اشتهارن ذريعي غريب بيروزگارن کي ڦُرڻ
الطاف شيخ
اسانجي ڳوٺ جو ڊاڪٽر فرحان جيڪو
ملائيشيا ۾ نوڪري جا سال سال جا ٻه ڪانٽرئڪٽ پورا ڪري ڳوٺ آيو آهي ۽ هاڻ مهيني ٻن کان
هيڏانهن هوڏانهن نه فقط سنڌ ۾ پر دبئي، سعودي عرب، مالديپ ۽ ٻين ملڪن ۾ نوڪريءَ جي
ڳولا لاءِ هٿ پير هڻي تنهن جو اوچتو فون آيو ۽ خوشخبري ٻڌايائين ته هن کي يورپ جي ملڪ
ڊئنمارڪ ۾ نوڪري ملڻ جو آسرو ٿيو آهي.
”اخبار ۾ آيل اشتهار موجب مون کين پنهنجا ڪاغذ
موڪليا آهن. هنن کي ڊئنمارڪ جي ڪنهن اسپتال لاءِ پاڪستان جا MBBS ڊاڪٽر کپن .... پگهار جو اڃا
ڪو نه لکيو اٿن. ويزا ۽ ٽڪيٽ جا پئسا به هو ڏيندا.“
اهو ٻڌي مونکي ڏاڍي خوشي ٿي ته اسانجي
ڳوٺائي ڊاڪٽر کي يورپ جهڙي ملڪ ۾ نوڪريءَ جو آسرو مليو آهي جتي جون ورڪنگ ڪنڊيشن اسان
جي ايشيائي ملڪن کان گهڻو بهتر آهن. ملائيشيا .... اڄ جو ملائيشيا نه .... پر اڄ کان
ٽيهه چاليهه سال اڳ واري ملائيشيا ۾ جڏهن منهنجو وڃڻ ٿيو هو ۽ لڳاتار رهي نوڪري به
ڪيم .... ڪجهه ٻيو ئي هو. حڪومت ۽ مقامي ماڻهن طرفان اسان ڌارين (Expatriates) جو وڏو خيال
ڪيو ويو ٿي .... هر ڌارئين کي عزت جي نگاهه سان ڏٺو ويو ٿي ته هو پنهنجي فيلڊ جو قابل
ماڻهو آهي ۽ سندن ملڪ جي ترقي ۽ ان جي ماڻهن جي خوشحاليءَ لاءِ هو ملائيشيا جهڙي جنگل
۽ مينهوڳي ۽ مڇرن واري ملڪ ۾ ڪم ڪرڻ آيو آهي. پر هاڻ ملائيشيا هڪ ماڊرن ۽ امير ملڪ
ٿي ويو آهي. اڄ جي نئين ٽهيءَ کي اهو احساس ئي ڪونهي ته هنن جي ابن ڏاڏن هن ملڪ ۾ ڪيئن
ٿي زندگي گذاري .... ايتري قدر جو هنن وٽ بنيادي هائجنڪ حالتون به نه هيون. سواريءَ
لاءِ مزدا جهڙيون ننڍيون بسيون هيون .... روڊ رستا به ڪي خاص نه هئا .... ميڊيڪل جون
به ڪي بهتر سهولتون نه هيون ۽ نه وري ڪو تعليم جو اعليٰ بندوبست هو. انٽر بعد نوجوانن
کي انجنيري، ڊاڪٽري يا ٻين فيلڊس لاءِ انڊيا، پاڪستان يا سنگاپور وڃڻو پيو ٿي.
