پراگ جو
ميوزيم ۽ مخملي انقلاب
اسحاق
انصاري
ابرار مري، منهنجي ٻانهن کي ڌوڻي رهيو هو ڇو جو مان
ته پنهنجن خيالن ۾ ئي گم هيس. هن لهڻ جو چيو، اسان ٽرام تان لهي وري ڏاڪڻين جي ذريعي
هيٺ زمين دوز ٽرين جنهنکي ٻين ملڪن ۾ ڪٿي ان کي انڊر گرائونڊ سڏيو وڃي ته ڪٿي ٽيوب
کي ميٽرو سڏيندا هيا جي اسٽيشن ۾ داخل ٿياسين. ميٽرو جون اسٽيشنون به سٺيون ۽ صاف سٿريون
هيون. ان جو اندازو ته مون کي گھڻو ڪونه هيو ته ٻين ملڪن ۾ اهڙي زمين دوز سواري جي
حالت ڇا آهي پر ڪجھه وقت کان پوءِ اسان جي هڪ دوست علي رضوي جيڪو لاهور جو هو ۽ انجينرنگ
۾ پڙهندو هو ته هنجي فيملي چيڪوسلوواڪيا گھمڻ آئي هئي. هن جو پيءُ جيڪو پاڻ به وڏو
سياح آهي ان ٻڌايو هو ته پراگ جون ميٽرو ۽ ان جو اسٽيشنز ڪافي صاف سٿريون آهن ۽ انگلينڊ
۽ آمريڪا جي مقابلي ۾ به بهتر آهن. خير اسان ميٽرو ۾ چڙهياسين، جھٽ ئي نه گذري ته اسانجو
اسٽاپ “ميوزيم” اچي ويو، وري مٿي وڃڻ واري ڏاڪڻ يا ايسڪيليٽر جي ذريعي مٿي آياسين.
جيئن ئي اسٽيشن کان ٻاهر نڪتس ته منهنجي لاءِ ته دنيا ئي ٻي ٿي وئي. چوڌاري مختلف آرڪيٽيڪچر
جون شاهڪار عمارتون موجود هيون جن کي ڏسڻ سان ئي ماڻهو هڪ جادوئي دنيا ۾ گم ٿي وڃي
ٿو. سامهون وري هڪ ڪشادو رستو هو جنهن جي ٻنهي پاسن کان گاڏين لاءِ روڊ هو ته وري وچ
تي پيدل هلندڙن لاءِ جڳهه هئي جيڪا ٻنهي روڊن کي پاڻ سان ملائڻ کان پوءِ به ڪشادي هئي،
انهن جي وچ ۾ گل گلزاري به ٿيل هئي. رستي جي هڪ ڇيڙي تي هڪ وڏو بت لڳل هو، گھوڙي تي
ويٺل همراهه هٿ ۾ نيزو کنيو ويٺو هو، ميان ابرار مريءَ ٻڌايو ته اهو سينٽ واتسلاو جو
مجسمو آهي، جيڪو اصل ۾ ته ۱۰
صدي ڌاري چيڪ جو بادشاهه هو
پر سازش ڪري کيس سندس ننڍي ڀاءُ مارائي وڌو، جيڪو بنيادي طور تي خراب ماڻهو هو ۽ هاڻي
ان ڪري تاريخ ۾ هن کي لکندا ئي آهن سٺو بادشاهه ۽ سندس ڀاءُ کي سڏين ئي ڪِنو بادشاهه...
اهو مجسمو ۱۸۸۷ کان
ٺهڻ شروع ٿيو، چئني ڪنڊن تي وري ٻين چئين مختلف مَذهبي ۽ تاريخي ڪردارن جا مجسما آهن.
