ڍاڪا
جي گهٽين مان
شميم
مري
بنگلاديش جي وزٽ دوران، گهڻن دوستن زور ڀريو پئي ته
موٽي اچي پنهنجا بنگلايش ۾ گهاريل اهي پل سفرنامي جي صورت ۾ سهيڙيان. چوڻ لاءِ ته کين
ها ڪيم پئي پر ذهن اندر ئي اندر ان ڳالهه کي مڃيو نه پئي، وجهه....؟ اها ئي، هڪ ته
هي وزٽ صرف هڪ ورڪشاپ جي سلسلي ۾ هُئي، سو منهنجو گهڻو وقت ته بند ڪمري ۾ ورڪشاپ ۾
گذرڻو هو ۽ ٻيو ته دوران هن وزٽ جي، مون وٽ ڍاڪا کان ٻاهر گهمڻ لاءِ ڪو Option نه هو
۽ منهنجو گهڻو وقت ڍاڪا جي ان علائقي ۾ گذرڻو هو، جت گهڻي ڀاڱي بنگلاديش جو مٿيون طبقو
رهيو پئي. سو جڏهن مان درمياني ۽ هيٺين طبقي مان ڪنهن سان ملي نه پئي سگهيم ته پوءِ
آخر سفرنامو لکان به ته لکان ڪيئن؟
دل ۾ گهڻي ڀاڱي اهو طئي ڪري ڇڏيو هُئم ته ڪجهه نه لکبو
ته اچانڪ هڪ خيال ذهن ۾ آيو ۽ اِهو خيال هوٽل روم ۾ صبح مهل اخبار پيل ڏسي آيم. سوچيم
ته هڪ ئي وقت روز جيڪڏهن ٽن چئن اخبارن کي اک مان گذاربو پيو ۽ هوٽل ۾ ڪم ڪندڙ هيٺين
ملازمن سان ٿوري گهڻي ڪچهري ڪبي ته سفر نامو نه سهي هڪ آرٽيڪل ضرور لکي سگهبو. جيئن
ته ورڪشاپ جي ختم ٿيڻ جو ٽائيم بنگالي وقت مطابق 4:30pm هو، سور
روز 5pm کانپوءِ ٻاهر نڪرڻ جو پروگرام پيو ٿيندو هو. پهرين
ڏينهن جڏهن اڃان ڍاڪا کان ايتري واقفيت نه هُئي ته هوٽل جي گاڏي تي هڪ مقامي مارڪيٽ
۾ ويا هئاسين، ان مارڪيٽ ۾ بنگالي مردن ۽ عورتن جي هٿ جون ٺهيل شيون (Handicraft) رکيل هيون. بقول ڊرائيور جي ته اُها مارڪيٽ هوٽل کان بمشڪل 12 کان
20 ڪلوميٽر جي پنڌ تي هئي، پر اسان کي اُتي پهچڻ ۾ هڪ ڪلاڪ ۽ 25 منٽ لڳا هُئا. سبب...؟
ٽريفڪ جام. اُتي وڃي احساس ٿيو ته ڪراچي جي ٽريفڪ، ڍاڪا جي ٽرئفڪ جي حوالي کان سؤ ڀيرا
بهتر آهي. بدترين ٽريفڪ جام هُجڻ جي مسئلن جي باوجود ڪٿي به ڪي فلاءِ اوور برجس نظر
نه آيون. سواءِ ڪٿ ڪٿ نالن جي مٿان ٺهيل پُلن جي. هڪ هنڌ فلاءِ اوور جو ڪم هلندڙ نظر
آيو، پر ان پل جي ڪنسٽرڪشن جي Quality تي به آئي ڏينهن اخبارن ۾ سوال
اُٿاريا پئي ويا. ٽريفڪ جي حالت ڏسي پهرين ڏينهن ئي واپسي تي ٻاهر نڪرڻ کان ذري گهٽ
توبهه ڪئي سين. پر چوندا آهن ضرورت ايجاد جي ماءُ آهي، سو اسان به ان مسئلي جو حل جديد
ٽيڪنالوجي ۾ وڃي ڳولي هٿ ڪيو.
ٻئي ڏينهن بنگالي ڪوليگس کان 10، 12 ڪلوميٽر Surrounds جا مشهور Places جا نالا
وٺي موبائلن ۾ پيل GPS ۾ وڌاسين ته سڀ Places اسان جي
اڳيان. سو GPS تان روڊ رستن جي رهنمائي وٺندا پنڌ ئي پنڌ گهرُبل
هنڌن تي پهچي ويندا هئاسين. جديد ٽيڪنالوجي سچ ته زندگي آسان ڪري ڇڏي هئي. گروپ ۾ ڪنهن
هڪ کي اڳواڻي ڏبي هُئي ته هو موبائل هٿ ۾ رکي اڳيان اڳيان هلندو رهي، باقي سڀ پٺيان.
