ڪجهه ذڪر ٽاور آف لنڊن جو
عبدالحي پليجو
گذريل ڪجهه ڪالمن ۾ آ لنڊن جو ذڪر ڪندو رهيو آهيان،
منهنجو اڄوڪو ڪالم به ان ئي تسلسل ۾ لکيل آهي. مون لنڊن جو ذڪر چرچ بابت ٻڌايو هو.
اهو ذڪر اڳتي وڌايون ٿا. چرچ ڏسڻ کانپوءِ اسان پنڌ ئي پنڌ لنڊن جي روڊن تي گهمندا ڦرندا
اڳتي وياسين. ڊبل ڊيڪرس، جنهن جي ڇت ڪانهي، تنهن ۾ سياح مٿي ويٺا ڪچهريون ڪري رهيا
هئا. هتي سڄي انگلينڊ ۾ اهڙيون بسون جام هلن. توهان هڪڙيءَ ٽڪيٽ ۾ بس، زير زمين ٽيوب
۽ ٽرين ۾ چڙهي گهمي ڦري سگهو ٿا. انهن ۾ گهمڻ لاءِ هڪ ڏينهن، هڪ هفتي ۽ سيزن جون ٽڪيٽون
هونديون آهن، جيڪي توهان کي انهن جي اڏن تان ملي وينديون. تڪيٽ جو مدو جيئن وڌيڪ، تيئن
ڊسڪائونٽ زياده. اسان اهو سڄو ڏينهن گهميا ڦرياسين ۽ هينئر به ڪافي وقت پنڌ ئي پنڌ
لنڊن جا چڪر لڳاياسين، ۽ پوءِ هڪ ٽئڪسي ڪري واپس پنهنجي رهائش واري جڳهه ڏانهن موٽياسين.
شام جي وقت ۾ڪافي ماڻهو فوٽ پاٿن تي گهمي ڦري رهيا هئا. اسانکي ٽئڪسي واري آڻي پنهنجي
جڳهه ڀيڙو ڪيو. اسان ڪپڙا بدلائي ريسٽ لاءِ بيڊ تي ليٽي پياسين.
ٿورو آرام ڪري چانهه پي ٻاهر وڙڪڻ لاءِ نڪري پياسين.
اسانجو گهر جيڪو Endlsham روڊ تي آهي، تنهن جي هڪ ڇيڙي
تي اسڪول آهي، اتي ٻار راند ڪندا ٺينگ ٽپا ڏيندا رهندا آهن ۽ سندن کلڻ ڳالهائڻ صاف
ٻڌڻ ۾ ايندو آهي. آ لنڊن ۾ ڪيترا دفعا آيو آهيان، ڪيترن اسڪولن ۾ وڃڻ ٿيو آهي ۽ گهرن
۾ هتي پڙهيل ڪافي شاگردن سان ملاقات ٿي آهي پر ڪراچيءَ جي بيسڪ ايڊيوڪيشن به پنهنجو
مٽ پاڻ آهي. ڪراچي جا چند اسڪول لنڊن جي يونيورسٽين جي تعليم ڏيئي رهيا آهن. رات جو
ٽائيم هو، ان وقت هتي هميشه خاموشي هوندي آهي. هِتي اسڪول ٽائيم کانپوءِ مون ڪو به
چوڪيدار يا گارڊ ڪو نه ڏٺو، جيئن ڪراچيءَ ۾ پرائيويٽ اسڪولن ۾ هوندو آهي، پر ان وقت
اندر مونکي ماڻهو نظر آيا. شايد ڪا تقريب هئي. اسان اسڪول جي پاسي مان لنگهي اڳتي وڃي
رهيا هئاسين. ييلو ڪيب وارن جي آفيس، ڪپڙن ڌوئڻ جو دُڪان، جتي ماڻهو شام جي وقت پنهنجا
پنهنجا ڪپڙا کڻي اچي پاڻ ڌوئن ۽ جيسين ڪپڙا مشين ۾ ڌوپجي تيار ٿي ۽ سُڪي به وڃن، تيسين
هي ويٺا اخبارون ۽ رسالا پڙهندا آهن، هڪ ٻئي سان بلڪل ڪو نه ڳالهائين. ان جي ابتڙ پاڻ
جيڪر بس، ريل، هوائي جهاز يا ڪنهن سُپر مارڪيٽ ۾ پنهنجي ڀرسان ويٺل ماڻهو کي ڏسون ته
ضرور پُڇون ته توهان ڪير آهيو، ڪٿي ويٺا آهيو، ڇا ڪندا آهيو. پوءِ جي ڀر واري چيس ته
آ ڪجهه ڪونه ڪريان، غريب مسڪين آهيان ته ڳالهه ٿي پوري پر جي توهان چيس ته آ اسيمبلي
ميمبر آهيان، ٻه ڇوڙائڻ ۽ ٻه ٻڌائڻ منهنجو محبوب مشغلو آهي، يا راشي کاتي ۾ وڏو رشوتي
ڪامورو آهيان ته پوءِ توهان جي خوشامد ڪرڻ ۾ ڪا به گهٽتائي ڪا نه ٿيندي. اها به اسان
جي غلام هئڻ جي هڪ نشاني آهي ته حاڪم ڪٿي به ملي ته سندس خوشامد ڪرڻ اسان جي فرض ۾
شامل آهي.