ان رستي کي سڏين به واتسلواسڪي ناميستي يعني واتسلا اسڪوائر يا بولوارد. ان مجسمي جي
پويان وري رستو آهي ۽ رستي جي ٻي ڀر وري هڪ عاليشان عمارت نظر اچي ٿي جيڪا قومي عجائب
گھر آهي. اها عمارت آرڪٽيڪچر جي نيوڪلاسيڪل طرز تي آهي. نيوڪلاسيڪل آرٽ ۽ آرڪيٽيڪچر
جي تحريڪ ۱۸ صدي
۾ هلي، جنهن ۾ روم ۽ يونان جي پراڻي آرٽ ۽ آرڪيٽڪيچر مان اتساهه وٺي ان ۾ ٿوري تبديلي
ڪري آرٽ ۽ آرڪيٽيڪچر ۾ استعمال ڪيو ويو.
چيڪ عجائب گھر ڏسڻ سان به ماڻهو گھڙي کن لاءِ خاموش
ٿي وڃي ٿو. ان عمارت جو آرڪيٽيڪچر، شان ۽ دٻدٻو تمام گھڻو متاثر ڪري ٿو. اها عمارت
۱۸۱۸ ۾ ٺهي، هن وقت به اندازن هڪ ڪروڙ چاليهه لک تاريخ
جا مختلف سامان ان ميوزيم ۾ رکيل آهن. عمارت جي وڄ تي هڪ ٽاور ٺهيل آهي جنهن کان ٻه
ننڍا ٽاور وري ٻنهي ڇيڙن تي آهن. ابرار مريءَ مون کي چيو ته هل ته پهرين ميوزيم ٿا
ڏسون پوءِ وري اتان پنڌ ئي پنڌ شهر جي ٻين حصن کي گھمي ڏسون ٿا. اسان روڊ ڪراس ڪرڻ
جي بجاءِ انڊر پاس کان ٿي ٻي ڀر آياسين، ميوزيم جي پٿرائين ڏاڪڻ چڙهي جڏهن هيٺ نظر
ڪئي ته سامهون واتسلاو چونڪ جو پورو منظر اڳيان هو. اتي بيهڻ سان ڪافي مزو پئي آيو
پر مزو ته ان جوڙي کي وڌيڪ آيو هوندو، جنهن ۾ ڇوڪري، سونهري وارن واري سنهي چيلهه واري
قنڌاري ڏاڙهونءَ جهڙي ڇوڪريءَ کي مٿي ڀت تي بيهاريو ۽ پاڻ ان جي پويان لڳي بيٺو ۽ ٻنهي
پنهنجا هٿ پکيڙيا، هو ٽائٽنڪ فلم جي ڪاپي ڪري رهيا هيا جنهن ۾ ڪيٽ ونسليٽ کي ردو اکين
تي هٿ رکي ٻاهر جهاز جي ريلنگ تي بيهاري سندس هٿ کولي جڏهن اکين تان پنهنجا هٿ هٽائيندو
آهي ته هوءَ سامهون رڳو سمنڊ ۽ آسمان کي پسي مزو ماڻيندي آهي. ان وقت به اها ڇوڪري
اهو محسوس ڪري رهي هئي يا ڪجھه ٻيو پر اسان جي احساسن کي ضرور ضرب هڻي رهيا هيا. اهڙن
موقعن تي مان مذاق مذاق ۾ دوستن کي چوندو آهيان ته “ڪن پاڻ مستي، پوءِ جي اسان ڪجھه
ڪيون ته ڏوهه وري انصارين تي“، اها ڳالهه منهنجن دوستن ۾ ڪافي مشهور ٿي آهي. هڪ ڀيري
ته عابد مظهر ڪراچي يونيورسٽي ۾ هڪ سهڻي ڇوڪري، جيڪا هن جي سامهون سنهي چيلهه کي لوڏيندي
وڃي رهي هئي ان کي ڏسي چيو هو “نمونا ڪن پاڻ، باقي ڏوهه انصارين تي”، جنهنتي ڇِرڪي
هن کي ڏٺو هو ۽ پڇيائينس “سر، اوهان ڪجھه چيو؟”. هن به کيس جواب ڏنو ته هڪ محاورو ياد
اچي ويو هو. ڇوڪري به سنڌي سبجيڪٽ جي هئي سو سندس ڳچي ۾ پئجي وئي ته محاورو ٻڌايو پر
هاڻي اهو کيس ڪيئن ٻڌائي، انڪري هن لنوائيندي کيس چيو ته “مان اوهان جي لوڪ ادب واري
استاد کي ٻڌائي ڇڏيندس هو اوهان کي ٻڌائيندو به ۽ سمجھائيندو به”.
