ڊِي سي ڊيڪورم جو پهريون ڏينهن
(پئسفڪ جي پاڙي ۾ قسط 24)
ياسر قاضي
گذريل هفتي واريءَ قسط ۾ اسين 3 اپريل 2014ع جي شام، واشنگٽن
۾ پهرينءَ شام جي طور تي گذارڻ کان پوءِ، انڊين ريسٽورنٽ تي رات جي ماني کائڻ کان پوءِ
24 ڪلاڪن جي ٿڪ ۾ چُور، پنهنجيءَ هوٽل (”ميرييَيٽ ريزيڊنس اِن“) تي اچي، سمهي رهياسين.
جڏهن انڊين ريسٽورنٽ کان واپس اسين پنهنجي هوٽل تي اچي رهياهُئاسِين، ته پنهنجي هوٽل
جي ڀرسان هڪ اهڙي چائينيز ريسٽورنٽ ڏٺي سِين، جنهن جي سائن بورڊ تي لفظ ”حلال“ لکيل
هو. پڪ ڪرڻ لاءِ ان ريسٽورنٽ جي ٻاهران رکيل بروشر اسٽينڊ تان ان ريسٽورنٽ جا بروشر
کڻي آياسين، جنهن ۾ نه صرف ان هوٽل ۾ دستياب کاڌن جي ڊِيلس جي تفصيلي انداز ۾ تصوِيري
ڄاڻ ڏنل هئي، بلڪه ان ۾ اسان واري تسليءَ جي پڪ طور واضح انداز ۾ لفظ ”حلال“ لکيل هو،
جنهن ڪري اها تسلي ٿي ته جنهن ڏينهن ڪا آفيشل ڊنر يا لنچ نه هُوندي، ان ڏينهن هن ريسٽورنٽ
تان ان تسليءَ سان پيٽ پُوڄا ڪري سگھجي ٿي ته هتي حلال مرغ ملي سگھندو. اها وضاحت ضروري
آهي ته امريڪا توڙي اولهه جي ٻين ملڪن ۾ (جتي مسلم آبادي گھٽ آهي) اُتي اُهي پکي ۽
جانور، جيڪي اسين حلال ڪري کائُون ٿا، اُهي دستياب ته آهن، پر انهن کي اصل شرعي نموني
سان حلال ڪري نه ٿو ضبح ڪيو وڃي، جنهن ڪري اهڙن مُلڪن ۾ اهڙن جانورن توڙي پکين کائڻ
تي دل نه چاهيندي آهي، جيڪي هُونءَ کڻي حلال هجن به، پر صحيح نموني سِير نه ڏنل هجڻ
ڪري گھٽ ۾ گھٽ مُنهنجي ته دل کائڻ تي هرگز ڪانه چوندي آهي. هُونءَ کڻي آءٌ ان حد تائين
مذهبي ناهيان، پر جنهن ڳالهه تي دل نه مڃي، ان جي حمايت ۾ سؤ دليل هجڻ جي باوجُود به
اهو ڪم ڪو نه ڪبو.
رات خير سان هوٽل تي گذرِي. هونولُو کان واشنگٽن تائين جي
سفر جو ٿڪ ايڏو هو، جو سمهڻ کان پوءِ خبر ئي ڪانه پئي ته ڪهڙي مهل ننڊ آئي. مُون ته
پنهنجي ”سيُوٽ“ (ڪمري) جُون بتيُون ئي پُوريون بند ڪونه ڪيُون هيُون، جو ننڊ ولايت
پهچي ويم. سڀاڻي کان وٺي اسان جي اُها مصرُوفيت شرُوع ٿيڻ واري هُئي جو ساهه کڻڻ جي
فرصت به نه هئي ملڻ وارِي! هُونءَ ته هن سفر جي دؤران امريڪا جي هر شهر ۾ اسان جُون
مصرُوفيتون اڻ ڳڻيُون رهيون، پر تنهن جي باوجُود به هونولُولُو (هوائيءَ) ۾ اسان جا
پهريان توڙي پويان ڏينهن، واشنگٽن ڊِي سيءَ، نيُويارڪ توڙي ڪولمبيا (مِزُورِيءَ) جي
بنسبت شيڊيُول جي لحاظ کان سؤلا رهيا. رات جي پيٽ ۾ ڪنهن پهر اسان جا هونولُولُو (هوائِيءَ)
۾ رهجي ويل 3 ساٿي (اڪرام الله مهمند، اسد علي حمزه ۽ خالد خيشگي)، اسان جِي سُونهِيءَ
(اين هارٽمين) سان گڏجي، واشنگٽن ڊِي سِيءَ پهچي پنهنجن پنهنجن ڪمرن ۾ اچي آرامي ٿي
چُڪا هُئا، جن سان صبح ناشتي تي مُلاقات ٿِي. صبح جو 7:45 لڳي کان وٺي 8:15 لڳي تائين
جو اڌ ڪلاڪ جو وقت، شيڊيُول مُطابق هوٽل جي لابيءَ ۾ اسان جي نيرن پاڻيءَ ڪرڻ جو هو.
