Monday, August 24, 2015

واشنگٽن ۾ پهرين شام (پئسفڪ جي پاڙي ۾ قسط 23) ياسر قاضي

واشنگٽن ۾ پهرين شام
(پئسفڪ جي پاڙي ۾ قسط 23)
ياسر قاضي
گذريل هفتي هن ”سفر ـ پچار“ ۾ اسين امريڪا جي حسين رياست ”هوائيءَ“ جي شهر هونولُولُو کان امريڪي راڄڌانيءَ، واشنگٽن ڊي سِيءَ پهتا هُئاسِين. اها 3 اپريل 2014ع جي هڪ جھُڙالي منجھند هُئي ۽ ”واشنگٽن ڊِي سِي“ لهڻ کان اڳ جهاز مان مُون جڏهن هيٺ ٿي نهاريو ته اِشوءَ (اشفاق آذر) مُون کي پئي چيو: ”ڏس! ڏس! ڌيان سان ڏس...  ڪو وائيٽ هائُوس، ڪا ڪيپيٽول هل جِي بلڊنگ نظر اچي ٿي يا نه؟“ (ڇوته ڊالاس کان واشنگٽن وارِيءَ اُڏام ۾ آءٌ دريءَ کان ويٺل هُئس.) اسين ”ڊُولس انٽرنيشنل ايئرپورٽ“ تي لٿاسُون، جيڪا واشنگٽن ڊِي سِي شهر کان 26 ڪلوميٽر پري واقع آهي، جتان کان واشنگٽن تائين لڳ ڀڳ 40 منٽن جي ڊرائِيو آهي، بشرطيڪه ٽرئفڪ جو زور گھڻو نه هُجي. واشنگٽن ۾ 3 ايئرپورٽس (هوائي اڏا) آهن، جن منجهان پهريون ته هي ايئرپورٽ ٿيو، جنهن تي پاڻ لٿاسُون، يعني ”ڊُولس انٽرنيشنل ايئرپورٽ“، ٻيو ”رونلڊ ريگن نيشنل ايئرپورٽ“ آهي، جتي فقط امريڪا جي ٻين شهرن ڏانهن ويندڙ يا اُتان کان ايندڙ اُڏامون آپريٽ ڪن ٿيُون، هن ايئرپورٽ کي ”واشنگٽن نيشنل ايئرپورٽ“ به چئجي ٿو. جڏهن ته هتان جي ٽِين ايئرپورٽ ”بالٽيمور ـ واشنگٽن انٽرنيشنل ايئرپورٽ (BWI)“ آهي، جيڪا واشنگٽن ۾ ”بالٽيمور“ جي ڏکڻ ۾ واقع آهي.


اسان کي ايئرپورٽ تي لهڻ کان پوءِ، ڳري سامان جي حصُول واري بيلٽ وٽ ڪافي وقت لڳي ويو، ڇوته اسان جي سامان اچڻ ۾ دير ڪئي. جڏهن سامان آيو ته اسان سڀني کي پنهنجي پنهنجي سامان سان گڏ، مائي اينان (مسز اين هارٽمين) ۽ اسان جي اُنهن 3 ساٿين جو سامان به هوٽل تي کڻي هلڻو هو، جن کي امريڪي هوم لينڊ سيڪيورٽيءَ وارن ”هونولُولُو“ ايئرپورٽ تي روڪي ورتو هو. اسان جي سڄي گروپ جو سامان الاهي دير سان پٽي (بيلٽ) تي آيو. لڳي ٿو ته سڄي جهاز جي مُسافرن کان پوءِ آخر ۾ اسان جو سامان بيلٽ تي رکيو ويو. اسان پنهنجو پنهنجو سامان کنيو. گڏوگڏ پنهنجن چئن ساٿين (اين، خالد، اڪرام ۽ حمزه) جو به سامان کنيو، جيڪو هُو، هونولُولُو ايئرپورٽ جي چيڪ اِن ڪائُونٽر تان بُڪ ڪرائي چُڪا هُئا ۽ کين ان مرحلي کان پوءِ اسڪرِيننگ دؤران روڪيو ويو هو. هُونءَ ته شايد پرايو سامان لگيج واري بيلٽ (سامان واري پٽي) تان سُڃاڻي کڻڻ ڏکيو هُجي ها (ڇاڪاڻ ته هر ڪو پنهنجن ٿيلهن ۽ سُوٽ ڪيسن جو رنگ ۽ حُليو پاڻ سُڃاڻيندو آهي ۽ اها ٻئي ڪنهن جي وس جي ڳالهه ڪانهي