Wednesday, August 21, 2013

ترقي جون راهون، وهم ۽ وسوسا - عبدالله مورائي

ترقي جون راهون، وهم ۽ وسوسا
عبدالله مورائي
جڏهن به جهاز آسمان تي ڏسبو آهي ته گهڻي قدر اها سوچ ٿيندي آهي ته اهو آخر ڪٿان کان ڪيڏانهن وڃي رهيو آهي. پوءِ ٿورو سوچي ماٺ کڻي ڪبي هئي ته اهو ممڪن نه آهي ته خبر پئجي سگهي، پر سائين سائنس اڄڪلهه ناممڪن کي ممڪن بنائي ڇڏيو آهي. گذريل مهيني آئرلينڊ ۾ منهنجن ڀاڻيجن معز ۽ سالار ڄڻ ته منهنجي هڪ ننڍي هوندي جي خواهش کي عملي جامو پهرايو ۽ مون کي اها ڄاڻ ڏنائون ته اهو هاڻي ممڪن آهي. فقط جهازن جي ريڊار جي ويب سائيٽ کوليو ۽ ڏسو ته دنيا ۾ هن وقت جيڪي به جهاز اڏامي رهيا آهن، انهن جي منزل ڪهڙي آهي. ڪٿان کان اڏاميا آهن ۽ ڪهڙي ڪمپني جا جهاز آهن ۽ انهن جو نمبر ڪهڙو آهي.

