اي وزٽ ٽو لاڙڪانا.......
الطاف شيخ
ڪئڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ ٽي ڏينهن رهڻ دوران آ اڄ کان
اڌ صدي اڳ جو زمانو ياد ڪندو رهيس؛ جڏهن ۱۹۵۸ع کان ۱۹۶۳ع تائين آئون ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو
جو شاگرد هوس. اها ئي هن ڪاليج وانگر شهر کان پري رهائش، اهي ئي ميدان ۽ سياري جون
ٿڌيون هوائون، اهو ئي ڊسپلين ۽ اهو ئي وقت جي پابنديءَ تي زور!
هڙتال ڪري شهر جا باقي تعيلمي ادارا ڀلي بند هجن، سرديءَ
ڪري ٻين اسڪولن ۾ ڀلي ٽيچر ۽ شاگرد غير حاضر هجن پر هن ويران ۽ خاموش بستي ۾ هر شيءِ
گهڙيال جي سُئين مطابق ٿيندي رهي ٿي. ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو کي ته فنڊ به گهڻا ئي ملن ٿا،
هر وقت نيوي جو اسٽاف ۽ سهولتون به ملن ٿيون پر حيرت جي ڳالهه اها آهي ته لاڙڪاڻي جو
ڪئڊٽ ڪاليج محدود سهولتن هوندي به نه فقط پيٽارو جي ڪئڊٽ ڪاليج جو پر پاڪستان جي سمورن
ڪئڊٽ ڪاليجن جو مقابلو ڪري ٿو. ڪئڊٽن جو پراپرلي ڊريسڊ هجڻ، سٺو ٽرن آئوٽ، پڙهائي کان
علاوه هنن جو راندين، تقريرن، بحث مباحثن
۽ مضمون نويسي ۾ پڻ حصو وٺڻ....... ڪاليج جي پرنسپال ٻڌايو ته؛ ”لاڙڪاڻي جي هن ڪاليج
جي هر شاگرد کي ڪاليج ڇڏڻ کان اڳ، ترڻ سکڻو ئي پوي ٿو...... ڪاليج کي پنهنجو بهترين
سئمنگ پول آهي، بهترين جِم (Gymnastic
Hall) آهي جنهن جي هر مشين ڪم
ڪري ٿي ۽ بهترين لائبرري آهي..... بلڪ دي بيسٽ آهي....... پاڪستان ۾ ايڏي وڏي لئبرري
ڪنهن ايڪڙ ٻيڪڙ يونيورسٽي ۾ هجي. ڪاليج ۾ ۶۰۰ کن شاگرد آهن جن کي ۽ استادن
کي ڪئمپس اندر ئي رهڻو پوي ٿو، جيتوڻيڪ لاڙڪاڻو شهر ۲۶
ڪلوميٽر ڪو مس آهي.“ پر منهنجي
خيال ۾ اها ڳالهه به شاگردن جي فائدي ۾ آهي ته کين پڙهائڻ وارا روزانو ۲۵ ڪلوميٽر drive ڪري اچڻ
بدران پنجن منٽن جي پنڌ تي ڪئمپس ۾ رهن ٿا. ملائيشيا ۾ پڙهائڻ دوران اسان مختلف ملڪن
کان آيل جهازن جي ڪپتانن ۽ چيف انجنيرن کي پڻ ڪئمپس اندر رکيو ويو هو. هڪ ٽيچر (اسان
جي ئي ملڪ جي ڪئپٽن) شهر ۾ رهڻ جو ضد ڪيو ۽ اهو به چيو ته هو پڙهائڻ لاءِ نيول اڪيڊمي
۾ وقت تي پهچي ويندو. پرنسپال چيس ته؛ ”اهو ته صحيح آهي، وقت تي ته هر صورت ۾ پهچڻو
اٿئي، ويندي ملڪ جو وزير اعظم به پوري اٺين بجي آفيس ۾ پهچيو وڃي، پر ڪلاڪ ڊرائيو ڪري
ڪلاس ۾ پهچڻ سان تو ۾ اها تازگي نه هوندي جيڪا ڪئمپس ۾ رهڻ واري ۾ هوندي. نتيجي ۾ تون
شاگردن کي سٺو ليڪچر نه ڏئي سگهندين.“
لاڙڪاڻي جي ڪئڊٽ ڪاليج جا سمورا شاگرد، ڪاليج جي مختلف
هاسٽلن ۾ئي رهن ٿا. هيترن شاگردن جي هڪ ئي وقت، هڪ ئي قسم جي ماني ٽڪيءَ جو بندوبست
ڪرڻ ۽ هڪ ئي وقت تي کارائڻ، ڪو آسان ڪم ناهي. شاگردن جا ٻه ٽي ڪمرا ڏٺم...... بيحد
ٽِپ ٽاپ...... هر شيءِ پنهنجي جاءِ تي..... هر هڪ لاءِ پنهنجو ٽيبل، ڪرسي، لئمپ وغيره.....