ته هُو گھڻي سامان جي وچان، ٻئي ڪنهن جو سامان سُڃاڻي سگھي)، پر ان ڏس ۾ اهڙيءَ ئي ڪنهن صُورتحال جي حل طور اسان کي اسان جي ميزبان اداري (اِيسٽ ويسٽ سينٽر) وارن ڳاڙهي رنگ جا ٻه چار ٽيگ ڏئي ڇڏيا هُئا، جن تي اسان جا نالا، اِيسٽ ويسٽ سينٽر، توڙي پروگرام جو نالو درج هو ۽ اسان کي اهي ٽيگ پنهنجي سامان سان لازمي طور تي لڳائڻ لاءِ چيو ويو هو، ته جيئن اسان جي پُوري گرُوپ جو سامان هر جاءِ تي پري کان پڌرو هُجي. اسان کي هونولُولُو ۾ جڏهن اهي ٽيگ ڏنا ويا هُئا ۽ جنهن وقت اسان اهي ٽيگ پنهنجي سُوٽ ڪيسن تي لڳايا پئي ته اسان دل ئي دل ۾ سوچيوسي پئي ته هنن ٽيگس جي اسان جي سامان سان لڳائڻ جِي ڪهڙِي ضرُورت آهي، پر اُن وقت، جڏهن فقط انهن ٽيگس جي ڪري اسان کي اسان جي ساٿين جو سامان سُڃاڻڻ ۽ کڻڻ ۾ ڪابه ڏکيائي نه ٿي، تڏهن ان ننڍڙي شيءِ جي اهميت ۽ افاديت جو احساس ٿيو.
اسان پنهنجو پنهنجو سامان ته کڻي ورتوسي، پر اسان جي ساٿين جو سامان ڪير ڍوئيندو، ان تي رضاڪاراڻي طور تي ڪوئي به تيار نه هو، پر پوءِ مڙئي هڪ ٻئي کي غيرت ڏياري ونڊي ورهائي سامان کنيوسي، ته جيڪڏهن اسان کي ايئن روڪيو وڃي ها ته اسان جو به سامان ڪونه ڪو کڻي ها.
اسان اڃا سامان جي سُڃاڻ جي انهن مرحلن ۽ ان کي ڍوئڻ جي تيارين ۾ ئي هُئاسِين، ته اُن بيلٽ جي ڀرسان هڪ شخص اسان جي گرُوپ جي پُڇا ڪرائيندو اُتي اچي پهتو ته ”پاڪستاني صحافين جو وفد ڪهڙو آهي!“ اسان منجھان ڪُجھه دوست ته پهريان ڊڄي ويا تي ”ايف بِي آءِ“ يا ”سِي آءِ اي“ جو ته ڪو ماڻهُو اسان جي ڪڍ ڪونهي آيو، ڇوته سندس لباس (ٽُوپِيس، سُوٽ) ۽ سندس حُليي مان لڳو پئي ته هي 60 سالن جو صحتمند ۽ تازو توانو ڪُراڙو ڪنهن اهم اداري جو ڪو آفيسر آهي، پر پوءِ خبر پئي ته اهو شخص اسان کي اُن هوٽل (”ميريئيٽ ريزيڊنس اِن“ واشنگٽن) پاران وٺڻ آيو هو، جنهن ۾ اسان کي واشنگٽن ۾ ڪُجهه ڏينهن قيام دؤران رهڻو هو. هُو اُن ڪوسٽر جو ڊرائيور توڙي واشنگٽن ڊِي سِيءَ جو ٽُوئر گائيڊ (سُونهو) هو، جيڪا ڪوسٽر اسان کي وٺڻ (رسِيو ڪرڻ) آئِي هُئي. اسين ايئرپورٽ کان ٻاهر نڪتاسِين. ڪراچي جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ جي اندرُونِ مُلڪ آمد واري سامان وصُول ڪرڻ واري لائُونج وانگر ”ڊُولس ايئرپورٽ واشنگٽن“ جي ٻاهر نڪرڻ جو دروازو (ايگزٽ) به سامان واري پٽي جي بلڪ ويجھو هو، فرق رڳو ايترو هو ته واشنگٽن جي هن هوائي اڏي جي سامان واري لائُونج کان ٻاهر نڪرڻ وارو لنگھه، مُک رستي جي هيٺان لاهِيءَ وانگر گُذري ٻاهر