1980ع واري ڏهي ۾ به جڏهن آئون ٻارن سان اچي ملائيشيا ۾ نوڪري لاءِ رهيس تڏهن تائين
به ميڊيڪل جي اسان کي تڪليف رهي ٿي. ٻارن جي پڙهائي لاءِ ملاڪا جهڙي شهر ۾ به انٽرنيشنل
ٽائيپ اسڪول نه هو. اسان سان گڏ آيل ٻيا ڌاريان سال اڌ نوڪري ڪري ڀڄي ويا ٿي. منهنجي
رهي پوڻ تي مون کي شاباسون پيا ڏيندا هئا .... ايوارڊ به ڏنائون. پر هاڻ حالتون اهڙيون
ٿي پيون آهن جو هو اسان جي ماڻهن کي مسڪين ۽ پينو سمجھن ٿا ۽ نوڪري ڏيندي سمجھن ٿا
ته هو اسان جهـڙن ملڪن جي ماڻهن تي وڏو احسان ڪن ٿا. ظاهر آهي اڄ جا ملائيشن ڏسن پيا
ته سندن ملڪ ماڊرن ۽ سهولتن سان ڀرپور هجڻ ڪري سندن ملڪ ۾ نوڪري لاءِ يورپي گورا به
پيا منٿون ڪن. ان کان علاوه هنن ۾ به هاڻ عربن وانگر وڃي پئي لالچ وڌندي. عرب دنيا
۾ هڪ اهڙو وقت آيو جو ڏسڻا وائسڻا عرب به پئسي جي لالچ ۾ گهرايل غريب پورهيتن کان ويزائن
جا به پئسا وٺڻ لڳا. ڪيترا ته ڌارين ملڪن کان آيل ڌنڌي ڌاڙي وارن کان، هنن جي دڪان
مان ٿيل ڪمائي مان به ڪميشن وٺڻ لڳا .... اهي ئي حالتون هن خوبصورت ملڪ ملائيشيا ۾
به جنم وٺي رهيون آهن جنهن کي قدرت نه فقط سعودي عرب وانگر وسيع ڌرتي ڏني آهي (آدمشماري
جي ڀيٽ ۾) پر ڪشمير ۽ سئٽزرلئنڊ جهڙي سونهن به ڏني آهي. محنتي ۽ ايماندار سياستدانن
هتي جي ماڻهن جي قسمت ئي بدلائي ڇڏي آهي ۽ اڄ هر هڪ جي گهر اڳيان اوچي ڪار آهي ۽ کيسو
ڏوڪڙن سان ڀريل .... پر افسوس جو ان سان گڏ منجهن Greed (لالچ) ۽ تڪبر جو عنصر به اچي ويو آهي.
اسان واري ڳوٺائي ڊاڪٽر فرحان جو
ملائيشيا ۾ نوڪريءَ جو تجربو ڪو سٺو نه رهيو. ملائيشيا کان آيل هڪ سرڪاري ٽيم ڊاڪٽرن
جي چونڊ لاءِ ڪراچي آئي ته ان هن کي به چونڊيو هو. پاڻ ٻڌيائين ته اها سرڪاري نوڪري
آهي پگهار جو اتي ئي ٻڌائيندا. اهو آهي ته کيس ويزا ۽ ڪولالمپور ۾ پهچڻ جي هوائي ٽڪيٽ
به موڪلي وئي. هو بيحد خوش هو ته هو دنيا جي هڪ خوبصورت شهر ڪوالالمپور ۾ نوڪري لاءِ
وڃي پيو. مون چيومانس ته 90 ڪلوميٽر ڏکڻ ۾ هنن جو تاريخي شهر ”ملاڪا“ به اٿئي. موڪلن
۾ ان جو به چڪر هڻجانءِ جتي مون زندگيءَ جا ڏهه کن سال گذاريا.
ڪوالالمپور ۾ هفتو کن هوٽل ۾ رهائڻ
بعد هن کي مشرقي ملائيشيا جي رياست سباح جي هڪ ڏورانهين ڳوٺ ۾ نوڪري لاءِ چيو ويو.
هن ان کي به خوشي سان قبول ڪيو جو هو ڇڙو ماڻهو هو. هن کي ٻار ٻچا نه هئا جو اسڪول
۽ ٻين ڳالهين جو فڪر ٿئيس. پر اتي پهچي خبر پيس ته نوڪري سرڪاري ضروري آهي پر انهن
سرڪاري اسپتالن ۾ ڊاڪٽر مهيا ڪرڻ لاءِ هڪ عام ملئي ماڻهوءَ ٺيڪو کڻي هن کي لڳايو آهي
.... يعني هو سرڪار کان ته فل پگهار پيو وٺي پر هنن ڊاڪٽرن کي اڌ کان به گهٽ پيو ڏئي.
پنهنجي ملڪ ۾ ڪا نوڪري نه هئي سو
ڊاڪٽر فرحان مجبور ٿي ان گهٽ پگهار تي به اوورٽائيم سميت نوڪري ڪندو رهيو. سال پورو
ٿيڻ تي ٻي سال جي ڪانٽرئڪٽ لاءِ هن کي پنج مهينا ”اڄ نه سڀان“ ڪندا رهيا ان بعد مس
مس ڏنائون. اهي پنج مهينا پگهار به نه ڏنائون. ٻئي سال جو جيئن ئي مدو ختم ٿيو ته هن
کي ۽ ٻين پاڪستانين کي وڌيڪَ نوڪري ڏيڻ کان انڪار ڪري کين واپس وڃڻ لاءِ چيائون. اسان
وارو ڊاڪٽر به ورتل نئين ڪار ۽ گهر جو سامان، اوڻي پوڻي ۾ وڪڻي اچي ڳوٺ کان نڪتو.
ڳوٺ ۾ رهڻ دوران دبئي ۾ نوڪري ڏيارڻ
واري هڪ ٺڳ ايجنٽ جي ڳالهين ۾ اچي بچت ٿيل لک ٻه رپيا ان پٺيان وڃائين. ڇا ڪري
.... هر بيروزگار نوجوان مجبور ٿئي ٿو. هاڻ هو انٽرنيٽ ۽ اخبارن ۾ ٻين هنڌ نوڪريون
ڳولڻ لڳو. ڊئنمارڪ ۾ ڊاڪٽرن جي ضرورت جو پڙهي هن کي ڏاڍي خوشي ٿي ۽ ڏنل ائڊريس تي ڪاغذ
’اي ميل‘ ڪري يڪدم مونکي فون ڪيائين. ڊئنمارڪ جو ٻڌي مونکي به بيحد خوشي ٿي. اتر قطب
يعني اتر يورپ جي هنن ملڪن: ڊئنمارڪ، سئيڊن ۽ ناروي جي ڇا ڳالهه ڪجي جتي انسان ته انسان
پر جانور به خوش گذارين ٿا ڇو جو اهي صحيح معنيٰ ۾ فلاحي ملڪ آهن جتي هڪ بيروزگار کي
به سرڪار خرچ پهچائي ٿي. ٻار ماءُ جي پيٽ ۾ جنم وٺي ٿو ته ان ڏينهن کان وٺي 18 سالن
جي ڄمار تائين سرڪار هن جو الائونس ڏئي ٿي. ڊاڪٽري علاج سرڪار طرفان آهي. ويندي ماڻهوءَ
جي مري وڃڻ تي دفن ڪفن جو خرچ به سرڪار ٿي ڏئي. مون کي پنهنجي تعليم وارا ڏينهن ياد
اچي ويا جڏهن آئون سئيڊن جي يونيورسٽي ۾ شاگرد هوس ۽ ڊئنمارڪ پڻ اچڻ وڃڻ لڳو رهيو ٿي
جو وچ ۾ فقط سنڌو ندي جهڙي سامونڊي ندي آهي. سئيڊن جو شهر مالمو ۽ ڊئنمارڪ ملڪ جو شهر
ڪوپن هيگن ائين آهن جيئن روهڙي سکر. اسان شاگردن کي بس ۾ سفر جي ٽڪيٽ به ميونسپالٽي
طرفان مفت ملي ٿي. جن کي 18 سالن کان ننڍا ٻار هئا انهن کي هر مهيني هر ٻار جي حساب
سان وڏي پاڪيٽ مني ملي ٿي. منهنجا ڪيترائي ايشيائي ڪلاس ميٽ جيڪي طوفاني راتين ۽ مڇريل
سمنڊن ۾ جهاز هلائي بيزار ٿي پيا هئا اهي ته چوندا هئا ته زندگي جا باقي سال هاڻ ههڙي
ڪنهن ملڪ ۾ گذري وڃن ته سٺو. سو هاڻ جڏهن اسان جي ڳوٺ جي ڊاڪٽر ڊئنمارڪ ۾ نوڪري ملڻ
جي ڳالهه ڪئي ته مونکي به خوشي ٿي ۽ ايترو ته Excite ٿي ويس جو وڌيڪَ ڪجهه پڇڻ بدران
يڪدم چيومانس ته ”ڊئنمارڪ جهڙي ملڪ لاءِ پڇڻ جي ڪهڙي ضرورت .... اکيون پوري هليو وڃ.
اتي جي رهندڙن لاءِ ته اتي جي حڪومت سڀ سُک ڪري ڇڏيا آهن پر جيڪي پڙهڻ يا نوڪريءَ لاءِ
پهچن ٿا انهن لاءِ به سوين سک آهن.“
اها ڳالهه ٻڌي ڊاڪٽر فرحان به خوش
ٿيو نه ته ٻه هفتا کن اڳ هو نوڪري نه ملڻ ۽ ٺڳ ايجنٽ جي حوالي سان پئسو وڃائڻ ڪري بيحد
مايوس هو. جن ڊاڪٽرن کي ٻاهرن ملڪن ۾ نوڪريون آهن اهي هن کي اهو ئي سمجھائي رهيا هئا
ته نوڪري جي ڳولا کي في الحال ڇڏي وڌيڪَ پڙهي جو ٺلهي MBBS ڊاڪٽر کي پڇي ڪير ٿو .... کنڊو
۽ کيبر جهڙن ڳوٺن جا ماڻهو به معمولي مرض لاءِ ايم بي بي ايس ڊاڪٽر وٽ وڃڻ بدران اسپيشلسٽ
ڊاڪٽر وٽ وڃن ٿا. هالا جهڙي شهر ۾ به اهي ڪلنڪون ۽ اسپتالون هلن ٿيون جن ۾ ماهر ڊاڪٽر
آهن .... ۽ ڊاڪٽر فرحان ان تي به غور ڪيو ته ملائيشيا مان ڳوٺ موٽڻ بدران اتي پوسٽ
گرئجوئيشن ڪري جو اتي وري به انگلنڊ ۽ آسٽريليا کان سستائي آهي. پر جڏهن هن ڪوالالمپور
پهچي داخلا جو فارم ڀرڻ شروع ڪيو ته خبر پيس ته ٿوري ٿوري في ته به سال جي ڏهه لک رپيا
ٿئي ٿي ۽ هن وڌيڪَ پڙهڻ جو ارادو لاهي ڇڏيو. ۽ هاڻ هو خوش هو ته هڪ يورپي ملڪ ۾ هن
جهڙي MBBS ڊاڪٽر کي
نوڪري ملي رهي آهي جيڪا ضرور سٺي پگهار تي ئي هوندي. ۽ انجي پڪ مون به ڏنيمانس ته هي
ڪو کٽل ۽ ٺڳ ملڪ ناهي. اهو ٻڌي ڊاڪٽر فرحان کي ساهه ۾ ساهه پيو ۽ وسريل ڳالهه ياد اچي
ويس....
”ها سائين! اهو ته ٻڌائڻ وسري ويو ته رهائش جو
به هنن طرفان بندوبست آهي ۽ ٻن سالن بعد ڊئنمارڪ جي شهريت به ڏيندا.“
”واهه سائين واهه! بس سمجهه ته تنهنجي قسمت کلي
ويندي ۽ جي ٻن سالن بعد ڊئنمارڪ جو توکي پاسپورٽ به ڏين ٿا ته پوءِ ته جي ٻه سال پگهار
بنا به نوڪري ڪرڻي پوئي ته به مڙيئي خير آهي....“ مون ٽهڪ ڏيندي چيومانس ۽ ڊاڪٽر فرحان
به خوشيءَ مان کلڻ لڳو .... سندس کلڪو ٻڌندي ٻڌندي منهنجي دماغ ۾ جهڙوڪر ڪا ڀٽڪيل ڳالهه
اچي وئي .... سنجيدو ٿيندي چيومانس ته ”ڊاڪٽر فرحان! ان نوڪريءَ جو اشتهار ڪنهن جي
طرفان آهي ڊئنمارڪ حڪومت طرفان يا اتي جي ڪنهن اسپتال طرفان؟“
”ڪنهن ڪمپنيءَ طرفان آهي،“ ڊاڪٽر فرحان چيو،
”ڪالهه کان نيٽ تي (ڪمپيوٽر تي) سرچ ڪري رهيو آهيان ته ڊئنمارڪ جهڙي ملڪ ۾ ان جو نالو
نشان ڪونهي. اشتهار ۾ هنن فقط فون نمبر ۽ اي ميل ائڊريس ڏني آهي.“
”ٺهيو!“ مون چيومانس، ”اهو فون نمبر جيڪو اشتهار
۾ ڏنو هوندن، پڪ لئنڊ لائين جو نه پر رومنگ واري فون جا هوندو .... يعني نمبر ڀلي ڊئنمارڪ
جو هجي پر اشتهار ڏيڻ وارو همراهه لاهور يا ڪراچيءَ ۾ ويٺو ڳالهائي ۽ اتان ئي انٽرنيٽ
ذريعي جواب ڏئي ماڻهن کي بيوقوف بنائي.“
”ڇا مطلب؟“ ڊاڪٽر فرحان حيرت مان پڇيو.
”ڀلا پهرين واري ٺڳ ايجنٽ وانگر هن نوڪري جو اشتهار
ڏيڻ وارا به پئسن جي ڳالهه ته نٿا ڪن؟“ مون پڇيومانس.
”في الحال رڳو ڊاڪيومينٽ گهرايا اٿن جيڪي Scan ڪري اي
ميل ڪيا اٿم“ ڊاڪٽر فرحان چيو.
”شڪر آهي. پئسي ڏوڪڙ جي ڳالهه ڪن ته هرگز نه موڪلجان.
