Saturday, August 22, 2015

فرينڊس آف پاڪستان سان مانجھاندو ۽ اسان جو خشڪ گائيڊ - ياسر قاضي

فرينڊس آف پاڪستان سان مانجھاندو ۽ اسان جو خشڪ گائيڊ
(پئسفڪ جي پاڙي ۾ قسط 29)
ياسر قاضي

گذريل هفتي واريءَ قسط ۾ اسان واشنگٽن ڊِي سِيءَ ۾ اڪرم الياس نالي هڪ ذهين ۽ زِيرڪ شخصيت سان ملياسُون ۽ سندس تقرير جي موچارَي فن منجھان نه فقط محظُوظ ٿياسُون، بلڪه پرايوسُون پڻ! اڪرم الياس جي ان ليڪچر کان پوءِ اسان کانئس موڪلائي ”پينسلوينيا ايوينيُو” تي واقع سندس اداري ”ڪيپيٽل ڪميُونيڪيشن گرُوپ“ (سِي سِي جِي) مان ڪوسٽر تي رواني ٿيڻ لاءِ اُن عمارت مان ٻاهر نڪتاسُون. ڪوسٽر اچڻ ۾ ڪي ڏهه پندرنهن منٽ لڳايا. مائي اينان (مسز اين هارٽمين) جيسين ڪوسٽر جي ڊرائيور سان رابطي ۾ اچڻ ۽ کيس اُن جاءِ جو پتو سمجھائڻ ۾ رُڌل هُئي، تيسين اسان نه فقط اُن عمارت جي ٻاهران بيهي اُس (تڙڪي) جو مزو پئي ورتو، بلڪه اُن عمارت سان فوٽو پڻ ڪڍراياسي. اُن وقت اسان مان لڳ ڀڳ هر ڪنهن جي زبان تي اڪرم الياس جي ساراهه هئي. ڪوسٽر آئِي ۽ اسان ڪوسٽر ۾ سوار ٿي ”فرينڊس آف پاڪستان (يُو ايس اَي)“ نالي تنظيم پاران پنهنجي مان ۾ ڏنل آجياڻي ۾ شرڪت لاءِ اٺين اسٽريٽ (ايٽٿ اسٽريٽ)، واشنگٽن ڊِي سي 20003 روانا ٿياسين. رستي ۾ مائي اينان (مسز اين هارٽمين) اسان کي واشنگٽن ڊِي سِيءَ ۾ چيري ڦولارجڻ (چيري بلاسم) وارِيءَ مُند بابت ۽ رستي ۾ ايندڙ ”جيفرسن ميموريل“ ۽ ٻين ماڳن بابت پڻ ٻُڌايو. اها ڇنڇر 5 اپريل جي ڪچڙي منجھند جي ويل هُئي ۽ هُوبهُو پاڪستاني سياري واري محسُوسات هئي. اُس به ايئن ئي وڻندڙ هُئي، جيئن پاڪستان ۾ سياري دؤران وڻندڙ هُوندي آهي. اسان واشنگٽن جا سُهڻا نظارا ڪندا ۽ مائي اينان جُون ڳالهيُون ٻُڌندا اچي، ايٽٿ اسٽريٽ، واشنگٽن ڊِي سي 20003 جي عمارت نمبر 419 يعني ”ڪيپيٽول هِل تندُور اينڊ گِرل“ نالي هڪ پاڪستاني ريسٽورنٽ پهتاسُون، جتي اسان جي مان ۾ ”فرينڊس آف پاڪستان (يُو ايس اَي)“ جي ميمبرن پاران آجياڻي ۽ منجهند جي مانيءَ جو اهتمام ڪيو ويو هو. هُونئن ته مائي اينان جو به ”فرينڊس آف پاڪستان (يُو ايس اَي)“ ۾ چڱو چوکو ڪردار آهي، پاڻ مائي صاحبه پاڪستان ۾ ڳچ عرصو رهِي به آهي ۽ مُلتان ۾ ڪي سال پاڙهيو به اٿائين. اين