اها ته ٿي ترقي، پر مريخ تي زندگي ڳوليندڙ قومن ۾ به وهم ۽ وسوسا ڏاڍا آهن. توڙي جو اولهه جا ملڪ ترقي ۾ پنهنجو مثال پاڻ آهن پر هتي به وهمي ماڻهو جام پيا ڦرن. هڪ دفعي پنهنجي ليٽويا (Lativa) جي دوست آرٿر (Arthur) سان گڏ ڪاڏي وڃي رهيو هئس. واٽ ويندي اوچتو هڪ ٻلي اڳيان رستو پار ڪري وئي. ٻلي شايد ڪاري رنگ جي هئي. همراهه هڪدم ڪلهي واري پاسي وات ڪري، ٽي دفعا ٿڪ اڇلائي ۽ پوءِ ٿورو شڪي ٿي کلڻ لڳو. منهنجي لاءِ اها هڪ نئين ڳالهه هئي ته يورپ جو ماڻهو به شايد ائين ڪري سگهي ٿو.
هتي سئيڊن ۾ ماڻهو گهڻي قدر مذهبي ڪو نه آهن پر وهمي ضرور آهن. ٽيبل تي چاٻيون رکڻ يا آئينو ڀڄي پوڻ کي بدشگن تصور ڪن. ڪير کڻي گڊ لڪ (Good luck) چوين ته ان جو جواب (Good luck( جي جواب ۾ ٿئنڪس (Thanks) چوڻ کي سمجهن ته اها گڊ لڪ ڦري (Bad Luck) بيڊ لڪ ۾ تبديل ٿي ويندي. ٻاهر ڀلي ڪيڏي به اس يا مينهن هجي، گهر اندران ڇٽي کولي ٻاهر هرگز نه وڃن. ان کي به نڀاڳ جي نشاني سمجهن. هتي جيڪڏهن ڪو ڏاڪڻ جي هيٺان لنگهي وڃي ته ان کي به سٺو سنئوڻ تصور ڪو نه ڪن. رستو مٽائي ويندا پر ڏاڪڻ جي هيٺان نه لنگهندا.
يورپ ۾ ۱۳ نمبر يا انگ سان ته ڄڻ وير رکن. آيا اهو گهر يا فليٽ جو نمبر هجي يا ڪنهن گاڏيءَ جو، ان جي قيمت بلڪل گهٽ هوندي. اڄڪلهه جيئن ته سال ۲۰۱۳ع هلي رهيو آهي ته آئرلينڊ ۾ ۲۰۱۳ جي جاءِ تي ۲۰۱۳۱ يا رڳو ۱۳۱ گاڏين جي نمبر پليٽن تي الاٽ ڪري رهيا آهن. جيڪڏهن جمعي جو ڏينهن ۽ ۱۳ تاريخ اچي وڃي ته وس آهر شايد هو گهر کان ئي ٻاهر نه نڪرن. چون ٿا ته حضرت عيسيٰ عليه السلام کي جمعي جي ڏينهن ۽ ۱۳ تاريخ تي سوليءَ تي چاڙهيو ويو هو، ان ڪري اهو ڏينهن جيڪڏهن ۱۳ تاريخ تي اچي ته سٺو سنئوڻ نه هوندو.
هتي سئيڊن ۾ به مون ڪجهه گهرن ۾ گهوڙي جو نال ۽ ٿوم ٽنگيل ڏٺي آهي. جرمني ۾ وري جيڪڏهن ڪا پوڙهي عورت صبح سوير ملي وڃي ته سمجهن ته اهو ڏينهن نڀاڳو ٿيندو يا جنهن ڪم لاءِ وڃي رهيا آهن اهو نه ٿيندو. پٽ تي ڀلي چار آنا پيل ڏسندا ته اهو سڪو کڻڻ کان پهريان اڳتي ڪو نه وڌن،. ان سڪي کي ڇڏي ڏيڻ کي به نڀاڳ تصور ڪن. چٻرن کي هونءَ ته يورپ ۾ نڀاڳو پکي ڪو نه سمجهن پر جيڪڏهن چٻرو ڏينهن جي وقت سندن دريءَ ۾ اچي ويهي يا کيس پنهنجي دريءَ مان ٻاهر ڪٿي ڏٺن ته صفا وهم ۾ وڪوڙجي ويندا.
پنهنجا لاهوري ڀائر ته روز سون جي تعداد ۾ جهرڪيون ماري کايو ڇڏين. پر هتي جهرڪيءَ کي مارڻ به وڏو نڀاڳ سمجهن. جيڪڏهن لوڻ استعمال ڪندي پٽ تي هارجي پوي ته اهو به هنن وٽ صحيح نه ٿو سمجهيو وڃي. ابتا ڪپڙا پائڻ کي وري سڀاڳ جي نشاني سمجهن ۽ جيڪڏهن ڪنهن غلطي ۾ ڪا شرٽ (Shirt) يا پينٽ (Pants) ابتي پاتي ته ڏاڍا خوش ٿين. ڪنهن کي تحفي طور جيڪڏهن پرس ڏين ته ان ۾ پهريان ڪجهه پيسا ضرور وجهن، نه ته تحفو وٺندڙ لاءِ اها نڀاڳ جي نشاني سمجهن. پاڻ وانگر هتي به جيڪڏهن هٿ ۾ خارش ٿئي ته سمجهن ته همراهه وٽ پئسا ايندا.
هتي سئيڊن ۾ ماڻهو پنهنجو نالو يا ذات به تبديل ڪري سگهي ٿو. نالو ڀلي ڪهڙو به رکي پر اهو ڪنهن مشهور ماڻهو جو نه هجي. ذات وري هيئن تبديل ٿيندي ته جيڪڏهن ڪنهن جو پيءُ Ohman آهي ۽ ماءُ Lumndgreen آهي ته هو پنهنجي ذات ملائي Lundgreenhoman رکي سگهي ٿو يا وري Lumndman يا پنهنجي پسند جا اکر کڻي ملائي هڪ نئين ذات ايجاد ڪري رجسٽر ڪرائي سگهي ٿو. معنيٰ هتي نيون ذاتيون هر وقت ايجاد ٿينديون رهن ٿيون. بلاول زرداري جيڪڏهن پنهنجي ذات سان گڏوگڏ سندس والده جي ذات ملائي ته ان تي اعتراض ڪرڻ فضول آهي.


No comments:

Post a Comment