ٿي نڪتو. ٻاهر آياسِين ته واشنگٽن جو ڪڪرن سان ڍڪيل دلڪش منجھند جو پهر، ٻانهُون پکيڙي اسان کي ڀلييڪار ڪرڻ لاءِ آتو هو. اُن ويل گھُلندڙ هوا، پُوريءَ رات جي اميريڪن ايئرلائنز جي بور ڪندڙ ۽ ٿڪائيندڙ سفر جي بوريت ۽ ٿڪ کي وسارڻ تي مجبُور ڪري ڇڏيو. ايئرپورٽ جي ڪُشادي پارڪنگ ۾ ايئرپورٽ کان مُسافرن جي ٻاهر نڪرندڙ مُک دروازي کان فرلانگ کن پري بِيٺل ڪوسٽر ۾ اسان پنهنجو پنهنجو سامان رکيو. اُن سنجيده پوڙهي ڊرائيور نهايت سُهڻي نمُوني اسان کي ڀليڪار چيو ۽ اسين سڀئي پنهنجو سامان نهايت آرام سان ڪوسٽر ۾ رکي ڪوسٽر ۾ سُوار ٿياسِين ۽ ڪوسٽر هلڻ شرُوع ڪيو ۽ پنهنجو رُخ واشنگٽن شهر ڏانهن رکيو. ڪوسٽر ۾ رکيل ”آئيس بار“ (برف واري دٻي) ۾ برف ۾ اسان لاءِ پاڻيءَ توڙي ڪوڪ جُون بوتلُون توڙي ٻيوُن سافٽ ڊرنڪس رکيل هُيوُن، جيڪي اسان سڀني لاءِ ”ڀليڪار مشرُوب“ (ويلڪم ڊرنڪ) وانگر هيُون. اسان سڀني پنهنجي پنهنجي حصي جو پاڻي ۽ ڪوڪ پيتي. ڪوسٽر ۾ اڳيان اسان جو لاهور وارو دوست ضياءُالرحمٰن ويٺو، جنهن کي هُونءَ به هر ڪنهن سان ضرُوري توڙي غير ضرُورِي لهه وچڙ جو ضرُورت کان وڌيڪ شوق هُوندو آهي، سو اُهو اڳيان اُن ڦڙهيل لکيل پوڙهي سان مٿو هڻڻ لاءِ ويٺو. ڪوسٽر ٿورو اڳتي هلِي ته اسان کي احساس ٿيو ته هن ڪوسٽر جو ڊرائيور ۽ گائيڊ ڏاڍو دلچسپ ماڻهُو آهي ۽ وٽس مزاح جي حس به بدرجئه اُتم موجُود آهي. ان ڳالهه جو اندازو ان ڳالهه مان ٿيو ته ضياء ساڻس مذاق ڪندي کيس ٻُڌايو ته: ”پوئتي اسان جي هڪ ساٿياڻي ويٺي آهي. اُن جو نالو اسماء آهي (هُن اسماء رزاق جو ذڪر پئي ڪيو) هُن ويچاريءَ سان ڪو شادي ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. ڪيترا آيا...  هُن کي شاديءَ جو آسرو ڏئي، واعدا ڪري هليا ويا، پر ساڻس ڪنهن به شادي نه ڪئي. هُوءَ ويچارِي صفا ڏکايل آهي!“ تنهن تي پوڙهي ٺهه پهه شيشي مان اسماء کي ڏسي چيو: ”اي خوبصُورت عورت! توکي اعتراض نه هجي ته آءٌ توسان شادي ڪرڻ ۽ تُنهنجو گھر وسائڻ لاءِ تيار آهيان. تُون چوين ته هينئر ئي گاڏي چرچ ڪاهي هلان ۽ پاڻ هينئر ئي وهانءُ ڪريُون!“ هُن جي ان طرح سان سنجيده ٿي مذاق جو جواب مذاق ۾ ڏيڻ ۽ پيدا ٿيل صُورتحال کي مدِ نظر رکندي، برجستو جواب ڏيڻ تي پُوريءَ ڪوسٽر ۾ ٽهڪڙو مچي ويو. ماهوش قيُوم ۽ رياض برڪيءَ جهڙن سادن ته ويچارين ان آڇ کي سنجيده ورتو ۽ سمجھيائُون ته پوڙهو واقعي اسماء تي موهت ٿي پيو آهي. اسان اُن پوڙهي جي ڳالهين تي به پئي کلياسيِن ته پنهنجي ڪُجهه يارن جي سادگيءَ تي به!