اسان جو (مُنهنجو ۽ اشفاق آذر جو) شيڊيُول سمُورن شهرن ۾ اهو رهيو ته اسين بنا تيار
ٿيڻ جي ننڊ مان جاڳي مُنهن کي ٻه ڇنڊا پاڻيءَ جا هڻي، پهريان نيرن ڪرڻ لابيءَ ۾ ويندا
هُئاسِين ۽ پوءِ ڪمري تي اچي آرام سان تيار ٿيندا هُئاسِين. جڏهن ته اسان جي گرُوپ
جا اڪثر دوست تيار ٿي پوءِ لابيءَ ۾ نيرن ڪرڻ لاءِ ايندا هُئا. ان ڪري لڳ ڀڳ روز جنهن
وقت آءٌ ۽ اِشُو لابيءَ مان نيرن ڪري نڪري رهيا هُوندا هُئاسِي، اُن وقت اسان جا اڪثر
دوست تيار ٿي ناشتي ڪرڻ لاءِ لابيءَ ۾ داخل ٿي رهيا هُوندا هُئا. اُن صبح جو (4 اپريل
2014ع تي) به جڏهن مان ۽ اشفاق ناشتو ڪري لابيءَ مان ڪمري طرف وڃي رهيا هُئاسِين، اُن
وقت مائي اينان (مسز اين هارٽمين) اسان کي لابيءَ ۾ نظر آئي. مائِيءَ کي هونولُولُو
ايئرپورٽ کان پوءِ هاڻي ڏٺوسي ته مان ته اڪنڊ مان وڃي کيس ڳراٽڙي پاتي، ڇو ته ان ڳالهه
جو احساس هو ته هنن چئني (جن جو ذڪر مٿي ڪري آيم) کي ڪيڏيءَ مُشڪل ۽ خُواريءَ کي مُنهن
ڏيڻو پيو آهي ۽ هُو گذريل 24 ڪلاڪن کان ڪيترا خُوار ٿيا هُئا. ان جو احوال مائيءَ کان
پُڇيم ته سندس چهري تي ڪوبه اُداسيءَ جو تاثر يا لبن تي ڪوبه بيزارگيءَ جو اظهار ڪونه
هو. شابس آهي مائِيءَ کي... مُون چيومانس:
”اوهان کي ڏاڍي تڪليف ٿي نه؟“ مُرڪي چيائين: ”نه نه! اهڙي ڳالهه ناهي. اهو به هڪ تجربو
هو. هڪ سچُوئيشن هُئي... ان کي مُنهن ڏنوسي!“
لابيءَ ۾ اڪرام الله به مليو. اُن ساڳئيءَ ئي صُورتحال جو پاڪستاني انداز ۾ احوال ڏنو.
هُن ٻڌايو ته ان وقت اسان کي ايئرپورٽ کان واپس موڪليو ويو ۽ اَسُر ڌاري ٻي فلائيٽ
۾ هُو ”ايل اَي“ (لاس اينجلس) جي ٽرانزٽ رستي آيا. اسان کي دير ٿي ٿِي، سو تيار ٿيڻ
لاءِ ڪمري طرف آياسُون ۽ اهو سوچيوسي ته بعد ۾ ساڻن حالي احوالِي ٿيُون ٿا. هنن سڀني
۾ هن ويڌن تي سڀ کان وڌيڪ ڪاوڙ خالد خيشگيءَ کي هُئي، جنهن هن سفر جي آخر تائين ان
جُٺ جو انتهائي سخت لفظن ۾ اظهار پئي ڪيو.
