هونولُولُو کان واشنگٽن فورٽ ورٿ انٽرنيشنل ايئرپورٽ، ڊالاس ـ ٽيڪساس
(پئسفڪ جي پاڙي ۾ قسط ۲۲)
ياسر قاضي
جيڪڏهن اوهان، اسان سان هن سفر ۾ گذريل هفتي تائين ساڻ هئا،
ته اوهان کي ياد هوندو ته اسين امريڪي رياست ”هوائيءَ“ جي شهر هونولُولُوءَ ۾ ۳ ڏينهن گذارڻ کان پوءِ
امريڪي راڄڌانيءَ اُسهڻ لاءِ هونولُولُو انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي چيڪ اِن لاءِ تيار هُئاسُون.
مائي اينان (مسز اين هارٽمين) اڳ ۾ ئي اسان جا ڪَن کڻائي ڇڏيا ته اسان مان هرهڪ ۲۵ امريڪي ڊالرن کان موڪلائي
ڇڏي، ڇو ته اها رقم اسان کي جهاز ۾ کڄندڙ لگيج (ڳري سامان) جي ڀاڙي طور ادا ڪرڻي هُئِي.
اسان سڀني چيڪ اِن ڪائُونٽر جي اڳيان ٺهيل قطار ۾ بيٺي ئي پنهنجن پنهنجن هٿن ۾ ۲۵ امريڪي ڊالر رکي ڇڏيا.
اسان سڀني جو واري واري سان چيڪ اِن ٿيندو رهيو ۽ ”اميريڪن ايئرلائنز“ وارن پنهنجي
قانُون مُوجب اسان مان هر هڪ کان ۲۰ ڪلوگرام لگيج (سامان) ڍوئڻ جا ۲۵،
۲۵ ڊالر ورتا، جن جي رسيد هنن بورڊنگ پاس سان گڏ اسان جي حوالي
ڪئي. چيڪ اِن جي مرحلي دؤران ڀليءَ ڀت خبر پئي ته امريڪا ”نائين ـ اليون“ واري واقعي
کان پوءِ ڪيتري ڊنل آهي، ايترو جو ڪوبه مُسافر (توڙي اهو خود امريڪي شهري هجي يا ڪنهن
ٻئي مُلڪ سان تعلق رکندڙ) پر اُن کي امريڪا اندر ڊوميسٽڪ (اندرُونِ مُلڪ) سفر ڪرڻ لاءِ
به ”امريڪي هوم لينڊ سيڪيورٽيءَ“ پاران ايتريءَ سخت چيڪنگ منجھان ٿو گذرڻو پئي، جو
چئي کڻي بس ڪريو! مُون ان کان اڳ دنيا جي ڪنهن به ايئرپورٽ تي ايتري سخت اسڪرِيننگ
ڪانهي ڏٺِي. هڪ ته اسان جيڪو لگيج (ڳرو سامان) بُڪ ڪرايو، ان لاءِ خاص طور هدايت ڪئي
وئي ته اُن کي تالو نه لڳايو وڃي. اُن کان پوءِ جڏهن اسين پنهنجي هٿ ۾ کڄندڙ سامان
(هينڊ ڪيرِيءَ) سان گڏ چڪاس جي مرحلي مان گذرياسِين، ته اسان مان جنهن جنهن وٽ ليپ
ٽاپ هو، اُن اُن کي اهو ليپ ٽاپ ٿيلهي مان ڪڍي الڳ سان اسڪينر مان گذارڻ جي هدايت ڪئي
وئِي. ”ميٽل“ (ڌاتُوءَ) واريُون سمُوريُون شيون (ڪِي چين، موبائل فونز ۽ پين وغيره)
ته اسڪينر منجھان گذرڻ کان اڳ سڄي جڳ جهان ۾ کيسن مان ڪڍرايا ويندا آهن، پر هتي ته
قصّو اڃا گھڻو هو. يعني کيسي ۾ جيڪو مال هو، اهو ڪڍرايو ويو (نه فقط ان سفر ۾ بلڪ امريڪا
اندر جيڪي به سفر ڪياسُون، انهن سڀني ۾)، ايتري قدر جو ٽشُو پيپر به کيسي اندر نه ٿي