مونکي لڳي ٿو مهيني اندر توهان کي ضرور خط ايندو ته توهان جي چونڊ ٿي وئي آهي 30 ڊالر
ويزا جي پروسز في لاءِ موڪليو ۽ اهي موڪلڻ بعد ٻيو ايندو ته توهان کي ٽڪيـٽ موڪلي رهيا
آهيون هڪ سؤ يا ٻه سؤ ڊالر سروس چارجز موڪليو.“ مون چيومانس.
”سائين ڇا مطلب؟“ ڊاڪٽر فرحان پريشان ٿيندي پڇيو.
”منهنجو ڇهون حواس ته اهو ٿو چوي ته هي هڪ فراڊ
آهي. اسانجي ملڪ جي غريب ۽ مجبور بيروزگار کي ڦرڻ لاءِ. ڪوڙڪو آهي“ مون چيومانس.
”ڪيئن ڀلا؟ سائين هنن کي ڊاڪٽر کپن ۽ مونکي ته
ٻه سال ملائيشيا ۾ نوڪري جو تجربو به آهي.“
”الله ڪري توکي ڊئنمارڪ ۾ نوڪري ملي وڃي. مونکي
بيحد خوشي ٿيندي پر پئسي ڏوڪڙ ڏيڻ جي معاملي ۾ خبردار ٿجانءِ ڇو جو مونکي هي اسانجي
سادن ماڻهن کي ڦرڻ لاءِ پنهنجي ئي ملڪ جي ڪنهن ماڻهوءَ ڊوهه ڪيو آهي.“
ان بعد مون کيس پنهنجو شڪ جن دليلن
جي بنياد تي محسوس ڪيو ان بابت کيس به ٻڌايو. ڳالهه اها آهي جو انگلنڊ ۽ فرانس جهڙن
ملڪن ۾ جتي اسان جا ايشيائي (پاڪستاني، انڊين، سري لنڪن وغيره) ماهر ڊاڪٽر وڃن ٿا انهن
وٽ به مقامي گورا مريض اچڻ کان ڪيٻائين ٿا .... هو ڪوشش ڪري پنهنجي گوري ڊاڪٽر کان
علاج ڪرائين ٿا. سو ڊئنمارڪ جهڙو ملڪ ڇو اسان جي ملڪ جا ڊاڪٽر گهرائيندو جڏهن ته ڊئنمارڪ،
سئيڊن ۽ ناروي (Scandinavian) جهڙن اترادي
ملڪن جي ماڻهن کي ايڏو ته احساس برتري آهي جو هو پنهنجي ڏاکڻن يورپي ملڪن (اٽلي، اسپين،
پورچوگال ۽ فرانس) جي ماڻهن کي به نيچ سمجھن ٿا ۽ هنن لاءِ انهن ملڪن جو ماڻهو سندس
ڍڳي کان به گهٽ آهي سو هو سڄو يورپ ڇڏي اسان جي ملڪ جا ڊاڪٽر کڻنندا؟ سو به MBBS جهڙي معمولي
ڊگري وارا. حيرت جي ڳالهه آهي. جڏهن ته هنن کي اها به خبر آهي ته اسان جي ملڪ جي تعليم
جو معيار ڪهڙو آهي ۽ گهڻي ڀاڱي ڪهڙي قسم جا ڊاڪٽر نڪرن ٿا! ايتري قدر جو اسان جي ملڪ
جي MBBS ڊگري (سواءِ
آغا خان يونيورسٽي جي)، يورپ ۽ آمريڪا ۾ ته تسليم نٿي ڪئي وڃي پر سعودي عرب جهڙا ملڪ
به هچڪچاهٽ محسوس ڪن ٿا.
ٻي ڳالهه ته اهو به ڪو زمانو هو
جو اسان جهڙن کي هنن ملڪن توڙي انگلنڊ آمريڪا ۾ ويزا يا شهريت سولائيءَ سان ملي وئي
ٿي. هاڻ جتي ڪٿي ڏکيو ڪم ٿي پيو آهي. 1970ع واري ڏهاڪي ۾ به اسان جا ڪيترا پاڪستاني
هتي پهچي هنن چيو ٿي ته اسان قادياني آهيون، عيسائي آهيون.... وغيره وغيره ۽ پاڪستان
۾ اسان جي جان کي خطرو آهي ته انگلنڊ توڙي ڊئنمارڪ ۽ سئيڊن جهڙن ملڪن ۾ ٻن ٽن سالن
اندر کين شهريت ملي وئي ٿي پر هاڻ ته اسانجو ڪو هندو انڊيا رهڻ جي ڪري ٿو ته هن کي
به ڪو آساني سان شهريت نٿي ملي .... ڀلي هو پاڻ سان ڪروڙها رپيا کڻي وڃي .... اسانجي
ڪنهن مسلمان کي بنگلاديش يا سريلنڪا جي به نٿي ملي .... ويندي نيپال ۽ مالديپ جهڙا
غريب ملڪ ۽ ويران ٻيٽ به ڌارين کي هميشه لاءِ راهڻ کان انڪار ڪن ٿا. سو هڪ گهٽ تعيلم
يافته.... MBBS يعني ٺلهي
بيچلر کي ٻه سال نوڪري ڪرڻ تي ڊئنمارڪ جهڙو ملڪ شهريت ڏئي ڇڏيندو! سوچڻ جي ڳالهه آهي!