”سائين سخت زندگي آهي.....“ منهنجي پڇڻ تي هڪ
شاگرد چيو..... مونکي لڳو ڄڻ اهو جملو مون پهرين به ٻڌو هجي..... ڪنهن فلم يا ڊرامي
۾ نه پر ريئل لائيف ۾! ۽ اهو جملو آئون ئي ته چوندو هوس جڏهن آئون هنن وانگر ڪئڊٽ هوس.
هڪ ڏينهن شامَ جو، ڪاليج جو پرنسپال مون کي لاڙڪاڻو
شهر گهمائڻ وٺي هليو. ڪاليج ۽ ان جي آس پاس جو ٻهراڙي وارو علائقو جهڙو ناروي، سئيڊن.....
پري پري تائين چهچ ساوڪ ۽ هوا ۾ سڳنڌ، خاموشي ۽ سڪون.....! شهر ۾ گهڙڻ سان ائين لڳو
ڄڻ قاهري جي بازار ۾.... ڄڻ چٽگانگ جي ”بپن بتني“ مارڪيٽ ۾.... گوڙ گهمسان، ڌوڙ، ڌپ،
دونهون، چنگچين ۽ ڪارن جي هارن ۽ ريڙهي وارن جي هوڪن ۾ دماغ ٿي چڪرايو. اهو به شڪر
جو اسان واري ڪار هلائڻ، ڊرائيور جي مٿي جو سور هو...... سپنا هوٽل، پرنس چرغا، مهراڻ
آئيس ڪريم، سارنگ هيئر ڪٽ، دليپ سوئيٽس، مُون آپٽيڪل، لاڙڪاڻا بيڪري، امداد ڊينٽل.....
هر جڳهه ماڻهن جا انبوهه، هر جڳهه انڪروچ مينٽ.... هر جڳهه گندگي....! منهنجي خيال
۾ اهي والدين خوش نصيب آهن جن جا ٻار شهر کان پري هن ڪاليج ۾ پڙهن ٿا. هو هڪ پوليوشن
فري ماحول ۾ رهن ٿا، هنن جي روزانو پڙهائي ٿئي ٿي، هنن کي راندين کيڏڻ جو موقعو ملي
ٿو ۽ هو هيڏانهن هوڏانهن گهٽين ۾ رُلڻ بدران هڪ سٺي ماحول ۾ وقت گذارين ٿا..... رهيو
سوال ڊسيپلين ۽ سختيءَ جو سو مائٽن کي به اهو معلوم هئڻ کپي ته اهي ئي سختيون سندن
ٻارن کي مضبوط ۽ مصيبتن کي منهن ڏيڻ سيکارين ٿيون.