اسان ميوزيم ۾ داخل ٿياسين ته اندر هڪ هال هو جنهن
مان وري مٿي ٻنهي پاسن کان ڏاڪڻيون پيون وڃن. اهو حصو به تمام خوبصورت هو. ان جي چوڌاري
ڪٽهڙي تي بت لڳل هيا، ان کان علاوهه محراب به سنيگاريل هيا ته وري ٿنڀا به پالش ٿيل
پٿر جا هيا. هيٺ زمين تي ريڊ ڪارپيٽ هو، ته مٿان وري ڇت ۾ خوبصورت شينڊلر(فانوس) لڳل
هو. انڪري ايئن محسوس ٿي رهيو هو ته ڪنهن ميوزيم ۾ اچڻ جي بجاءِ ڪنهن محلات ۾ اچي ويا
آهيون. ان ئي سحر ۾ هيس ته مريءَ چيو؛ “ڀلا ميوزيم جون مختلف گيلريون ڏسون”.
هن ميوزيم ۾ ٿلهي ليکي چئجي ته ڇهه مُک حصا يا ڊپارٽمينٽ
آهن. جن ۾ هڪ ته آهي اوائلي تاريخ جو آهي، جنهن ۾ هزارين سالن جون قديم شيون پيل آهن.
جنهن ۾ نه رڳو چيڪوسلوواڪيا جون شيون پيل آهين پر يورپ جي ٻين ملڪن جون به تاريخي شيون
۽ معلومات رکيل آهي. ٻيو حصو وري ڪلاسيڪل آرڪيالوجيءَ جو آهي جنهن ۾ به چيڪوسلوواڪيا
جي آرڪيالاجي جي باري ۾ ڄاڻ رکيل آهي. ملڪ جي مختلف هنڌن تي ٿيل کوٽائي جا تفصيل به
آهن ته اتان مليل، سڪا، ٺڪراٺو، زيور، ٽائيلس، ۽ ٻين شين کان علاوه چينيءَ ۽ شيشي جا
ٿانو به رکيل آهن. اهڙي ريت وري ايٿنوگرافي واري حصي ۾ چيڪوسلوواڪيا ۽ يورپ جي مختلف
ملڪن جي باري ۾ ڄاڻ، اتان جي تاريخ، تهذيب، ثقافت جي باري ۾ انگ اکر رکيل آهن. پر گھڻو
ڌيان سلاو قومن جي باري ۾ ڏنل آهي. انکان علاوهه، هڪ ڊپارٽمينٽ ۾ سڪا رکيل آهن جيڪي
پراڻي زماني کان وٺي اڄ تائين جي باري ۾ آهن نه رڳو سڪا پر مختلف انعامي يا يادگار
ميڊل يا ٻلا به رکيل آهن. منهنجي دلچسپي وري ٿيئٽر واري حصي ۾ به وڌي، جيڪي مونکي ٻين
ميوزيمن ۾ گھٽ ملندا آهن. ان ۾ ٿيئٽر جي تاريخ، ان سان لاڳاپيل شيون، جن ۾ پوشاڪون،
پتليون، ماسڪ، ميوزڪ، وغيره رکيل آهن. مطلب ته ڀرپور هڪ ميوزيم آهي جنهن ۾ جيڪڏهن تفصيل
سان هڪ هڪ شئي جو مطالعو ڪجي ته ڏينهن لڳي وڃن، پر اسان ٽن ڪلاڪن ۾ گھمي ٻاهر آياسين،
حقيقت ۾ ڄڻ ٽرڙو چڪر هنيوسين. خير اسان ٻنهي پاڻ ۾ اهو طئي ڪيو ته وري ڪنهن دفعي ان
کي تفصيل سان گھمبو، پوِءِ اسان ان جو پوراءُ ايئن ڪيو ته جڏهن به ڪو مهمان ايندو هو
۽ ان کي ميوزيم گھمائڻي هوندي هئي ته اسان ڪو هڪ حصو تفصيل سان گھمندا هياسين، باقي
ٻين حصن جو تڪڙو تڪڙو چڪر هڻندا هياسين، اهڙي ريت ميوزيم جي باري ۾ پوري ڄاڻ حاصل ڪئيسين.