موبائل اسان مان صرف هڪڙو ئي هٿ ۾ رکندو هو ۽ اِهو گهڻي قدر لاڙڪاڻي جو کهڙو هو, باقي
اسين موبائل کيسي يا پرس ۾ رکي ڇڏيندا هئاسين ۽ پهرين ڏينهن کان ئي اداري جي سيڪيورٽي
پرسن (بنگال ۾ مقرر) تنبيهه ڪئي هئي ته اسٽريٽ ڪرائيم ڍاڪا ۾ به ڪراچي وانگيان عام
آهي. سو ٻاهر نڪرندي مڙئي ڪجهه سوايو محتاط هوندا هئاسين. جيئن ته بنگال ماضي ۾ پاڪستان
جو حصو رهي چڪو هو، سو الائي به ڇو غير ارادي طور ئي سهي هُنن منجهه پاڻ کي، پنهنجائپ
کي ڳوليم پئي پر ڇا چئجي ۽ انهن ۾ پنهنجائپ ته ملي پر پاڻ نه، اڌڙوٽ پوڙهن کي ڇڏي باقي
نئين نسل کي جديد دور جي ڀڄ ڀڄان ۾ اِها فرصت ئي نه هئي ته ڪو ويهي پراڻي ماضي کي پڙهن
۽ اُن تي سوچين ۽ پوءِ وري اهڙوئي react ڪن. بلڪه
پراڻن پوڙهن يا اڌڙوٽ ماڻهن سان به جڏهن مليم ته انهن به اهو معلوم هُجڻ بعد ته اسين
پاڪستان مان آيل مهمان آهيون ته اُن تي اسان جي ماضي جي تلخ تاريخ تي اسان کان نفرت
ڪرڻ بجاءِ اسان کي سندي ملڪ جو مهمان چئي اسان سان ائين قربائتا مليا جيئن هو ٻين ملڪن
جي شهرين سان مليا پئي. ها باقي الڳ ڳالهه ته دورانِ ڪچهري انهن پوڙهن اڄ به بنگال
جي پاڪستان کان عليحدگي جو سبب اولهه پاڪستان جي فوجي حڪمرانن، اسٽيبلشمينٽ، گڏوگڏ
ٿوري گهڻي تي ان وقت جي Communication
gaps ۽ اولهه، اوڀر پاڪستان جي
distance کي به قرار ڏنو پئي.
ماڻهو جڏهن هڪ ملڪ کان ٻئي ملڪ ۾ وڃي ٿو ته الائي ڇو
هو شين کي Comparison (ڀيٽا) جي اک سان پيو ڏسڻ لڳندو آهي. هاڻ پڙهندڙن
مان ڪير ائين ڪري ٿو الائي نه پر منهنجي اِها عادت رهي آهي. ايستائين جو مان پاڪستان
۾ به هڪ صوبي کان ٻئي صوبي ۾ سفر ڪندي آهيان ته اُتي به هنڌن، شين ۽ ماڻهن جي هڪٻئي
سان پئي ڀيٽ ڪندي آهيان ته ڪهڙي شيءِ يا هنڌ ڪٿي وڌيڪ بهتر آهي. ڪهڙا ماڳ ڪٿي بهتر
حالت ۾ موجود آهن ۽ ڪٿي جي ماڻهن جون طبيعتون ڪيترو هڪٻئي کان مختلف يا بهتر آهن. سو
اُها ئي ڀيٽ پهرين ڏينهن کان مان ڍاڪا ۾ به ڪرڻ شروع ڪري ڇڏي هُئي. ايئرپورٽ کان ٻاهر
نڪرندي ئي اک اُتي جي سيڪيورٽي گارڊن تي پئي، رنگ جا پڪا ڪڻڪائي ۽ قد جا ننڍڙا بندرا
گارڊ هٿ ۾ بندوقون کڻي بيٺل هُئا. سوچيم هي اهلڪار جيڪڏهن پاڪستان ۾ هُجن ته هوند چورن
۽ ڦورن کي محنت ئي نه ڪرڻي پوي. بس هنن گارڊن لاءِ اسان واري پاسي جي ڦورو جا ٻه ٿڦڙ
ئي کوڙ هوندا. پر جيڪا شيءِ سُٺي هُئي اها هُئي ته سيڪيورٽي گارڊن کان وٺي عام ماڻهن
تائين ڪنهن کي به سيڪيورٽي متعلق پريشان نه ڏٺم ۽ نه وري دورانِ سڄو هفتو ڪٿي به ايندي
ويندي ڪا به چيڪنگ ٿيندي ڏٺم. ان جو سبب شايد اِهو هو ته هُتي پاڪستان وانگيان نه طالبان
هُئا نه وري اسان وانگيان اُهي هر وقت حالتِ جنگ ۾ هُئا، نه ڪٿي بم ڌماڪو پئي ٿيو نه
وري ڪراچي وانگيان ڍاڪا ۾ ڪا دهشتگردي هُئي، باقي سياست ۽ سياستدانن وارا حال ساڳيان
پاڪستان جهڙا ئي هُئا. ڀلا ڪٿي ته مشابهت هُئي.