آچر ڏينهن صبح جو واڪ ڪندي پرنسپال جي آفيس ٻاهران
لنگهيس ته بتيون ٻري رهيون هيون. اندر گهڙيس ته هو ڪم ۾ مصروف هو. ”در اصل توهان جي
۽ توهان جي ٽيچرن جي محنت ۽ Devotion ڪري هن ڪاليج جا شاگرد هر فيلڊ
۾ سرخرو ٿيا آهن.“ مون چيومانس. لاڙڪاڻي جي هن ڪاليج جي سٺي نالي هجڻ ڪري مون کي ڪيترن
سالن کان ڏسڻ جو ڏاڍو شوق هو. هي ڪاليج پيٽارو جي مقابلي ۾ بيحد نئون آهي پر مونکي
حيرت ٿيندي آهي جڏهن هن ڪاليج جا شاگرد آرمي، ايئرفورس ۽ نيوي کان علاوه، سول سروس،
ميڊيڪل ۽ انجيئرنگ جي هر فيلڊ ۾ به نظر اچن ٿا. دراصل شاگردن جي ڪاميابي...... اهو
لکندي مون کي پنهنجا ڪجهه استاد ياد اچن ٿا.... عبدالله خادم حسين جيڪو پوءِ فيڊرل
سيڪريٽري به ٿيو، ڪورس جا ڪتاب پڙهڻ کان علاوه ناول پڙهڻ لاءِ به زور ڀريندو هو....
ڪئپٽن عالم جان محسود جيڪو جرنل ٿي رٽائرڊ ٿيو، اسان کي هر وقت انگريزي ڳالهائڻ لاءِ
زور ڀريندو هو. ”انگريزي بين الاقوامي زبان آهي.... ان بنا ترقي ڪرڻ مشڪل آهي.... ويندي
عرب، جپاني ۽ ترڪ به انگريزي پويان آهن.“ ۽ پرنسپال ڪرنل ڪومبس جي ته اها خواهش هوندي
هئي ته اسان جي زندگيءَ جو هڪ هڪ منٽ، سندس خواهش موجب گهاريو وڃي.... ۽ سندس خواهش
ڇا هوندي هئي ته اسان شاگرد گهڻي کان گهڻو پڙهون به، پي ٽي پريڊ به ڪريون، رانديون
به کيڏون، ترڻ ۽ گهڙي سواري به سکون، پنهنجن ڪمرن کي صاف به رکون...... سڀ کان وڏي
ڳالهه ته موڪلون ته هرگز نه ڪريون......
فرسٽ ييئر يا شايد انٽر ۾ هئاسين ته اعلان ڪيائين ته؛
”۲۵ ڊسمبر
تي به ڪلاس ٿيندا.“ اسان جو ته اندر ئي سڙي ويو. عيسائي ٿي، پاڻ ته ڪرسمس ڊي نٿو ملهائي،
اسان کي قائدِ اعظم جي جنم ڏينهن جي به موڪل نٿو ڏئي. ڪلاس جا ٽي چار چڱا مڙس، جن
۾ مون کي به شامل ڪيو ويو، پرنسپال جي آفيس ۾ آياسين. ”سائين اڄ باباءِ ملت جو ڏينهن
آهي. اڄ اسين ڪلاس اٽينڊ ڪرڻ نٿا چاهيون.“
”ڇو ڀلا...... ان سان توهان کي ڪهڙي تڪليف ٿيندي؟“
هن پڇيو؛ ”ڇا جواب ڏيونس.“
آخر سوچي سوچي چيوسينس: ”سائين اسان کي ته نه پر اسان
جي ملڪ جي باني قائد اعظم جي روحَ کي تڪليف
ٿيندي ته اڄوڪي ڏينهن تي به اسان ڪلاس پيا اٽينڊ ڪريون“
اسان جي پرنسپال در ڏي اشارو ڪري چيو؛ ”چڱو هاڻ هلو،
هلي ڪلاس ۾ وهو. قائدِ اعظم جي روح کي تڪليف نه پر خوشي ۽ سڪون ملندو ته سندس سست قوم
محنت ڪري رهي آهي.“
لڳي ٿو ته ڪئڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻي جي شاگردن سان به ساڳيو
حال آهي...... پر يقينن هي سختيون ۽ محنتون کين املهه ماڻڪ بڻائينديون.
No comments:
Post a Comment