جڏهن اشتياق انصاري، چيڪوسلوواڪيا آيو هو ته اسان ته ٿوري وقت کان پوءِ ٿڪي پيا هياسين
پر کيس ميوزيم ۾ ڇڏي اچي ٻاهر ڪافي ۽ جوس پيئڻ لڳاسين.
ميوزيم کان ٻاهر نڪتاسين ته ابرار سڄي هٿ واري هڪ ماڊرن
عمارت جي باري ۾ ٻڌايو ته اها بلڊنگ ريڊيو فري يورپ جي آهي. ان ريڊئي جي ذريعي ايسٽ
يورپ ۾ ڪيپيٽلزم جي پروپيگينڊا ڪئي ويندي هئي. جنهن نيٺ وڃي هڻي هنڌ ڪيو ۽ هتي مخملي
انقلاب آيو ۽ جمهوري حڪومت وجود ۾ آئي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته جئين اسان وٽ ايم آر ڊيءَ
جي تحريڪ ۾ ماڻهو پاڪستان جي ميڊيا تي گھٽ اعتبار ڪندا هيا پر بي بي سي جي مارڪ ٽيلي
جي رپورٽن تي وڌيڪ انحصار ڪندا هيا اهڙي ريت هتي چيڪوسلوواڪيا ۾ به ماڻهو ريڊيو فري
يورپ کي قابل اعتماد سمجھندا هيا، ان کان علاوه ان ريڊئي جي ذريعي هتان جون خبرون ٻاهرين
دنيا کي به پونديون هيون. ان مخملي انقلاب جا مظاهرا ان واتسلاو چونڪ تي به ٿيندا هيا.
ان انقلاب کي مخملي انگريزي ۾ چون ٿا نه ته چيڪ يا سلاوڪ ٻولي ۾ ان جو مطلب اهو ته
نه پر مقصد ضرور اهو آهي يعني نرم انقلاب. هونئن ته ان انقلاب يا تبديليءَ جي پويان
سالن جون ڳالهيون، زيادتيون آهن پر ان انقلاب يا جدجهد جي عمر سهي نموني ۱۷ نومبر ۱۹۸۹ کان وٺي ۲۹ ڊسمبر ۱۹۸۹ تائين آهي.
۲۵ فبروري
۱۹۴۸ کان
وٺي، چيڪوسلواڪيا ۾ ڪميونسٽ پارٽي حڪومت جي شروعات ڪئي. پر ٿوري وقت کان پوءِ ان سسٽم
جا مخالف پيدا ٿيا جيڪو هڪ قدرتي عمل آهي، پر اها حڪومت مختلف دورن ۾ پيدا ٿيندڙ مخالفن
کي زور ۽ زبردستيءَ سان دٻائيندي رهي. خاص ڪري انهن ۾ اهي ماڻهو شامل هوندا هيا جيڪي
يا ته ليکڪ هيا يا وري اداڪار يا آرٽسٽ يا فلم ميڪر، جيڪي پنهنجي فن جي ذريعي سوشلزم
جي باري ۾ مخالفت يا ڪو ان جي صحي رخ جي باري ۾ ڄاڻ ڏيندا هجن يا وري ان بليڪ لسٽ
۾ اهي به شامل هوندا هيا جيڪي ڪنهن پراڻي واپاري يا ڪارخانيدار جي اولاد مان هيا، يا
وري مذهبي هيا، يا وري چيڪوسلوواڪيا تي سويت يونين جي ڪاهه خلاف هيا ۽ الگزينڊر دوبچيڪ
جنهن سڌارا ڪرڻ پئي چاهيا ان جا چاهيندڙ هيا يا وري حڪومت جي ٻين ڪمن جا مخالف هيا.