هارٽمين پاڪستاني ماڻهن جي مزاج کان ان حد تائين واقف آهي، جو اسان جي نقل ۽ حرڪت (باڊي لئنگئيج) ڏسي اسان جُون نيّتُون ماپي وٺندي هُئي. خير! اين هارٽمين بذاتِ خُود هڪ پُوري ڪتاب جو موضُوع آهي (۽ اهو آءٌ انتهائي مُثبت انداز ۾ پيو چوان / لکان.) سو اسان جو ”فرينڊس آف پاڪستان (يُو ايس اَي)“ جي جن ساٿين آڌر ڀاءُ ڪيو، انهن ۾ ان تنظيم جو صدر ”ملارڊ مورٽ“ (اڌيڙ عمر جو شخص)، سيڪريٽري ”مسز باربرا ٽيفي جينز“ (جنهن جي عمر 60 کان مٿي هُوندي) ۽ خزانچڻ ”مادام سَندرا هُوٽس“ (اها پڻ ”سينيئر سٽيزن“ آهي) شامل آهن. گڏوگڏ هن لاجواب پاڪستاني ريسٽورنٽ جو جوان عمر مالڪ، عامر احسن (جيڪو پڻ ڏاڍو ملنسار، خوش اخلاق ۽ کلمُک انسان آهي) اهو به جهڙوڪر ميزبانن جي سٿ ۾ شامل هو ۽ اسان جي جٿي کي گرمجوشيءَ سان ڀليڪار ڪرڻ ۾ اهو پڻ اڳيان اڳيان هو. هُونئن ته واشنگٽن ڊِي سِيءَ توڙي نيُويارڪ ۾ انڊين ۽ پاڪستاني ريسٽورنٽس جي ڪمي ڪانهي، پر هن ريسٽورنٽ ”ڪيپيٽول هِل تندُور“ جو کاڌو لذت ۾ ڪجھه سَرس هو، گھٽ ۾ گھٽ انهن انڊين ۽ پاڪستاني ريسٽورنٽس کان، جن ۾ اسان جو وڃڻ ٿيو. اسين منجھند 12 لڳي ڌاري ”ڪيپيٽول هِل تندُور“ پهتاسُون ۽ منجھند جي ڏيڍ لڳي تائين اسان جي ”فرينڊس آف پاڪستان، امريڪا“ وارن سان ڪچهري به هلي ۽ گڏ گڏ مانجھاندو پڻ هلندو رهيو. ”فرينڊس آف پاڪستان (يُو ايس اَي)“ هڏڏوکي رضاڪارن جو هڪ اهڙو گرُوپ (جٿو) آهي، جيڪو امريڪا مان پاڪستان وڃي پنهنجيُون خدمتُون انجام ڏيندڙ امن وفد جي رضاڪارن پنهنجي امريڪا واپسيءَ تي قائم ڪيو هو، هن جٿي جي پاڪستان وڃي مختلف شعبن ۾ پنهنجيُون خدمتُون انجام ڏيڻ جو مقصد، پاڪستاني عوام سان دوستاڻن لاڳاپن جو قائم ڪرڻ ۽ عوام جي فرد تا فرد پراجيڪٽس جي مدد سان پاڪستاني ۽ امريڪي عوام جي وچ ۾ سوچن جي هڪجهڙائي پيدا ڪرڻ ۽ انهن کي هٿي وٺرائڻ هو. هن مڪمّل طور رضاڪار گرُوپ (فرينڊس آف پاڪستان، يُو ايس اَي) جي ميمبرن، 2005ع کان وٺي هيل تائين پاڪستان ۾ قدرتي آفت سٽيلن جي مدد ۽ نياڻين جي تعليم لاءِ 40 هزار امريڪي ڊالرن کان وڌيڪ جي رقم گڏ ڪري، پاڪستاني مُستحق عوام کي تحفي طور ڏني آهي. مائي اينان (مسز اين هارٽمين) جو تعلق به ان گرُوپ سان ان نسبت سان آهي، جو هُوءَ پاڪستان ۾ اهي رضاڪاراڻيُون خدتُون انجام ڏئي چڪي آهي، جيئن مٿي ذڪر ڪري آيم ته هُن مُلتان ۾ نياڻين کي پاڙهڻ جو ڪم به ڪيو آهي. ”فرينڊس آف پاڪستان (يُو ايس اَي)“ جي فردن سان ڪچهريءَ دؤران گڏيل دلچسپيءَ جو موضُوعن تي اسان جي سير حاصل ڳالهه ٻولهه ٿي. اسان مان لڳ ڀڳ سڀني ڌار ڌار ”فرينڊس آف پاڪستان (يُو ايس اَي)“ جي ٽنهي ساٿين، ملارٽ، بارباره ۽ هُوٽس سان ڪچهري ڪئي. هنن اسان کان پاڪستان جي جاگرافيائي حُسناڪين، ثقافتي تنوّع، موجُوده تعليمي صُورتحال (مختلف صُوبن جي ڌار ڌار تعليمي صُورتحال)، سياسي ڀڃ ڊاهه، سماجي حوالي سان پاڪستان جي مُروّج توڙي بدلجندڙ قدرن جو احوال پڇيو. گڏوگڏ ويجھڙي ماضيءَ ۾ پاڪستان جن جن قدرتي آفتن کي مُنهن ڏنو آهي، خاص طور تي ٻوڏن ۽ برساتن جي صُورتحال، پاڪستان ۾ قدرتي آفتن کي مُنهن ڏيڻ جي حوالي سان انتظامن ۽ ان ۾ ميڊيا جي ڪردار جي حوالي سان سوال ڪيا ۽ اسان کان اسان جي شعبي ۾ خدمتُون انجام ڏيڻ جي ڏکيائين ۽ سهُولتن جي حوالي سان دريافت ڪيو. ساڳئي نموني سان اسان کانئن سندن پاڪستان ۾ رضاڪاراڻيُون خدمتُون انجام ڏيڻ جي تجربن، پاڪستان جي انهن جي نظر ۾ سُٺائين، اوڻائين، ترقيءَ جي موقعن ۽ اهڙن قدمن جي باري ۾ ديافت ڪيوسي، جن سان پاڪستان دنيا جي ترقي يافته مُلڪن جي ڊوڙ ۾ شامل ٿي سگھي ٿو. پاڪستان جي تعليمي نظام کي جيئن هُنن ڏٺو، ان نقطهء نظر کي سمجھڻ جي ڪوشش ڪئي سي ۽ مُون ساڻن ڪيل گفتگُوءَ ۾ ان ڳالهه جو ڌيان سان مُشاهدو پئي ڪيو ته ڪٿي هنن جو روّيو پاڪستان ڏانهن رحم کائڻ جهڙو ته ناهي، ڇاڪاڻ ته ڪنهن جو ڪنهن قوم طرف (خاص طور تي اسان جهڙيءَ ڪنهن قوم جي طرف، جيڪا فقط پنهنجي افعالن ۽ اڳواڻيءَ / ليڊرشپ جي اڻاٺ سبب پوئتي پيل هجي) ڪهلَ کائڻ وارو روّيو، اُن سان ظلم ڪرڻ جي مُترادف هُوندو آهي، پر مُون ٽنهي ساٿين سان گفتگُوءَ جي دؤران هنن جي پاڪستان طرف روّيي کي ڏاڍو مُثبت ڄاتو ۽ کين پاڪستاني ماڻهن ۾ موجُود اُن ولولي جو شناس ڄاتو، جنهن کي بهتر رهنمائيءَ سان معاشري جي سُڌار لاءِ وڏي آسانيءَ سان استعمال ڪري سگھجي ٿو. ”فرينڊس آف پاڪستان (يُو ايس اَي)“ جي هنن ٽنهي ساٿين سان رهلو ڪري ڏاڍو مزو آيو ۽ هڪ ٻئي سان خيال ونڊيندي اندر کي سوجھرو مليو.


