ڪينجهر تي گذاريل يادگار رات
منير نارائي
چنڊ ان رات اک ٻوٽ پئي ڪئي ۽ ڪينجهر جي کينچلين هوائن خمار
پئي چاڙهيا. اها چانڊوڪي رات ڪيڏي نه مخمور هئي؛ يارن جي ساٿ جو خمار، چنڊ جو خمار
۽ کينچلين هوائن جي خمار سان گڏ، مڌ جو خمار. سچ پچ ته ڄڻ جيئري ئي جنت ۾ هجون. وري
جو دوستن پاران ڪوٺايل راڳين، پنهنجا سُر وکيريا ته هوش حواس ئي اڏامي ويا. مڌر گيتن
جو رس ڪنن ۾ اوتجڻ لڳو ۽ اسان ڄڻ ڪنهن خوابن جي نگريءَ ۾ پهچي ويا هجون. ائين ته هيو
چوڏهين جو سڄو چنڊ، جڏهن ڪارن ڪڪرن جي اوٽ ۾ لڪي پئي ويو ته ائين پئي لڳو ڄڻ ڪا نئين
نويلي ڪنوار پنهنجي محبوب کان شرمائي رئي جي ڪنڊ سان منهن لڪائي ڇڏيندي هجي. وري جڏهن
ڪارن ڪڪرن جي اوٽ مان چنڊ جڏهن منهن پئي ڪڍيو ته ڪينجهر ڪنوار پئي لڳي، جيڪا چنڊ جي
نور ۾ وهنجندي جرڪي رهي هئي. ائين پئي لڳو ڄڻ نور جا ڪرڻا ڪينجهر ۾ لهي آيا هجن، جن
کي ڏسڻ سان روح تازو ٿي رهيو هو ۽ ڪينجهر جو پر نور نظارو اسان جي روحن کي ڌوئي اڇو
اجرو ڪري رهيو هو. اسان ان ۾ پاڻ کي بلڪل هلڪو ڦلڪو محسوس ڪري رهيا رهيا هئاسين. وري
چنڊ جي سامهون بيٺل ان وڻ جي ڇا ڳالهه ڪجي، جنهن سڄي رات چنڊ جي سامهون ويهڻ تي مجبور
ڪري ڇڏيو. اهو ننڍڙو وڻ، جنهن مان چنڊ سڄي رات جهاتيون پئي پاتيون، ان بلڪل الف ليليٰ
وارو تلسمي ماحول جوڙي رکيو هو. ڪاش اسان کي پر هجن ها ته سڄي رات ڪينجهر جي مٿان اڏامون
ها.
اهو سمورو قصو ۳۱ جولاءِ واري ڏينهن جو آهي. اتفاق
سان اها چنڊ جي ۱۴ هين واري رات هئي. منهنجي پياري دوست امداد سومرو (حيدرآباد
وارو) مون کي حڪم ڪيو؛ ”ڇا به ٿي پئي تون ڪينجهر تي پهچ. اسان به سڄي سنگت سان اتي
پهچون پيا.“ مون سنگت جي حڪم جي تعميل ڪندي، ملير ۾ رهندڙ پنهنجي هڪ فقير منش دوست
عبدالجبار سومرو کي فون ڪئي؛ ”پاڻ کي ڪينجهر هلڻو آهي. توهان تيار ٿيو ته مان توهان
کي اچي ٿو کڻان ۽ گڏجي ٿا هلون.“ ان ڏاڍي ٽال مٽول ڪئي؛ ”يار مان ڪيئن هلان؟ اتي مان
سڀني کي اوپرو لڳندس ۽ عجيب لڳندو.“ پر مون ان کي جيئن تيئن ڪري راضي ڪري ورتو. اهڙيءَ
ريت هو هلڻ لاءِ تيار ٿي ويو ۽ اسان ڪراچيءَ کان ڪينجهر ڏانهن روانا ٿي وياسين. سنگت
جو خيال هو ته ’ڪراچيءَ مان چئين وڳي ڌاري نڪرو ته جيئن ڪينجهر جو سير به ڪري سگهجي‘. پر ڀرپور
ڪوشش جي باوجود به اسان کي ڪراچيءَ مان نڪرندي نڪرندي شام جا ساڍا پنج ٿي ويا. حيدرآباد
مان لالا رحمٰن، سهيل سانگي، خالد کوکر، اقبال ملاح، امداد سومرو، جئه پرڪاش موراڻي،
خالد چانڊيو، سعيد افضال، ظفر هڪڙو، اشوڪ شرما، ڄام ممتاز، زاهد ڪلهوڙو، سليم ملاح
۽ ٻيا دوست چئين وڳي نڪري چڪا هئا. اهي ساڍي پنجين وڳي ڪينجهر تي پهچي ويا هئا ۽ امداد
سائين ايس ايم ايس ڪري ٻڌايو هو ته اسان پهچي ويا آهيون. پر ان کان پوءِ دوستن جا موبائل
فون آف پئي مليا ۽ جڏهن مون لالا صاحب جو نمبر ملايو ته اهو ملي ويو. معلوم ڪرڻ تي
لالا صاحب ٻڌايو ته هن وقت سمورا دوست نوريءَ جي مزار تي ٻيٺا آهيون. ان کان پوءِ مون
مڪلي ۾ ويٺل صالح منگيءَ کي فون ڪئي ته؛ تيار ٿي ويهه اسان اچون پيا ۽ گڏ هلنداسين.