ايئرپورٽ کان هوٽل تائين جي هن سفر ۾ احساس ٿيو ته ”ڊُولس ايئرپورٽ“ شهر کان ڪيتري پري آهي. رستي ۾ اسان کي ڪن روڊن تي ٽرئفڪ جي سُست رفتار به ملِي، جنهن جي صفائي ڏيندي پوڙهي چيو پئي ته هي ”رش آورز“ (رش وارا ڪلاڪ) آهن، جنهن دؤران واشنگٽن جي ٽرئفڪ ايئن ئي هُوندي آهي. جنهن لاءِ آءٌ معذرت خواهه آهيان ۽ هن رش سبب اسان کي هوٽل پهچڻ ۾ 20 منٽ واڌارا لڳندا. رستي ۾ اسان کي واشنگٽن جا مڙئي وڻ بنا پنن جي نظر آيا. هيءَ هتي بهار کان اڳ وارِيءَ پن ڇڻ جِي مُند هُئي ۽ اسان جي واشنگٽن ۾ ئي ڪُجهه ڏينهن جي قيام دؤران چيريءَ جي ڦُولار (چيري بلاسم) واري مُند شرُوع ٿيڻ وارِي هُئي. هن ايڪسچينج پروگرام کي ڄاڻي واڻي ترتيب ئي ان لحاظ کان ڏنو ويندو رهيو، ته جيئن پاڪستاني صحافي واشنگٽن، نيُويارڪ ۽ ڪولمبيا (مِزُورِيءَ) جِي برسات به ڏسِي سگھن ۽ واشنگٽن توڙي اوڀر ڪوسٽ جي ٻين شهرن ۾ ”چيرِي بلاسم“ به ڏسِي سگھن. اسان کي رستي ۾ اسان جي ڪوسٽر جي ڊرائيور ۽ گائيڊ، رستي بابت توڙي واشنگٽن ڊِي سِي شهر بابت به بنيادِي ڳالهيُون ٻُڌايُون ۽ معلُومات ڏني.
اڌ ايٽلانٽڪ رِيجن ۾ ”پوٽومڪ“ درياءَ مٿان اڏيل امريڪي اوڀر ڪوسٽ جو هي شهر، عام طور ”واشنگٽن“ چورائي ٿو. هن شهر جو نالو امريڪي انقلاب جي مشهُور فوجي اڳواڻ ۽ امريڪا جي پهرين صدر ”جارج واشنگٽن“ جي نالي پويان رکيل آهي. ”ڊِي سِي“ ”ڊسٽرڪٽ آف ڪولمبيا“ جو مُخفف آهي، ”پوٽومڪ درياءَ“ جِي ڪَڙ سان اڏيل وفاقي علائقو (فيڊرل ڊسٽرڪٽ) هن شهر ۾ شامل ڪرڻ کان پوءِ هن کي ”واشنگٽن ڊِي سِي“ چيو وڃي ٿو. امريڪي دستُور جي مُطابق اهو وفاقي حصّو (ضلعو) امريڪا جي ڪنهن به رياست جو حصّو ناهي، جيئن پاڻ وٽ اسلام آباد، پاڪستان جي چئني صُوبن کان ڌار هڪ وفاقي خطو آهي. واشنگٽن سان ”ڊسٽرڪٽ آف ڪولمبيا“ جي وفاقي حصّي ڳنڍيل هُجڻ وارو مثال ايئن ئي آهي، جيئن 60ع واري ڏهاڪي ۾ اڳ ۾ قائم ٿيل راولپنڊِيءَ ۾ اسلام آباد جو علائقو مِلائي، اُن کي ”راولپنڊي اسلام آباد“ بڻايو ويو ۽ سَڏيو ويو. واشنگٽن ڊِي سِيءَ جي ڪُل ايراضي 177 چورس ڪلوميٽر (لڳ ڀڳ 69 اسڪوائر ميل) ۽ آدمشماري 6 لک 58 هزار 893 آهي، جڏهن ته هتان جو معياري وقت، پاڪستان جي معياري وقت کان 9 ڪلاڪ پوئتي آهي. ”ڊسٽرڪٽ آف ڪولمبيا“ نالي هن وفاقي ضلعي (علائقي) جو