ان کان علاوه خارتا ۷۷ يا چارٽر ۱۹۷۷ جا ميمبر هيا يا وري انهن
کي پسند ڪندا هيا. انهن کي مختلف طريقن سان تنگ ڪيو ويندو هو ۽ انهن جي جاسوسي ڪئي
ويندي هئي.
۱۹۸۵ ۾ گورباچوف جي گلاسنوسٽ کي هتان جا ڪميونسٽ مڃيندا
ته هيا پر عملي طور تي ان لاءِ پنهنجي سسٽم ۾ ڪي خاص تبديليون نه آنديون هيون. انکان
علاوهه ملڪ جي معاشي ابتريءَ به ماڻهن کي بيزار ڪري وڌو هو. ڪجھه عرصي کان وٺي ماڻهن
حڪومت جي ٿوري گھڻي مخالفت شروع ڪري ڏني هئي. ان وچ ۾ پاسي وارن ملڪن ۾ ٿيندڙ تبديلين
خاص طور تي ايسٽ جرمني ۽ ويسٽ جرمني جي وچ واري ڀت جو ڊهڻ به ماڻهن ۾ همت وڌائڻ جو
سبب بڻيو. ابرار مري مون کي وٺي اچي. سينٽ واتسلاو جي مجسمي جي هيٺيان وهاريو ۽ پاڻ
وري روڊ جي ڪناري سان ٺهيل هڪ دڪان تان پاڻي ۽ ڪافي وٺي آيو. مون کانئس پڇيو ته “اهو
جيڪو انقلاب هو، اهو ته تنهنجي سامهون ٿيو پوءِ توکي ڪجھه ياد آهي“
“ها سڀ ڪجھه مون کي ياد آهي، سڀ ڪجھه منهنجي سامهون
ٿيو، اسان جي يونيورسٽي به بند ٿي وئي هئي. شروع ۾ ته اسڪالرشپ تي پڙهڻ ڪري ان ۾ حصو
نه وٺندا هياسين، پر پوءِ آهستي آهستي جڏهن تحريڪ وڌندي وئي ته اسان جو ڀئُه به ڀڳو
۽ مان به چيڪ شاگردن ۽ شاگردياڻين سان گڏ ان ۾ حصو وٺندو هيس. اهو ڪو اسان وارن جلسن
جلوسن جيان ٿورئي هوندو هو، ڏاڍو مهذب نموني جا جلوس هيا.”
مون کيس چيو ته مون کي تفصيل سان ٻڌاءِ! انتي هن مون
کان واعدو ورتو ته کيس وچ ۾ نه ٽوڪيندس ته جيئن يادن جو سلسلو ٽٽي نه. هُن چيو ته کيس
واقعا ته تاريخ وار به ياد آهن.
“۱۷
نومبر جو ڏينهن نازي فوجين
جي زيادتين جي خلاف ملهايو ويندو آهي. ۱۹۳۹ ۾ جڏهن جرمن فوجين پراگ تي قبضو ڪيو هو ته ان وقت هتان جي شاگردن ۲۸ آڪٽوبر ۱۹۱۸ ۾ چيڪوسلوواڪيا جي وجود ۾ اچڻ جو ڏينهن ملهايو ۽ جلوس
ڪڍيو. جنهنکي جرمنن سختيءَ سان منهن ڏنو ۽ ان ۾ ٿيل فائرنگ جي نتيجي ۾ ۱۱ نومبر ۱۹۳۹ تي هڪ شاگرد يان اوپلتال وفات
ڪئي. جنهنکي ۱۵ نومبر
تي دفنائن لاءِ ان جي لاش کي موراويا جي هڪ شهر نيو ويو پر اها دفنائڻ واري رسم جلوس
جي شڪل اختيار ڪري وئي ۽ شاگردن ۽ ٻين ماڻهن نازين جي خلاف نعرا هڻڻ شروع ڪيا، جنهنجي
نتيجي ۾ نازين، چيڪوسلوواڪيا جي سڀني يونيورسٽين کي بند ڪري ڇڏيو ۽ ۱۲۰۰ شاگردن کي گرفتار ڪري ڪنسٽريشن
ڪيمپ موڪليو ويو ۽ ۹ شاگردن ۽ استادن کي بغير ڪنهن ڪيس هلائڻ جي ۱۷ نومبر تي ڦاهيءَ چاڙهيو ويو.
