پراگ
سياحن ۽ عاشقن جي جنت
اسحاق انصاري
پراڻي شهر جي ان پڌر وچ ۾ سرمئي ۽ ڪاري رنگ جو هڪ وڏو
بُت ٺهيل آهي جيڪو يان هُس جو آهي. هو چارلس يونيورسٽيءَ مان پڙهيو هو ۽ هڪ فلاسفر
۽ مشهور پادري جي حيثيت ۾ نه رڳو چيڪوسلوواڪيا ۾ پر پوري يورپ ۾ پاڻ مڃايو هو. هو ڪيٿولڪ
چرچ جي خلاف هو، ۽ ان ۾ سڌارن آڻڻ جي حق ۾ هو. جنهنڪري هن جا رومن ڪيٿولڪ چرچ سان جھڳڙا
پيا هلندا هيا پر سندس تحريڪ زور وٺندي پئي وئي. هن جي پيروڪارن يا تحريڪ کي “هُسائيٽ”
سڏيو ويندو هو. ان جي ڪري هو چرچ لاءِ خطرو بڻجندو پئي ويو جنهنڪري رومن ڪيٿولڪ چرچ،
مختلف بهانا بڻائي کيس گرفتار ڪندي هئي. آخري ڀيرو کيس گرفتار ڪري انڌو منڊو ڪيس هلائي،
کيس جيئري ساڙڻ جي فتوى ڏني. کيس ۶ جولاءِ ۱۴۱۵ تي ساڙڻ کان اڳ معافي وٺڻ
لاءِ چيو پر هن انڪار ڪيو ۽ کيس چتا تي چاڙهيو ويو. چيو وڃي ٿو ته هو چرچ ۾ سڌارن آڻڻ
جي خيال کان مارٽن لوٿر کان به اڳ ۾ هو. ان
بت جي چوڌاري ويهڻ جي جڳهه ڪري ماڻهن جا ميڙ متل هوندا آهن.
هونئن ته اهو سڄو پڌر مختلف عمارتن جي جھرمٽ ۾ آهي
۽ اتي ٻارهوئي ٽوئرسٽن جا ميڙ رهن ٿا. هونئن ته ماڻهو پندرهن منٽن ۾ هي پڌر گھمي سگھي
ٿو پر هر بلڊنگ ۽ ماحول جو مزو وٺڻ لاءِ ڪلاڪن جا ڪلاڪ لڳي سگھن ٿا. ان هنڌ مون هڪ
ٻه دفعا اسٽريٽ ٿيئٽر به ڏٺا هيا ته وري مختلف سازندن کي به پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندي
ڏٺو هو. اهو سڀ ماحول جي خوبصورت هجڻ ڪري تمام گھڻو مزو ڏيندو هو. هڪ ڀيري ته پراگ
جي فائين آرٽس فيڪلٽي جون شاگردياڻين به وائلن ۽ گٽار تي خوبصورت ۽ دل لڀائيندڙ موسيقي
وڄائي هئي. اهڙن فنڪارن کي داد سان گڏ ڪجھه پيسا به ڏنا ويندا آهن.
۱۹۹۳ جي
نئين سال جي موقعي تي ان پڌر تي ته رنگا برنگي ميلا هيا، جنهن ۾ سڄي دنيا جا ماڻهو
اچي ڪٺا ٿيا هيا. چيڪوسلوواڪيا جي ٻنهي رياستن يعنى چيڪ ۽ سلوواڪيا ۱۹۹۲ ۾ طئي ڪري ڇڏيو هو ته هو ٻئي آزاد ملڪن جي صورت ۾
ظاهر ٿيندا. انڪري هنن ۳۱ ڊسمبر ۱۹۹۲ ۽ پهرين جنوري ۱۹۹۳
جو وقت مقرر ڪيو هو. جيئن
ته منهنجي يونيورسٽي، سلوواڪيا جي براتيسلاوا ۾ هوندي هئي انڪري مون سوچيو هو ته اهو
نئون سال پراگ ۾ ملهائجي. انلاءِ مون ابرار مري ۽ ٻين دوستن کي اطلاع ڪري ڇڏيو هو.
