سلوواڪ
مٺڙي ۽ ٻاتڙي ٻولي
اسحاق انصاري
صبح جو اسلم مون کي ڪائيتنڪا هاسٽل جي ٻي بلاڪ ۾ ايجوڪيشن ڊپارٽميٽ جي
آفيس وٺي هليو، جتي هنن ٻڌايو ته منهنجي داخلا پراگ ۾ نه پر سلوواڪيا جي شهر براتيسلاوا
۾ ٿي آهي، انڪري مون کي اوڏانهن وڃڻو پوندو. اسلم، مون کان پڇيو ته؛ اڄ ويندين يا پوءِ؟
مون کيس چيو ته؛ اڄ ئي ويندس. منهنجي ٽرين ڏيڍ بجي هئي. ٻولي سمجھندڙن جي ڪجھه ڪلاڪن
جي ساٿ کان پوءِ وري هڪ ڀيرو مان ڌارين جي
هٿ هيس. مون کي ٽرين اسٽيشن تي، ايجوڪيشن وارن جو هڪ آفيسر ڇڏڻ آيو. ان کي به انگلش
نه پئي آئي. هن مون کي ٽڪيٽ ۽ ڪجھه پيسا ڏنا. هن مونکي اشارن سان واچ تي ٽرين وڃڻ جو
ٽائيم ٻڌايو ۽ پهچڻ جو به ٽائيم ٻڌايو ۽ مون کي ان ٽائيم ته ان اسٽيشن تي لهي پوڻ جو
چيو. مون کي، منهنجي سيٽ تي ويهاري، هن مون کان موڪلايو. ٽرين واقعي به ٻڌايل ٽائيم
تي سيڪنڊ ضايع ڪرڻ کان بغير هلي پئي. هڪ سليپر جهڙو ڪمرو هو، اتي سلواوڪ همراهه مون کان گونگن جي ٻولين ۾ حال احوال
وٺڻ لڳو، هن پنهنجي سيني تي هٿ رکي چيو “سلوواڪيا”، مان سمجھي ويس ته هو منهنجو ملڪ
پڇڻ ٿو چاهي. کيس جواب ڏنم، هن وري بنهي هٿن جا مڪا ٺاهي، هڪ کي پاڪستان بڻايو ۽ ٻي
کي افغانستان ۽ پاڻ ۾ ٽڪرائڻ لڳو. مطلب هيس ته اسان ٻئي ملڪ پاڻ ۾ دشمن آهيون ته مون
کيس چيو ته نه دوست آهيون. ايئن حال احوال ٿيندا رهيا. چئن ڪلاڪن کانپوءِ ٻڌايل ٽائيم
تي گاڏي، هڪ اسٽيشن تي پهتي مان به الله توهار ڪري اتي لهي پيس.. هئي ته شام پر سياري
جي شام هجڻ ڪري جلدئي اوندهه پکڙجي وئي هئي. اسٽيشن تي لهي، مون هڪ ٽيڪسيءَ واري کي
ايڊريس ڏيکاري. هن مونکي ۱۰ منٽن جي ڊرائيو کان پوءِ هڪ پراڻي بلڊنگ وٽ ڇڏيو. وڏو ڪاٺ
جو دروازو کولي اندر داخل ٿيس ته رسيپشن تي هڪ پوڙهي ويٺي هئي. ان پوڙهيءَ کي به انگريزي
نه پئي سمجھه ۾ آئي، هن مائڪروفون تي ڪو اعلان ڪيو، ٿوري دير ۾ هڪ قداور، سهڻو جوان
آيو جنهن جي انگلش سٺِي هئي هن ٻڌايو ته هو ٽيچر آهي ۽ هاسٽل تي هن جي ڊيوٽي آهي. هن
رسيپشنسٽ ۽ منهنجي وچ ۾ ترجمان جا فرض ادا ڪيا. پروفيسر، ڀرسان گذرندڙ عرب کي منهنجو سامان کڻڻ لاءِ چيو ۽ رسيپشنسٽ
منهنجي چادر، ڪمبل ۽ ٽوئليٽ پيپر هڪ ويتنامي گڏيءَ کي ڏنا ۽ مون کي ڪمري تي پهچائڻ
لاءِ چيو. اتي رهڻ کان پوءِ خبر پئي ته هر ڪمري ۾ ننڍا لائوڊ اسپيڪر لڳل هيا ۽ رسيپيشن
تان جڏهن اعلان ڪيو پئي ويو ته هر هنڌ ٻڌو پئي ويو ۽ گھربل ماڻهو اتي پهچي پيو، پراگ
۾ به حميرا کي رسيپشنست ان نموني گھرايو هو. ڪڏهن ڪڏهن ان اسپيڪر تان موڪل واري ڏينهن
گانا به هلايا ويندا هيا.