ڪمري تي وڃي تيار ٿيڻ کان اڳ اوهان کي اسان ٻنهي (اشفاق
۽ مُنهنجي) هن سفر دؤران ناشتي ڪرڻ جو انداز ٻُڌائِيندو هلان. پهرين پهرين لابيءَ
۾ اچي اسان اهڙيُون شيُون کائيندا هُئاسيِن، جن مان پروٽين حاصل ڪري سگھُون، مثال طور
ثابت ڪشمش جا ڪجھه داڻا، پستا، هڪ ڪيلو ۽ هڪ بُوائل آنو... پوءِ بريڊ (ڊبل روٽيءَ) کي جيم يا مکڻ مَلي، چانهه
سان اُها کائبي هُئي. جيسين مان چانهه ٺاهيان، تيسين اشفاق ٻاهر وڃي سُوٽو هڻي ايندو
هو (امريڪا ۾ ڪنهن به عمارت جي اندر سگريٽ پيئڻ منع آهي، جنهن تي ڳرو ڏنڊ آهي). اشفاق
بقول آءٌ چانهه سٺي ٺاهيندو هئس. (حالانڪه مُون کي اها به پڪ آهي ته اهو مُون کي چانهه
ٺاهڻ لاءِ همٿائڻ لاءِ هڪ سياسي جملو هُوندو هو) سو سندس سُوٽي هڻي اچڻ تائين آءٌ چانهه
ٺاهي چُڪو هُوندو هئس. پوءِ هُو ايندو هو ته چانهه گڏجي پيئي ڪمري تي ويندا هُئاسُون.
پهرين ڏينهن ناشتي تي ڪوئيٽه واري دوست جيئند ڪاشف ساجديءَ
به اسان سان گڏ نيرن ڪئي هُئي (هي اُهي ڏينهن هُئا، جن ڏينهن ۾ جيئند اڃا اسان جي پارٽي
پُوريءَ طرح ڇڏي به ڪانه هُئي ۽ اسان سان مُڪمل طور گڏ هو به ڪونه!) پهرين ڏينهن نيرن
تي جيئند سان هڪ واهه جو واقعو پيش آيو، جيڪو سوچي اڄ به اِشُو ۽ مان کل ۾ ٻُوٽجي ويندا
آهيُون. جيئند ان ڏينهن نيرن ۾ هيڏا سارا کاڌ پيت جا سامان گڏ ڏسي کيٿرجي ويو ۽ گھڻو
کائي ويو. اسان اڃا ويٺي چانهه پئي پيتي ته همراهه چيو: ”يار! مين چلتا هُون!“ اشفاق
چيس: ”ويهه ڙي! گڏ ٿا هلُون!“ ته اوچتو اُٿيو. چي: ”نهين يار! آتا هُون ڪام هي..!“
اسان ڳالهه سمجھي وياسُون ته همراهه کي فطرت پئي سڏي، سو ٽهڪ ڏئي چيوسُونس: ”اڙي! سڌي
ڳالهه ڪر ته هي ڪم آهي، باقي آتا هُون ڪام هي... اها ڪهڙي نمُوني بازِي آهي.“ اسان جي کلڻ توڙي ٽوڪڻ
باوجُود همراهه ڪونه بيٺو ۽ ڪمري طرف ڀڳو، ڇوته فطرت جو سڏ تڪڙو هُئس. هي سڏ ڀرڻ نه
وڃي ها ته فطرت کيس سڏيندي هتي پاڻ اچي پهچي ها!