بنياد 16 جُولاءِ 1790ع تي پيو، جنهن لاءِ زمين ”ميري لينڊ“ ۽ ورجينيا“ کان ورتي وئي. هن وفاقي علائقي اندر امريڪي دفاع واري کاتي جو مرڪزي دفتر، ”پينٽاگون“، ”عالمي بئنڪ“ (ورلڊ بئنڪ/”ڊبليُو بِي“) بين الاقوامي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) ۽ ”آرگنائيزيشن آف اميريڪن اسٽيٽ“ سميت ڪئين مُلڪي، مرڪزي توڙي بين الاقوامي ادارن جُون هيڊ آفيسُون موجُود آهن. گڏوگڏ امريڪي راڄڌانيءَ ”ڪيپيٽول هل“ جهڙا اهم ايوان به هن ئي ڊسٽرڪٽ ۾ موجُود آهن ۽ امريڪي صدر جي رهائش وارو هنڌ ”وائيٽ هائُوس“ توڙي سندس سرڪاري آفيس ”اوول آفيس“ به هن ئي وفاقي علائقي ۾ واقع آهن. هن امريڪي راڄڌانيءَ واري شهر ”واشنگٽن“ کي فقط ”ڊِي سِي“ يا ”ڊسٽرڪٽ“ به چيو ويندو آهي، اها وضاحت لفظ ”واشنگٽن“ سان ان لاءِ به ضرُورِي سمجھي ويندي آهي، ڇاڪاڻ ته امريڪا جي ڏکڻ اولهه ۾ هڪ امريڪي رياست جو نالو به ”واشنگٽن“ آهي، پر اها رياست رڳو ”واشنگٽن“ چورائي ٿِي.
اسان جي ڪوسٽر واشنگٽن ڊِي سِي شهر ۾ داخل ٿيڻ کان پوءِ به ڪئين اهم ٿاڪ لتاڙيا. اسان هن سفر دؤران تصويروگرافي دل تي ڪئي، خاص طور مُون لاءِ ته مشهُور هو ته سڄو ڏينهن هر چرند پرند، ايتريقدر جو هر بلڊنگ، ڀت توڙي روڊ رستي، چؤڪ چؤبان توڙي، ماڻهُوءَ مِرُونءَ جا فوٽوز ڪڍندي جيسين منهنجي ڪئميرائن جُون بيٽريون پُوريون ڪانه ٿينديُون هُيون، تيسيتائين آءٌ بس ڪونه ڪندو هُئس ۽ مُنهنجي ڪئميرائن جي فليش پئي چمڪا ڏيندي هُئي. مُون کي سنڌ جي ٻين سفرناما نگارن وانگر پنهنجيُون تصويرُون ڪڍرائڻ جو شوق گھٽ، پر روڊ رستن، بلڊنگن ۽ ٻين ماڻهن جا فوٽوز ڪڍندي وڌيڪ مزو ايندو هو، خاص طور تي اهڙا فوٽوز، جن سان اُنهن شهرن توڙي علائقن جي زندگيءَ جا نرالا رنگ محسُوس ڪي سگهجن. امريڪا ۾ لڳ ڀڳ هر چؤڪ چؤبان تي ڪنهن نه ڪنهن هِيرو، ڪنهن نه ڪنهن اڳواڻ جو مُجسّمو ضرُور ٺهيل ملندو هو (ڪوئي پنهنجين عظيم شخصيتُن جو قدر ڪرڻ سکي ته گورن کان!) اهڙيءَ صُورتحال ۾ بس يا ڪوسٽر ۾ ويٺي اهڙن ماڳن کان لانگاهُو ٿيُون يا پيرين پنڌ، آءٌ وسُ ڪري اهڙو ڪوبه مُجسمو پنهنجيءَ ڪئميرا جي اک ۾ محفُوظ ڪرڻ کان ڇڏيندو ڪونه هُئس. مُنهنجيءَ ان عادت کان اِشُو ايترو واقف ٿي ويو هو، جو بَس يا ڪوسٽر ۾ سفر ڪندي ڪٿي به کيس ڪو مُجسمو يا يادگار ڪنهن چؤڪ تي مُون کان اڳ نظر ايندو هو ته عجِيب نمُوني سان هَڪل ڪري مُون کي هوشيار ڪندو هو، جنهن تي ڏاڍِي کِلَ به ايندي هُئي. چوندو هو: ”اُستادَ! وٺُ...  