ڇڏيو ويو. بُوٽ ٿي لهرايا ويا ۽ اهو سڄو سامان مُختلف باسڪيٽس ۾ وجھي اسڪينرز مان گُذاريو
ٿي ويو. اهو سڄو سامان پنهنجي وجُود کان ڌار ڪرڻ، باسڪيٽ ۾ رکڻ، اسڪينر منجھان سامان
جي گذرڻ، پنهنجي گذرڻ کان وٺي، وري اسڪينرز جي پرئين پاسي ان سامان جي واپس کيسن ۾
وجھڻ توڙي بُوٽن وغيره پائڻ جي عمل تائين، اهو سمُورو ڊرامو گھٽ ۾ گھٽ ۱۵ منٽن جو هو. نه فقط
سامان توڙي جسم جي جھڙتيءَ جو اهو عالم هو، بلڪ اسان جي پاسپورٽن جي به ان ئي نمُوني
چڪاس پئي ٿي، جو رڳو اُن جو جلد (بائينڊنگ) اُکيڙي نه ٿي ڏٺِي وئي، باقي اُن کي اُٿلائي
پُٿلائي ايئن ٿي ڏٺو ويو جو هر پاسپورٽ ڌڻيءَ کي اهو ٿي گُمان ٿيو ته ڪٿي مُنهنجو پاسپورٽ
نقلي ته ناهي. ان کان پوءِ پاسپورٽ کي به پاسپورٽ ريِڊر مشين تي رکي، ان جي مخصُوص
بِيپ رستي ڪنفرميشن کان پوءِ ان جي جند ٿي ڇڏِي وئِي. اسڪينر جي پرينءَ ڀَر، باقاعدي
ويهڻ لاءِ مخصُوص نشستُون (صوفا نُما سِيٽُون) رکيل آهن، جن تي ويهي مُسافر بُوٽ پائين.
اسان جي گرُوپ مان ڪي سنگتي اڳيان، ڪي پويان انهن اسڪريننگ جي مرحلن مان پار ٿِيندا
ويا. آءٌ، اشفاق آذر ۽ ڪوئيٽه وارو دوست، جيئند ڪاشف ساجدي، انهن مرحلن مان پار پئي،
بنا دير جي پنهنجي مُتعلقه گيٽ (گيٽ نمبر ۱۷) ڳولهي وڃي، اُتي پهتاسِين
۽ ان گيٽ جي آسپاس واري انتظار واري لائُونج ۾ وڃي نشست نشين ٿياسِين. هيءَ اميريڪن
ايئرلائنز جي پرواز نمبر ”اَي اَي ۱۰۲“ هُئي، جيڪا ”ڊالاس“ (ٽيڪساس)
تائين هُئي، جتي اسان کي مُختصر ٽرانزٽ کان پوءِ ٻئي جهاز رستي، واشنگٽن ڊِي سِيءَ
وڃڻو هو. ۹:۴۵ لڳي رات اُڏامڻ واري هن جهاز لاءِ
اسين لڳ ڀڳ ۸:۳۰ لڳي تائين سڀ مرحلا اُڪرِي جهاز
۾ چڙهڻ واري ويٽنگ لائُونج ۾ اچي پهتاسِين. اڃا پرواز اُڏامڻ ۾ ڪلاڪ کان به گھڻو وقت
باقي هو. وقت گذرندو رهيو... پرواز اُڏامڻ
۾ ڪلاڪ باقي بچيو... مُنو ڪلاڪ... اڌ ڪلاڪ... پر ان وقت تائين اسان نوٽ ڪيوسي ته اسان جي گرُوپ
منجھان اسان ٽنهي کان سواءِ ٻيو ڪوبه ساٿي اُن ويٽنگ لائُونج ۾ ڪونه پهتو هو. جڏهن
پرواز اُڏامڻ ۾ ۲۵ منٽ بچيا ته اسان جو انتظار پريشانيءَ ۾ بدلجِي ويو. اڳ
۾ ته جڏهن اِشُوءَ چيو پئي ته ”يار! سنگت نه پهتي آ!“ ته مُون کيس دلاسو پئي ڏنو ته:
”اتي ئي گھُمندِي ڦرندا هُوندِا! اچي ويندا... “ پر جڏهن صفا جهاز ۾ سڏ ٿيڻ واري وقت
کي اچي ويجھا پهتاسُون ته اِشُوءَ جو ڪُجهه دير اڳ چيل اهو جُملو سچ ڀاسڻ لڳو ته ”اُستادَ!