هنن دوستن سان ڪچهري ڪندي، اڌ ڪلاڪ کن کان پوءِ مائي اينان ۽ ريسٽورنٽ جي مالڪ، عامر احسن (جنهن جو تعلق پاڪستان جي پنجاب صُوبي سان هو، جنهن ڪري اسان جا پنجاب وارا دوست، ذوالفقار علي مهتُو ۽ ضياءُالرحمٰن ساڻس جلدِي رَلِي ملي ويا) اسان کي مانيءَ کائڻ لاءِ آڇ جو اشارو ڏنو. ريسٽورنٽ جي وچولي سائيز جي هال اندر گھڻي تڻِي روشني ريسٽورنٽ جي مُک شيشي وارن دروازن مان ايندڙ سج جي روشنيءَ جي هُئي. هن هال ۾ اسان جي گرُوپ ۽ اسان جي ميزبانن کان سواءِ ٻيو ڪو هيڪڙ ٻيڪڙ ماڻهو ويٺو هو، نه ته سڄي هال ۾ اسان کي نويڪلائپ ملِي. اسان جي ڊگھي ميز (جيڪا يقيناً ٻه ٽي ميزُون ملائي ٺاهي وئي هئي) تي ٻنهي پاسن کان اسان ويٺل هُئاسِين. هال جي پاسي ۾ ڊگهي ٽيبل تي مختلف ڊشز جو بُوفي لڳل هو، جنهن ۾ پاڪستاني لذيذ کاڌن جي اعلى ۽ عمدي ويرائٽي موجُود هئي. دال مکني، مٽر پنير، پالڪ پنِير کان وٺي، ٻن ٽن قسمن جو ڪڪڙ جو گوشت، فرائي مڇيءَ جُون ڊشز، اڇا چانور، برياني ۽ ٻيا لذيذ پاڪستاني کاڌا گرما گرم تناول ڪرڻ لاءِ موجُود هُئا. اسان مان هر ڪنهن واري واري سان ماني کڻي، وري اچي ٽيبلن تي ويهي کائڻ جو سلسلو به شروع ڪيو ۽ گڏوگڏ ”فرينڊس آف پاڪستان (يُو ايس اَي)“ وارن دوستن سان ڪچهريءَ جو سلسلو به جاري رهيو. اسان ماني کاڌي سي ئي ويٺي ته اسان جي اڄوڪي باقي ڏينهن واري شيڊيُول ٿيل واشنگٽن ڊِي سِيءَ جي ٽُوئر جو سُونهو (ٽُوئر گائيڊ)، 55، 58 سالن کن جو اڌيڙ عمر جو هلڪي ڏاڙهيءَ ۽ ڊگھي قد وارو، ”ايليڪسي سوچينڪو“ اچي ريسٽورنٽ تي پهتو. کيس اسان جي گرُوپ سان هتي ئي ملڻ جو ٽائيم ڏنل هو، ڇاڪاڻ ته پوءِ هتان ئي اسان کي ساڻس گڏ واشنگٽن شهر جُون مک گھمڻ جهڙيُون جايُون ڏسڻ لاءِ وڃڻو هو. ايليڪسِيءَ کي مائي اينان اسان جي ڪچهري جُوائن ڪرڻ لاءِ چيو، پر هُو الڳ ٽيبل تي ويٺو ۽ هلڪي ڦُلڪي لنچ ڪيائين. اسين، جيڪي پنج ڇهه ڏينهن مُسلسل (جڏهن کان پاڪستان کان نڪتا هُئاسِين، اُن ڏينهن کان) پاڪستاني کاڌن جا سِڪايل هُئاسِين، اُنهن کي جو رات کان پاڪستاني لذيذ کاڌن کائڻ جو موقعو ملي رهيو هو، ته اسان جُون ته ڏهئي آڱريُون گيهه ۾ هيُون. رات وارِي نديم هوتيانا جي گھر واري ڊنر اڃا هضم ئي ڪانه ٿي هُئي (جنهن جو ذڪر ٻه هفتا اڳ ڪيو هئم) ته وري هتي (”ڪيپيٽول هِل تندُور اينڊ گِرل“) تي پاڪستاني کاڌن جي بهارَ، دل کٽي ورتي. اسان کان ماني کائڻ کان پوءِ بار بار هن ريسٽورنٽ جي خوش اخلاق ۽ ملنسار مالڪ، عامر احسن پُڇيو پئي ته اسان کي کاڌو ڪيئن لڳو! ههڙن موقعن تي کاڌو وڻي يا نه وڻي، مُرّوت مان هُونئن ئي تعريف ڪرڻي پوندي آهي، پر هي ته واقعي لذيذ کاڌو هو، سو اسان سڀني دل سان پئي واکاڻ ڪئي. عامر کان مُون هوٽل جي ڪاريگرن جي باري ۾ پڇيو ته: ”هتي پنهنجا پاڪستاني ڪاريگر (بورچي) آهن؟ يا امريڪن؟“ تنهن تي هُن ٻڌايو ته گھڻا تڻا بورچي پاڪستاني اٿس. ان ڳالهه جو اندازو انهن مصالحن جي استعمال مان ئي لڳو ٿي، جيڪي انهن کاڌن ۾ پاڪستاني انداز ۾ استعمال ٿيل هُئا.
”فرينڊس آف پاڪستان (يُو ايس اَي)“ جي دوستن سان گڏ گرُوپ تصويرُون ڪڍرائي، هڪ ٻئي سان پنهنجا بزنس ڪارڊ ايڪسچينج ڪري اسين منجھند ڏيڍ لڳي کان (ڇاپي شيڊيُول کان) پندرنهن وِيهه منٽ پوءِ اچي ڪوسٽر ۾ ويهڻ جا سانباها ڪيا. جنهن روڊ تي هي ريسٽورنٽ هو، اهو اولهه جي مُروّج ۽ روايتي اسٽرِيٽس (گھٽين) نُما، هڪ سرگرم ۽ مصرُوف گھٽي هُئي (روڊ نه هو)، جنهن تان راهگيرن جي اچ وڃ جھجھي تعداد ۾ هئي. اسان ريسٽورنٽ کان ٻاهر نڪتاسُون ته هڪ ننڍو بينڊ گرُوپ به اُتان لانگاهُو ٿيو، جنهن قسم جا سازندن تي مُشتمل دستا هن قسم جي راهگذارن تان اڪثر گذرندي ٿيندي ڏسبا آهن. اسان ان بينڊ جي دستي جي فوٽوگرافي ڪندي، ڪوسٽر ۾ سوار ٿياسِين. لڳ ڀڳ ڪوسٽر جي دروازي تائين ”فرينڊس آف پاڪستان (يُو ايس اَي)“ جي دوستن اسان کي الوداع ڪيو. گاڏي گھٽين مان نڪري مُک روڊ تي آئي ته اسان جي ٽُوئر گائيڊ ”ايليڪسي سوچينڪو“ اُٿي بيهي ڳالهائڻ شرُوع ڪيو ۽ اسان کي واشنگٽن ڊِي سِيءَ جي تاريخ بابت ٻُڌائڻ شرُوع ڪيو. ”ايليڪسي سوچينڪو“ بنيادي طور تي هڪ انتهائي کُنڊو (خُشڪ مزاج) قسم جو انسان هو، جنهن جي مُک تي مُرڪ اسان ڪانه ڏٺي سي. هُن جي بريفنگ دؤران جيڪڏهن ڪوسٽر ۾ ڪنهن به هڪٻئي سان ڳالهايو ٿي، ته هُو ان تي اَرهو ٿي ٿيو ۽ اُن ارهائيءَ جو اظهار ڪندي به هُن ڪو لحاظ ڪونه ٿي ڪيو. ٻيو ته هُو اسان جي رفتار سان ڪونه ٿي هليو، بلڪه اهو شرط رکيائين ٿي ته اسين سندس رفتار سان هلُون. ان ڳالهه ۾ ان لحاظ کان هُو به صحيح هو ته گھٽ وقت ۾ (لڳ ڀڳ ٻن ٽن ڪلاڪن ۾) هُن کي اسان کي وڌ ۾ وڌ جايُون گھُمائڻ ۽ انهن جايُن جو تاريخي پسمنظر ٻُڌائڻ جو جيڪو ٽاسڪ مليل هو، اُهو هن جي ان تڪڙ سبب ئي مُمڪن ٿي ٿِي سگھيو، تنهن ڪري هُن ان ڳالهه جو انتباهه اسان کي پنهنجي پهرين گفتگُوءَ ۾ ئي ڏئي ڇڏيو ته: ”اسان جنهن به جاءِ تي گھمڻ هلنداسِين، اتي رش تمام گھڻي هُوندي. اوهان جيڪڏهن مُون سان مُنهنجي رفتار سان نه هلندا ۽ مُنهنجي ڪڍَ نه ايندا ته اوهان اُن جاءِ يا يادگار جي ايندڙ پُوائنٽ جي حوالي سان مُنهنجي گفتگُو ڪونه ٻُڌي سگھندا، تنهن ڪري اوهان کي مُنهنجي رفتار سان هلڻو پوندو.“ ٻئي اها ڳالهه به هُن واضح انداز ۾ چئي ڇڏِي، ته: ”جنهن ماڳ تي بيهڻ يا ترسڻ جو جيڪو وقت آءٌ ٻُڌايان، اُن وقت تائين اوهان واپس ڪوسٽر تائين اچي وڃجو، نه ته اسين اوهان جو انتظار ڪونه ڪنداسُون.“ ايليڪسي جو اهو دڙڪو ته گھٽ ۾ گھٽ مُون کي پنهنجي پرائمري استاد جي ڪنهن ڌمڪيءَ وانگر لڳو، جنهن سان گڏجي اسين اسڪُول واري زماني ۾ ڪڏهن ڪينجھر، ٿر يا مهين جي دڙي وينداهُئاسِين، ته هُو اهڙو ڊپ ڏيندو هو ته ”هيتريءَ دير ۾ نه موٽيئو، ته اسان بس ڪاهي هليا وينداسِين!“ ۽ پوءِ اسان ان ڊپ کان واپس اچي بس ڀيڙا ٿينداهُئاسُون ته جي اها اسڪُول بس نڪري وئي ته پوءِ اسان گھر ڪيئن واپس وينداسُون.
بهرحال! فطرتاً حضرت ”ايليڪسي سوچينڪو“ مُون کي بنهه ڪونه وڻيو، تنهن ڪري مُون سندس ڳالهين ۽ برِيفنگس کي ٻُڌو اڻ ٻُڌو پئي ڪيو. سچي ڳالهه اها آهي ته هن پُوري ٽن هفتن جي امريڪي سفر جي دؤران منهنجو جن جن سُونهَن (ٽُوئر گائيڊس) سان پالهو پيو، اُنهن ۾ سڀني کان وڌيڪ نه سمجھ ۾ ايندڙ ٽُوئر برِيفنگس مُون کي ”ايليڪسي سوچينڪو“ جُون لڳيُون. ايندڙ ٻن ٽن قسطين ۾ ”ايليڪسي سوچينڪو“ جي گھمايل جن جن يادگارن ۽ تاريخي ماڳن جو ذڪر ايندو، اُنهن جي سمجھه جي حوالي سان مُون کانئس تمام گھٽ سمجھيو، البته انهن جايُن جي گھُمي وٺڻ کان پوءِ انهن جي حوالي سان آن لائين سرچنگ ۽ اُن مواد مان گھڻي خبر پئي، جيڪو ”اِيسٽ ويسٽ سينٽ“ (اسان جي ميزبان اداري) پاران اسان کي ڏنو ويو هو. ”اِيسٽ ويسٽ سينٽر“ پاران اسان لاءِ ڪيل اهتمام ۾ کوڙ سارين ممتاز، منفرد ۽ ڪارائتيُن ڳالهين منجهان هڪ ڳالهه اها به هئي، ته اسان مان هر هڪ کي شرُوع وارن ڏينهن ۾ ئي هونولوُلُو (هوائيءَ) ۾ هڪ انتهائي ضخيم فائيل ڏنو ويو هو، جن ۾ اسان جي هن سفر جي تفصيلي وچُور، متعلقه ماڻهن جا تعارف (شرٽ بايوز)، جن جن موضُوعن تي اسان کي سيشنز اٽينڊ ڪرڻا هئا، اُنهن موضُوعن تي اسٽڊي مٽيريل، توڙي جن جن شهرن ۾ اسان کي وڃڻو هو، اُتان جي مُک ماڳن جا تفصيلي احوال ۽ اعتبار جوڳن ذريعن رستي گڏ ڪيل پيرائتي، باتصوير معلُومات به شامل هئي. اهو ئي نه پر هن ضخيم فائيل جي سفر دؤران ساڻ نه کڻي سگھڻ واريءَ مجبُوريءَ کي نظر ۾ رکندي، ان سڄي مواد جُون سافٽ ڪاپيز اسان کي سِي ڊيز ۾ پڻ فراهم ڪيُون ويُون هيُون، ته جيئن اسين ان منجهان پنهنجو گھُربل مواد جڏهن ۽ جتي چاهيُون، اُتي استعمال ڪري سگھُون. تنهن ڪري ڀلو ٿئي اِيسٽ ويسٽ سينٽر وارن جو، نه ته جيڪي ماڳ ايليڪسي سوچينڪو گھُمايا، انهن جي گھٽ ۾ گھٽ مُون کي ته ڪک به خبر نه پوي ها.

اسان ايليڪسي سوچينڪو سان گڏ واشنگٽن جا روڊ لتاڙيندي واشنگٽن جي تاريخ بابت ڪي پُراڻيُون ڪي نيُون ڳالهيُون ٻُڌندا رهياسين. مُختلف روڊن رستن تان گُذرندي اسان ”پينسلوينيا ايوينيُو“ وٽان يا ان جي آسپاس مان گُذرياسِين پئي ته مُون کي ٻه ٽي ڀيرا ”ڪيپيٽول هل“ جي عمارت نظر آئي ۽ مُنهنجو سڄو ساهه اُن ۾ اٽڪيل هو ته سڀني کان اڳ ۾ اها عمارت گھمي ڏسُون. جيتوڻيڪ اڄ جي شيڊيُول ۾ اڄ شام جي آخري ايجنڊا طور ”ڪيپيٽول هِل“ کي تفصيلاً گھمڻ جو پروگرام به هو، پر مُون چاهيو پئي ته جيڪر سڀ کان پهريان ان عمارت کي ويجھو کان ڏسجي. اهو ايئن ئي هو، جيئن ڪنهن به شهر ۾ وڃڻ سان سڀ کان پهريان سڀ ڪم ڇڏي اُن شهر جي اُن مشهور جاءِ گھمڻ تي دل چوندي آهي، جيڪا ان کان اڳ اسان فقط تصويرن يا ٽيليويزن ۾ ڏٺي هُوندي آهي. اهو خاص طور ٻارن سان ٿيندو آهي. جيئن ٻالڪپڻي ۾ ڪراچيءَ ايندي، ڪنهن به ٻار جي اهم ترين خواهش قائدِاعظم جي مزار کي ويجھو کان ڏسڻ هوندو آهي يا ننڍپڻ ۾ اسين به جڏهن اسلام آباد ويندا هُئاسُون، ته دل چوندي هُئي، سڀ کان پهريان شاهه فيصل مسجد نظر اچي وڃي يا سڀ کان اڳ ۾ وڃي ان کي ويجھو کان ڏسجي، سو مُنهنجي اندر جي ٻار کي به، جتان جتان ڪيپيٽول هِل نظر ٿي آيو، هُن مُون کي اُن جا پري کان فوٽا ڪڍڻ تي ٿي مجبُور ڪيو، حالانڪه مُون کي خبر هئي ته مان اُن ئي ڏينهن شام جو نه فقط ان جي ويجھو وڃي، ان کي سامهُون ڏسڻ وارو هُئم، بلڪه ان جي اندر وڃي، جم مُوڊيءَ جهڙي سينيئر پارليامينٽيرين جو مهمان به ٿيڻ وارو هئم، پر دل جي ٻار کي ڪير سمجھائي! اسان جي ڪوسٽر ٻه ٽي ڀيرا ”ڪيپيٽول هِل“ جو ديدار ڪرائي، اچي هڪ تمام وڏي اڇي رنگ جي سنگِ مر مر سان ٺهيل شاندار عمارت کان پرڀرو ٿي بيٺي. روايتي برطانوي انداز جي ٺُلهن تي بيٺل هن ديو جيڏي قد جيڏي عمارت جا اڪيچار ڏاڪا پري کان نظر آيا، جن ڏاڪن تي، توڙي ان عمارت جي آڏو واري سبزه زار تي هزارين ماڻهن جو جمِ غفير پري کان نظر آيو. هيءَ عمارت امريڪا جي اَبي، ”ابراهام لنڪن“ جي يادگار واري جڳ مشهُور عمارت هُئي، جنهن کي گھمڻ لاءِ اسان ان عمارت کان گھڻو پري ٺهيل روڊ تي لٿاسُون ۽ ايليڪسيءَ ڪوسٽر واري کي گائيڊ ڪيو ته هُو گاڏي ڪٿي پارڪ ڪري. اسين سڀ ايليڪسيءَ جي پويان پويان هن اهم يادگار جي ياترا لاءِ اڳتي وڌياسُون، جنهن جو تفصيلي احوال اوهان کي ايندڙ هفتي ڏبو.

No comments:

Post a Comment