اسين ڪمري تي پهچي تيار ٿي، لابيءَ ۾ آياسِين. لابيءَ ۾
گڏ ٿيڻ جو وقت سوا 8 هو. اسي سڀئي لڳ ڀڳ سوا 8 تائين لابيءَ ۾ پهتاسِين. ٻاهر جھُڙالو
۽ سخت سِيءُ هو. هي واشنگٽن جو بهار هو، پر ايڏو سِيءُ هو جهڙو اسان جي سنڌ جي سرد
ترين رهندڙ شهرن ۾ ڊسمبر توڙي جنوريءَ ۾ به ڪونهي هُوندو. واشنگٽن جو سِيءُ اهڙو هو،
جو لڱن اندر گِھڙيو پئي، لڳو پئي پورَ پورَ منجھان سِيءُ اندر داخل ٿي رهيو آهي. سوچيم
پئي ته هتي بهار ۾ اهو حشر آهي ته سياري ۾ ڇا حالت هُوندِي! عمارتن جي اندر ته سينٽرلِي
هِيٽنگ سسٽم تحت گرمي پد نارمل ڪيل هو، تنهن ڪري هوٽل جي اندر به سِيءُ محسُوس ڪونه
ٿيندو هو، ايتري قدر جو ڪمري اندر عام لحاف مان ڪم هلي ويندو هو، پر هوٽل جي خودڪار
دروازي کان ٻاهر نڪرڻ سان ئي پتو پيو ٿي ته گھڻي وِيهين سؤ آهي!
اڄ اسان جِي پهرين مصرُوفيت ”ڪائُونسل آف پاڪستان رليشنز“
۾ هُئي، جتي اسان جو پاڪستاني توڙي امريڪي برادريءَ جي ٻنهي ملڪن لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ جي حوالي سان هڪ پرمغز ڊسڪشن
سيشن هو. ”ڪائُونسل آف پاڪستان رليشنز“ (سِي پِي آر) واشنگٽن ڊِي سِيءَ ۾ امريڪا توڙي
پاڪستان ۾ ديرپا امن لاءِ توڙي، جمهُوري استحڪام ۽ بهتريءَ لاءِ ڪم ڪندڙ آزاد ۽ روشن
خيال پاڪستاني امريڪين جي هڪ اهڙي تنظيم آهي، جيڪا امريڪي پاليسين جي تناظر ۾ ٻنهي
مُلڪن جي عوام جي بهترِيءَ لاءِ لابِيينگ ۽ پبلڪ ايڊووڪيسيءَ جو ڪم انجام ڏئي ٿِي.
هن ڊسڪشن جو پهريو حصو، ”ڪائُونسل آف پاڪستان رليشن“ (سِي
پِي آر) واشنگٽن جي ايگزيڪٽو ڊائريڪٽر، ”مهرا رحمٰن“ جي تقرير تي جڏهن ته ٻيو حصو اسان
جي سوالن جوابن توڙي صلاح مشورن تي مُشتمل ٻه طرفو سيشن هو. هن سيشن جو عنوان هو:
”پاڪستان لاءِ صلاحڪاري راهه هموار ڪرڻ جي ڏس ۾ مسئلا، چيلينجز ۽ پاڪستان امريڪي شهرين
جو ڪردار“
مهرا رحمٰن، پنهنجيءَ تقرير ۾ پاڪستاني پاليسيءَ بابت صلاحڪاري
راهه هموار ڪرڻ ۾ پاڪستاني اميريڪنز جي ڪردار تي روشني وڌي. سندس تقرير گھڻي تڻي اسٽِيريو
ٽائپ هُئي، جنهن ۾ غيررسمي ڳالهيُون ڪونه هيُو، بلڪه ان موضُوع تي اڳ ۾ ئي سالن کان
ٻڌجندڙ حوالَ هُئا (جنهن کي پاڻ لاڙ جي زبان ۾ ”خبرُون“ چئُون) جنهن کان پوءِ سوالن
جوابن جو سيشن (وقفهء سوالات) ٿيو، جنهن ۾ پڻ اسان جي اسٽِيريو ٽائيپ سُوال ڪندڙن جا
احوالَ (خبرُون) ٻڌڻ لاءِ مليُون. هن سفر ۾ کوڙ سارا اهڙا سيشنز هُئا، جن کي اسان کي
”ڀوڳڻو“ پيو ۽ ڪافي سارا سيشنز اهڙا هُئا، جن ۾ اسان کي پنهنجي ننڊ پُوري ڪرڻ جو موقعو
به ملندو رهيو. ها البته اهڙا سيشنز تمام گھٽ هئا، جن اسان جي ننڊ ڦٽائي ڇڏي هجي، يا
جن تمام گھڻو سوچڻ تي مجبُور ڪيو هُجي. اهڙن ذهن تي اڻ مٽ نقش ڇڏيندڙ سيشنز جو احوال
به اڳتي ايندو، اوهان پڙهندا رهندؤ ته يقيناً باخبر رهندؤ! هن سيشن کان پوءِ اسان کي
اِيسٽ ويسٽ سينٽر جي واشنگٽن ڊِي سِيءَ وارِي آفيس پهچڻو هو، جتي اسان جو اڄوڪي ڏينهن
جو ٻيو سيشن هو. اِيسٽ ويسٽ سينٽر جِي واشنگٽن ڊِي سِيءَ ۾ آفِيس، 1819 ايل اسٽرِيٽ
جي عمارت نمبر 600 ۾ هئي. امريڪا ۾ اهو ڪم به ڏاڍو ڀلو آهي ته هتي هر عمارت جو ڪونه
ڪو نمبر آهي. ڀلي ان عمارت جو ٻيو ڪوبه نالو هجي (جِيئن کوڙ ساريون عمارتون ڪافي شخصيتن
جي نالن سان منسُوب هيُون)، پر تنهن جي باوجُود اُنهن عمارتن مان هر هڪ جو ڪو نه ڪو
نمبر به آهي، جيڪو هر عمارت جي هر پاسي کان واضح طور تي لکيل ڏسي سگھجي ٿو، جنهن ڪري
ڪنهن به عمارت کي ڳولهڻ هتي ڪوبه مسئلو نه ٿو هجي. هتي اڪثر ايڊريسُون به عمارت نمبر،
ان جي منزل، اسٽرِيٽ يا روڊ نمبر سان ئي مُڪمل سمجھيُون وينديُون آهن. ان ڏس ۾ وڏي
آساني اها به آهي ته اوهان کي جنهن نمبر جي بلڊنگ جي ڳولها هُوندي، اُن اسٽرِيٽ يا
روڊ تي پهچي پنهنجي سامهُون وارِيءَ عمارت جو نمبر ڏسي اوهان لاءِ اها ڪٿ ڪرڻ سنهنجي
ٿي پوندِي آهي ته اوهان جي مطلُوبه عمارت اوهان کان ڪيترو پري آهي. مثال جي ڳالهه،
اوهان عمارت نمبر 600 جي تلاش ۾ آهيو ۽ اوهان اُن روڊ يا اسٽرِيٽ تي عمارت نمبر
590 تي پهتا آهيو ته اوهان لاءِ اهو اندازو لڳائڻ انتهائي آسان ٿي پوندو ته اوهان جي
مطلُوبه عمارت (بلڊنگ نمبر 600) اوهان کان فقط 9 عمارتُون پري آهي. ان ڏس ۾ امريڪا
توڙي يورپ جي ٻين ڪيترن ئي مُلڪن ۾ ٽيڪسيءَ جو سفر به انتهائي آسان آهي، ان جو سبب
اهو آهي ته اوهان وٽ مُڪمل ايڊريس هجي ته ٽيڪسيءَ وارو اکيُون ٻُوٽي اچي اوهان کي اوهان
جي گھربل جاءِ تي لاهيندو. پاڪستان جيان اوهان کي ٽيڪسيءَ واري سان پهريان پئسا ٻولائڻ
يا طئي ڪرڻ جي به گھُرج ناهي ته ”فلاڻيءَ جاءِ تي وڃڻ جا گھڻا پئسا وٺندين!؟“ هتي اوهان
ٽيڪسيءَ کي هٿ ڏئي بيهڻ جو اشارو ڪندا ته ٽيڪسيءَ وارو اڳيون دروازو کولي اوهان کي
کيڪاريِيندو ۽ پهر جي مناسبت سان اوهان کي سلام ڪندو. اوهان کيس زباني يا پرچيءَ تي
لکيل ايڊريس ڏيندا ته هُو اوهان کي تُز اُن جاءِ تي لاهيندو، جتي اوهان کي وڃڻو هُوندو.