انڪري ۱۷ نومبر
جو ڏينهن شاگردن جي عالمي ڏينهن طور تي ملهايو ويندو آهي.
سو ۱۷
نومبر ۱۹۸۹ تي به سوشلسٽ يونين آف يوٿ
(ڪميونسٽ پارٽي جي شاگرد تنظيم) جنهنجا گھڻا ميمبر به ڪميونسٽن جا مخالف ٿي پيا هيا.
شاگردن جو عالمي ڏينهن ملهايو، پر هنن جي ذهن ۾ اهو هو ته سرڪاري يا آفيشل مظاهرو جيڪو
چيڪ شاعر ڪارل هائينڪ ماخا جي قبر تائين پورو ٿيندو ته پوءِ وري اهي سڀ ماڻهو سرڪار
جي مخالف جلوس جي شڪل اختيار ڪري شهر ڏانهن ويندا. ان جلوس ۾ تقريبن ۱۵۰۰۰ ماڻهو هيا. جلوس جڏهن حڪومت
مخالف بينر کڻي ۽ نعرا هڻندو شهر جي نارودني يا نيشنل گھٽي وٽ پهتو ته پوليس انهن کي
سختيءَ سان روڪيو ۽ مظاهرين آهستي آهستي ڇڙوڇڙ ٿيڻ لڳا پر هڪ ڄڻو لودوڪ زيفچاڪ (جيڪو
سيڪريٽ پوليس جو ايجنٽ هو) اهو رستي تي ڪريو پيو هو جنهنجي لاءِ هن جو چوڻ هو ته هن
ڄاڻي واڻي ائين نه ڪيو پر بيهوش ٿي ويو هو. انجي بي حرڪت بت کي پوليس گاڏيءَ ۾ کنيو
ويو. ان منظر ڊپ ۽ حراس کي جنم ڏنو. اسپتال ۾ ان جلوس ۾ زخمي ٿيڻ واري هڪ عورت مرهم
پٽي ڪرائيندي اهو منظر ڏٺو ۽ ٻين کي ٻڌايو ايستائين جو ريڊيو فري يورپ جي نمائندي جي
زال سان به اها ڳالهه ڪئي جنهنڪري ميڊيا تي به اها ڳالهه اچي وئي ۽ شاگردن کان وٺي
عام ماڻهن تائين اها ڳالهه پهچي وئي. ان حادثي ماڻهن کي وڌيڪ موبلائيز ڪيو ۽ هو انقلاب
لاءِ تيار ٿيا. ان ئي شام جو شاگرد ۽ آرٽسٽ اسٽرائيڪ ڪرڻ تي آماده ٿيا.“
مان پنهنجو پاڻ تي قابو نه رکي سگھيس هڪدم ابرار مريءَ
کان پڇيم ته ”رڳو ان واقعي جي ڪري انقلاب جي شروعات ٿيڻ سمجھه ۾ نه ٿي اچي.“
هو کلي پيو ۽ چيائين ته “مون کي پڪ هئي ته تون وچ
۾ ضرور ڳالهائيندين. اصل ۾ ماڻهن ۾ بي چيني، بي قراري ۽ بيزاري ته هئي پر هڪ ته همت
ڪا نه هئي، ٻيو ته ڪٺي ڪرڻ ۽ ٿيڻ لاءِ به سگھه ٿي گھرجي. ان واقعي، سندن همت ۽ نفرت
کي هٿي ڏني جنهنڪري اهو هڪ واقعو ڄڻ ماچيس جي تيلي ٻارڻ هو ڪنهن مچ کي مچائڻ لاءِ.“
No comments:
Post a Comment