ڪمري ۾ يمن جا ڇوڪرا هيا. جن جي انگريزي به ويل هئي پر مان کين اهو ٻڌائڻ
۾ ڪامياب ويس ته بکيو آهيان. هو رسيپشن تان اٻاريل پٽاٽا کڻي آيا ۽ بريڊ سان ڏنئون
بکايل هجڻ جي ڪري زهر مار ڪري کاڌم.
اسان جي ڪلاسن شروع ٿيڻ ۾ هفتو کن هو، مون کي ڪاوڙ به آئي ڇو جو هنن ليٽر
۾ لکيو هو ته جي مان ۳۱ جنوريءَ تائين نه پهتس ته منهنجي اسڪالرشپ رد ڪئي ويندي. مون
براتيسلاوا کي گھمڻ شروع ڪيو، ٿڌ اڃان هئي، اها فبروريءَ جي شروعات هئي. اسان کي پهريائين
سلواڪ ٻوليءَ جا ڪلاس اٽينڊ ڪرڻا هيا. ان اسڪول ۾ ٻاهريان شاگرد رهيل هيا، جيڪي گھڻو
ڪري ڪميونسٽن ملڪن مان آيل هيا. اتفاق سان انهن ڏينهن ۾ ڪو به پاڪستاني، انڊين يا بنگلاديشي
شاگرد ڪو نه هيو. پاڪستان مان کاٻي ڌُر جي پارٽين وارا سويت يونين ۽ ٻين سوشلسٽ ملڪن
۾ شاگرد موڪليندا هيا. پر اتي رهندي اهو احساس ٿيو ته انهن پارٽين مان آيل شاگرد گھڻو
ڪري سرگرم ڪارڪن نه هيا پر ڪنهن نه ڪنهن اڳواڻ جي سفارش تي پهتا هيا. هڪ ٻه ڇوڪرا ته
اسلامي پارٽين جا به هيا. ٻيا جيڪي هيا اهي گھڻو ڪري منٽو ۽ سي آر اسلم جي ويجھن مائٽن
يا دوستن جي اولاد مان هيا. پراگ ۾ ٻه سنڌي هيا هڪ دودو سومرو ۽ ٻيو ابرار مري.
ڪا به مصروفيت نه هجڻ ڪري ۽ ٻولي نه اچڻ ڪري مان اچي ڦاٿس. ٻاهر شهر
۾ به سڀ ڪجھه سلواڪ ٻولي ۾ لکيل هو جنهنڪري خبر نه ٿي پئي ته اهو دڪان ڇا جو آهي يا
اهو ڪو ريسٽورنٽ آهي يا وري ڪنهن اسڪول جي ميس. مان، شهر جي وچ مان وهندڙ ڊينيوب نديءَ
جي ڪناري وڃي ويهندو هيس. هاسٽل ۾ جيڪا ماني ڏني ويندي هئي، کائي نه سگھندو هيس، ڊائننگ
هال ۾ ويندي اوڪارا ايندا هيا. ڇو جو هنن جي
پنهنجي خوشبو هئي جيڪا مونکي نه وڻندي هئي. انڪري ٻاهر کائيندو هيس يا وري ڪمري ۾ يمن
وارن وٽ بجليءَ جو چلهو هوندو هو جيڪو هو لڪي استعمال ڪندا هيا، مون به ان تي رات جو
ماني ٺاهڻ شروع ڪئي.
نيٺ اسان جا ڪلاس شروع ٿيا.
اسڪول جي عمارت چوڪور شڪل واري ۽ ٻن منزلن تي ٺهيل، جنهنجي مٿين فلور
تي هاسٽل هئي ۽ پهرين فلور تي ڪلاسز هيا. هتي جيڪي به شاگرد ٻين ملڪن مان ايندا هيا
انهن کي سلوواڪ ٻولي ۽ ٻيا سبجيڪٽ يعني ميٿ، فزڪس ۽ ڪيمسٽري وغيره به سلوواڪ ٻولي
۾ پڙهائي ويندي هئي ڇو جو هنن کي پنهنجي يونيورسٽي واري تعليم سلوواڪ ٻوليءَ ۾ حاصل
ڪرڻي هئي. پر اسان جيڪي پي ايڇ ڊي ڪرڻ آيا هياسي، انهن کي هڪ سيمسٽر رڳو سلوواڪ ٻوليءَ
۾ پڙهڻو هو، باقي ٿيسز سلوواڪ يا ڪنهن به بين الاقوامي ٻولي يعني انگلش، فرينچ يا اسپينش
۾ ڪري سگھون پيا، بشرطيڪ گائيڊ پروفيسر کي اها ٻولي ايندي هجي. اتي اسان کي يعني پي
ايڇ ڊي وارن کي اسٽوڊنٽ نه پر اشپيرانت سڏيو ويندو هو.