اوهان جي سامهُون ”رُوٽ ميپ“ (رستي جو نقشو) به لڳل هُوندو، جنهن جي مدد سان اوهان
پنهنجيءَ رواني ٿيڻ وارِيءَ جاءِ توڙي پنهنجي منزل جي وچ ۾ پنهنجي طئي ٿيندڙ رستي جو
پيرائتو نقشو به ڏسي سگھو ٿا، جنهن ۾ جيترو سفر اوهان طئي ڪندا ويندا، اها پڻ نشاندهي
اُن ڊجيٽل ”روڊ ميپ“ رستي ٿيندي ويندي. گڏوگڏ اوهان جو جيترو ڪرايو ٿيندو ويندو، اهو
پڻ اوهان جي سامهُون ڊجِيٽل مِيٽر رستي پيو نظر ايندو. ايترو ئي نه، بلڪه اوهان جنهن
ڊرائيور جي ٽيڪسيءَ ۾ ويٺا آهيو، اُن جي ڊرائيونگ لائيسنس جي ڪاپي، سندس نالي توڙي
تصوير سميت پلاسٽڪ ڪوٽنگ ٿيل اوهان جي آڏو لڳل هُوندِي (توڙي اوهان ٽيڪسِيءَ ۾ اڳيان
ويهو، يا پويان) اُن سان گڏ ان جي هيٺان هڪ شڪايتي نمبر به لکيل هُوندو ته جيڪڏهن اوهان
سندس ڊرائيونگ مان مُطمئن ناهيو ته اُن نمبر تي ڪال ڪري ان ڊرائيور جي حوالي سان ڪابه
شڪايت درج ڪرائي سگھو ٿا.
ايڏي مُنظم نظام کان پوءِ جيڪڏهن امريڪا ۾ ڏوهن جو تعداد
گھٽ آهي ته ان جا سبب به سمجھه ۾ اچن ٿا. هُونءَ به ڪنهن به قوم جي ترقيءَ ۾ تعليم
جو وڏو هٿ هُوندو آهي ۽ اسين سڀئي ڄاڻُون ٿا ته امريڪا ۾ ناخواندگيءَ جي شرح نه هئڻ
جي برابر آهي. سو مُون ڳالهه پئي ڪئي ته اسِين اِيسٽ ويسٽ سينٽر واشنگٽن پهتاسي. بلڊنگ
نمبر 600 ۾ ڇهينءَ منزل تي واقع هي دفتر اسان جي هوٽل کان توڙي ”ڪائُونسل آف پاڪستان
رليشنز“ جي دفتر کان پنڌ پهچڻ جيتري مُفاصلي تي هو، تنهن ڪري اسين پنڌ پنڌ ئي اوڏانهن
وياسِين، جتي اِيسٽ ويسٽ سينٽر واشنگٽن ڊِي سِيءَ جي ڊائريڪٽر ”سيٽُو لِيمايي“ اسان
جو آڌر ڀاءُ ڪيو. اسان جي پهچڻ کان پوءِ اِيسٽ ويسٽ سينٽر جي مرڪزي سيمينار هال ۾ ٽيبل
جي چوڌاري رکيل ڪُرسين تي اسين سڀئي ويٺاسُون ۽ ليمايي اسان کي رسمي طور تي ڀليڪار
ڪيو. جنهن کان پوءِ، ”پاڪستان ۽ امريڪي پاڪستان تعلقات بابت زاويا“ جي عنوان سان مانجھاندي
جي مانيءَ سان گڏ هلندڙ پينل ڊسڪشن (جنهن کي ”لنچِييون پينل“ ڪوٺين ٿا) شروع ٿيو. هن
پينل ڊسڪشن جي پينل (جٿي) ۾ ”انسٽيٽيُوٽ فار انٽرنيشنل پِيس“ جي سائُوٿ ايشيا پروگرام
ڪارنيگيءَ جو سينيئر ايسُوسيئيٽ ۽ ڊائريڪٽر ”مسٽر فريڊرڪ گريئر“ (جنهن جي اسپيشلائيزڊ
موضُوعن ۾ ”سِول ملٽري تعلقات، جمهُوريت جي مضبُوطي ۽ فرقي واراڻي دهشتگردي“ شامل آهن)
۽ ”وُوڊرو ولسن انٽرنيشنل سينٽر فار اسڪالرس“ جي ڏکڻ ۽ ڏکڻ-اوڀر ايشيا جي سينيئر پروگرام ايسُوسيئيٽ، ”مسٽر
مائيڪل ڪُگلمين“ (جنهن نئين قيادت، چيلينجز ۽ موقعن تحت امريڪا ـ پاڪستان تعلقات تي
ڳالهايو) ۽ نيشنل ڊفينس يُونيورسٽي جي انسٽيٽيُوٽ فار نيشنل اسٽريٽيجڪ اسٽڊيز جي ريسرچ
فيلو ”مسٽر ٿامس ايف لِنچ“ شامل هُئا. هن پينل ڊسڪشن جي ماڊريٽر (ميزبان) طور اِيسٽ
ويسٽ سينٽر واشنگٽن ڊِي سِيءَ جي ڊائريڪٽر ”سيٽُو لِيمايي“ خدمتُون انجام ڏنيُون.