عام ماڻهو اڄ جي حسينه واجد کان به اوترا ئي بيزار
هُئا جيترا بيگم ضياءَ کان. جيئن ته پاڻ وٽ پ پ ۽ (ن) ليگ کانپوءِ عمران خان جي پي
ٽي آءِ نئين پارٽي ٿي آ، پر بقول بنگالين جي وٽن اڃان ڪو ٻيو Option ناهي، سواءِ
بيگم ضياءَ ۽ حسينه واجد جي عوامي پارٽي جي. هو چون ٿا ته ڪنهن حد تائين مذهبي جماعتن
لاءِ Vacuum آهي پر عام بنگالي جي باوجود
مذهبي جماعتن لاءِ همدردين جي هو کين طاقت ۾ ڏسڻ نه ٿا چاهين ته ڪٿ بنگال کي به اُهي
مذهبي جماعتون ٻيو پاڪستان نه ڪري ڇڏين. 50 سالن جو اڌڙوٽ افتخار جيڪو مڙيوئي تاريخ
کان سٺي نموني واقف هو، ان سان سُٺي دعا سلام ٿي وئي هئي. دورانِ گفتگو ٻڌايائين ته
توڻي جو جديد دور جي وهڪري ۾ وهي ڪري اسان پنهنجا اسلامي، شهري ۽ سماجي قدر ۽ Value وڃائڻ جي
حق ۾ ناهيون پر اِهو به نه پيا چاهيون ته انهن Value لاءِ اسان
وٽ به طالبان جهڙن اسلامي حامين جي حڪمراني قائم ٿئي.
توڻي جو اڄ جي بنگلاديش تي، بنگالين جي اٿڻي ويهڻي
۽ ڊريسنگ تي گهڻو تڻو ڪلچرلي ۽ سماجي اثرات انڊيا جا وڌيڪ نظر پئي آيا پر جيئن ته بنگلاديش
ڪڏهن East Pakistan طور سڃاتو، لکيو ۽ پڙهيو ويو
سو انهن جي مزاجن تي به اسان جي ماڻهن جيان گرمي مڙيو ئي سوايو هئي. ڍاڪا جي روڊن تي
گاڏي اڳيان ڪڍڻ جي چڪر ۾ ڊرائيورن کي هڪٻئي سان گٿم گٿا ٿيندي ڏٺو هوندو، اُتي جي پوليس
به اسان پاڪستانين وانگيان عام شهرين ۽ شاگردن تي لٺ بازي ۾ مصروفِ ڪار ملي. ڍاڪا يونيورسٽي
اڳيان اسٽالن، لوڪ هٿ سان ٺهيل (handicraft) شيون
ڏسي ڊرائيورن کي گاڏي بيهارڻ لاءِ Request ڪئي سين ته ويچاري ڊرائيور
سيڪيورٽي جا سبب ڄاڻائي excuse ڪيو. وجه...؟ شاگردن جو احتجاج
۽ پوليس. هوٽل پڳاسين ته ٽي وي جي هيڊ لائينز ۾ شاگردن تي ٿيندڙ لاٺي چارج کي بار بار
ڏيکاريو پئي ويو.
ڍاڪا ۾ به اسان وانگيان پوش علائقا، اُهي به سون ايڪڙن
جي حساب سان بري ۽ بحري فوج جي قبضي ۾ نظر آيا. جتي ڪٿي انهن جون بيرڪون ۽ بلڊنگون
پئي نظر آيون. رياستن فوج ٺاهي کين هٿيار ڏنا هئا ته جيئن عوام جي حفاظت ڪن پر ڇا ڪجي
جو هٿيارن جي ملڻ ۽ ڊسيپلينري ٽريننگس هنن کي ايترو مضبوط ڪيو ۽ کوڙ سارين رياستن
۾ ته رياستي سربراهه کانئن پڇن به نه پيا ته حفاظت بجاءِ زمينن ۽ اقتدارن تي قبضا ڇو؟
پر اِها جرئت ڪري به ته ڪير ڪري. مصر ۾ هڪ دفعو وري فوج جي بغاوت ۽ روز مرندڙ ماڻهو
ڏسي ذهن ۾ سوال اُٿندو آهي ته عالمي ادارا چپ ڇو....؟ هنن جي ضميرن کي چهنڊڙي ڇو نه،
جو فوج کي چون ته ٻيهر بيرڪن ۾ وڃو ۽ عوام کي راءِ جو حق ڏيڻ ڏيو.