صبح جو ڪلاس ۾ داخل ٿيس ته اتي ڇهه ست ٻيا شاگرد ويٺل هيا. اسان هڪٻئي
کي وش ڪندا ڪرسين تي ويهي رهياسين. ويٺلن مان ڪنهن کي به انگريزي نه پئي آئي. انڪري
رڳو مرڪن مان ڪم پئي هلايو سين. ٿوري دير ۾ ڀريل بت سان، ڪلين شيو، ڪمپليٽ سوٽ ۾ هڪ
جينٽلمين داخل ٿيو. جنهن پنهنجو تعارف ڪرايو. جيڪو اسان مان ڪنهنجي به پلئه نه پيو.
هو رڳو سلوواڪ ۾ ڳالهائي رهيو هو ۽ اسان مان ڪنهن کي به اها ٻولي نه پئي آئي. پر هو
بغير پريشانيءَ جي اهڙي نموني ڳالهائي رهيو هو ڄڻ اسان سندس ٻولي سئو سيڪڙو سمجھي رهيا
هجون. شڪر ٿيو ته ٿوري دير کان پوءِ هڪ ڊگھو ۽ ٿلهو شخص ڪمري ۾ داخل ٿيو جنهن ٽٽل ڦٽل
انگريزيءَ ۾ پنهنجو تعارف ڪرائيندي ٻڌايو ته هو هن اسڪول جو ڊائريڪٽر آهي، هن رهڻ جا،
ڪارڊ ٺهرائڻ جا ۽ ٻيا رهنمائي وارا اصول ٻڌايا. ان کان علاوه هن اهو به ٻڌايو ته ڪهڙي
نموني ۽ ڪڏهن اسان کي ماهانو ملندو، ان کان پوءِ اسان جي استاد جو تعارف ڪندي ٻڌايائين
ته هن جو نالو يوزف ويلڪي آهي، اسان واري استاد پنهنجي سونن ڏندن سان کلي ڀليڪار ڪئي.
ان کان پوءِ وري هن اسان کي پنهنجو پنهنجو تعارف ڪرائڻ لاءِ چيو. سڀ کان پهريائين ٿورو
گنجي، هلڪي قد ۽ صاف رنگت واري پنهجو تعارف ڪرائيندي ٻڌايو ته هو الجزائر جو آهي ۽
سندس نالو ايادي عزيزالدين آهي ۽ پي ايڇ ڊي ڪيمسٽري ۾ ڪندو، ان کان پوءِ هڪ ٻئي آفريڪا
جي همراهه ٻڌيو ته هو محمد آهي ۽ سندس تعلق گني بسائو سان آهي ۽ هن جي پي ايڇ ڊي فيلڊ
به ڪيمسٽري آهي، گني بسائو جي ئي ٻي هڪ ڊگھي همراهه پنهنجو تعارف ڪرائيندي چيو ته منهنجو
نالو بينگورا آهي ۽ کلڻ لڳو پهريائين ته هن جي کلڻ تي حيرت لڳي پر پوءِ خبر پئي ته
اها سندس عادت آهي، هن کي پي ايڇ ڊي فارميسي ۾ ڪرڻي هئي. گھنڊيدار وارن واري مشڪي ڪلر
واري قد جي ننڍڙي ٻڌايو ته هو سائوٿ يمن جو
آهي ۽ سندس نالو عبدالقادر آهي، سندس ريسرچ زولاجي ۾ هوندي، ان کان پوءِ عراق جي ڊگھي
۽ فيئر ڪلر واري وڏين مڇن واري ٻڌايو ته هو علي آهي، ميٿيميٽڪس سندس شعبو آهي. فيڊل
ڪاسترو جي جواني جي تصويرن جهڙي شخص ٻڌايو ته هو پيرو ملڪ جو آهي ۽ سندس نالو خورخي
آهي پر هن چيو ته توهان جارج چئي سگھو ٿا ۽ هن جي تحقيق جو ميدان به ڪيمسٽري هو. سنهي
سيپڪڙي سونهري وارن واري، ننڍي عمر واري ڇوڪريءَ ٽينا پنهنجو تعارف ڪرايو ته هو ايسٽ
جرمنيءَ مان هتي ميڊيڪل پڙهڻ آئي آهي، انڪري هن کي ٻيا سبجيڪٽ نه پڙهڻا آهن، رڳو سلوواڪ