اسان اڳتي مين روڊ تي پهتاسين. سامهون مڪڊونلڊس وارن
جو دُڪان آهي، ڀرسان سپر اسٽور هو، ٻيا به ڪيترن قسمن جا دُڪان آهن. مِنا چيو ته رات
جي ماني ٻاهر ڪنهن پاڪستاني هوٽل تي کائون. مون چيس ته پوءِ پاڻ کي گهر ڀوراڻي کي ٻڌائي
اچڻ گهرجي ها، هو ته ماني ٺاهي ڇڏيندو. سو اڄ نه پر سڀاڻي رات جو ٻاهر ماني کائينداسين.
اڄ واڪ ڪري گهر ٿا هلون، اُتي هلي ماني کائينداسين، سڄو ڏينهن ٿيو آهي جو محبوب سان
به ڪونه گڏيا آهيون، سو مانيءَ تي انهن سان ڪچهري به ٿي ويندي. ائين واڪ به ڪندا وڃون
۽ ڪچهري به ڪندا وڃون. رستي تي هڪ پب آهي، جنهن ۾ اندر درين جي شيشي مان سڀ ڪجهه نظر
اچي رهيو آهي. اندر ڪافي رش آهي پر اسان هلندا وڃون.
ٻي جنگ عظيم ۾ جڏهن جرمنيءَ فرانس فتح ڪيو ته ڊيگال
۽ ٻيا ڪيترا يورپ جي ملڪن جا سربراهه پنهنجا پنهنجا ملڪ ڇڏي اچي لنڊن ڀيڙا ٿيا ۽ هتي
ريڊيو اسٽيشن ذريعي پنهنجي قومن کي حوصلو ۽ همٿ ڏيئي رهيا هئا. تنهن دوران خود برطانيا
جا ماڻهو به جنگ جي خوف سبب ڏاڍا هراسيل هئا، ننڍا وڏا شهر سُنسان لڳا پيا هئا، پر
انهيءَ دوران به حڪومت اهو حڪم جاري ڪيو ته سڄي انگلينڊ جا پب کليل رکيا وڃن ته جيئن
ماڻهو اُتي ايندا رهن ۽ زندگي روان دوان رهي ۽ ماڻهو همٿ نه هارين. واقعي ڪڏهن ڪڏهن
ننڍيون ننڍيون ڳالهيون وڏا ڪم ڪريو ڇڏين. اسان اڳتي وڃي رهيا هئاسين، مِنا چيو ته پُل
کانپوءِ واپس ورنداسين. اسان صُبح جو به واڪ تي انهيءَ پُل تائين ايندا آهيون. رات
ٿي وئي هئي پر هنن ملڪن ۾ ڊپ ۽ خوف جي ته ڪا ڳالهه ئي ڪانهي. سو اسان پنهنجو چڪر پورو
ڪري پوءِ واپس ٿياسين. عام ماڻهوءَ کي ته ڊپ ڪونهي پر هنن ملڪن جي سربراهن کي به تر
برابر به پنهنجي ملڪ جي عوام کان خوف خطرو ڪونهي. انهيءَ جو مثال 10 ڊائوننگ اسٽريٽ
آهي، جتي ملڪ جي وزير اعظم جي آفيس ۽ رهائشگاهه آهي. وزير اعظم هائوس جو در هڪ عام
فٽ پاٿ تي کلندو آهي، جتي سڄو ڏينهن عام ماڻهو ايندا ۽ ويندا رهندا آهن. حڪومت انهيءَ
فٽ پاٿ کي عام پبلڪ لاءِ بند نه ڪيو آهي. هن فٽ پاٿ تي هلندڙ هڪ عام راهگير آسانيءَ
سان ڪجهه به ڪري سگهي ٿو.
اسان پنهنجو رائونڊ، پُل تائين مڪمل ڪري واپس گهر ڏانهن
موٽياسين، ڪافي دُڪان بند ٿي چڪا هئا، ماڻهن ۽ ٽرئفڪ جي رش نظر ڪا نه ٿي آئي. اسان
بالم جي عام شاهراهه نه پر سيف وي واري پُٺئين روڊ کان گهر ڏانهن مڙياسين. انهيءَ رستي
سبب ڪافي شارٽ ڪٽ ٿيو وڃي. گهر جي دروازي تي پهچي بيل وڄايم ته محبوب دروازو کوليو.
پاڻ خير سان گهمي ڦري اچي ويو هو. اسان مٿئين ماڙ تي پنهنجي بيڊ روم ڏانهن روانا ٿياسين.
ٿوريءَ دير ۾ دستور مطابق اسان لاءِ ماني کڄي آئي، جيڪا کائي سمهي پياسين. سڄي ڏينهن
جو ٿڪ هو ۽ ٻئي ڏينهن به وري گهمڻو ڦرڻو هو. ٻئي ڏينهن صُبح اُٿي تيار ٿي مِنا ۽ مون
ناشتو ڪيو. اسان گهر کان ٻاهر نڪري پهرئين اردو اخبار ۽ انگريزي اخبار خريد ڪئي ۽ پنهنجي
گهمڻ جي پوائنٽ ٽاور آف لنڊن لاءِ ٽئڪسي ڪري روانا ٿياسين.
ٽاوَر آف لنڊن وڃڻ لاءِ ٻين لنڊن جي اهم جڳهين وانگيان
ٽيوب سروس پڻ هلندي آهي پر اسان ٽئڪسي ڪري اوڏانهن وياسين. صُبح سوير اتي ڪا گهڻي رش
نه هئي. ٽئڪسي واري اسان کي لنڊن جو سير ڪرائي لنڊن برج مٿان ڦيرائي آڻي ٽاوَر آف لنڊن
جي اڳيان لاٿو. ٽاوَر آف لنڊن ٽيمز نديءَ جي بلڪل ڪپ تي آهي ۽ ڏاڍي پرڪشش جڳهه تي ٺهيل
آهي. هتي ٽيمز نديءَ جي ٻنهي ڪپرن تي لنڊن جون اهم جڳهيون ٺهيل آهن، جتي سياح وڏي تعداد
۾ گهمڻ اچن ٿا، جن ۾: ٽاوَر آف لنڊن، لنڊن بِرج، سائوٿ وارڪ ڪيٿيڊرل، شيڪسپيئر گلوب
ٿيٽر، لائيڊ بلڊنگ، ڪئنسين اسٽريٽ، بئنڪ آف انگلينڊ، مينشن هائوس ۽ ٻيون کوڙ ساريون
جڳهيون آهن. لنڊن ٽاوَر جي ڀرسان ڪي ايف سي وارن جو هڪ بهترين ريسٽورينٽ آهي، جتي هر
وقت رش لڳل هوندي آهي. انهيءَ کانسواءِ ٻيا به ڪيترا دڪان آهن. خاص ڪري ته هتان ئي
ٽيمز نديءَ جي سير لاءِ توهان کي بيشمار ٻيڙيون ملنديون، جن ۾ چڙهي گهمي ڦري واپس هتي
اچي لهو، يا ڪنهن ٻئي هنڌ، اها توهان جي مرضي. مطلب ته هر وقت هن جڳهه تي رونق ۽ چهچٽو
لڳو پيو هوندو آهي، هزارن جي تعداد ۾ سياح پيا اچن ۽ وڃن. ٽاور آف لنڊن جي اندر ۽ ڀرسان
تمام وڏا گهاٽا وڻ بيٺل آهن، جن جي هيٺان بيشمار ڪاٺ جون بئنچون پيون آهن. انهن تي
ويهي سياح نديءَ ۾ هلندڙ لانچون ڏسي لطف اندوز ٿين ٿا.
No comments:
Post a Comment