اڪرم الياس جو يادگار ليڪچر
(پئسفڪ جي پاڙي ۾ قسط 28)
ياسر قاضي
چوٿين اپريل 2014ع جو ڏينهن خيرن سان گذريو. اوهان جيڪڏهن
هن سفر ـ پچار جا پويان حصّا پڙهيا آهن، ته اوهان کي ياد هُوندو ته اسان 4 اپريل جي
شام واشنگٽن ڊِي سِيءَ ۾ قائم پاڪستاني سفارتخاني جي پريس اتاشي، نديم هوتيانا جي گھر
گُذارِي ۽ سندس مهمان نوازيءَ مان لُطف اندوز ٿياسِين. هوٽل تي اچڻ کان پوءِ ٻئي ڏينهن
جي ڪپڙن لَٽن جِي تياري ڪري ٿڪ سبب جلدي سُمهي رهياسِين. هُونءَ به هن سفر ۾ مُون کي
ياد ڪونهي ته آءٌ ڪا رات ڪافي دير تائين جاڳيو هُجان، ڇاڪاڻ ته ڪم ۽ مصروُفيتن جي گھڻائيءَ
سبب ٿڪُ ئي ايڏو ٿيندو هو، جو جلدي نه سُمهڻ جو آپشن هُوندو ئي ڪونه هو. تياري ڪرڻ
کان پوءِ سُمهڻ لڳس ته سُڀاڻي جي مصرُوفيتن جي حوالي سان ڏاڍو خوش هئس. جڏهن پهريون
ڀيرو واشنگٽن جو شيڊيُول تفصيل سان پڙهيو هئم. تنهن ڏينهن کان سُڀاڻڪي ڏينهن جو انتظار
هو، ڇاڪاڻ ته سُڀاڻڪو ڏينهن نج سرڪاري مصرُوفيتن ۽ سُوٽ ٽاءِ پائي اسٽيٽ سطح جي سيشنز
وارو نه هو ۽ ڪييُوئل (غير رسمي) سرگرمين تي ٻَڌل هو ۽ ٻيو ته اسان کي واشنگٽن جي مُک
جاين جو سير ڪرڻو هو. ڇاپي شيڊيُول ۾ اسان کي جينز جوگر واري سؤلي ڊريسنگ ڪرڻ جو تاڪيد
ڪيل هو، جو اسان کي گُهمڻو گھڻو هو ۽ واشنگٽن ڊِي سِيءَ جي سُڃاڻپ بڻيل جايُن کي ڦولهڻو
هو. رات خير جي گُذرِي... ڇنڇر، 5 اپريل جو
سجُّ اُڀريو، يقيناً سجَّ اُڀارڻ واري سجَّ اُڀارڻ کان اڳ اُنهن جي روزيءَ، رزق جو
انتظام ڪيو هُوندو، جن وٽ نه ڏاند آهي ۽ نه ٻجُّ! امريڪا ۾ رهندي اها اونَ هر وقت رهندي
هئي (۽ اها اونَ فطري به هئي) ته اُن وقت منهنجيءَ سنڌ ۾ صبح هُوندو، منجھند هُوندي،
شام هُوندي يا رات!؟ ۽ خاص ڪري ڏينهن جي مصرُوفيتن جي دؤران اهو ڌيان هُوندو هو ته
هن وقت منهنجا گھر ڀاتي سُتل هُوندا ۽ رات جو اهو خيال هر وقت ذهن ۾ هُوندو هو، ته
هُتي هينئر روشن صبح هُوندو ۽ مُنهنجا سڀ پنهنجا ڏينهن جي ڪم ڪار ۾ رُڌل هُوندا.