اسان مريءَ جي هاسٽل کان رات جو جيئن نڪتا هياسين ته خبر پئجي وئي ته اڄ جي رات ڪيڏي
نه سرد هوندي. پر پوءِ به پنهنجو پاڻ کي سرديءَ کان بچائڻ لاءِ، ٽوپي، مفلر، سوئيٽر،
مٿان اوور ڪوٽ سان پاڻ کي هٿياربند ڪري نڪري پيا هياسين. اسان پاڻ سان گڏ رڪ سيڪن
۾ کائڻ ۽ پيئڻ جو سامان کڻي آيا هياسين. اهڙي ريت ٻيا به پنهنجو پاڻ سان کائڻ پيڻ جو
سامان، ڦٽاڪا ۽ شيمپين کڻي آيا هيا. اسان پهريان ته چارلس برج تي وياسين جيڪا قلندر
جي ميلي وقت سيوهڻ جي گھٽيءَ جو ڏيک ڏئي رهي هئي. شهري حڪومت مختلف هنڌن تي ميوزڪ لاءِ
اسپيڪر هڻي ڇڏيا هيا، ان کان علاوهه مختلف هنڌن تي گھڙيال به لڳل هيا جيڪي ڪائونٽ ڊائون
ڪري رهيا هيا، جيئن اڄڪلهه ايف ايم ريڊيو اسٽيشنن تي روزي جي باي ۾ ڪائونٽ ڊائون هلندو
آهي
“ڪراچي اور اس کي مضافات ۾ افطاري هوني ۾ اڀي
ايڪ گھنٽا اور ۱۵ منٽ
رهتي هين”
تيئن اتي به ڪائونٽ ڊائون هو. جيئن ئي رات جي ٻارهن
وڄڻ ۾ هڪ منٽ بچيو ته هزارن جي تعداد ۾ ماڻهو وڏي آواز ۾ سيڪنڊ ڳڻي رهيا هيا “شيست
ديسات، پت ديسات ديوت، پيت ديسات اوسم...” اهڙي ريت جڏهن ٻارهن وڳا هيا ته گرجائن جا
گھنڊ وڄڻ شروع ٿي ويا هيا ۽ ماڻهن ڦٽاڪا ٻارڻ شروع ڪيا، شهرين جي طرفان آتشبازيءَ جو
بندوبست ڪيل هو. شيمپين جون بوتلون کلڻ شروع ٿي ويون، هڪٻئي کي ڳراٽڙي پائي، چميون
ڏيڻ شروع ٿي ويون. پوءِ هو رڳو نچڻ، ٽپڻ ۽ ڳائڻ. انهن ماڻهن ۾ نه رڳو اتان جا ماڻهو
شامل هيا پر مختلف ملڪن جا سياح پڻ شامل هيا، هونئن ئي پراگ ۾ ٻارهوئي سياحن جا ميڙ
ايندا رهن ٿا پر جيئن ته هي وري نئون سال هو ۽ ٻيو اهو به تاريخي يعني هڪ ملڪ جي وجود
۾ اچڻ جو سال ۽ لمحا هيا. انڪري گھڻي تعداد ۾ سياح آيل هيا. اسان سان گڏ لاهور جو دوست
علي رضوي به ساڻ هو جيڪو سيلف فنانس تي براتيسلاوا ۾ انجنيرنگ پڙهي رهيو هو.
هن چيو “اسحاق ڀائي، يي تو ساري پاگل هو گئي هين اور
مجھي بهي پاگل ڪيي جا رهي هين، اتني چوما چاٽي هو رهي” مون کيس چيو ته پوءِ تون به
ڪر.
“مين ڪيسي ڪرون ميري تو واقف نهين هين”
مون کيس چيو ته اڄ نئون سال آهي انڪري تون جنهن کي
وڻئي انکي ڳراٽڙي پائي چمي ڏئي نئين سال جي وِش ڪر”
“اسحاق ڀائي، مروا نه دينا”
“اري ڪڇ نهين هوتا، جائو شروع ڪرو“
“آپ ڀي آئين نه”
“ميري ساٿ اپنا ٽفن باڪس ڀي هي نا” مون پنهنجي
سنگتياڻي ڏانهن اشارو ڪندي کيس چيو.
هو هليو ويو، گھڻي دير کان پوءِ موٽيو ته ڳاڙهو لڳو
پيو هجي.