اسان جي به ڀرپور ڪوشش هئي ته اسان به ڪينجهر جي لهرن جا مزا ماڻي نوريءَ جي مزار تي
وڃي حاضري هڻون. پر مون کي اڄ تائين نوريءَ جي مزار تي وڃڻ جو موقعو نه مليو آهي ۽
هن ڀيري به اهو رڪارڊ برقرار رهيو. اسان جڏهن ڪينجهر تي پهتاسين ته سج لهڻ ۾ باقي ڪجهه
گهڙيون هيون. لالا صاحب، سهيل صاحب، خالد کوکر صاحب ۽ ٻيا دوست، ڀنل ڪپڙن سان نوري
هوٽل جي لان ۾ ويٺا هئا جن سان وڃي بغلگير ٿياسين. ادا اقبال ملاح، امداد سومرو ۽ سعيد
افضال مون کي نظر آيا ته مون سنگت کان انهن جي باري ۾ پڇيو. جن ٻڌايو ته سعيد افضال
ٻِيڙيون وٺڻ ويو آهي. باقي ادا اقبال ۽ امداد، نوري ريسٽورنيٽ تي آهن. مون جو نظر ڊوڙائي
ته ادا اقبال، نوري هوٽل وٽان ڪينجهر جي ڪنڌي تي بيٺل نظر آيو. جيئن ئي ان تي نظر پئي
ته مون ٺيٺ ٻهراڙيءَ واري انداز ۾ ان کي سڏ ڪيو؛ ”ادا اقبال او ادا اقبال وو ووءِ.“
ان به ساڳئي انداز ۾ جواب ڏنو ته؛ ”ادا پهتو پهتو.“ وڏي چاهه مان ڀاڪر پائي ملياسين
ته سامهون کان اڇي پهراڻ ۾ ايندڙ ادا امداد به نظر اچي ويو. وڏي جوش ۽ جذبي سان ملياسين
۽ ڪچهري شروع ٿي وئي. ڪچهري ۾ دوستن ٻڌايو ته ڪينجهر جي ملاحن کان ۵ ڪلو وزني هڪ تازي
مڇي خريد ڪئي آهي، جنهن کي ترائبو. جيتوڻيڪ رات جي مانيءَ ۾ ميزبانن جي پاران مڇيءَ
جو انتظام ڪيل آهي پر هيءَ مڇي نمڪو جي طور تي وٺبي. ان مڇيءَ سان دوستن فوٽو گرافي
به ڪرائي هئي. دوستن نوري هوٽل جي رڌڻي وارن کي چيو ته؛ ”بابا اها مڇي اسان کي تري
ڏيو.“ پر انهن اهو بهانو ڪيو ته هن وقت گئس نه آهي، ان ڪري اها مڇي اسان نه تري سگهنداسين.
پوءِ اسان سڀ دوست پنهنجي ڪمرن تي هليا وياسين. سڀني ڪپڙا تبديل ڪيا پئي ته اتان جو
منتظم مخدوم صاحب اچي ويو. جنهن اچي چيو؛ ”توهان حڪم ڪيو، جيڪڏهن ڪو ڪم ڪار هجي؟“ ان
تي اسان جي يار خالد چانڊيو اها ڳالهه رکي ته؛ ”نوري هوٽل وارا مڇي تري نٿا ڏين ۽ چون
ٿا ته گئس ناهي.“ ان چيو؛ ”ڪو مسئلو نه آهي. اهو ڪم ٿي ويندو.“ بعد ۾ اسان جي يار ارشاد
چنه، نوري هوٽل جي ڪچن ۾ هوٽل جي بورچين سان گڏ بيهي، پنهنجي نگرانيءَ ۾ مڇي ترائي،
سڀني دوستن کي کارائي هئي.
چانڊوڪي رات ۾ راڳين به اهڙا ته سر وکيريا جو سڀئي دوست جهومڻ
کان سواءِ نه رهي سگهيا. اڌ رات تائين، راڳ رنگ جو سلسلو هليو ۽ پوءِ سڀئي دوست ڪمرن
تي وڃي پنهنجي هنڌن تي ليٽيا. پر لالا رحمٰن، امداد سومرو، صالح منگي، سعيد افضال
۽ مون کي ڄڻ چنڊ ونگ وجهي ڇڏيا هئا. سو سڄي رات اتي ويهي ڪچهري ڪندا رهياسين. ڪچهري
ڪندي، پرهه ڦٽي وئي. مسجدن مان ٻانگون اچي ويون ته به اسان اتي ئي هئاسين.
صبح جو ساڍي پنجين وڳي اسان به ڪمرن تي پهتاسين ته هر ڪو
اگهور ننڊ ۾ هو. اسان وارن هنڌن بسترن تي به قبضو ٿي چڪو هو. پر اسان جي هڪڙي سينئر
دوست، اهڙي زبردست ڪارروائي ڪئي جو سڀني جي ليٽڻ جي جاءِ ٺهي وئي. وري جو ظفر هڪڙي
پنهنجو واعظ شروع ڪيو ته جيڪي ننڊ پيل هئا سي به اٿي ويهي رهيا. ظفر سڀني کي ننڊ مان
اٿاري پاڻ هليو ويو، ڪينجهر ۾ ٽٻيون هڻڻ.
ائين اها يادگار رات، پنهنجي پڄاڻي تي پهتي ۽ ناشتو ڪري،
سڀ دوست واپس روانا ٿي ويا.
No comments:
Post a Comment