هي سيشن قدري مزيدار رهيو ۽ پاڪستان امريڪي تعلقات جي حوالي
سان ڪجھه معمُول کان هٽي ڪري به ڳالهيُون ٻڌڻ لاءِ مليُون. خاص طور فريڊرڪ گريئر ۽
ٿامس لِنچ جا خيال پاڪ ـ امريڪي تعلقات جي حوالي سان عمومي خيالن کان هٽيل لڳا. مُون
هن سفر کان پهريان سوچيو هو ته هن سفر ۾ جن جن جاين تي اسين وينداسُون، اتي اتي اسان
کي شايد خالص امريڪي توي پاڪستاني اسٽيبلشمينٽ واري انداز جي گفتو ۽ نقطهء نظر کي مُنهن
ڏيڻو هُوندو ۽ اسان کي هر جاءِ تي پنهنجا جناح ڪيپ ۽ شيرواني پاتل خيال ونڊڻا پوندا
ءَ شيروانيءَ کي به امريڪي جھنڊي جي رنگ ۾ رنڱي ڳالهائڻو پوندو، پر مڃڻ مُراد آهي ته
اسان هر فورم تي دل کولي ڳالهايوسي ۽ طالبان کان وٺي ملاله يُوسفزئيءَ ۽ بن لادن جي
قتل کان وٺِي اسحاق ڊار جي پرڏيهي پاليسين تائين هر موضوُع تي دل کولي خيال ونڊياسي
۽ ڪنهن به ڪابه جھل پل ڪا نه ڪئي.
هن ڊسڪشن ۾ به مزو انهيءَ ڪري ئي آيو جو اسان پاڪستان امريڪي
تعلقات ۾ اصل بگاڙ وجھندڙ معاملن تي کُلي ڳالهايوسي ۽ پاڪستاني ماڻهن جي دلين ۾ امريڪين
لاءِ موجُود نفرت جو کليو اظهار ڪيوسي. هن ڊسڪشن دؤران ئي اسان کي لنچ ڏني وئي. اڄوڪيءَ
هن لنچ بابت کائڻ جي حوالي سان اسان جي پسند (ڊشز جي سليڪشن) ڪئين مهينا اڳ ئي پُڇي
وئي هُئي، تنهن ڪري اڄوڪيءَ هن لنچ ۾ هر ڪنهن جي کاڌي جي پيڪيٽ جي مٿان اسان مان هر
ڪنهن جو نالو لکيل هو. اسان مان هر ڪنهن پنهنجو پنهنجو کاڌو، نالي سان سُڃاڻي کنيو
۽ کاڌو. ڊسڪشن کان پوءِ اسان جي ٽنهي مُقررن سان مُختصر غير رسمي خيالن جي ڏي وٺ به
ٿي ۽ تصويري سيشن به ٿيو. جنهن کان پوءِ اسين اِيسٽ ويسٽ سينٽر جي آفيس مان نڪري امريڪي
اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ (جان ڪيريءَ جي مَسڪن) ڏانهن روانا ٿيڻ لاءِ ڪوسٽر ۾ سوار ٿياسِين.
هتان کان اڳتي جي سفر جو احوال ايندڙ هفتي اوهان سان اوربو.
No comments:
Post a Comment