لڳي ٿو ڪُجهه گڙٻڙ آ!“ پوءِ ته مُون به تاعيد ۾ سندس جُملو ساڻس ئي ورجايو، ته: ”اُستاد!
لڳي مُون کي به گڙٻڙ ئي ٿِي، ڇو ته اسان ٽنهي کانسواءِ ٻيو ڪوبه ويٽنگ لائُونج تائين
ناهي پهتو، بلڪه ڪوئي پري پري تائين ظاهر ئي ڪونهي!“ جيئند ته لائُونج ۾ هڪ غيرامريڪي
سُندريءَ سان ڪچهريءَ جو بهانو ڳولهي ساڻس حوالن ڪٽڻ ۾ مست مگن هو، پر مان ۽ اِشُو
واري واري سان هڪٻئي جي سامان جو خيال ڪندي، اُن جاءِ (گيٽ نمبر ۱۷)
کان ٿورو پري تائين وڃي واءُ سواءُ لهِي آياسِين ته اسان جا ٻيا ساٿي ڪٿي آهن، پر انهن
جو ڪو پتو کُرو نظر ڪونه آيو. اسان سمُورن گرُوپ جي ساٿين منجھان سواءِ ذوالفقار مهتُوءَ
(لاهور واري ساٿيءَ) جي، ڪنهن به امريڪي موبائيل سِم ڪانه ورتي هُئي، ڇاڪاڻ ته اُتي
سِم نه رڳو الاهي مهانگي هُئي، بلڪه ان کي خريد ڪرڻ لاءِ کوڙ ساريُن فارملٽيُن مان
به گذرڻو پئي پيو، تنهن ڪري اهو مُمڪن ئي ڪونه هو ته فون رستي انهن ساٿين منجھان ڪنهن
سان رابطو ڪري سگھجي ته هُو ڪٿي آهن. جهاز اُڏامڻ ۾ ۲۰ منٽ وڃي بچيا ۽ جهاز
جِي انائُونسمينٽ ٿِي وئي. لائُونج ۾ گيٽ نمبر ۱۷ جي ڀرسان ويٺل سمُورا
مُسافر ”ڊالاس“ جي جهاز جي اُڏامڻ جي سانباهي وارو اطلاع ٻڌِي اُٿي کڙا ٿيا ۽ جهاز
۾ وڃڻ لڳا. اِشُوءَ اها پڪ هُوندي به ته مُون وٽ ان سوال جو جواب ڪونهي، مُون کان پريشانيءَ
مان پُڇيو ته: ”ابا! هلڻو آ، ناهي هلڻو... جهاز ۾ چڙهڻو آ؟ ناهي چڙهڻو؟ اسان جو ڪوبه همراهه
اسان جي گائيڊ (اين هارٽمين) سميت ظاهر ئي ڪونهي!“ مُون کيس چيو: ”ادا! چيڪ اِن ٿي
چُڪا آهيُون. اسان جي لگيج (سامان) به جهاز ۾ چڙهي چُڪو هُوندو. هلڻو ڪيئن ڪونهي! هي
همراهه ايئرپورٽ جي ڪنهن به ڪُنڊ ۾ هُوندا، فلائيٽ انائُونسمينٽ سندن ڪنن تائين پهتي
هُوندي ۽ اچي ويندا لُڏندا... لَمندا... “
اِشُوءَ چيو: ”پر خدانخواسته جي اهڙو مسئلو ٿيو آهي، جو
هي سمُورا همراهه اُتي ڦاسِي پيا آهن ۽ مثال ڳالهه جي فيصلو اهو ٿِي چُڪو هجي ته هن
فلائيٽ ۾ نه ٿو هلجي، ته ايئن نه ٿئي جو اسين ۱۰ ڪلاڪن جو سفر ڪري وڃي
واشنگٽن پهچُون ۽ هِي هتي هُجن!“ ڳالهه ته اشُوءَ جي به صحيح هُئي، پر ڪيئن به ڪري
مُون اشفاق کي ان وقت ان ڳالهه تي آماده ڪري ورتو ته جهاز ۾ چڙهُون ٿا. مُون کيس چيو
ته: ”هُنن کي (اسان جي باقي گرُوپ کي) ڪنهن گڏيل فيصلي تحت نه هلڻو هُوندو ته هُو اسان
کي پاڻ سان گڏ نه ڏسندي، اسان کي پاڻ ئي اچي جهاز ۾ ڳولهي لهندا ۽ جهاز اُڏامڻ کان
اڳ ۾ اسان کي اهڙو اطلاع ملِي ويندو.“ جِيئند سُندريءَ جي ڪچهريءَ ۾ اسان جي ان سمُوري
ڳڻتيءَ کان بي نياز هو. ايتري قدر جو جڏهن کيس اُٿڻ ۽ جهاز ۾ هلڻ جو اشارو ڪيوسُون،
ته هُن اُن وقت پُڇيو: ”يار! باقي لوگ ڪهان هين؟“ تنهن تي اِشُوءَ کيس چيو: ”وه پڇلي
جهاز ۾ آ رهي هين!“ جِيئند وائڙن وانگر پُڇيو: ”هان؟ وه ڪيُون!؟“ اِشُوءَ کي هڪ ته
گرُوپ جي باقي همراهن جي نه پهچڻ جي پريشاني، ٻيو جيئند جي ٻاراڻين اُٻهريُن حرڪتن
۽ حسِينائُن جي حرص تي غصّو، ته رهڙ ڏيندي چيائِينس: ”اڙي هل! چڙهه جهاز ۾!“ اسين جهاز
۾ چڙهياسُون. مُنهنجي سِيٽ نمبر ۲۲G هُئي. اِشُوءَ جي نشست مُون
واري سِيٽ جي پويان وارِي هُئي. اِشُو مُنهنجي ڀر واريءَ سِيٽ تي ويٺو، مُون سامان
(هينڊ ڪيرِي) مٿيُن ڪئبنس ۾ ڦاسايو. جڏهن مُنهنجي ڀرسان واريءَ سِيٽ تي ويهڻ وارو همراهه
آيو، ته اِشُوءَ اُن کي سيٽ مٽائڻ (ايڪسچينج ڪرڻ) جِي گذارش ڪئي، جيڪا هُن مڃي ورتِي
۽ ايئن آءٌ دريءَ واري پاسي کان ۽ اِشُو اُن جي ڀرسان وارِيءَ سِيٽ (آئل) ئي ويٺو،
جڏهن ته جيئند جي جاءِ، گھٽيءَ جي هُن پاسي اسان جي سامهُون وارِيءَ قطار ۾ هُئي. مُون
سان گڏ هينڊ ڪيريءَ ۾ هڪ ته اِشُوءَ کان اوڌارو ورتل اهو ننڍو سُوٽ ڪيس هو، جنهن جو
ذڪر مُون اوهان سان پوئِينءَ قسط ۾ ڪيو هو، جيڪو هينڊ ڪيرِيءَ ۾ به کڄِي ٿي سگھيو
۽ ٻيو پنهنجوليپ ٽاپ هو، ان سان گڏ هڪ وڏو شاپر هو، جنهن ۾”منوآ مارڪيٽ، هونولُولُو“
مان ورتل پيٽ پُوڄا جو اُهو سامان هو، جيڪو اسان هن رات جي سفر دؤران رات جي مانيءَ
جي جاءِ تي کائڻ لاءِ توڙي نيرن جي طور تي ڀوڄن ڪرڻ لاءِ ورتو هو.
اسين پنهنجو هينڊ ڪيرِي سامان، اميريڪن ايئرلائنز جي (عام
جهازن کان) سوڙهيُن ڪئبنن ۾ رکڻ کان پوءِ پنهنجين سِيٽُن تي ويهي ته رهياسِين، پر اسان
جي پنهنجن يارن (گرُوپ جي باقي ساٿين) جي غيرموجودگيءَ تي اُڻ تُڻ جِي صُورتحال ساڳئي
ئي هُئي. اسان جي ويهڻ کان پوءِ به مُسافر جهاز ۾ سُوار ٿي رهيا هُئا. اسان جي نظر
سِيٽُن جي وچ ۾ جهاز جي گھٽِيءَ مان گُذرندڙ هر مُسافر ۾ پنهنجن ساٿين کي ڳولهي رهِي
هُئي، نيٺ ويهي رهڻ کان ۱۰ منٽ کن پوءِ اِشُوءَ جي نظر اسماء ۽ ضياء تي پئي،
جيڪي جهاز ۾ داخل ٿيندڙ قطار ۾ پنهنجو سِيٽ نمبر ڳولهيندي نظر آيا. جنهن کان پوءِ اسان
کي ذوالفقار مهتُو، رياض برڪي ۽ ماهوش وغيره به نظر آيا، جيڪي پنهنجيُون پنهنجيُون
سِيٽُون ڳولهي انهن تي وڃي ويٺا ۽ اسان جي پيٽ ۾ تڏهن وڃي ساهه پيو. انهن ڪُجهه ساٿين
کي ڏسڻ سان اسان کي تسلي ٿي ته اسان جو باقي سمُورو گرُوپ جهاز ۾ سوار ٿي چُڪو آهي
۽ اسين سڀئي گڏجِي واشنگٽن لاءِ روانا ٿي رهيا آهيُون، پر ذوالفقار مهتُوءَ (جيڪو اسان
جي گھٽِيءَ مان گُذرِي ئي اسان ٻنهي جي سِيٽُن کان گھڻو پوئتي وڃي ڪٿي جاءِ نشين ٿيو)
اُن اسان وٽان گُذرندي، اسان جي اهو پُڇڻ تي، ته ”ڪٿي هُيئو؟ خير ته هو؟“ تي فقط ايترو
ٻُڌايو ته اسان جي ٽن ساٿين خالد خيشگيءَ، اسد علي (حمزه) ۽ اڪرام الله کي ”امريڪن
هوم لينڊ سيڪيورٽِيءَ“ وارن روڪي ورتو ۽ مائِي اينان (اين هارٽمين) به اُنهن سان گڏ
هونولُولُو ۾ ئي رهجِي وئي. اها خبر سمجھه ۾ ايندڙ نه هُئي ۽ جيسين جهاز اُڏامي ۽ اسين
ٽيڪ آف کان پوءِ مهتُوءَ وٽ وڃي کانئس پيرائتو احوال وٺُون، تيسين اسين پاڻ ۾ انُومان
ڪڍي رهيا هُئاسِين ته هوم لينڊ سيڪيورٽِيءَ وارن هنن ٽنهي پٺاڻن کي ڇا لاءِ روڪيو آهي.
اِشُوءَ مذاق ۾ چيو: ”چرس ته نه نڪتو اٿن سامان مان!؟“ مُون به مذاق ۾ چيو: ”متان نسوار
تي سوگھو ڪيو هُجين.“ مُنهنجي اُڻ تُڻ مُون کي سِيٽ تي ويهڻ ڪونه پئي ڏنو ۽ جيتوڻيڪ
جهاز جي عملي هينڊ ڪيريءَ واريُون ڪئبنس بند ڪندي، هنگامي حالتن ۾ استعمال ٿيندڙ حفاظت
جا طريقا ٻُڌائيندي ٽيڪ آف جا سانباها پئي ڪيا، پر آءٌ پنهنجيءَ سِيٽ تان اُٿي مهتُوءَ
جِي سِيٽ تي وڌيڪ احوال ۽ گڙٻڙ جو سبب پُڇڻ لاءِ ويُم. عين اُن وقت مهتُو پنهنجي موبائل
فون ۾ لڳل امريڪي سِم رستي اين هارٽمين سان ڳالهايو پئي، جنهن کيس دلداري پئي ڏني ته:
”اوهان سڀ خيال سان واشنگٽن پهچو. آءٌ هنن ٽنهي (اسان جي رهجي ويل ساٿين) جو بلو ڪري
دير سوير واشنگٽن پهچندس. اوهان پنهنجو خيال رکجو ۽ پهچو ته اطلاع ڏجو!“ مهتُوءَ فون
تي ڳالهائي، ڪال پُوري ڪئي ته مُون سندس سِيٽ جي مٿان بِيٺي، نوڙِي کانئس تفصيل پڇڻ
جي ڪئي. هُن ٻُڌايو ته اها فون اين (اين هارٽمين) جِي ئي هُئي، جنهن هيئن هيئن ٿي چيو
۽ فلاڻن فلاڻن (جن جو مٿي ذڪر ڪيُم) کي ”اسپيشل سيڪيُورٽِي سببن“ جي ڪري ڪليئر ڪونهي
ڪيو ويو.“ هُن جي ڳالهه جو مقصد هو ته (جيئن هن سفر ـ ڪٿا جي اڳ وارن ڀاڱن ۾ ذڪر ڪري
آيا آهيُون ته) ڪن مخصُوص نالن (جن نالن سان ملندڙ جُلندڙ نالن جا دهشتگرد امريڪا کي
اڳ ۾ نقصان پهچائي چُڪا آهن) ۽ ڪُجهه مخصُوص شهرن سان تعلق رکندڙ فردن جي بورڊنگ پاسز
تي هڪ مخصُوص قسم جو نشان لڳائي، سيڪيورٽِيءَ جي عملي کي انهن جي ”خاص چڪاس“ ڪرڻ جي
هدايت ڪئي ويندي آهي. ان خاص چيڪنگ دؤران ٿوري به شڪ وارِيءَ ڳالهه تي کين سفر ڪرڻ
کان منع ڪيو ويندو آهي. جيتوڻيڪ اسين امريڪي سرڪار جا مهمان (اسٽيٽ گيسٽ) هُئاسُون
۽ اسان جي گرُوپ ۾ شامل سمُورن ساٿين جا نالا توري اسان سڀني جا ڪارناما (ڪچا چٺا)
امريڪي سيڪيورٽِيءَ جي هر اداري وٽ مهينا اڳ ئي پهچي چُڪا هُئا، ان جي باوجُود به پشاور
سان تعلق رکندڙ اسان جي هنن ٽنهي يارن کي سفر ڪرڻ کان روڪيو ويو. جيتوڻيڪ مائي اينان
(اين هارٽمين) هڪ امريڪي سرڪاري اداري (اسٽيٽ جي اداري) جي مُلازم آهي ۽ اُن هوم لينڊ
سيڪيُورٽِيءَ وارن کي پنهنجو تعارف ڪرائيندي، پنهنجو سروس ڪارڊ ڏيکاريندي، هنن اسان
جن ٽنهي ساٿين جي ضمانت ڏني، تنهن جي باوجُود به سيڪيُورٽِيءَ وارن هنن ٽنهي همراهن
کي (گھٽ ۾ گھٽ اُن فلائيٽ ۾) سفر ڪرڻ جِي اجازت ڪانه ڏني. ان مسئلي سبب اسان جا سمُورا
همراهه ان جھڳجھڳان جو نظارو ڪندا رهيا ۽ سفر ڪرڻ ۽ نه ڪرڻ جِي ٻُڌتر ۾ اين هارٽمين
کان پري ئي ڪونه پئي ٿيا، ته متان هنن ٽنهي جي سفر جي اجازت نه ملڻ سبب سڀني کي هونولُولُو
ترسڻ لاءِ نه چيو وڃي، پر جڏهن اُڏام جي روانگي انائُونس ٿي، ته اين، ٻئي سڄي گرُوپ
کي واشنگٽن رواني ٿيڻ جي هدايت ڪندي، پاڻ هنن ٽنهي دوستن سان ترسڻ ۽ کين سان وٺي اچڻ
جو فيصلو ڪيو، تنهن ڪري هن باقي سنگت کي به اسان تائين پهچڻ ۽ جهاز ۾ سوار ٿيڻ ۾ دير
ٿِي وئي. مُون مهتُوءَ کان تڙ تڪڙ ۾ به اهو سمُورو احوال وٺِي وڃي پنهنجي جاءِ سنڀالِي