ٻولي جا ڪلاس اٽينڊ ڪرڻا آهن تنهنڪري هوءَ هن ڪلاس ۾ ائي آهي. مون به کين پنهنجو تعارف
ڪرايو. اهڙي ريت اسان جو پهريون تعارف ٿيو. انکان پوءِ وري يوزف(جوزف) ويلڪي پڙهائڻ
۾ شروع ٿي ويو. اسان لاءِ جهڙو دٻي ۾ ٺڪريون، اسان کي ڪڏهن ڪڏهن کل به پئي آئي ڇو جو ايئن لڳي رهيو ته ڪو ٻاتو ٻار ڳالهائي
رهيو هو، ان جو سبب اهو آهي ته ان ٻوليءَ ۾ ٽ، ڊ، ئي ڪونهي، هو ٽ جي جڳهه تي ت ۽ ڊ
جي جڳهه تي د استعمال ڪندا آهن. اهو هو منهنجو پهريون ڏينهن ٻولي واري اسڪول ۾ جنهن
جو پورو نالو هو “اُونيورزيتا ڪومينسڪيهو، اُوستاو يازيڪووي اَ اودبورني پريپراوي زهرانيچنيخ
اشتودنتوو
Univerzita Komenského, Ústav
jazykovej a odbornej prípravy zahraničných študentov
يعني ڪومينس يونيورسٽي جو ٻولي ۽ سبجيڪٽ جي تياري ڪرائڻ جو مرڪز.
ڪومينس يونيورسٽي سلوواڪيا جي مشهور يونيورسٽي آهي، جيڪا مشهور تعليمدان
يان امونس ڪومينس جي نالي سان آهي، هو بنيادي طور تي چرچ سان لاڳاپيل هو پر هو پهريون
شخص هو جنهن زور ڏنو ته ڪتاب لاطيني يا ٻين ٻولين جي بجاءِ سهنجا ڪري، تصويرن وسيلي
سمجھاڻي ڏئي مادري ٻولي ۾ ڇپايا وڃن. هو سورهين صديءَ جي آخري ڏهاڪي ۾ ڄائو ۽ سترهين
صديءَ جي اٺين ڏهاڪي ۾ وفات ڪيائين. هو رڳو چيڪ يا سلوواڪ تائين محدود نه هو پر هن
يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ تعليم جي سلسلي ۾ ڪم ڪيا ۽ مختلف اسڪيمون ٺاهيون.
نيٺ اسان به آهستي آهستي سلوواڪ ٻوليءَ ۾ روان ٿيڻ لڳاسين. پر اسانجو ڪلاس روم مونکي ڪنهن زماني ۾ ٽي وي سيريل
”مائنڊ يور لينگوئيج” جهڙو لڳندو هو. اچار ڪڍڻ ۾ همراهن کي مشڪلات ٿيندي هئي. عربي
وارا پ جو اچار نه ڪڍي سگھندا هيا انڪري ٻڌائيندا هيا “ب، پر باڪستان واري، مطلب هوندو
هو. پ، پاڪستان واري”، اسپينش ۽ آفريڪن کي به ڪافي اچار نه ايندا هيا، باقي مونکي ڪو
مسئلو نه ٿيندو هو ايستائين جو هنن جو هڪ اچار “ڃ” وانگر به نڪري ٿو. سلوواڪ ٻولي جا
اکر ليٽن وارا آهن، (جنهنکي اسان انگريزي سمجھندا آهيون)، باقي ڪجھه اچار ڪڍڻ لاءِ
هنن ڪن اکرن جي مٿان اڻي، يا مد، يا ٻه ٽٻڪا ڏئا آهن مثال طور ”چ“ جو اچار ڪڍڻ لاءِ
هنن C جي مٿان ابتي مد ڏئي č، هاڻي اهو ٿي پيو چ يا وري ش جو اڇار ڪڍڻ لاءِ S جي مٿان
مد ڏني ته š ٿي پيو. سلوواڪ يا سلاو ٻولين ۾ انگريزي J جو اچار
هو “ي” ڪڍندا آهن انