Sunday, August 23, 2015

نديم هوتيانا جي گھر اسان جي دعوت - ياسر قاضي

نديم هوتيانا جي گھر اسان جي دعوت
(پئسفڪ جي پاڙي ۾ قسط 27)
ياسر قاضي
جيڪي دوست هن ”سفر ـ ڪهاڻيءَ“ جا مُستقل پاٺڪ رهيا آهن، اُنهن کي ته خبر هُوندي ته اسين گذريل هفتي هن سفر ۾ ڪٿي پهتا هُئاسِين، پر جيڪي دوست هن ”سفر ـ ڪٿا“ کي پهريون دفعو پڙهي رهيا آهن، يا وقفي وقفي سان هن جو مطالعو ڪندا رهن ٿا، انهن جي سُڌ لاءِ عرض ڪندو هلان ته گذريل دفعي، جتي موُن هن سفر جي سار کي صفحي پُوري ٿيڻ جي ڪري ڇڏيو هو، اُهو مقام جُمعي، 4 اپريل 2014ع جي ٽنپهرن جو هو، جڏهن اسين اُن ڏينهن، واشنگٽن ڊِي سِيءَ ۾ اِيسٽ ويسٽ سينٽر، امريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ ۽ يُو ايس ايڊ جو هيڊ ڪوارٽر گھُمي اچڻ کان پوءِ ”ڊيوپونٽ سرڪل“ ويجهو، پنهنجي هوٽل جي آسپاس، اچي اسٽاربڪس ڪافي (شاپ) تي ”ڪيپيچينو“ جُون چُسڪيُون هنيُون هيون ۽ پوءِ اچي ڪلاڪ کن لاءِ هوٽل تي ڏينهن جي پهرين اڌ جو ٿڪ پَٽڻ ۽ جهٽ ليٽڻ جو موقعو هٿن مان ڪونه وڃايوهوسُون. اسان کي شام ساڍي 6 لڳي ڌاري، واشنگٽن ڊي سِيءَ ۾ قائم پاڪستاني سفارتخاني جي پريس اتاشي (اٽيچي)، نديم هوتيانا صاحب جي گھر، رات جي ماني کائڻ لاءِ هوٽل مان روانو ٿيڻو هو. هوتيانا صاحب جو تعلق پنجاب سان آهي ۽ ڳچ عرصي کان فارين سروس ۾ آهي ۽ گذريل ڪجھه عرصي کان پاڪستاني سفارتخاني، واشنگٽن ڊِي سِيءَ ۾ ان عهدي تي پنهنجيُون ذميواريوُن خوش اسلُوبيءَ سان انجام ڏئي رهيو آهي. امريڪا ۾ ايندڙ پاڪستاني صحافين جي وفد کي ڀليڪار ڪرڻ ۽ سندن خيال رکڻ سندس ئي ذميوارين ۾ شامل آهي. اسان جي واشنگٽن ڊِي سِيءَ ۾ قيام جي دؤران اسان جي ايندڙ ڏينهن ۾ پاڪستاني سفارتخاني جي دؤري ۽ پاڪستاني سفير سان مُلاقات جا سمُورا انتظام به هوتيانا صاحب جي ئي بلي هُئا. اڄ سڄو ڏينهن ڊپلوميٽس سان لاڳيتيُن مُلاقاتن ۽ سيشنز سبب ڊپلوميٽڪ ڊريس ۾ گذارڻ پُڄاڻان ڊنر لاءِ عام رواجي (ڪييُوئل) لباس پائڻ جي اجازت هُئي، بلڪه ڇاپي شيڊيُول ۾ ”بزنس ڪييُوئل“ (لباس) پهرڻ جي هدايت ڪيل هُئي، سو مُون به جِينز ۽ موسم آهر ”هُڊِي“ پائڻ ۾ ئي عافيت سمجھي. سنگت جي صلاح سان مفلر به ڪنڌ کي ويڙهيو، ڇاڪاڻ ته هلندي هلندي واشنگٽن جو گرمي پد جڏهن اوچتو ڪِريو ٿي، ته سِيءَ وچان مٿي ۽ ڪنن کي ڍڪڻ ضرُوري ٿي ٿِي پيو.


شام 6:30 لڳي هوٽل (”ميرِيييَٽ ريزيڊنس اِن“) جي لابيءَ ۾ جمع ٿياسُون. سڄي سنگت آئي. ڪوسٽر به ٺيڪ وقت تي اسان کي کڻي هلڻ لاءِ پهچي چُڪي هُئي. مان ۽ اشفاق آذر ڪوسٽر جي صفا پوئين نشست تي ويٺاسِين. اسان سان گڏ اسماء رزاق ۽ سندس منڱيدو، جاويد ڪلهوڙو (جيڪو ”آءِ سي ايف جي“ ـ انٽرنيشنل سينٽر فار جرنلسٽس جي وفد سان اسلام آباد مان آيو هو) ويٺا. جاويد ۽ اشفاق جي وچ ۾ سنڌ جي سياسي ۽ سماجي صُورتحال ۽ فڪري ابتريءَ واري حالت تي ڳالهه ٻولهه ۽ بحث مُباحثو شرُوع ٿيو. شرُوع ۾ آءٌ به ان بحث جو حصّو هئس، پر پوءِ اِشُو ۽ جاويد کي جڏهن ان موضُوع تي گھڻو جذباتي ٿيندي ڏٺم، ته مُون ماٺ ڪرڻ ۾ ئي عافيت ڄاتِي. آءٌ دريءَ واري پاسي کان ويٺل هُئس ۽ سجّ به موڪلائڻ وارو هو، سو سجَّ بيٺي واشنگٽن جي عمارتن، چؤڪن توڙي چؤبانن جي وڌ ۾ وڌ تصويروگرافي ڪرڻ کي اهميت ڏنم. منهنجي ڀرسان ئي ”آئِيس بار“ (بوتلن کي برف ۾ ٿڌو رکڻ وارو دٻو) رکيل هو، جنهن منجهان ”ڪَوڪ“ ڪڍيم...  ڍُڪ ڍُڪ ڪري پِيئندو رهيم...  دريءَ مان فوٽوگرافي ڪندو رهيم ۽ جاويد ـ اِشُو ڊسڪشن هڪ ڪن کان ٻُڌِي، ٻئي ڪن کان ڪڍندو رهيُم...  نديم هوتيانا صاحب جو گھر اسان جي هوٽل کان خاشو پري هو. ڀانيان ٿو اڌ ڪلاڪ کان به ٿورڙو وڌيڪ وقت لڳي ويو، سندس گھر تائين پهچندي...  تيسِين سجُّ به لَڪن ۾ مُنهن لڪائي، اسان جي ساڻيهه ۾ نئون ڏينهن اُڀارڻ لاءِ روانو ٿي چُڪو هو ۽ اسان جي اُن وقت جي زمان ۽ مڪان پٽاندر اُونداهي ڇانئجي وئي.  هوتيانا صاحب جو گھر، ڏکڻ آرلنگٽن، وِي اَي 22207 جي 34هين اسٽريٽ تي واقع گھر نمبر 5600 هو، جتي پهچڻ کان اڳ ۾ ئي اهو احساس ٿيو ته اسين ڪنهن پوش علائقي ۾ داخل ٿي چُڪا هُئاسُون، جتي سڀ ڪُشادا گھر ۽ بنگلا هُئا. هي علائقو واشنگٽن ڊِي سِيءَ جي عام چهل پهل ۽ رونق کان ٿورو پاسِيرو علائقو هو، جتي سُڪون جو عنصر وڌيڪ محسُوس ٿيو. هن علائقي جي ويجھو ڪابه ڪمرشل ايريا يا دُڪانن جي رش ۽ گُنجان آباديءَ جو گمان ڪونه هو. هُونءَ ته واشنگٽن پاڻ ئي ڪو هرُوڀرُو گھڻي گِچ مِچ وارو شهر ناهي. هن شهر ۾ گاديءَ واري شهر جو روايتي رعب ۽ دٻدٻو به آهي ته هن جي رستن ۾ به اهو ئي شان ۽ شوڪت موجُود آهي، ويتر اُن جو هي علائقو (آرلنگٽن) بنهه واشنگٽن کان به پاسيِرو ئي لڳو. هوتيانا صاحب جي گھر پهچڻ شرط هوتيانا صاحب ۽ سندس کلمک ۽ خُوش اخلاق گھرواريءَ انتهائي گرمجوشيءَ سان اسان جو آڌرڀاءُ ڪيو. سندن گھر جي ٻاهران روشنيءَ جو ڪو جوڳو انتظام ڪونه هو. سندن گھر اسان وارن ڊفينس وارن يا ٻين روايتي پاڪستاني بنگلن کان هٽي ڪري تعمير ٿيل هو. هن ۾ ڪابه بائُونڊري وال يا گھر جي اڳيان روايتي باغيچو ڪونه هو. ٻه ٽي ڏاڪا ٽپِي، سڌو سنئون سندم گھر جو مُک دروازو، گھر جي لائُونج نُما وڏي هال ۾ پئي کُليو ۽ ان مک دروازي جي ٻاهران مين رستو (روڊ) هو، جنهن جي هُن پار اسان جي ڪوسٽر پارڪ ٿي هُئي. اُن لائُونج سان ڳنڍيل هڪ ٻيو ننڍو لائُونج هو ۽ ٻنهي لائُونجز مان گھر جي مُختلف ڪمرن جا دروازا کُلي رهيا هُئا. ٻئي لائُونج مان رنڌڻي (ڪچن) جو دروازو به کليو پئي. ”آءِ سِي ايف جَي“ (انٽرنيشنل سينٽر فار جرنلسٽس“) جي وفد جا اسان جا ساٿي اسان کان اڳ ئي پهچي چُڪا هُئا. هن وفد ۾ مستُورات جو تعداد مڙئي ڪُجھه گھڻو هو. مرد حضرات گھٽ هُئا. اسان جي پهچڻ شرط سڀ دوست هڪٻئي سان ملياسي ۽ هر ڪنهن پنهنجو پنهنجو تعارف ”پنهنجِي مدد پاڻ“ جي بُنياد تي ڪرايو ۽ ايئن اسين بنا ڪنهن تڪلُف جي هڪ ٻئي سان مُتعارف ٿي وياسيِن، جيئن ته ڪمرا ننڍا ننڍا هُئا ۽ ڪو هڪڙو وڏو هال ڪونه هو، جنهن ۾ سڀ گڏ ويهن ۽ هڪٻئي سان رسمي تعارف ۽ دعا سلام ٿئي، تنهن ڪري اسان صحافين جي ٻنهي وفدن منجھان اسين سڀ بنا ڪنهن رسمي ورڇ جي، خود ساخته گرُوپن ۾ ورهائجي مختلف ڪمرن ۾ ويهي رهياسُون ۽ بنا ڪنهن اعلان يا گھُگھُو وڄڻ جي اسان جي هڪٻئي سان ڪچهري شرُوع ٿي وئِي. اسان جنهن ڪمري ۾ ويٺاسِين، اُتي ٽي وڏا صوفا سيٽ رکيل هُئا. هن ڪمري ۾ اسان جي وفد منجھان آءٌ، اشفاق آذر، جيئند ڪاشف ساجدِي، ذُوالفقار مهتُو، اڪرام الله ۽ ضياء هُئا، جڏهن ته باقي ٻيا سڀ دوست ”آءِ سِي ايف جَي“ (انٽرنيشنل سينٽر فار جرنلسٽس“) جي وفد جا هُئا، جن ۾ ”جيو ٽي وِي“ جي هڪ ٻِن خواتين جرنلسٽس سان خيالن جي چڱي ڏي وٺ ٿي. انهن ساٿياڻين مان هڪ کي ريڊيو تي ڪم ڪرڻ جو شوق به هو ۽ هن ڪُجهه عرصو ڪراچيءَ جي ڪنهن ايف ايم چينل تي ڪم به ڪيو هو، سو اُن مُون کان اتي ئي ريڊيو براڊڪاسٽنگ جُو ٽپس وٺڻ شرُوع ڪري ڇڏيُون. اسان جي وچ ۾ ان قسم جي ڳالهه ٻولهه شرُوع ٿي ته ”آءِ سِي ايف جَي“ وفد جي هڪ ٻي ڇوڪريءَ چيو ته: ”ياسر صاحب کي وائيٽ بورڊ آڻي ٿا ڏيون. ان بهاني اسان جو ورڪشاپ ٿي ويندو ۽ اسان به ريڊيي جي باري ۾ ڄاڻي وٺنداسين.“ مُون چيو: ”ريڊيي بابت باقي ڳالهيُون ڪراچيءَ ۾ ٿينديُون. اچو ته باهمي دلچسپيءَ جي موضُوعن تي ڳالهه ٻولهه ڪريُون.“ اسان جي اهڙي هلڪي ڦُلڪي گفتگُوءَ تي محفل ۾ ٽهڪڙو مچندو رهيو. مُون نوٽ ڪيو ته هوتيانا صاحب جي گھر ۾ سمُورن ڪمرن ۾ چٽي روشنيءَ جو انتظام ڪونه هو ٿيل. ڪافي ماڻهُو ڌيمي لائيٽ کي جماليات جي نشاني سمجھندي به گھر جي روشني ڌيمي رکندا آهن. هوتيانا صاحب جي گھر جي روشني به ايئن ٿي لڳي، جيئن اسان وٽ پاڪستان ۾ 60 واٽ واري بلب جي روشني هُوندي آهي. نديم هوتيانا پاڻ به اسان سان ڪچهري ڪرڻ لاءِ آيو. هوتيانا صاحب واري واري سان هر ڪمري ۾ وڃي، سمُورن دوستن سان ٿورو ٿورو وقت ويهي ڪچهري پئي ڪئي ۽ اسان مڙني کان امريڪا جا تجربا پئي پُڇيا. اهو ته اسان کان امريڪا ۾ ڪم و بيش هر امريڪيءَ توڙي پاڪستانيءَ پُڇيو پئي ته اوهان کي امريڪا ڪيئن لڳو؟ اوهان امريڪا ڪائون ڀيرو آيا آهيو؟ اوهان امريڪا جي باري ۾ پهرين ڇا سوچيندا هُئا؟ امريڪا گھمڻ کان پوءِ اوهان جي خيالن ۾ ڪهڙي تبديلي آئي آهي؟ ڇا امريڪا اوهان کي اهڙو ئي لڳو؟ جهڙو اوهان سوچيندا هُئا؟ يا اوهان کي مختلف لڳو؟ جيڪڏهن مُختلف لڳو ته ڇا ۾ لڳو؟ هاڻي اوهان امريڪا جي باري ۾ ڪهڙي راءِ ٿا رکو؟ وغيره وغيره... خاص طور تي ديس ـ ڌڻين کي ان ڳالهه جي وڏِي اونَ ۾ مبتلا ڏٺوسُون ته اسان سندن مُلڪ جي باري ۾ ڪهڙي راءِ ٿا رکُون. اهڙا سوال جواب اڄوڪي رات جي ڪچهريءَ ۾ به ٿيا.
اسان جي ڪمري ۾ اسان سان موجُود دوست، خاص طرح سان ڇوڪريُن ڪمرا مَٽايا پئي ۽ سڀني سان ڪچهري ڪرڻ جي خيال کان ٿوري دير هڪ ڪمري ۾ پئي ويٺيُون...  ٿوري دير ٻئي ڪمي ۾، ته ٿورِي دير ٽئين ڪمري ۾ پئي پسار ڪيائُون، ته جيئن سڀني سان مُلاقات ۽ ڪچهري ٿي وڃي. اسان جي هن ڪچهريءَ ۾ رڳو اسان (اِيسٽ ويسٽ سينٽر جي وفد) ۽ ”آءِ سِي ايف جَي“ (انٽرنيشنل سينٽر فار جرنلسٽس“) جي وفد جي ساٿين ئي نه بلڪه ڪُجهه لوڪل پاڪستاني نزاد امريڪي صحافين به شرڪت ڪئي، جن ۾ واشنگٽن توڙي ڀرپاسي جي ٻين شهرن جي ”جيو“ ۽ ٻين چينلس توڙي اخبارن جا نمائندا به هئا، جن جو تعلق پڻ ڪراچيءَ سان هو. گڏو گڏ امريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ جي ”بيُورو آف سائُوٿ اينڊ سينٽرل ايشين افيئرس“ جي آفيس آف پريس اينڊ پبلڪ ڊپلوميسي جي ”پاڪستان ڊيسڪ آفيسر فار پبلڪ ڊپلوميسي“، مسز اينِي سمپڪنز به هن ڊنر ۾ اسان سان گڏ هئي. اسان جي ڪمري ۾ جيڪي مرد دوست موجُود هُئا، انهن جي اڪثريت اتي جو اتي ئي ويٺي رهي ۽ اسان ڪمرا ڪونه مٽاياسي. اسان جي وچ ۾ بحث هيٺ ايندڙ موضُوعن مان سمُورن موضُوعن جو تعلق پاڪستاني جي هاڻوڪي سياسي صُورتحال ۽ ان ۾ صحافت جي ڪردار سان ئي هو. اسان ان ڳالهه تي به بحث مُباحثو پئي ڪيوسي ته اسان منجھان هر صحافيءَ کي پنهنجي پنهنجي خدمت واري شعبي جي قسم (پرنٽ، ريڊيو توڙي ٽيليويزن) جي ميدان ۾ صحافتي خدمتُون انجام ڏيڻ جي حوالي سان ڪهڙين ڪهڙين مُشڪلن کي مُنهن ڏيڻو پوي ٿو...  سرڪار ڪٿي ڪٿي رُڪاوٽ وجھي ٿي ۽ صحافتي دُنيا جُون مافيائُون ڪٿي ڪٿي ۽ ڪيئن ڪيئن تنگ ڪن ٿيُون ۽ ڪم رنڊائن ٿيُون. امريڪا ۾ پاڪستاني اخبارن توڙي چينلن لاءِ ڪم ڪندڙ صحافين پنهنجو روئڻو پئي رُنو ته اسان وٽ انتهائي اهميت واري خبر، جنهن کي امريڪي لوڪل ميڊيا پنهنجي شهه سُرخي بڻائي هلائي رهي هُوندي آهي، اسان جي چينل مالڪن جي نظر ۾ اها خبر ڪُجھه به ناهي هُوندي ۽ اُن تي اسان جي رپوٽ يا بِيپر (آن لائين براڊڪاسٽ) ته ڇا، پر اسان جو چينل معمولي خبر يا ٽِڪَر (پَٽي) هلائڻ لاءِ به تيار ناهي هُوندو. ٻئي طرف وري انتهائي معمُولي نوعيت جي خبر (جيڪا اسان جي اخبار يا چينل مالڪن جي نظر ۾ اهم هُوندي آهي)، اُن لاءِ اسان کي ننڊ مان اُٿاري ڪئميرا کڻائي ڀڄايو ويندو آهي ته اُن جي ڪوريج ضرُور ڪرڻي آهي. ان طريقي سان اسان هڪ ٻئي سان پنهنجا تجربا پئي سَليا ۽ سوُر ـ پچارَ پئي ڪئي سِين. ”آءِ سِي ايف جَي“ (انٽرنيشنل سينٽر فار جرنلسٽس“) جي وفد سان سلهاڙيل دوستن کي اسان جي ٽُوئر ۾ شامل شهرن جو ٻُڌِي وات ۾ پئي پاڻي آيو ۽ ”آءِ سِي ايف جَي“ جا دوست ان ڪري به ڪُوماڻيل پئي نظر آيا جو، انهن جو ٽُوئر بس پُورو ٿي چُڪو هو ۽ کين سُڀاڻي يا پرِينهن واپس پنهنجن گھرن ڏانهن اُڏامڻو هو ۽ اسان جي ته اڃا ”هُڻ ٻَڌِي هُئي!“
اسان جي ڪچهري هلي ئي پئي ته مانيءَ جو سڏ ٿيو. اسان پنهنجي ڪمري مان نڪتاسِين ته اُنهن ٻن لائُونجز منجھان (جن جو ذڪر ٿوري دير اڳ ڪري چُڪم) ننڍو لائُونج اسان کي ويجھو هو. انهن ٻنهي (ننڍي توڙي وڏي) لائُونجز ۾ مختلف ٽيبلن تي ماني لڳل هُئي. اسان جا اُهي اڻ ڏٺل ساٿي، خاص طور تي ”آءِ سِي ايف جَي“ جي گرُوپ جا ساٿي، جيڪي ٻين ڪمرن ۾ ويٺل هُئا، سان به اُتي مانيءَ جي ٽيبلن جي آسپاس رسمي تعارف ۽ دعا سلام ٿيندي رهِي. واشنگٽن ۾ ٽن ڏينهن کان پوءِ ۽ مجمُوعي طور تي امريڪا ۾ هن ڇهين سَتين ڏينهن تي، جڏهن اسين ”حلال“ کاڌي جي نالي ۾ فقط ڊبل روٽيءَ سان پالڪ کائي کائي بيزار ٿي چُڪا هُئاسِين، هڪ ئي وقت کوڙ سارا پاڪستاني کاڌا ڊائننگ ٽيبل تي ڏسي، اسان کائڻ لاءِ ڪيڏا اُتاولا هُئاسِين، اهو ته ڪو ان وقت اسان جي دلين کان پُڇي ها! ظاهري طور تي ادب آداب، سنجيدگي، رعب ۽ رسمِي رک رکاءَ جي ماسڪ پاتل اسان پاڪستاني صحافين جي معتبر وفد کان ڪو پُڇي ها ته اسان جي وات ۾ ان وقت ڪيترو پاڻي ٿي آيو، ته شايد اسين اهو لفظن ۾ بيان نه ڪري سگھُون ها! هڪ پاڪستانيءَ جي گھر ۾ نج پاڻ وارا پاڪستاني کاڌا هيڏن ڏينهن کان پوءِ کائڻ لاءِ اڳيان سينگاريل هُئا. الله ٿو ڄاڻي ته دل پئي چيو ته هڪدم سمُورن ڊشز تي وڃي حملو ڪجي! هن وقت اهي کاڌا ايئن هُئا، جيئن سخت گرميءَ واري روزي ۾ شديد اُڃ کان پوءِ روزيدار روزو افطار ڪري ۽ پاڻي پيئندي نه ٿڪجي! ڪُڪڙ، ٻاڪري گوشت، پُلاءَ توڙي وڏي گوشت جُون مُختلف لذيز ڊشز، نديم هوتيانا صاحب جي گھرواريءَ جي هٿ جي اعلى ذائقي جو اعلى مثال هيُون. سچ پچ ته اڄوڪي ڊنر جي کاڌي، پنهنجي گھر جي ياد ڏياري ڇڏِي، ته گڏوگڏ پنهنجي گھر جي لذيذ کاڌي ۽ پنهنجي ساڻيهه جو قدر به ٿيو ته جيڪا شئي اسان کي روز ۽ عام جام دستياب آهي، اُن جو قدر اسان کي عام طور تي ڪونهي ٿيندو، پر جڏهن اُها شئي اسان کي مُيّسر ناهي هُوندي ته اُن جي مُلهه جو اندازو بخُوبي ٿيندو آهي.
عام ڊشز سان گڏ تازي ميوي ۽ نهايت لذيذ کيرڻيءَ، پُڊنگ ۽ ڪسٽرڊ، مانيءَ جي لُطف ۾ واڌارو ڪري ڇڏيو. مشرُوبات ۾ اڇي، ڪاري ۽ نارنگي سافٽ (ڪاربونيٽيڊ) ڊرنڪس کان سواءِ جُوسز به موجُود هُئا. هر ڪنهن مانيءَ کان پوءِ پنهنجي پنهنجي پسند جو مشرُوب پيتو ۽ هن شاهي دعوت جي سمُورن لوازمات جو لطف ماڻيو. مُون ڳڻيُون ته ڪونه، پر پڪ اٿم ته ستن (7) کان وڌيڪ ئي رڇيُون هيُون، يعني هوتيانا صاحب جو دسترخُوان، شاهي دسترخوان کان گھٽ ڪونه هو. اها ماني شايد پاڪستان ۾ هجي ها ۽ اسان گھڻن ڏينهن کان پوءِ پاڪستاني کاڌا ايئن نه کاڌا هُجن ها، ته شايد ان جو ايترو قدر نه ٿئي ها. ان جو مزو آيو ئي ان ڪري جو اسان پاڪستاني کاڌن جي سڪايلن کي ذائقي دار پاڪستاني کاڌا کائڻ جو موقعو مليو. ماشاءالله هوتيانا صاحب جي گھرواريءَ جي هٿ ۾ ذائقو به ايڏو هو جو ماني کائڻ کان پوءِ هر ڪنهن جي لبن تي ”ڀاڀي...  ڀاڀي... “ هو. اسان به ڀاڀيءَ جا ٿورا مڃيا ۽ مُون کيس توڙي هوتيانا صاحب کي چيو ته: ”مُون کي ته ايئن لڳو آهي ته ڄڻ آءُ پرديس ۾ پنهنجي گھر آيو آهيان ۽ اسان سڀني ايئن بي تڪلف ٿي ماني کاڌي آهي، جيئن پنهنجي گھر ۾ کائبي آهي.“ اهڙا تاثرات ٻُڌي نديم صاحب توڙي سندس گھروارِي بي حد خوش ٿيا. اڄ گفٽ ڏيڻ جو وارو اڪرام الله جو هو. اڪرام هوتيانا صاحب لاءِ ڪاشيءَ جو ٺهيل هڪ ننڍڙو ڊش آندو هو، جيڪو هُن نديم هوتيانا توڙي ڀاڀيءَ کي مُشترڪه طور تي پيش ڪيو. مانيءَ دؤران ۽ مانيءَ کان پوءِ اسان جي جن پاڪستانين ۽ امريڪيُن سان مُلاقات ٿي، اُنهن ۾ اسان واري ئي پروگرام (پاڪستان ـ اميريڪن جرنلسٽ ايڪسچينج) جي گذريل سال (2013ع) جي شرڪت ڪندڙ هڪ خاتُون به ان ڊنر ۾ موجُود هُئي، جنهن سان پڻ مُلاقات ۽ ڪچهري ٿي، جنهن پنهنجو تعارف پاڻ ڪرائيندي مُون سان ۽ ذوالفقار مهتُوءَ سان ڪچهري شرُوع ڪئي. هيءَ اڌيڙ عمر جي اڇي چمڙيءَ واري امريڪڻ هُئي. اسان ساڻس گذريل سال جي ان پروگرام جي شريڪ صحافي دوستن، ناجيه اشعر ۽ مشتاق سرڪيءَ جي حوالي سان به ذڪر اوريو، جن ٻنهي کي هُن سُٺن لفظن ۾ ياد ڪيو. هُن جڏهن اشارو ڪري هڪ شخص لاءِ ٻُڌايو ته: ”هي مُنهنجو مُڙس آهي!“ (جيڪو ڊگھو تڙنگو خُوبرُو پاڪستاني نؤجوان، واشنگٽن ۾ تن ڏينهن ۾ ”جيو ٽيليويزن“ جو نمائندو هو، ۽ اُن رات سلور رنگ مائل ڀُوري رنگ جي سُوٽ ۾ ملبُوس هو) ته اسان جا (مُنهنجا توڙي ذوالفقار مهتُوءَ جا) ٺپ ئي ٺرِي ويا ته هن نؤجوان هن ذري گھٽ پوڙهيءَ ۾ اهڙو ڇا ڏٺو هو، جو ان سان شادي ڪيائين. سندس ان جُملي کان پوءِ ته: ”هُو آهي مُنهنجو مُڙس... !“ مُون ۽ مهتُوءَ هڪٻئي ڏانهن ڏٺو ۽ مُون کي پڪ آهي ته اسان ٻنهي اُن وقت هڪ ئي فريڪيوئينسيءَ تي هڪ ئي ڳالهه سوچي. اسان ٻنهي جي ”ٿنڪنگ ڪلائُوڊ“ (سوچ واري خيالي ڪڪر، جيڪو اڪثر ڪارٽُون ڪردارن جي سوچ جي ترجماني ڪندو آهي) ۾ هڪ ئي وقت ”گرين ڪارڊ“ ۽ ”ڊالر“ ٺهي آهي. رڳو هڪ اهو ”جيو“ جو نمائندو ئي نه پر هزارين پاڪستاني ۽ لکين ٻين غريب مُلڪن جا ماڻهُو پنهنجي مُستقل امريڪي شهريت (گرين ڪارڊ) لاءِ پوڙهين سوڙهين امريڪي باشنده زائفائن سان شادي ڪري پنهنجي اُتي رهائش کي مُستقل بڻائيندا آهن ۽ ظاهر آهي اُنهن جا جيڪي اُتي ٻار پيدا ٿيندا آهن، اُهي ته ڄائي ڄم کان ئي امريڪي شهري ئي هُوندا آهن. خير! مُون ۽ مهتُوءَ پنهنجي پنهنجي ڪنڌ کي جھٽڪو ڏئي، اُهو ”ٿنڪنگ ڪلائُوڊ“ (سوچ وارو ڪڪر) ڊاهي، نديم صاحب جي گھر جي مُک دروازي طرف قدم وڌايا، جتي صحافين جا ٻئي گرُوپ گڏ بيهي گرُوپ فوٽو ڪڍرائڻ لاءِ لائين اَپ ٿي رهيا هُئا. اسين به وڃي ان گرُوپ ۾ بيٺاسُون ۽ يادگار تصوِيرن جو حصو بڻياسُون. رات جا لڳ ڀڳ ساڍا 9 ٿي چُڪا هُئا ۽ اسين نديم هوتيانا صاحب جي گھر لڳ ڀڳ اڍائي ڪلاڪ قيام کان پوءِ مسٽر اينڊ مسز نديم هوتيانا کان توڙي پنهنجن ”آءِ سِي ايف جَي“ جي دوستن کان موڪلائي، ڪوسٽر ۾ سوار ٿياسِين ۽ 10 لڳي ڌاري اچي هوٽل تي پهتاسِين. هوتيانا صاحب جي گھر کان هوٽل جي رستي ۾ الائي ڪهڙي ڳالهه تان ذڪر نڪتو ته اِشُوءَ، نِيل آرمسٽرانگ پاران چنڊ تي نقلي لينڊنگ (جيڪا امريڪا جي هڪ اسٽُوڊيو ۾ شُوٽ ڪئي وئي هُئي)، فرانس جي ان راز تان پردي کڻڻ ۽ ان معلوُمات جي ”ڪلاسيفائيڊ“ ۽ ”اَن ڪلاسيفائيڊ“ هئڻ واري موضُوع تي سير حاصل گفتگُو ڪئي. پُڇيو مانس: ”اهو سڀ ڪُجھه ٻُڌائين پيو. ڇا سُڀاڻي پاڻ ايئر اينڊ اسپيس ميُوزيم پيا هلُون!؟“

سو سُڀاڻي اسان کي ”ايئر اينڊ اسپيس ميُوزيم“ ته ڪونه هو وڃڻو، پر ”ڪيپيٽول هِل“، ”لنڪنس ميموريل“، ”جارج واشنگٽن ميموريل“ سميت واشنگٽن ڊِي سيءَ جي سُڃاڻپ بڻيل اهم يادگارن جو پيرائتو سير ڪرڻو هو. اهي سمُوريُون جايون گھُمڻ گھُرو ٿا ته هن ”سفر ـ ڪٿا“ کي پڙهڻ متان ڇڏيو!

No comments:

Post a Comment