وٺُ...  وٺُ...  وٺُ... ! ڀائُو بِيٺو ٿئي...  نڪرِي نه وڃي...  ڌڪُ نه وڃي اُستادَ! وٺُ ڪجانس!“ (”ڀائُو“ لفظ هُو اُن يادگار يا مُجسمي لاءِ استعمال ڪندو هو.) پوءِ ڪڏهن ڪڏهن داءُ نڪري به ويندو هو. سو واشنگٽن ۾ داخل ٿيندي به اهڙا گھڻا ئي ”ڀائُو“ نظر آيا، جن کي پنهنجي وس آهر جھٽڻ جي ڪوشش ڪيم. پنهنجي هوٽل جي رستي ۾ امريڪا ۾ پهريون ڀيرو ڪنهن مسجد تي به نظر پئي، جنهن لاءِ خاص اسان جي سُونهي، نشاندهِي ڪري ٻُڌايو ۽ اسان جي توجّهه ڇڪائي. نيٺ ايئرپورٽ کان لڳ ڀڳ ڪلاڪ سَوا جي سفر کان پوءِ ٽيپهريءَ ڌاري اسين اچي واشنگٽن جي انتهائي مشهُور توڙي مصرُوف چؤڪ ”ڊيُوپونٽ سرڪل“ ڀرسان 2120 پِي اسٽرِيٽ ۾ واقع، ”ميرييَيٽ ريزيڊنس اِن“ تي پهتاسُون، جتي اسان جي رهائش جو انتظام ٿيل هو. هن ئي هوٽل جي سامهُون واشنگٽن جو ٻيو مشهُور هوٽل ”هوٽل پالومار“ هو. ياد رهي ته ”ميرييَيٽ“ وارن جا مُتعدد هوٽل مُختلف نالن سان واشنگٽن جي مُختلف ڪُنڊن ۾ واقع آهن، پر انهن جي نالن ۾ لفظ ”ميرييَيٽ“ شامل ضرُور هُوندو آهي. هوٽل ”ميرييَيٽ ريزيڊنس اِن“ جي سينسر سسٽم تي کُلندڙ خودڪار (آٽوميٽڊ) دروازي مان لنگهي، اُن جي سوڙهِي لابيءَ ۾ داخل ٿياسُون. استقباليه وارن لابيءَ ۾ ويهاري ”استقبالي جام“ (ويلڪم ڊرنڪ) ۾ صُوف جو رسُ پيش ڪري، وارَي وارَي سان اسان جي ڪمرن جُون چاٻيُون اسان جي حوالي ڪيُون ۽ اسان مان هر ڪو وارَي وارَي سان پنهنجن پنهجن ڪمرن ڀيڙو ٿيو ۽ هر ڪنهن ٿڪ مان پنهنجو سامان ڪمري ۾ اندر ڪري پنهنجو پاڻ کي بسترن تي ڇڏي ڏنو. هن هوٽل ۾ اسان کي ڪمرن بدران وڏا ”سيُوٽ“ (Suite) مليل هُئا، جن ۾ رنڌڻي جو الڳ سان ڪارنر، مطالعي جو ڌار ڪارنر، ۽ واش رُوم سان ويڪري ڊريسنگ ايريا شامل هُئي. رنڌڻي ۾ چانهه ۽ ڪافيءَ جو سامان هر وقت دستياب هو، جيڪو اعزازي (بنا پئسن جي استعمال ڪرڻ وارو) هو. ٽي وِيءَ تي ڪُجهه چينل پئسا ڀري ڏسڻ جوڳا هُئا، جڏهن ته گھڻا تڻا چئنل مُفت وارا هُئا. اسان جي ميزبان اداري جو واضع طور تي چيل هو ته ڏوڪڙن وارا چينل ڏسڻ جي صُورت ۾ پئسا ڏسڻ واري کي ئي ڀرڻا پوندا.