“اسحاق ڀائي اب تو هونٽ ڀي ٿڪ گئي هين، مين ني
اس پُل ڪي ايڪ ڇيڙي سي شروع ڪيا اور آخر تڪ گيا، سب لڙڪيون ڪو ڪس ڪيا، ڪسي ني ڀي برا
نه منايا”
علي وڏو خوش هو.
اسان اتان ٿي وري اولڊ ٽائون ۾ آيا هياسين جتي به پير
رکڻ جي جڳهه نه هجي، مختلف گروپ سرشاري جي عالم ۾ ڳائي وڄائي رهيا هيا. خاص ڪري اٽليءَ
جا نوجوان گھڻو گوڙ ڪري رهيا هيا پر جيئن ته نئون سال هو انڪري ڪو به مائنڊ نه پيو
ڪري الٽو ان مان مزو وٺِي رهيا هيا. پر ڪجھه اٽالين ڇوڪرن اتي ئي بيئر جون بوتلون فرش
تي ڦٽي ڪري ٽوڙڻ شروع ڪيون ته ماڻهن کين منع ڪيو. انهن مان هڪڙو ٽولو ته يان هُس جي
بت تي به چڙهي ويو هو ۽ اتي بيهي نشي جي حالت ۾ قومي ترانو به ڳائي رهيا هيا ۽ يان
هُس کي سلامي به پيش ڪري رهيا هيا. سندن ان حرڪت مان سڀ مزو ماڻي رهيا هيا ته پوليس
پهچي وئي انهن کين نرمي سان هيٺ اچڻ لاءِ چيو پر هو نه لٿا. پوءِ پوليس وارن پاڻ مٿي
چڙهي کين لاٿو.
مطلب ته هي پڌر، واتسلاو اسڪوائر ۽ اولڊ ٽائون اهڙا
هنڌ آهن جتي ماڻهو هر موسم ۽ هر موقعي مو مزو وٺي سگھي ٿو. مان ته انهن ماڳن جي فوٽوگرافي
به گھڻي ڪئي آهي، جنهنڪري هتي لڳندڙ فوٽن مان گھڻا منهنجا ئي نڪتل آهن. مون ته سياري
۾، ڪوهيڙي ۾، برفباريءَ ۾، پن ڇڻ ۾، بهار ۾ ۽ اونهار ي ۾ انهن ماڳن جو مزو ورتو آهي
۽ انهن جي فوٽوگرافي ڪئي آهي. پر ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هر موسم ۾، ۽ هر ڪنهن ڏِڻ تي مزو
مختلف آهي.
هونئن، اهڙن هنڌ تي سياحن کي پاڻ ڏانهن ڇڪڻ جا گھڻا
طور طريقا استعمال ڪيا وڃن ٿا. جيئن دنيا جي گھڻو ڪري اهڙن هنڌن تي بگيون به ٿين ٿيون
جن تي چڙهي سياح بگيءَ جي سواري جو لطف به ماڻن ٿا ته وري اتان جي منظرن جو مزو به
وٺن ٿا. پراگ جي ان هنڌ تي ڪجھه وڪٽوريا اسٽائيل بگيون به ٽوئرسٽن کي گھمائڻ لاءِ هونديون
آهن، جن جي هلائڻ وارا ته گھڻو ڪري مرد هوندا اهن جن کي پراڻي زماني جي ڪوچوانن جي
ڊريس پاتل هوندي آهي پر انهن ۾ ڪجھه ڇوڪريون به شامل هونديون آهن. هڪ سونهري وارن واري
صوف جهڙي چهري ۽ ڳاڙهي جرسي پاتل ڇوڪريءَ/ڪوچوان کي جڏهن هڪ بگيءَ تي ويٺل ڏٺم ته مان
به نه ڪئي هم نه تم ۽ ٽپ ڏئي چڙهي ويٺس بگيءَ تي، منهنجا دوست ڪجھه پرڀرو هيا انڪري
ئي تڪڙ ڪيم نه ته هو تپائن ها. مونکي ڏسي پري کان هنن رڙيون به ڪيون پر مان ٻڌو اڻٻڌو
ڪري ڇڏيو. ٽانگي واريءَ به چيو ته “توهان جا دوست شايد اوهان کي آواز ڏين ٿا” مون کيس