۽ بيلٽ ٻڌِي ٽيڪ آف کان پوءِ سُمهڻ کان اڳ، اميريڪن ايئرلائنز پاران ڏنل (احسان ڪيل)
هڪ ”پيپسي ٽِن“ ۽ پاڻيءَ جي گلاس نوش ڪرڻ کان پوءِ پنهنجي ٻَڌل ماني کائڻ ۽ پيٽ جو
سُور لاهڻ جو فيصلو ڪيو. لڳ ڀڳ هڪ ڪلاڪ ساٿين جي گمشدگيءَ جي ٽينشن ۾ گُذارڻ کان پوءِ
هونولُولُوءَ جي هينڊ ميڊ (هٿ سان ٺهيل) ”ڪُوڪِيز“ (ديسي بسڪيٽن) ۽ ڳُڙهه داڻيءَ ڄڻ
ته عياشيءَ ۽ مزي جو احساس پئي ڏنو، جنهن سان نه صرف هلڪيءَ بُک جو ازالو پئي ٿيو،
پر پريشانيءَ دُور ٿيڻ جو مزو به پئي آيو. اسان جيئند جو ان ڀوڄن ۾ ڀاڱو سندس حوالي
ڪيو ۽ پاڻ چُڳ چُڳ ڪندا رهياسِين. جهاز جُون بتيُون بند ٿيُون ۽ ننڊ جو ماحول ٺهيو.
رات جو سفر... ۽ هڪ ڀيرو وري پئسفڪ جي مٿان اسان جي اُڏام... جيئن گھڻا هفتا اڳ اوهان سان ٽوڪيو کان هونولُولُو
جي سفر جي سارَ اورِي هُئم. هي سفر پئسفڪ جي مٿان مُنهنجو ٻيو هوائي سفر هو، جيڪو مُون
کي هونولُولُو کان واشنگٽن ڊِي سِي وايا ”ڊالاس“ ڪرڻو هو. هونولُولُو کان ڊالاس، فورٽ
ورٿ جو هوائي مُفاصلو (ايريل ڊسٽنس) ۶ هزار ۱۰۸ ڪلوميٽر (۳ هزار ۷۹۵ ميل) آهي، جنهن کي ۷ ڪلاڪن ۽ ۲ منٽ ۾ طئي ڪري سگھبو
آهي. ڊالاس جو معياري وقت، هونولُولُوءَ جي وقت کان ۵ ڪلاڪ اڳتي آهي، يعني
اسين رات جي ۹:۴۵ بجي جڏهن هونولُولُوءَ مان اُڏامياسي،
اُن وقت ڊالاس ۾ رات جا ۲:۴۵ لڳي رهيا هُوندا ۽ اسين جڏهن اسين
ڊالاس ۾ صبح ۹:۴۷ لڳي لٿاسِين ته اُن وقت هونولُولُوءَ
۾ صبح جا ۴:۴۷ لڳي رهيا هُوندا. اسان کي پيپسيءَ
جو ڊوز ڏيڻ کان پوءِ هوائي ميزبانڻيُون، مُختلف کاڌن جا بروشر (تشهيري پاٺا) کنيُون،
”فُوڊ فار سيل“ جا هوڪا ڏينديُون گھٽيءَ مان لنگھي خواهه مخواهه اسان جو پارو چاڙهڻ
ٿي آيُون. اهو انهن لاءِ شرمناڪ نه سهي، پر اسان مهمان نوازيءَ واريءَ سرزمين سان وابسته
ماڻهن لاءِ عجيب ئي نه، پر معيُوب به هو. اسان وٽ ڪلاڪ جي اُڏام ۾ به ٿوري گھڻي خدمت
ضرُور ڪئي ويندي آهي، جيڪا ضرُورِي به سمجھي ويندِي آهي ۽ هتي ۷ ڪلاڪن جِي اُڏام ۾ بس
هڪ ڪولڊ ڊرنڪ ڏئي پنهنجي ميار لاٿي وئي ۽ باقي جيڪو به کائڻو هجي، اُهو مُلهه تي دستياب
هو. ايتري قدر جو پاڻيءَ لاءِ به جهاز جي ڪُجهه نشستن جي قطارن کان پوءِ ٺهيل ٺُلهه
۾ هڪ ڪُولر جي ٻُجي لڳل ملي ٿي، جنهن جي هيٺان ننڍڙا ڊسپوزيبل گلاس رکيا هُئا، يعني
جنهن کي اُڃ لڳي، سو پاڻ اُٿي وڃي پاڻي پيئي.