پاڻ ڳالهه پئي ڪئي اُتي جي ماڻهن جي مزاج جي. ٽائيم
Management ڇا هوندي آ، ان جو احساس پرائي
ديس ۾ وڃي پيو ٿيندو. ائين هو ته جتي به وڃبو هو ته هر هڪ کي گهمڻ ڦرڻ جي مڪمل آزادي
ڏبي هئي. ٿيندو ائين هو ته ڪو هڪ هنڌ ۽ ٽائيم مقرر ڪبو هو ته ٺيڪ هن وقت تي سڀ واپس
هتي ئي اچي بيهجو ته پوءِ گڏجي هوٽل ڏي واپسي ڪبي هئي. هڪ دفعو هڪ شاپنگ مال ۾ وياسين.
طئي اِهو ٿيو ته ٺيڪ ست وڳي ڍاڪا جي ٽائيم تي شاپنگ مال جي ٻاهر گڏ ٿبو. سڀ خريداري
ڪري ساڳي هنڌ پڳاسين پر ست کان ست 45 ٿيا پر ٻه ڄڻا نه موٽيا، انهن ۾ هڪ گروهه جو سربراهه
به هو. انتظار ڪري ڪري ٿڪجي پيا هئاسين ته مس مس ٻئي ڄڻا ظاهر ٿيا. ڏسون ته گروهه جي
سربراهه جو منهن لٿل آ. ڪارڻ پڇيوسين ته جواب تي کل ڇٽي پئي سڀني کان. ويچارو سربراهه
6:46pm تي شاپنگ کان فارغ ٿي سوچيائين ته نماز پڙهي وٺان.
نماز پڙهي فارغ ٿي موٽيو ته بوٽ غائب. هڪ همراهه اڳي ئي ڪنجوس ٻيو وري پرديس ۾ ٺاهوڪو
بوٽ وڃائجي ويس ته صفا منهن ئي لهي پيس. ’مرتا ڪيا نه ڪرتا‘ ويچاري وري هزار ٽڪا جي
چٽي ڀري ٻي چپل ورتي. اِهو ڏينهن وري واپسي جو ڏينهن جڏهن به نماز پڙهڻ ويو هوندو هوٽل
جي چپل سان ويو هوندو. سو بنگالين وارا حال به پاڻ جهڙا ئي هئا. مسجدون ماڻهن سان ڀريل
پر جوتن جي چوري عام. اڪانامي جي حوالي سان ڏسجي ته ڍاڪا اسان کان گهڻو اڳيان نظر آيو.
بئنڪن جون جيتريون برانچز مون ڍاڪا ۾ قطار در قطار ڏٺيون ايتريون ته ڪڏهن ڪراچي يا
اسلام آباد ۾ به نه ڏٺيون هونديون. ائين پئي لڳو بئنڪون نه هُجن ڪي ڪپڙن ۽ دڪانن جون
قطارون، جيڪي ميلن تائين پکڙيل هُجن. سيڙپ اُتي ٿيندي آ، جتي هڪ طرف Potential هجي ته ٻئي طرف جان وَ مال جو امان ۽ انرجي ڪرائيسز
نه هُجن. اِها ته بعد ۾ خبر پيم ته انرجي ڪرائيسز جي ڪري فيصل آباد مان انڊسٽريون بنگلاديش
منتقل پيون ٿين. خبر ناهي ته ان ۾ ڪيتري سچائي آهي، پر جي اها ڳالهه سچ آهي ته انتهائي
ڳنڀير صورتحال چئبي باقي بنگلاديش سندي مڊل ڪلاس هُجڻ ۽ ان ۾ شعور هجڻ سبب پاڪستان
کان الڳ بيٺو آهي. ڍاڪا جي روڊن تي مڊل ڪلاس ڳوليندي رهيس، پر الائي ڇو مون کي اُتي
مڊل ڪلاس ڳوليو نه پئي لڀي. يا ته اپر مڊل ڪلاس يا الٽ ڪلاس هو يا وري انتهائي غريب
ڪلاس. باقي مڊل ڪلاس (لور مڊل ۽ مڊل جو مڊل) ته ڄڻ هو ئي ڪونه. شايد مان غلط هُجان
پر مون ائين ڏٺو. هُتي جي غربت اسان کان گهڻي وڌيڪ هُئي. پاڻ وٽ غربت سببان ٻار ۽ پوڙها
فوٽ پاٿن تي ملندا پر هُت ٽولين جي صورتن ۾ عورتون فٽ پاٿن تي سُتل مليون. باوجود حڪومتي
۽ اين جي اوز جي ڪوششن جي غربت پنهنجي ڀيانڪ صورت ۾ ڍاڪا جي گلين ۽ چوراهن تي موجود
هُئي.
No comments:
Post a Comment