهيل رستي کان چؤڦير ڦري (اوڀارين باقي ڀت جي ڀر وارو رستو ۽ ڏاکڻين ڀت وارو پيسيج اُڪري) وري اسان عمارت جي مُهاڙيءَ واري پاسي کان اچي وياسِين ۽ سامهُون نظر ايندڙ اُوچي ”جارج واشنگٽن يادگار“ جي حسين نظاري کي اکين ۾ اوتي هميشه لاءِ محفُوظ ڪرڻ لڳاسِين. اُهي ڏاڪا جيڪي چڙهيا هُئاسُون، اُهي هورڙيان هورڙيان لهندي، مختلف دلچسپ نظارا ڪندي، اسين ويتنام جنگ جي شهيدن جي يادگار طرف وڌڻ لڳاسِين. دلچسپ نظارن مان منهنجي مُراد اها آهي ته ماڻهن جي هن ڀيڙ ۾ ڪي ماسڪ پاتل ماڻهُو مستي ڪندي نظر آيا ته هڪ نؤجوان ڏاڪڻ جي پاسي واري ٿلهي تي مٿي بيهي رڙيُون ڪندي، تقرير جو فن ڏيکاريندي پڻ نظر آيو. ڪن سيّاحن سندس فوٽو پئي ڪڍيا ته ڪن سندس ويڊيو پئي ٺاهي. اسان جي گرُوپ مان ڪن ماڻهن چيو ته: ”اهو چريو آهي!“ پر مُون کي هن گوڙ گھمسان ۾ به سندس تقرير جا جيڪي لفظ ٻُڌڻ ۾ آيا، اُن مان لڳو ته شايد اهو نؤجوان ”مارٽن لُوٿر ڪنگ جُونيئر“ جي تقرير ئي ڪري رهيو هو ۽ هتي گھمڻ لاءِ ايندڙن کي اها تقرير ياد ڏياري رهيو هو. ”ويٽنام جنگ واري يادگار“ ۽ ان کان اڳتي جي ماڳن جو احوال اوهان سان ايندڙ حصّي ۾ اوربو.

No comments:

Post a Comment