ڪافڪا جو چيڪوسلواڪيه
اسحاق انصاري
سال ۱۹۸۹ ۾ اسلام آباد يونيورسٽي گرانٽس ڪميشن ۾ منهنجي ڪمپيوٽر
سکڻ جي ٽريننگ لڳي. اها ٽريننگ اصل ۾ هئي ته ايٽامڪ انرجي ڪميشن وارن جي پر جيئن ته
اهي يو جي سي، جي عمارت استعمال ڪندا هيا تنهنڪري انهن پاڻ ۾ اهو معاهدو ڪيو هو ته
هنن جي پنهنجن آفيسرن کان علاوهه پاڪستان جي يونيورسٽين جا ۱۰
استاد به هر بيچ ۾ شامل هوندا.
ان ئي سلسلي ۾ مان به اتي ٽريننگ ڪري رهيو هيس ته ۱۹۹۰ جو نئون سال به اچي پهتو.
نئين سال ملهائڻ ۽ ڪنهن جي جي وارن جي ڇانو ۾ ڪجھه ڏينهن سڪون سان گذارڻ لاءِ مان لاڙڪاڻي
۽ خيرپور پهتس. ان ئي ڏينهن دوران جڏهن لطيف يونيورسٽي جي اسٽيٽسٽڪس ڊپارٽمينٽ ۾ پنهنجي
آفيس ۾ ويٺو هيس ۽ وڏن وارن واري به مون سان گڏ ويٺي هئي ته ٽپالي هڪ لفافو منهنجي
هٿ ۾ ڏئي ويو. لفافي جي ٻاهران منسٽري آف ايجوڪيشن اسلام آباد لکيل هو. مون لفافو کولي
خط پڙهيو ته ان ۾ لکيل هو ته مون کي پي ايچ ڊي ڪرڻ لاءِ چيڪوسلوواڪيا جي حڪومت طرفان
اسڪالرشپ منظور ڪئي وئي آهي. منهنجو من خوشي مان جهومڻ لڳو. پر مون سان گڏ ويٺل اداس
ٿي وئي، انڪري جو مان کانئس پري هليو ويندس. مان وري سوچن ۾ گم هيس ته مون ان ملڪ لاءِ
ڪڏهن درخواست ڏني ئي نه هئي پر پوءِ مونکي ياد آيو ته منسٽري آف ايجوڪيشن جي هڪ اشتهار
جي موٽ ۾ مون به ڪلچرل ايڪسچينج اسڪالرشپ لاءِ درخواست ڏني هئي، جيڪا گھڻن ملڪن لاءِ
هئي ۽ شايد منهنجي سبجيڪٽ جي حساب سان مون کي ان ملڪ ۾ داخلا ملي هئي. سچ ته ان وقت
ان ملڪ جي باري ۾ مون کي ڪا گھڻي ڄاڻ نه هئي، سواءِ جيولس فيوچڪ جي ڊائريءَ جي يا وري
ٿوري گھڻي ڪافڪا جي باري ۾ معلومات هئي. ٻيو وري هڪ دوست ٻڌايو ته اتان جا رومال سٺا
ٿيندا آهن ۽ هتي ملندا آهن. هڪ شڪاريءَ وري اتان جي بندوق جي تعريف ڪئي. پر منهنجي
ته يونيورسٽيءَ ۾ ٽيچر ٿيڻ کان پوءِ هڪ ئي خواهش هئي ته ٻاهران ڪٿان پي ايڃ ڊي ڪيان.
انڪري مون کي اهو فڪر نه هو ته ڪهڙي ملڪ جي اسڪالرشپ ملي ٿي. هونئن ان اسڪالرشپ ملڻ
جو هڪ وڏو سبب اهو هو ته سفارشن وارا سڀ همراهه آمريڪا، برطانيا، ڪيناڊا يا آسٽريليا
وڃڻ لاءِ ڪوششون ڪندا آهن انڪري ان ملڪ ڏي ڪنهن وڃڻ جو سوچيو ئي نه هوندو تنهنڪري اسان
جهڙن کي موقعو ملي ويو.