ننڊ مان اُٿڻ سان، تيار ٿيڻ کان اڳ، نيرن ڪرڻ واري اصُول
تي هن پُوري سفر ۾ پابنديءَ سان ڪاربند رهيُس. وري ”سون تي سُهاڳو“ اڄ وقت جي به رعايت
هئي ۽ گھڻو سوير ڪٿي سيشن يا ميٽنگ رکيل ڪانه هئي. 8:00 لڳي جاڳيس. هيٺ لابيءَ ۾ نيرن
ڪرڻ ويس. اشفاق آذر گڏ هو. اڄ نيرن پُڄاڻان ناشتي واري لابيءَ ۾ سائيڊ ريڪ ۾ رکيل هڪ
صُوف ڪمري تي کڻي آيم. ان وقت ته کائڻ تي دل ڪونه چيو، ڇوته نيرن جي چانهه جو ذائقو
گھڻيءَ دير تائين زبان تي محسُوس ڪرڻ جي خيال سان ان کان پوءِ گھڻيءَ دير تائيم ڪُجھه
ناهيان کائيندو. هنن صُوفن پنهنجي نرالي سائي رنگ ۽ سُهڻيءَ چمڪ ذريعي مُنهنجو ڌيان
ڇڪايو، ته رهي نه سگھيم ۽ هڪ صُوف کڻي ڪمري تي آيم. رات دير سان ان صُوف کي جڏهن ڪٽي
کائڻ لڳم ته هڪ ڦارَ (سلائيس) به نه هلي سگھي، جو ان جو ذائقو عجيب هو، مٺو نه بنهه
نه هو، پر عجيب ۽ اڻ وڻندڙ هو. اهو پهاڪو صحيح ثابت ٿيو ته: ”هر چمڪندڙ شئي سون ناهي
هُوندي!“ ـ خير!
ڪمري تي اچي تيار ٿي، ڏاڙهي، سيرب ٺاهي، جِينز، ڪييُوئل شرٽ
۽ جوگر پائي، شيڊيُول مُوجب 9:30 لڳي لابيءَ ۾ ڪٺا ٿياسُون. اڄ اسان جو پهريو سيشن
”ڪيپيٽل ڪميُونيڪيشن گرُوپ“ نالي هڪ فُل سروس انٽرنيشنل ڪائُونسلنگ فرم ۾ هو، جيڪا
1998ع ۾ قائم ٿي هئي. جتي اسان کي امريڪا جي سياسي، سماجي ۽ ثقافتي تعمير ۽ ترقيءَ
جي موضُوع تي هڪ سير حاصل گفتگُو ٻُڌڻ ۽ ان ۾ شامل ٿيڻ جي خوشگوار تجربي مان گذرڻو
هو. ”ڪيپيٽل ڪميُونيڪيشن گرُوپ“ (سِي سِي جي) جو دفتر اسان جي هوٽل (”ميرييٽ ريزيڊنسيءَ“)
کان گھڻو پري ڪونه هو. واشنگٽن ڊِي سِيءَ جي مشهُور شاهراهه ”پينسلوينيا ايوينيُو“
تي واقع عمارت نمبر 1701 جي سُئيٽ (ڪمري) نمبر 300 ۾ اسان جي مُنعقد ٿيندڙ هن سيشن
لاءِ اسان جي پُوري گرُوپ کي 3 ٽيڪسيُن ۾ روانو ٿيڻو هو. اسان جي گائيڊ ۽ هن ايڪسچينج
پروگرام جي ڪوآرڊينيٽر، مائي اينان (مسز اين هارٽمين) اسان کي چئن چئن ڄڻن جي ٽن گرُوپن
۾ ورهايو. هڪ گرُوپ جي ليڊر پاڻ بڻي، ٻئي جو اڳواڻ مُون کي بڻايائين ۽ ٽئين جي اڳواڻي
ذوالفقار مهتُوءَ کي ڏنائين. اسان ٽنهي کي الڳ الڳ پني ٽُڪريءَ تي اها ايڊريس لکي ڏنائين
۽ اهو طئي ٿيو ته اڳتي پوئتي جيڪو جيڪو گرُوپ جيئن ئي ”ڪيپيٽل ڪميُونيڪيشن گرُوپ“ واريءَ
عمارت ۾ پهچندو، ته هيٺ ئي ٻين گرُوپن جو انتظار ڪندو. مُون جنهن گرُوپ جي سرواڻي پئي
ڪئي، اُن ۾ مُون سان اشفاق آذر، جيئند ڪاشف ساجدي ۽ اڪرام الله مهمند شامل هُئا. اسان
ٽئي هوٽل مان نڪتاسي، ته صبح هُوبهُو سياري جي صبح جيان هو ۽ اُسَ به بلڪل ائين ئي
وڻي پئي، جيئن سياري جي اُسَ دلفريب لڳندي آهي. هوٽل جي سامهُون ئي ٽيڪسي ملِي وئي.
آءٌ اڳيان ويٺم ۽ منهنجا هي ٽئي ساٿي پويان ويٺا. اسين بمشڪل 10 منٽن اندر ”پينسلوينيا
ايوينيُو“ تي واقع عمارت نمبر 1701 وٽ پهتاسِين، بلڪه ”ڪيپيٽل ڪميُونيڪيشن گرُوپ“ جي
عمارت (سڄي عمارت ته ان اداري جي ناهي، پر مُنهنجي مراد آهي ته جنهن عمارت ۾ ”ڪيپيٽل
ڪميُونيڪيشن گرُوپ“ جي آفيس واقع آهي) پهچڻ وارو اسان جو گرُوپ سڀني کان پهريون گرُوپ
هو. اهو اڳ وارين قسطين ۾ بيان ڪري چُڪو آهيان ته امريڪا جي مُک شهرن ۾ هر عمارت جو
هڪ نمبر به هُوندو آهي (ڀلي اها عمارت ڪنهن شخصيت جي نالي سان منسُوب به هُجي)، اهو
نمبر اُن عمارت کي ڳولهڻ ۾ انتهائي مُفيد ۽ مددگار ثابت ٿيندو آهي. اسان جي مُلڪ ۾
به جي حڪُومت چاهي ته اسان جي وڏن شهرن (مثلاً: ڪراچي، لاهور ۽ اسلام آباد وغيره)
۾ ان قسم جو رواج عام ڪري عوام کي وڏي ڏکيائيءَ کان بچائي سگھي ٿِي، پر مسئلو اهو ئي
آهي ته حڪُومت عوامي فائدي وارو ڪوبه عمل چاهي ئي ڪانه ٿي. خير! اسين اُن عمارت (عمارت
نمبر 1701) وٽ پهتاسِين ته ان ۾ داخل ٿيڻ وارو شيشي وارو دروازو اندران لاڪ هو. جنهن
شخص اهو دروزو کوليو، اُهو ڪاري جرسِي پاتل، ڀريل بُت ۽ صاف رنگت وارو عرب لڳندڙ پر
عُمدي انگريزي ڳالهائيندڙ ٻائيتاليهارو، ٽيتاليهارو کن سالن جو هڪ جوان هو، جنهن اسان
کي کيڪاري اسان کان پهريون سوال اهو ڪيو ته ”ڇا اوهان پاڪستاني جرنلسٽ آهيو؟“ مُون
کيس هائوڪار ۾ جواب ڏنو. جنهن کان پوءِ هن جو فوراً ٻيو سوال اهو هو ته: ” اوهان سان
اين هارٽمين کي اچڻو هو... اين ڪاٿي آهي!؟“
اسان کيس ٻُڌايو ته: ”اسان جا ڪجهه ساٿي پوئتي رهيل آهن، اين به اُنهن ۾ آهي... اچي پئي!“ هُن اسان کي مٿي هلڻ لاءِ چيو، جنهن فلور
تي ”ڪيپيٽل ڪميُونيڪيشن گرُوپ“ جو دفتر هو، پر اسان کيس چيو ته: ”اسين سڄيءَ سنگت جو
انتظار ڪريُون ٿا. اهي پويان اچن پيا. اچن ته پوءِ گڏ ٿا مٿي هلُون!“ اسين اُن عمارت
جي وسيع لابيءَ ۾ رکيل صوفا نُما ڪُرسين تي ويٺاسُون. اُهو شخص به اسان سان گڏ باقي
ساٿين جو نتظار ڪرڻ لڳو. جيئن ته ٻاهر روڊ طرف کلندڙ دروازو شيشي جو هو، جنهن منجھان
ٿوريءَ ئي دير ۾ اسان جي ساٿين جُون باقي ٻه ٽيڪسيُون به ايندي ۽ انهن مان اسان جا
ساٿي لهندي اسان کي نظر آيا.
جڏهن اسين سڀ گڏياسين، ته لفٽ ذريعي هن صاف سُٿريءَ ۽ شاندار
عمارت جي ڪمري نمبر 300 ۾ پهتاسين. ٿوريءَ دير اڳ جنهن ڪاريءَ جرسيءَ ۾ ملبُوس شخص،
هن عمارت جي مُک داخلي دروازي تي اسان جو استقبال ڪيو هو (جنهن کي مُون هن عمارت جو
يا ”ڪيپيٽل ڪميُونيڪيشن گرُوپ“ جو اٽينڊنٽ يا ڪو عام ماڻهُو سمجھيو هو) ئي دراصل اڪرم
الياس نالي ”ڪيپيٽل ڪميُونيڪيشن گرُوپ“ جو صدر هو، جنهن کي اڄ اسان کي ليڪچر ڏيڻو هو.
اسان کي سندس آفيس ۾ کانئس سواءِ ٻيو ڪوبه شخص، آفيس بُواءِ، پٽيوالو، چوڪيدار يا گارڊ
وغيره نظر ڪونه آيو. اسان جي ”ڪيپيٽل ڪميُونيڪيشن گرُوپ“ اندر ترسڻ واري لڳ ڀڳ ڏيڍ
ڪلاڪ دؤران اڪرم الياس ئي هڪ شخص هو، جنهن اسان کي اٽينڊ ڪيو. اوهان کي هن سفرنامي
جي گذريل ڀاڱن ۾ اهو ته ٻُڌايو اٿم ته امريڪا جي وڏن شهرن ۾ آڌر ڀاءَ جو معيار کارائڻ
پيئارڻ ناهي ۽ اوهان هتي ڪنهن به آفيس يا دفتر ۾ ڪنهن وٽ وڃو، ته صبح کان شام تائين
اوهان جي موجُودگيءَ جي باوجُود به اوهان کان ڪو چانهه جو به ڪونه پُڇندو، پر اهو به
ٻڌائيندو هلان ته امريڪا، باقي سُڌريل مُلڪن جيان ”پيان / پٽيوالو ڪلچر“ کان پاڪ آهي.
هتي هرڪو پنهنجو ڪم پاڻ ڪندو آهي، تنهن ڪري هتي ”اٽينڊنٽ“ جو ڪو تصوّر ئي ناهي. وڏي
۾ وڏو آفيسر هجي، سينيٽر هُجي، اسٽيٽس مين هجي، يا امريڪي صدر، اهو پاڻيءَ جو گلاس
به پاڻ ڀري پيئندو آهي. ڪيڏو به وڏو آفيسر هجي، اهو پاڻ وڃي آفيس يا ان عمارت جي ڪيفي
ٽيريا ۾ ”سيلف سروس“ تحت پنهنجي پسند جو کاڌو کڻي، ان جا پئسا ڏئي، پاڻ پنهنجي مُنهن
ماني کائيندو آهي. هر آفيس ۾ ٽِي ۽ ڪافي ميڪر (چانهه ۽ ڪافيءَ وغيرهه ٺاهڻ جُون مشينُون)
مُوجُود هُونديُون آهن، يا وري ”نيسڪيفي“ ۽ ان جهڙين ٻين برانڊس پاران چانهه توڙي ڪافيءَ
ٺاهڻ جُون ”وينڊنگ مشينس“ لڳل هُونديُون آهن، جنهن ۾ پئسا وجھڻ سان اُها چانهه يا ڪافي
اوهان پاڻ ٺاهي سگھو ٿا. مطلب ته هتي هرڪو پنهنجو ڪم پاڻ ڪرڻ کي ترجيح ڏيندو آهي. اهو
پهريون ڀيرو هو، جو هن هيڏي وڏي اداري (”ڪيپيٽل ڪميُونيڪيشن گرُوپ“) جو صدر پاڻ اسان
کي وٺڻ ۽ ڇڏڻ آيو، پر اڳتي هلي هن سفر ۾ متعدد اهڙن ادارن ۾ اسان جو وڃڻ ٿيو (جن جو
ذڪر اڳتي ايندو)، جتي اسان ڀليڪار ڪرڻ کان وٺي الوداع ڪرڻ تائين سمُورا ڪم ان اداري
جي سربراهه کي ئي ڪندي ڏٺوسي، جنهن سان اسان جو سيشن يا ڊسڪشن هو. اهو عمل اسان جو
اُتساهه وڌائڻ لاءِ ڪافي هو، ته هتي ڪوبه ڪم ڪرڻ لاءِ ڪنهن به ڪنهن تي ڀاڙيو ڪونه ٿي.
اسين ”ڪيپيٽل ڪميُونيڪيشن گرُوپ“ ۾ پهتاسِين، جتي مِيٽنگ هال ۾ پُرسڪُون انداز ۾ اسين
جڏهن چوڌاري ٺهي ويٺاسِين، ته اڪرم الياس اسان کي ”امريڪي حڪومتي طرز ۾ ثقافتي، سياسي
۽ اقتصادي واڌارا“ جي موضُوع تي ليڪچر ڏيڻ شرُوع ڪيو. لبنان سان تعلق رکندڙ هن امريڪي
نزاد سوشيو پوليٽيڪل ماهر، صبح 10:00 لڳي کان 11:00 لڳي تائين اسان کي پنهنجي تقرير
جي فن جي اعلى ترين گُڻن سان، جنهن نمُوني هڪ ڪمري ۾ ويٺي امريڪي حڪُومتي طرز جي خُوبين
۽ خامين ۽ ان جي باوجُود امريڪا جي سياسي، ثقافتي توڙي سماجي ۽ اقتصادي انفراديتن کان
آگاهه ڪيو، سچ پچ ته اُن نه فقط اسان کي هڪ ڪمري ۾ اندر ويهي امريڪا جي سوين سال پراڻي
تاريخ جو سير ڪرايو، بلڪه اسان کي امريڪيائي راڄ جي کوڙ سارن اڻ ڄاتل پهلُوئن کان به
آگاهه ڪيو. اسين سڀ سندس اندازِ بيان جي سحر ۾ ايئن مُبتلا ۽ محو هُئاسِي، جو اسان
کي اهو ڪلاڪ گذرڻ جي خبر ئي ڪانه پئي ۽ اها فقط مُنهنجي راءِ ڪانه هئي، بلڪه اسان جي
گرُوپ جي هر فرد جو اهو ئي خيال هو. اسان وٽ ننڍي کنڊ ۾ ڪنهن مُقرر جي واکاڻ ۾ ”شعله
بيانيءَ“ جو حوالو ڏبو آهي، ته سمجھبو آهي ته اهو ڪنهن به مُقرر لاءِ تعريف جو وڌ
۾ وڌ درجو آهي، ڇاڪاڻ ته اسان وٽ سُٺو مُقرر هئڻ جو معيار ئي اهو آهي ته جيڪو وڌيڪو
رڙيُون ڪري ڳالهائي ۽ حاضرين کي جيڪو جيترا وڌيڪ دڙڪا ڏئي، اهو اوترو وڌيڪو سُٺو مُقرر
آهي، جڏهن ته مُنهنجي ناقص راءِ مُوجب سُٺي گفتار ۽ تقرير جو پهريون ۽ آخري اهم معيار
اُن جو مُدلل هُئڻ آهي. جنهن گفتار ۾ دليل نه هُجن، اُن کي ڪيڏي به پُراثر انداز ۾،
ڪيڏيُون به رڙيُون ڪري بيان ڪيو وڃي، اُها ڪامياب تقرير نه چورائبي. اها ڳالهه آءٌ
”حق اليقين“ تحت به چوان ٿو، ڇو ته شاگرديءَ واري زماني ۾ پرائمريءَ کان وٺي يُونيورسٽيءَ
تائين اسڪُول، شهر ۽ تعلقي ليول جي مُقابلن کان وٺي، ايشيا سطح تائين جي تقريري ۽ مُباحثي
جي مُقابلن ۾ شرڪت ڪرڻ کان پوءِ آءٌ اهو ڪڙو تجربو اوهان سان شيئر ڪري رهيو آهيان،
ته پاڪستاني تقريري مُقابلن جي ججن جُون دليُون کٽڻ ۽ مُقابلن ۾ انعام حاصل ڪرڻ لاءِ
اسان کي هرُوڀرُو به رڙيُون ڪرڻيُون پونديُون هيُون، توڙي جو تقرير ۾ دليل هُجن يا
نه! جڏهن ته مُدلل تقريرُون سُڪون سان به ڪري ڏٺيُوسُون، پر انهن اسان ججن جُون دليُون
ڪونه کٽيُون. جڏهن ته اولهه ۾ سُٺيءَ تقرير ۽ سُٺي مُقرر جا معيار الڳ آهن، جن تحت
”ڪيپيٽل ڪميُونيڪيشن گرُوپ“ جو صدر اڪرم الياس ايڏو ته سُهڻو مُقرر ۽ لفظن جو جادُوگر
آهي، جو جڏهن سندس تقرير ختم ٿي ته اسان ايئن پئي پنهنجيُون اکيُون مهٽيُون، جيئن اوهان
ڪا فلم ڏسڻ کان پوءِ سئنيما هال مان ٻاهر نڪري مهٽيندا آهيو، ڇو ته اوهان اُن فلم جي
سحر ۾ ايڏا ته محو هُوندا آهيو، جو فلم جي انهن ٻن يا ٽن ڪلاڪن کان پوءِ اوهان کي اها
ٻاهر جي دنيا عجيب لڳندي آهي. اڪرم الياس به اسان کي امريڪا جو تاريخي سير پنهنجي گفتگُوءَ
ذريعي ان انداز ۾ ڪرايو، جو گھٽ ۾ گھٽ مُون کي ايئن لڳو، ڄڻ مُون خيالي گھوڙي تي ويهي،
امريڪي طرزِ حڪُومت جو صديُن تي مُحيط سفر ڪلاڪ ۾ ڪيو هُجي. اڪرم الياس، ان مِيٽنگ
هال ۾ رکيل ٽيبل جي مُک جاءِ تي رکيل جنهن ڪُرسيءَ تي ويٺو هو، آءٌ اُن جي بلڪُل ڀر
واريءَ ڪُرسيءَ تي ويٺو هئس، جنهن ڪري آءٌ اها دعوى ڪرڻ ۾ حق بجانب آهيان ته سندس گفتگُوءَ
جي سحر جو وڌ ۾ وڌ اثر ان سيشن دؤران مُون تي ئي ٿيو هو. اڪرم جڏهن پنهنجي گفتگُو
/ تقرير شرُوع ڪئي، ته هُن ويٺي ئي ٿي ڳالهايو، پر پنجن ڏهن منٽن اندر هُن اُٿي بيهي
پنهنجي ڦيٿن واري ڪُرسيءَ کي پوئتي ڌِڪي ڳالهائڻ شرُوع ڪيو. هُن بنا ڪنهن ملٽي ميڊيا
پروجيڪٽر ۽ پاور پُوائنٽ پيريزنٽيشن جي سهاري جي، بنا ڪنهن نوٽس وارو پنو هٿ ۾ کنئي،
جنهن نمُوني سان فقط پنهنجن لفظن ۽ بيان واري انداز جي آڌار تي امريڪا جي عڪاسي ڪئي،
اهو ڪمال هو. امريڪا جو اقتصادي، سياسي ۽ ثقافتي سفر بيان ڪندي، اڪرم الياس جي لفظن
جو استعمال ايڏو تڪيل توريل هو، جو جُملن ۾ هڪ به لفظ واڌارو ۽ فضُول ڪونه ٿي محسُوس
ٿيو. جُملن کي ادا ڪندي سندس چهري جا تاثرات ۽ هٿن جا اشارا سندس اظهار کي سربستو،
مُڪمل ۽ مضبُوط بڻائي رهيا هُئا. هن امريڪا لاءِ بي حد تنقيدي انداز پنهنجائيندي، امريڪي
طرزِ حڪمرانيءَ جي ان مثبت نڪتي کي به ان جي خُوبي بيان ڪندي، سَليو ته هُو امريڪي
شهري هئڻ جي ناتي سان اها تنقيد ڪرڻ جو حق رکي ٿو. هن جنهن سُهڻي نمُوني سان پُورو
هڪ ڪلاڪ ڳالهايو، اوڏي ئي اثرائتي نمُوني سان پنهنجي گفتگوءَ کي اهو چوندي پُڄاڻيءَ
تي پهچايائين ته: ”هيءَ ڳالهه هُونئن... هيءَ
ڳالهه هيئن... امريڪا جِي هيءَ خُوبي... هيءَ خامي... وغيره وغيره... سو، ويلڪم ٽُو دي يُونائيٽيڊ اسٽيٽس آف امريڪا!“
سندس انهن لفظن تي اسان سڀ بي ساخته تاڙيُون وڄائڻ تي مجبُور ٿي وياسِين ۽ ڪيتريءَ
دير تائين تاڙيُون وڄائيندا رهاسِين ۽ يقيناً دل سان کيس داد ڏيندا رهياسِين. مُون
سميت اسان جي سمُورن ساٿين لاءِ اڪرم الياس جي هن گفتگُوءَ ۾ جيڪي ڳالهيُون حيرت انگيز
هيُون، انهن مان هڪ ڳالهه اها به آهي (جيڪا پڪ سان اوهان لاءِ به حيرت واري هُوندي)
ته امريڪا ۾ ننڍِي ۾ ننڍِي اخبار کان وٺي وڏي ۾ وڏي رسالي شايع ڪرڻ لاءِ پبلشر کي ڪنهن
به اداري کان ڪابه اجازت وٺڻ جي ضرُورت ناهي هُوندي (جيئن پاڪستان ۾ اطلاعات کاتي يا
پِي آءِ ڊيءَ کان ”ڊڪليئريشن“ وٺڻ ضرُورِي هُوندي آهي)، ڇاڪاڻ ته ان کي امريڪي سرڪار
”اظهار جي آزاديءَ“ جي زمري ۾ آڻيندي اهو مُوقف رکي ٿي ته وات سان چئجي، يا قلم سان
لکي ڇپرائجي، اهو ”اظهار“ آهي، جنهن لاءِ هر ڪوئي آزاد آهي ۽ اهڙي اظهار لاءِ سرڪار
کان اجازت وٺڻ جي ضرُورت ناهي. حيرت انگيز! پر تعريف لائق!!!
ظاهر آهي ههڙيءَ دلچسپ ۽ ڄاڻ وڌائيندڙ گفتگُوءَ کان پوءِ
اسان جا سوال به ڏاڍا دلچسپ هُئا، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن ڪنهن جي گفتار اوهان جي فڪر جا رستا
کولي، ته پوءِ تازا خيال پنهنجو پاڻ اُڀرڻ لڳندا آهن. ”انٽيليڪچُوئل پراپرٽي رائيٽس“
جي حوالي سان گھڻيُون ڳالهيُون اڪرم الياس پنهنجيءَ تقرير ۾ ٻُڌايُون ۽ گھڻيُون ڳالهيُون
اسان سُوال ڪري کائنس سمجھيُون، جيڪي ان کان اڳ اسان جي علم ۾ نه هيُون. مُون اڪرم
کان سوال ڪيو ته: ”اسان وٽ پاڪستان ۾ پيمرا (پاڪستان اليڪٽرانڪ ميڊيا ريگيُولرٽي اٿارٽي)
نالي هڪ سرڪاري ادارو آهي، جنهن جو ڪم ريڊيي توڙي ٽي ويءَ جي پروگرامن جي مواد جي تڪ
تورَ ڪرڻ آهي. اهو ئي ادارو انهن ٻنهي قسمن جي اليڪٽرانڪ ميڊيا جي ادارن کي لائيسينس
به جاري ڪندو آهي. ڇا امريڪا ۾ به اهڙو ڪو ادارو آهي؟“ هُن ان سوال جو تفصيل سان جواب
ڏنو ته: ”آهي ته هوا جي دوش تي نشريات ڦهلائڻ به اظهار جو مُعاملو، پر جيئن ته امريڪا
جي فضا امريڪي عوام جي ملڪيت آهي، تنهن ڪري انهن ۾ جيڪو ڪجھه نشر ٿيندو، اهڙي (ريڊيي
۽ ٽي ويءَ جي) پروگرامن جي ڪارڪردگيءَ تي نظر رکڻ لاءِ ”فيڊرل ڪميُونيڪيشن ڪميشن”
(ايف سِي سِي) نالي هڪ ادارو 19 جُون 1934ع تي قائم ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ مقرر ڪيل ڪمشنرز،
بيُوروز ۽ ٻيُون آفيسُون، پنهنجي پنهنجي مقرر ڪيل اختيارن تحت امريڪا جي 50 رياستن
۾ نشر ٿيندڙ ريڊيي توڙي ٽيليويزن جي چينلن کي آپريشنز جا لائيسنز جاري ڪنديُون آهن
۽ سندن نشريات تي نظر رکنديُون آهن.
اڪرم الياس سان هي سيشن نهايت دلچسپ ۽ ڪارائتو رهيو. سيشن
کان پوءِ کيس تحفا ڏناسُون. اسان جي ڪجھه دوستن کي اڪرم الياس لاءِ تحفا آڻڻ لاءِ چيل
نه به هو، تڏهن به انهن ٻين مهمانن لاءِ آندل تحفا اڪرم الياس کي ڏنا. اِشُوءَ سيشن
کان پوءِ اڪرم کان پُڇيو: ”اوهان اصل ڪٿان جا آهيو؟“ اِشُوءَ کي چيائين: ”اندازو ڪر!“
اِشُوءَ جو اندازو پُورو ته صحيح ڪونه ٿيو، پر اڪرم پاڻ ٻُڌايو ته هُو لبنان جو مُسلمان
آهي. مذهب ته خير! سندس نالي مان ئي ظاهر هو.
ايئن اسان جي امريڪي سفر جي اهم ترين سيشنز مان هڪ سيشن
۽ منهنجو دنيا جي بهترين مُقررن منجھان هڪ مُقرر سان مُلاقات ۽ استفادو ڪرڻ جو سُهڻو
تجربو، سُوالن جوابن جي هن سيشن سميت صبح جو 11:30 لڳي ڌاري اختتام پذير ٿيو ۽ مُنهنجي
ذهن تي اڻ مٽ نَقش ڇڏي ويو.
No comments:
Post a Comment