ڊئنمارڪ اهو ملڪ آهي جنهن جي شهريت حاصل ڪرڻ لاءِ انگريز ۽ آمريڪن به خواب ڏسندا وتن.
سئيڊن، ڊئنمارڪ ۽ ناروي جهڙن ملڪن
۾ رهندڙ اسان جا ڪيترا پاڪستاني، جن کي سٺن وقتن ۾ شهريت (پاسپورٽ) ملي ويو، انهن کان
جڏهن اسان تعليم يا گهمڻ لاءِ آيل سياح پڇندا هئاسين ته توهان آمريڪا ڇو نه ٿا وڃي
رهو جو انهن ملڪن جي ماڻهن کي آمريڪا ”ويزا بنا“ رهڻ جي اجازت ڏئي ٿي جيئن سنگاپور
وارن کي .... ته اسان جا پاڪستاني وراڻي ڏيندا هئا ته ”اسان ڪي بيوقوف آهيون جو ڊئنمارڪ
جهڙو ملڪ ڇڏي آمريڪا وڃي پورهيا ڪيون.“
ياد رهي ته ڊئنمارڪ ۽ سئيڊن وغيره
۾ اتي جو ڪو شهري نوڪري نٿو ڪري ته به گهر ويٺي هن کي ٽيهه چاليهه هزار رپيا، زال کي
الڳ ته مڙس کي الڳ، ”بيروزگاري الائونس“ ٽپال ذريعي مليو وڃي. ۽ جي هنن کي ٻار آهن
ته 18 سالن تائين هر ٻار جو به الائونس ملي ٿو ۽ جي زال مڙس جي طلاق ٿي ٿئي ته ”بيروزگاري
الائونس“ کان علاوه ”طلاق جو الائونس“ به ملي ٿو ته گهر به الڳ الڳ ملي ٿو... سو اهڙا
موج مزا ڇڏي هو ڇو آمريڪا وڃن .... پر هڪ آمريڪن يا يورپين ته هر وقت خواب لهي ٿو ته
ڊئنمارڪ ۾ کيس رهڻ ڏين. يورپ جا عام ڊاڪٽر يعنيMBBS ته ڇا ماهر ۽ اعليٰ تعليم يافته
ڊاڪٽر به هنن Scandinavian ملڪن ۾ نوڪري حاصل ڪرڻ جي چڪر ۾ آهن پر ڊئنمارڪ،
ناروي، سئيڊن جهڙا اترادي ملڪ اهڙا آهن جتي هڪ ته آدمشماري گهٽ آهي يعني هنن کي ايترن
ڊاڪٽرن جي ضرورت ناهي ۽ ٻي ڳالهه ته هنن جي تعليم جو معيار بيحد اعليٰ هجڻ ڪري ۽ سؤ
سيڪڙو تعليم هجڻ ڪري هنن وٽ پاڻ ئي اعليٰ ۽ ضرورت کان زياده ڊاڪٽر، انجنيئر ۽ ٻين فيلڊن
جا ماهر ويٺا آهن. پَش پيش سئيڊن کي جي ڪنهن ڊاڪٽر، انجنيئر ۽ پروفيسر جي ضرورت پوي
ٿي ته هو پنهنجي اترادي (Scandinavian) ٽون ڦان واري ملڪ ڊئنمارڪ يا ناروي مان ئي گهرائي ٿو. اهڙي طرح ڊئنمارڪ
کي جي ڪنهن ماهر جي ضرورت آهي ته هو ڀر واري پنهنجي اترادي ملڪ سئيڊن يا ناروي مان
گهرائي ٿو جو اهي ٽئي ملڪ هڪ ٻئي جون زبانون به سمجھن ٿا. انهن ٽنهي ملڪن جي جيتوڻيڪ
پنهنجي پنهنجي ڊئنش، نارويجن ۽ سئيڊش ٻولي آهي پر انهن ۾ تمام معمولي فرق آهي جيئن
سرائڪي ۽ پنجابي جي وچ ۾.... يا پورچوگالي ۽ اسپينشن وچ ۾. سئيڊن ۽ ڊئنمارڪ ۾ رهڻ دوران
آئون ڏسندو هوس ته ڪڏهن ٽنهي ملڪن جا شاگرد يونيورسٽي جي ڪئنٽين ۾ ملندا هئا ته هرڪو
پنهنجي زبان ۾ ڳالهائيندو هو. جيئن اسان وٽ ڪو سرائڪيءَ ۾ ڳالهه ڪري ته اڳلو هن کي
پنجابي ۾ جواب ڏئي ته ڪم هليو وڃي. سو هتي سوچڻ جي ڳالهه اها آهي ته هنن کي ڪهڙي کٽيءَ
کنيو آهي جو پنهنجن کي ڇڏي هوسڙي، باڊهه، پيارو لنڊ، بنگل ديري، ڳڙهي خيري ۽ پڊعيدن،
مانجهند جي MBBS ڊاڪٽر کي
گهرائين جن جي انگريزي نه ڊئنمارڪ جي نرسن کي سمجهه ۾ اچي ۽ نه مريضن کي. هڪ ويلڊر،
حجام يا هڪ اليڪٽريشن ته اهڙي Situation ۾ وري به ڪم ڪري سگهي ٿو پر هڪ ڊاڪٽر مريضن کي ڪيئن منهن ڏئي سگهي
ٿو ۽ انهن جي دوائن تي لکيل انهن جي زبان جا Instructions ڪيئن پڙهي
سگهي ٿو. ان کان علاوه هر قابل ڊاڪٽر ڄاڻي ٿو ته اسان جي ماڻهن جون ٽراپيڪل بيماريون
آهن ۽ اتر قطب ۾ رهندڙ هنن ماڻهن جون ٻيون آهن جن کي اتي جا لوڪل ڊاڪٽر ئي سمجھي سگهن
ٿا. ملائيشيا ۽ دبئي جهڙن ملڪن ۾ ته وري به ساڳيون بيماريون آهن ۽ ڳوٺاڻا انگريزي
۽ اردو به سمجھن ٿا. پر ناروي يا ڊئنمارڪ جهڙي برفاني ملڪن ۾ ڪنهن ڳوٺاڻي پنهنجي سڄي
زندگيءَ ۾ ٽي وي تي ڪا ”انگريزي“ فلم تڪ نه ڏٺي هوندي سو اسان جي ڊاڪٽرن جي سمجهندا.
هنن اترادي ماڻهن لاءِ انگريزي، فرينچ، جرمن، اطالوي ۽ هسپانوي ٻوليون يورپ جي ڏاکڻن
ڄٽ ملڪن جون زبانون آهن. ڪيترن کي ٿوري گهڻي انگريزي ايندي ته به هو ڪوشش ڪري پنهنجي
زبان ڳالهائيندو. انگريزي ڳالهائڻ کان گريز ڪندو. ساڳي وقت اسان ڌارين لاءِ عربي، ملئي،
ويندي جپاني ٻوليون سکڻ آسان ڪم آهي پر هنن اسڪئنڊينيوين ملڪن جون زبانون سکڻ ڏکيو
ڪم آهي.
هن نوڪريءَ جي اشتهار ۾ ٺڳيءَ جو
اهو به پهلو نظر اچي ٿو ته توهان پاڪستان جهڙي ملڪ ۾ MBBS ڊاڪٽرن جي ضرورت جو اشتهار
ڏنو آهي جتي هزارين ڊاڪٽر بيروزگار ويٺا آهن ۽ انهن کان وڌيڪَ جيڪي روزگار ۾ آهن سي
به بهتر پگهار ۽ سهولت واري نوڪري جي ڳولا ۾ آهن ته ڪٿي ٻاهر نوڪري ملي وڃي. اهڙو اشتهار
ڏسي پاڪستان جي هزارين ڊاڪٽرن apply ڪيو هوندو. سوچڻ جي اها ڳالهه آهي ته ڊئنمارڪ جهڙي
ملڪ کي ڊاڪٽرن جي اوچتو ڪهڙي اچي کوٽ ٿي آهي؟ اهي ته اسان جا شهر مٺي، عمر ڪوٽ، ڪنڌڪوٽ،
سيوهڻ، جهڏو، ڏوڪري جون اسپتالون آهن جن ۾ ڊاڪٽر آهن ئي ڪونه. ۽ جي آهن ته نوڪري کان
غير حاضر. ڊئنمارڪ جهڙي سڌريل ۽ اعليٰ صحت جي معيار واري ملڪ جي ته ننڍڙن ڏورانهن ٻيٽن
جي اسپتالن ۾ به ضرورت کان زياده ڊاڪٽر رهن ٿا. ڀلا جي ڊئنمارڪ جي ڪنهن شهر ڪوپن هيگن،
آروس يا ڪنهن ٻئي شهر جي اسپتال ۾ MBBS ڊاڪٽرن جي ضرورت هوندي ته به ٻن يا ٽن جي .... هلو
کڻي ڏهن جي هجي. ان لاءِ اشتهار ڏيڻ جي ڪهڙي ضرورت؟ سو به پاڪستان ۾! جيڪڏهن اهو ڪم
ڪنهن پاڪستاني ايجنٽ کي سونپيو ويو آهي ته هو بنا اشتهار جي پنهنجي شهر جا ڏهه ڊاڪٽر
موڪلي سگهي ٿو. مثال طور مون جهڙي کان ڪو ڏهه ڊاڪٽر گهري ته آئون هن کي فقط پنهجي ننڍڙي
ڳوٺ هالا جي ئي ڏهه ڇا ويهه بيروزگار ڊاڪٽرن جا نالا ڏئي سگهان ٿو. مونکي پڪ آهي ته
منهنجو هي مضمون پڙهندڙن تي جي اهو ڪم رکجي ته انهن مان هرهڪ فقط پنهنجي مٽي مائٽي
۽ پاڙي اوڙي مان ئي چار پنج بيروزگار ڊاڪٽر ڳولي وٺندو. پر هتي لڳي ٿو ته اشتهار ان
ڪري ڏنو ويو آهي جيئن هن غريب ملڪ جا مجبور ۽ بيروزگار ڊاڪٽر اکيون پوري apply ڪن ۽ پوءِ
جي ڏهه هزار ڊاڪٽر به درخواستون موڪلين ٿا ته پوءِ انهن کي لکبو ته توهان کي چونڊيو
اٿئون ۽ توهان جي ويزا ۽ ٽڪيٽ جي پروسيز لاءِ 100 ڊالر (يعني ڏهه هزار رپيا) موڪليو
ته نوڪري ملڻ جي خوشي ۾ هرڪو بنا سوچ ۽ عقل جي موڪلي ڏيندو ....
يعني ان قسم جي اشتهار ڏيڻ واري
کي گهر ويٺي ڏهه هزار ضربيان ڏهه هزار رپيا... معنيٰ 100000000 يعني ڏهه ڪروڙ رپيا
ملي ويا ۽ پوءِ مجبور ڊاڪٽر ويٺا ٽڪيٽ جو انتظار ڪن. ۽ اهڙي ڦر جي هو ڪهڙن ٿاڻن تي
وڃي رپورٽون لکرائين....! يا انصاف لاءِ ڪهڙي جهانگير بادشاه جو گهنڊ وڄائين ....؟
هي ان ئي قسمَ جو سلسلو لڳي ٿو جنهن
بابت پنهنجي ”وسي ٿو وڏ ڦڙو“ ڪتاب ۾ لکي چڪو آهيان ته ڪيئن اسان جا ٺڳ ماڻهو پئسينجر
جهازن تي Boy جي نوڪري
ڏيارڻ لاءِ اشتهار ڏين ٿا ته ڪو به مئٽرڪ پاس، پاڻي جي خوبصورت مسافر جهاز تي “Boy” جي نوڪري لاءِ
apply ڪري سگهي
ٿو. پوءِ درخواستون موڪلڻ وارن کان پئسا ڦريا وڃن ٿا. اسان جي ڳوٺن جي نوجوانن کي اها
به خبر نه آهي ته ڪروزو (پئسينجر) جهازن تي ڪم ڪار لاءِ ڇوڪرا نه پر ڇوڪريون رکيون
وڃن ٿيون ۽ ڇوڪريون به اهي جيڪي بيحد سهڻيون هجن، دلير هجن، انگريزي کان علاوه ٻيون
به يورپي زبانون ڄاڻنديون هجن ۽ سندن مئريٽائيم سان واسطو رکندڙ ڪورس ٿيل هجن. انهن
ڪورسن ۾ ”فرسٽ ائڊ، Life Saving، فائر فائيٽنگ پڻ اچي وڃن ٿا. انهن بين الاقوامي ڪورسن بنا هڪ ڀنگي
به جهاز تي نوڪري نٿو ڪري سگهي.
ان تناظر ۾ اسانجي ملڪ جي بيروزگار
ڳوٺاڻن نوجوانن کي بيوقوف بڻائي منجھائن پئسو ڪڍڻ ڪيڏي نه ظالمانا حرڪت آهي!
* * *
No comments:
Post a Comment