هوٽل تي پهچڻ سان پوئتي رهجي ويل اسان جي ٽن ساٿين ۽ چوٿين ساٿياڻيءَ (اين هارٽمين) جي خير خبر ڏيندي ذوالفقار مهتُوءَ (جن جو ساڻن فون تي رابطو هو) ٻُڌايو ته اُهي اڳيئن فلائيٽ ۾ اچن پيا، اُها فلائيٽ وايا ”ايل اَي“ (لاس اينجلس) ايندِي ۽ اُهي چارئي واشنگٽن ڊِي سِيءَ جي معياري وقت مُطابق علي الصبح پهچندا. اسان جي واشنگٽن ڊي سِيءَ پهچڻ کان پوءِ اسان جي اصل سرگرمين ۽ مصرُوفيتن جي شرُوعات ته ٻئي ڏينهن تي صبح سان ٿيڻي هُئي، پر اڄ شام جي هڪ اختياري سرگرمي (آپشنل ايڪٽِوٽِي) ”سِي اين اين“ اسٽُوڊيو جو ٽُوئر هو، جيڪو هن ئي پروگرام جي هڪ اڳوڻي شاگرد (المناءِ) ”لنڊا روٿ“ جي ميزبانيءَ هيٺ ٿيڻو هو، جيڪا سِي اين اين جي مشهُور پروگرام ”سچُوئيشن رُوم“ جي پروڊيُوسر آهي. پر اسين سڀئي ايڏا ته ٿڪل هُئاسيِن جو ڪمرن تي ڪلاڪ ڏيڍ ٿڪ پٽڻ کي ئي ترجيح ڏني سِين، ٻي ڳالهه اها ته مائي اينان (مسز اين هارٽمين) جهڙيءَ سُونهِيءَ کان سواءِ ڪيڏانهن به وڃڻ، ”جاڙا خان ڪُتي کان بيهجان!“ جي مثال پئي لڳو، جيتوڻيڪ اين هارٽمين فون تي مهتُوءَ کي اسان مڙني لاءِ اهو نياپو ڏنو هو ته اسين سڀئي وڃڻ چاهيُون ته ”سِي اين اين“ هليا وڃُون. (”سِي اين اين“ جو اهو چڪر ڪُجهه ڏينهن کان پوءِ لڳايوسِين، جنهن جو احوال اڳتي ايندو.)
اسان مان هرڪنهن ڪلاڪ کن ڪمرن تي ٿڪ ڀڳو ۽ پوءِ شام جو اسان (آءٌ، اِشُو ۽ جيئند) هلڪي ڦُلڪي ڪييُوئل ڊريسنگ ڪري ٻاهر نڪتاسيِن، ته ڪو علائقي جو واءُ سواءُ وٺُون ۽ ڪُجهه پيٽ پُوڄا جو بندوبست به ڪريُون. هوٽل جي لابيءَ ۾ ذوالفقار مهتُو به مليو. اسان چئني هوٽل جي ٻاهران تصوير ڪشي ڪئِي. هوٽل جي اندر ته هيِٽر رستي گرمي پد نارمل ڪيو ويو هو، ٻاهر نڪياسِين ته شديد سيءَ جو احساس ٿيو. مهتُوءَ ۽ اِشُوءَ کي ته جيڪيٽُون پاتل هُيون، پر آءٌ هُڊِيءَ ۾ ڏڪي رهيو هُئس. هي واشنگٽن جو بهار هو، جنهن اسان ڪراچيءَ واسيُن کي مَريءَ جي سياري جي ياد ٿي ڏياري. ان سال (2014ع ۾) امريڪا ۾ سِيءُ به قهر جو پيو هو، جو اُن سال ڪيترن سالن کان پوءِ اتي رڪارڊ برفباري پئي هُئي، جنهن جي شدّت جو اثر اسان اپريل ۾ به ڏٺو.

هي علائقو، جنهن ۾ اسان جو هوٽل هو، ڏاڍو وسُونءَ وارو علائقو هو، جنهن جي آس پاس ڪمرشل حوالي سان هر شئي جي دستيابي هُئي. هوٽل جي بلڪل ڀر ۾ هڪ وڏو سُپر اسٽور هو، جتي روز مرهه جي استعمال جي هر شيءِ دستياب هُئي. اسان هوٽل مان نڪرڻ سان رسيپشنسٽ (جيڪو ڪنهن عرب مُلڪ سان تعلق رکندڙ مُسلمان هو) کان حلال کاڌي واري ڪنهن ريسٽورنٽ جو پتو پُڇيو ته هُن هڪ ويجھي هندستاني ريسٽورنٽ جو ڏسُ ڏنو. اسان ٽئي هوٽل مان نڪري سندس ٻُڌايل ڏسَ مُوجب اهو انڊين ريسٽورنٽ ڳولهڻ نڪتاسين. اُن کان ڪُجهه گهٽيُون اڳ ئي اسان پڪ ڪرڻ لاءِ هڪ واٽهڙُوءَ کان اُن ريسٽورنٽ جو پتو پُڇيو، جيڪو ڊگھي قد ۽ گھاٽين مُڇن وارو هڪ سنهڙو هندستاني هو، جيڪو پاڻ به پيٽ پُوڄا لاءِ نڪتو هو. هُن جڏهن اهو ڄاتو ته اسين پاڪستاني آهيُون ته ڏاڍو خُوش ٿيو ۽ ٻُڌايائين ته آءٌ پاڻ ڪنهن ريسٽورنٽ جي تلاش ۾ نڪتو آهيان. هُن پنهنجي باري ۾ ٻُڌايو ته هُن جو هوابازيءَ سان تعلق آهي. هُن پنهنجي ”آءِ فون“ تي ”گُوگل ميپ“ رستي، اسان پاران اُن ريسٽورنٽ جو نالو ٻُڌائڻ تي اُن جي ”سرچ“ (ڳولهڻ) واري آپشن ۾ ان ريسٽورنٽ جو نالو وِڌو ته اُن فون ۾ آيل گُوگل جي نقشي اسان کي ٻُڌايو ته اسين اُن جاءِ کان فقط ٻه ٽي گھٽيُون ئي پري آهيُون. نيٺ وڃي ان ريسٽورنٽ تي پهتاسُون ۽ پهرينءَ منزل تي ٺهيل هن انڊين ريسٽورنٽ جي ڊائننگ هال ۾ داخل ٿياسُون. اهو ريسٽورنٽ ان وقت بند ٿي رهيو هو. پهريان ان جي مالڪ چيو ته ”اسِين اوهان کي هن وقت کاڌو نه ٿا سروۡ ڪري سگھُون!“ پر جڏهن اسان کيس اردُوءَ ۾ ٻُڌايو ته اسين پاڪستان ۽ هندستان کان آيا آهيُون ته پوءِ اُن ريسٽورنٽ جي مالڪ اسان جو آڌر ڀاءُ ڪيو ۽ ڊائننگ هال ۾ اسان کي ويهاريو. سڄي ڊائننگ هال ۾ رڳو اسان 4 ڄڻا ئي ويٺا هُئاسيين. ڌيمي بتيءَ ۾ هلڪي مشرقي موسيقيءَ جي ڌُن ٿي وڳِي...  ديوارن تي انڊين ڪلاسيڪل پينٽنگس سان سجايل هن ريسٽورنٽ ۾ پُرسڪُون ماحول هو. اسان ڀارتي اجنبيءَ کي چيوسي ته اچي اسان سان گڏ ماني کائي، پر هُو اسان جي زور ڀرڻ جي باوجُود ڌار ٽيبل تي ويٺو، البته هُن اسان منجھان هڪ دوست سان ٻاهر وڃي هڪ سگريٽ تي ڪمپني ڪئي. اسان هندستاني ”پائو ڀاڄي“، ”پالڪ پنير“ ۽ ”دال“ آرڊر ڪئي. ڀاڄي ٿوري مقدار ۾ ڏوڪڙ الاهي سارا...  جيڪو هن ديس جو دستُور به آهي...  25 منٽن کن ۾ اسان جو آرڊر آيو. ماني کائي هوٽل روانا ٿياسِين ۽ خميس، 3 اپريل 2014ع جي هن سرد شام جا اڻ مٽ پاڇا اسان جي ذهنن تي هميشه جي لاءِ نقش ٿِي ويا.

No comments:

Post a Comment