ان خط ۾ اهو لکيل هو ته مونکي ۲۵
جنوريءَ تائين چيڪوسلوواڪيا
پهچڻو آهي ۽ ان ڏينهن ڇهين يا ستين جنوري هئي. هاڻي منهنجا پگھر وهڻ شروع ٿيا ته ايترن
ٿورن ڏينهن ۾ پاسپورٽ به ٺهرائڻو آهي، ويزا به هڻائڻي آهي، منسٽري مان ليٽر ۽ ٽڪيٽ
به وٺڻي آهي. پر مون همت نه هاري ۽ پنهنجي ڪم سان لڳي ويس. پاسپورٽ به ٺهي ويو، اسلام
آباد مان ويزا به هڻائي. منسٽري ۾ ويس ته اتي ڪو به مدد ڪرڻ وارو نه پوءِ هڪ سنڌي آفيسر
سيد ارشاد علي شاه، مليو جنهن منهنجي همت وڌائي ۽ چيائين ته ڪنهن به قيمت تي ڊگري وٺي
اچان، مايوس ٿي موٽي نه اچان، هن مونکي ڪاغذ وغيره ٺهرائي ڏنا پر ٽڪيٽ لاءِ چيو ته
هو موڪلي ڏيندو. جيڪا اچڻ ۾ ڪافي دير ٿي. بهرحال منهنجي تياري چيڪو سلوواڪيا وڃڻ جي
ٿي وئي.
سکر ايئر پورٽ تي مون کان موڪلائڻ لاءِ شاهه لطيف يونيورسٽيءَ جي بس ڀرجي
آئي هئي. اهي سڀ منهنجا ڪليگ مون کي الوداع
ڪرڻ آيا هيا. باقي مان گھر ڀاتين کي
اچڻ کان منع ڪئي هئي ته لاڙڪاڻي مان رڳو مون کي ڇڏڻ لاءِ ڇو اچن؟ اچن ها ته شايد، مون
لاءِ به وڃڻ ڏکيو ٿي پئي ها.
سو مون ڳالهه پئي ڪئي ته جهاز ۾ سوار ٿيڻ وارو هيس ته پنهنجي وڏي ڀاءُ
ادا مشتاق انصاريءَ تي نظر پئي هو پنهنجن ٻارن سان گڏ آيو هو. ڪراچي ۾ مون کي اٺ ڪلاڪ
هيا پوءِ وري پراگ لاءِ وڃڻو هيو.
ڪراچي ۾، دوست وٺڻ آيا هيا، هوءَ جيڪا ان وقت منهنجو سڀ ڪجھه هئي. مون
سان ملڻ منهنجي دوست جي گھر آئي هئي. بغير ڳالهه ٻولهه جي بس رڳو اکيون آليون ڪيون
هيوسين. وڃڻ مهل گاڏي ڊرائيو ڪندي حادثي کان بچي وئي هئي.
ان وقت شايد عمر جي تقاضا هئي يا پنهنجو ٻَلُ جو مون کي وڃڻ ۾ ڪا به پريشاني
نه ٿي هئي. ها رڳو جوتن ۾ لڪايل انهن واڌو هزار ڊالرن جي پريشاني ضرور هئي ته ايف آئي
وار ا چيڪ نه ڪر ي وجھن (ان زماني ۾ مخصوص رقم ٻاهر کڻي وڃي سگھبي هئي). مان، هڪڙو
ڀيرو اڳ ۾ اسلام آباد کان سکر ايندي جهاز ۾ چڙهيو هيس. اهو به ان ڪري جو مجيد چانڊئي
جي روس جي اسڪالرشپ ٿي هئي ۽ هن کي ويزا وٺڻي
هئي. مان هن سان ڪمپنيءَ ڏيڻ ويو هيس. هڪ ڏينهن تي مرحوم سعيد شاهه سان ڪوهه مري به
وياسين. مجيد جي هڪ ڳالهه هجي ته هو گھر ڀاتين کي ڇڏي نه ويندو. مون کيس چيو ته ڪهڙو
حرامي ٿو چئي ته وڃ. اها منهنجي ٽل هئي ڇو
جو ان وقت کيس دليل ڏيڻ بيڪار هيا. صبح جو چيائين ته مان ويندس. مون چيو جي بسم الله.
هي ٻيو ڀيرو هو جو جهاز تي چڙهي رهيو هيس ۽ پهريون ڀيرو هو جو ملڪ کان ٻاهر وڃي رهيو
هيس.
ڪراچي ايئر پورٽ تي منهنجا دوست
قادر چانڊيو، محب چانڊيو، خالد چنو ۽ ٻيا مون کي ڇڏڻ آيا. سيف الله چانڊيو جيڪو
ايئرپورٽ تي ٽريفڪ ۾ هيو اهو مون سان گڏ هيو، هن سڀني مرحلن ۾ منهنجو ساٿ ڏنو. لائونج
۾ پهچي لاڙڪاڻي بابا، امان ۽ ادڙين سان ڳالهائي کين خدا حافظ چيو. ان کان پوءِ پنهنجين
سهيلين کان موڪلايو جيڪي روئي رهيون هيون. هڪ چيو ته مون سان آخري گھڙي تائين ڳالهاءِ،
مون پي سي او (ان وقت ڪارڊن وارا فون نه هيا) واري کي پاڻ وٽ باقي بچيل سڀ پيسا ڏنا
۽ کيس چيو ته جڏهن پيسا پورا ٿين ته لائين ڪٽي ڇڏي.
جهاز ۾ سيف الله جي ڪري وچ (ايمرجنسي) واري دروازي جي ڀرسان جڳهه ملي
جنهن ڪري ٽنگون پکيڙڻ لاءِ گھڻي جڳهه هئي.
جهاز اڏيو ته منهنجي ذهن ۾ به هڪ هڪ ڪري پنهنجن
پيارن جا چهرا ايندا ويا. اهو سوچي ته خبر ناهي وري ڪڏهن انهن سڀني سان ملاقات ٿئي.
مون کي گذريل ڪجھه ڏينهن جي ڊڪ ڊڪان جي ڪري ٿڪ هو جنهنڪري ننڊ اچي وئي.
خبر تڏهن پئي جڏهن ناشتي تي ايئر هوسٽيس جاڳايو. ٿوري دير ۾ اسان پيرس جي ايئرپورٽ
تي لٿاسين، منهنجي هتي ٽرانزٽ هئي ۽ هتان وري چيڪوسلوواڪيا جي ايئر لائين او ڪي تي
اڳتي وڃڻو هو.
او ڪي ايئر لائين جو جهاز پي آءِ جي جهاز کان ننڍو هو. کائڻ لاءِ ڪجھه
ڏنو ويو پر مون کي ٽيسٽ سٺي نه لڳي. رات جو پراگ ايئرپورٽ تي لهڻ مهل ٻڌايو ويو ته
موسم خراب هجڻ ڪري اسين ٻي هنڌ لينڊ ڪيون ٿا جتان پوءِ موسم صحي هجڻ تي واپس اينداسين.
منهنجي ٻولي سمجھڻ وارو ڪوئي نه هيو پر جهاز ۾ منهنجي ڀرسان ويٺل هڪ فرينچ گفتگو شروع
ڪئي هئي، هو ريلوي جو آفيسر هو ۽ ان وقت (جنوري ۱۹۹۰) ۾ سانگي ڦاٽڪ وٽ ٿيل ريل جي حادثي بابت پڇي رهيو هو. اسان کي جنهن ايئرپورٽ
تي لاٿو ويو اتي ڪڪڙو ڪون لڳي پئي هئي. هڪ اسٽال کليل هو جنهن تان ماڻهو کائڻ پيڻ جو
شيون وٺي رهيا هيا. مون کي به بک لڳي هئي.
مون به هنن جيان هڪ چپس ۽ بوتل خريد ڪئي. مون کي نه چپس مزو ڏنو نه وري بوتل (گھڻو
پوءِ خبر پئي ته اها بيئر جي بوتل هئي)
فرينچ همسفر اچي پڇيو ته ايئر پورٽ وار فري فون ڪرڻ ڏيڻ ٿا ته پنهنجي
پيارن کي اطلاع ڏيو ته موسم جي خرابيءَ جي ڪري دير سان پهچندئو. مون ننهنڪر ڪئي.
مون کي ته خبر ئي نه هئي ته ڪو وٺڻ به ايندو يا نه؟ ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ
اسلام آباد مون کي چيو ته منهنجي پهچڻ جو اطلاع هو ايمبيسي کي ڏيندا ۽ هو مون کي وٺڻ
ايندا. پر مون کي ڪنهن جو نالو يا فون نمبر نه هو.
اسان کي وري جهاز ۾ چاڙهيو ويو. ڪلاڪ کان پوءِ پراگ پهتاسين. ٻاهر نڪتس.
انگريزي ڳالهائڻ وارو ڪوئي نه هو. سامان کڻي ٻاهر نڪتس. ايئرپورٽ سڄو سُڃ، اوندهه. ان وقت مون کي سکر ۽ موهن جي دڙي جا ايئرپورٽ
سٺا لڳا هيا. انفرميشن جو هڪ ڪائونٽر کليل هو جتي ويٺل ڇوڪري به اڌ اکري انگريزي ڄاڻي
پئي. منهنجي لاءِ ڪو به آيل نه هيو. مون کيس چيو ته پاڪستان ايمبيسي فون ڪري. هن فونيون
ڪيون پر کيس جواب نه مليو. هن چيو ته مون کي ڪيڏانهن وڃڻو آهي، هاڻي منهنجي پريشاني
شروع ٿي ته هن ديس ۾ جتي ٻولي سمجھڻ وارو به ناهي ته ڪيڏانهن ويندس؟ پوءِ مان پاڻ وٽ
پيل چيڪوسلوواڪيا حڪومت جو اسڪالرشپ وارو ليٽر کيس ڏيکاريو جنهن تي ڪا ايڊريس لکيل
هئي، هن مون کي ٻڌايو ته مون کي اتي وڃڻو آهي. مون کانئنس پڇيو ته ڪيئن وڃان هن ٽيڪسي
جي لاءِ چيو ۽ چيڪ ٻوليءَ ۾ هن ايڊريس لکي ڏني. اهو به ٻڌايائين ته ڪرايو سئو ڪرائون
کان وڌيڪ نه ڏيان. مون سئو ڊالر ايئرپورٽ تي
مٽايا، ٻاهر نڪتس ته ڪنبڻي شروع ٿي وئي. ڏاڍو سيءُ هو. هڪ ٽيڪسي واري کي ايڊريس ڏيکاريم
جيڪو مون کي وٺي هليو. ڌنڌ هئي، رستن تي ماڻهو ڪو نه هيا، لائيٽون به ڪي گھڻيون لڳل
نه هيون. وٺڻ لاءِ به ڪوئي نه آيو هو. مون کي پراگ ان وقت ڏاڍو ڊپريس ڪيو. بهرحال جنهن
ايڊريس تي پهتس اها هاسٽل هئي. رسيپشن تي ويٺل پوڙهي منهنجو پاسپورٽ ڏسي ڪجھه چيڪ ٻوليءَ
۾ پڇيو پر مون کيس اشارن سان ٻڌايو ته سندس زبان نه ٿو سمجھان. انگريزي هنکي نه پئي
آئي. هن مائيڪ ۾ ڪجھه چيو، ٿوري دير کان پوءِ وڏن گھنڊيدار وارن واري، جينز ۽ شرٽ پهريل
هڪ ڇوڪري آئي. هن اردو ۾ ڳالهائڻ شروع ڪيو هوءَ پاڪستاني هئي ۽ اتي اسٽوڊنٽ هئي. هن
پنهنجو نالو حميرا ٻڌايو. هوءَ منهنجي ترجمان ٿي وئي. هن پوڙهيءَ کي منهنجو نالو ٻڌايو
هن هڪ لسٽ ڏسڻ شروع ڪئي جواب ۾ هن حميرا کي ڪجھه چيو، جنهن مون کي ٻڌايو ته تنهنجو
نالو هن هاسٽل واري لسٽ ۾ ڪونهي، سڀاڻي آفيس کلندي، ان وقت ڏسي وٺنداسين هي رات تون
هتي رهي پئه. هن رسيپشن تان هڪ ڪمري جي چاٻي کنئي ۽ مون کي ڪمري تي وٺي وئي. هن حال
احوال وٺڻ شروع ڪيا مون کي ٻڌايائين ته هي هڪ پاڪستاني ڇوڪري، اسلم جو ڪمرو آهي ۽ هو
ٻاهر ويو آهي. تون اڄ رات هتي رهه. ٿوري دير اکان پوءِ اسلم آيو. هو پنجاب جو هو ۽
هتي ايگريڪلچر جو شاگرد هو. هن مون کي سليماني چانهن پياري ۽ بک تي سمهي پيس.
No comments:
Post a Comment