چيو ته “دوست نه پر ٽوئر ۾ ملڻ ڪري واقفڪار آهن”. ان ڇوڪريءَ اهو ٻڌايو ته هوءَ چارلس
يونيورسٽي جي شاگردياڻي آهي، پر ويڪيشن هجڻ ڪري هتي نوڪري ڪري پئي. اهو ٻڌائيندو هلان
ته چيڪوسلوواڪيا جا شاگرد ۽ شاگردياڻيون موڪلن ۾ ڪو نه ڪو ڌنڌو ڪندا آهن جن مان کين
ڪجھه آمدني ٿي پوندي آهي. پر مون ڏٺو آهي ته پيسن کان وڌيڪ هو اهو پورهيو مصروف رهڻ
۽ تجربي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪندا آهن. ميوزيم ۾ به اهڙيون شاگردياڻيون ڪم ڪندي نظر اينديون
ته ٽوئرسٽ ماڳن مڪانن تي گائيڊ طور به شاگرد ۽ شاگردياڻيون ڪم ڪندي نظر اينديون. ڪميونزم
واري دور ۾ به شاگردن ۽ شاگردياڻين کي ويڪيشن ۾ ڪم ڪرڻو هوندو هو جنهنکي “بريگادا”
سڏيندا هيا. پوءِ اهو ڪم ڪنهن فيڪٽري ۾ هوندو يا وري ٻنيءَ، باغ يا ڪنهن پريس ۾، ان
وقت به معمولي معاوضو کين ملندو هو.
خيرن سان جڏهن گھوڙي جي ٽاپولي جي رڌم ۽ عمارتن ۽ انساني
سونهن جا جلوا پسندو ۽ پنهنجو پاڻ کي پراڻي زماني جو ڪو نواب سمجھندو جڏهن پراڻي شهر
جو چڪر هڻي واپس ٿيس ته “واقفڪارن” مونسان پنهنجي سٺي واقفيت ڪرائي.
مون جيئن اڳ ذڪر ڪيو ته ان پڌر کان مختلف گھٽيون نڪري
ٻين هنڌن ڏانهن وڃن ٿيون. اتان ئي هڪڙي گھٽي جيوش ڪوارٽر يا يهودين جي محلي ڏانهن وڃي
ٿي. چيڪ ريپبلڪ ۽ خاص طور تي پراگ ۾ يهودي گھڻي تعداد ۾ رهندا آيا آهن. هو گھڻو ڪري
واپاري، هوٽلن، ريسٽورنٽن، بارن جا مالڪ هيا. ڪنهن دوست ٻڌايو ته ڪيترو به ننڍو ڳوٺ
ڇو نه هجي پر جيڪڏهن اتي پب يا بار هوندو ته ان جو مالڪ يهودي هوندو. جيڪو نه رڳو پيسن
سان پياريندو پر بغير پيسن جي اوڌر تي به پيو ماڻهن جي خدمت ڪندو ۽ پوءِ وياج مٿان
وياج چاڙهي اڳلي جي ملڪيت تي وڃي هٿ کپائيندو. نه رڳو چيڪ ۾ پر ٻين ملڪن ۾ به ڪاروبار
ڪندا هيا، جنهنڪري شاهوڪار هوندا هيا. پر ان ۾ به ڪو شڪ ناهي ته شروع کان وٺي کين مختلف
دورن ۾ تڪليفون ڏسڻيون پيون آهن. ڀلي پوءِ
اها ٻارهين، تيرهين صدي هجي يا وري ارڙهين يا اوڻويهين صدي هجي. هي جيڪو يهودين جو
محلو آهي اهو به تقريبن تيرهين صديءَ جو آهي، ان وقت پراگ جي يهودين کي حڪم ڏنو ويو
ته هو مختلف پاڙن ۾ رهڻ بجاءِ هڪ پاڙي ۾ رهن ۽ کين اها جڳهه ڏني وئي. ان هنڌ کي هاڻي
ميوزيم جي طور تي رکيو ويو آهي. جتي ڪجھه گھر، هڪ ٽائون هال ۽ پراڻو قبرستان آهي. خاص
طور تي اتان جو سينيگاگ ڏسڻ وٽان آهي.