بهرحال، صبح جو ۹:۴۷ لڳي اسين امريڪي رياست
ٽيڪساس جي شهر ”ڊالاس“ (جنهن جي آدمشماري ۱۱ لک ۹۷ هزار ۸۱۶
۽ پکيڙ ۳۸۵ چورس ميل آهي) جي ”فورٽ ورٿ بين الاقوامي هوائي اڏي“ تي
وڃي لٿاسِين. تاريخ بدلجي ۳ اپريل ۲۰۱۴ع ٿي چُڪي هُئي. سڀئي
ساٿي گڏ هُئا (سواءِ اسان جي هونولُولُوءَ ۾ رهجي ويل ۳ ساٿين جي!). سڀني جي
چهرن تي ننڊ جا آثار نمايان هُئا ۽ لڳو پئي ته سڀني واهه جي ننڊ ڪئي آهي. ڊالاس ۾ لهڻ
سان انهن ساٿين جي خير خبر وٺڻ لاءِ مهتُوءَ جي خريد ڪيل امريڪي سِم مان فائدو وٺندي
کيس چيوسُون ته اين هارٽمين جي نمبر تي ڪال ملائي احوال وٺي، جنهن ڪال ڪئي ته خبر پئي
ته انهن جي ان کان پوءِ واريءَ فلائيٽ ۾ ٽڪيٽ ٿي چُڪي آهي ۽ سيڪيورٽيءَ وارن کين ان
اُڏام ۾ سفر ڪرڻ جي اجازت به ڏئي ڇڏي آهي، پر ان اُڏام ۾ دير هئي، تنهن ڪري اسان جا
ٽئي ساٿي ۽ اين واپس ”لنڪنز هال“ موٽي وڃي رات آرامي ٿيا آهن. جيتوڻيڪ هونولُولُوءَ
جي حوالي سان اهو وقت ڪال ڪرڻ جي لحاظ سان اويلو هو، پر جيئن ته مائي اينان کي به اسان
جو انتظار هو، تنهن ڪري هن سان اُن وقت ڳالهه ٻولهه ٿي وئِي ۽ حال احوال ملِي ويو.
ڊالاس ۾ اسان کي پنهنجي متعلقه گيٽ جي ڀر واري انتظار واري علائقي ۾ فرِي واءِ فاءِ
به ملي وئي، جنهن رستي گھر ڀاتين سان حال احوال به ٿي ويو.
ڊالاس کان اسان ٺيڪ ۲ ڪلاڪن کان پوءِ يعني
۱۱:۵۰ لڳي اُڏامياسِين. هتان واشنگٽن
تائين جو هوائي سفر هڪ هزار ۱۸۴ ميل (هڪ هزار ۹۰۵ ڪلوميٽر) آهي، جيڪو
۲ ڪلاڪن ۲۶ منٽن ۾ طئي ٿئي ٿو، جڏهن ته واشنگٽن جو معياري وقت
ٽيڪساس جي معياري وقت کان به هڪ ڪلاڪ اڳتي آهي. اسين اميريڪن ايئرلائنز جي پرواز ”اَي
اَي ۱۳۵۵“ رستي ۱۱:۵۰ لڳي صبح ڊالاس مان اُڏامِي،
واشنگٽن ڊِي سِيءَ جي معياري وقت مُطابق منجھند جي ۳:۲۰ لڳي واشنگٽن ڊِي سِيءَ
جي ”ڊُولس“ ايئرپورٽ تي لٿاسِين. (جنهن وقت ٽيڪساس ۾ منجھند جا ۲:۲۰ منٽ ٿي رهيا هُوندا)
آءٌ سِيٽ نمبر ”۱۴ اَي“ تي ويهي، واشنگٽن پهتس. امريڪي راڄڌانيءَ ۾ پهچڻ کان
اڳتي جو دلچسپ احوال اوهان سان اڳيان ڪبو.
No comments:
Post a Comment