پهرين ۽ ٻين جنگ عظيم ۾ ته هتان جي يهودين کي به ڪميونسٽن
۽ جپسين سان گڏ مختلف ڪنسنٽريشن ڪيمپن ۾ رکيو ويو. جن ۾ پولينڊ جي بدنامه زمانا ڪيمپ
اوشونچيم به اچي وڃي ٿي. ۱۹۳۰
۾ چيڪوسلوواڪيا ۾ آدمشماري ٿي هئي، جنهن ۾ اٽڪل ۳
لک کن يهودي اتي رهن پيا.
جڏهن ٻي جنگ عظيم ۾ جرمنن چيڪوسلوواڪيا تي قبضو ڪيو ته هنن ڳولهي ڳولهي يهودين کي هٿ
ڪيو ۽ کين پراگ کان ۶۰ ڪلوميٽر ٻاهر تيريزين ۾ هڪ ڪيمپ يا گھيٽو ۾ رکيو ويو.
جيڪا اصل ۾ ٽرانزٽ ڪيمپ وارو درجو رکي پئي. ان ڪيمپ ۾ رکيل ماڻهن کي پوءِ بالٽڪ ملڪن
جي ڪيمپن ۾ موڪليو ويو. ڪن کي پولينڊ جي شهر لوبلن ۾ رکيو پئي ويو ۽ ان کان علاوهه
انهن کي اتان پولينڊ جي تاريخي شهر ڪراڪوو جي ڀرسان ٺهيل ڪيمپ اوشونچيم ۾ رکيو ويو.
جتي ماڻهن کي جبري ڪم پئي ورتو ويو ۽ جيڪي ڪم جي لائق نه هيا يا معذور هيا انهنکي گيس
چيمبر ۾ موڪليو پئي ويو. تيريزن ڪيمپ ۾ اندازن ڏيڍ لک ماڻهو رکيا ويا هيا، جن مان ۱۵۰۰۰ ته اتي ئي مري کپي ويا. آمريڪا
جي صدر بل ڪلنٽن جي زماني ۾ سيڪريٽري آف اسٽيٽ ميڊلين البرائيٽ جڏهن چيڪ آئي هئي ته
هو به تيريزن ڪيمپ گھمڻ وئي هئي ڇو جو سندس ڏاڏو ۽ ٻيا مائٽ به ان ڪيمپ ۾ رهي چڪا هيا.
ان ڪيمپ جي گيٽ تي لکيل هوندو هو
“Arbeit macht frei” جنهنجي
معنى آهي “توهان کي ڪم ئي آزادي ڏئي سگھي ٿو”.
اهڙو ئي نعرو مون پولينڊ جي اوشونچيم ڪنسنٽريشن ڪيمپ
گھمندي گيٽ تي لڳل ڏٺو هو.
پر افسوس جو ڪم ڪندي ڪندي هو گيس چيمبر جو شڪار ٿي
ويا پر ڪنهنکي به ڪم آزادي نه ڏني.
الائي ڇو يهودين جي محلي ۾مونکي اداسي ۽ ڏک واري ڪيفيت
جو احساس وڌيڪ ٿيو. جڏهن ته ڪجھه ئي ميٽر پري ٻين گھٽين ۾ ڄڻ هڪ جان هئي، زندگي هئي
پر ان هنڌ تي مون کي خاموشي، اداسي ۽ ڊپريشن واري صورتحال نظر اچي رهي هئي. جيڪي گھمڻ
وارا هيا اهي به ان ڪيفيت ۾ ورتل هيا جنهنڪري ڪنهنجو ڀڻڪو به ٻڌڻ ۾ نه پئي آيو. هونئن
به يهودي ڪارو رنگ گھڻو استعمال ڪن ٿا جنهنڪري ڊپريشن جو هڪ سبب اهو به ٿي سگھي ٿو.
مون ڪنهن هنڌ هڪ ڪراڙي مائي جو انٽرويو پڙهيو هو جيڪا
چيڪ جي ان ڪنسريشن ڪيمپ ۾ رهي هئي. هن ٻڌايو ته هن جي لاءِ زندهه رهڻ جو سبب رڳو موسيقي
هئي. هوءَ باخ، شوپن ۽ اشترائوس جي موسيقي پنهنجي ذهن ۾ ٻڌندي هئي ۽ انهن جي نوٽس کي
ڪوئلي سان ديوارن تي لکندي هئي. پوءِ اهي لکيل نوٽس هن جي لاءِ ڪنهن آرڪسٽرا جي صورت
وٺي وڄندا رهندا هيا.
No comments:
Post a Comment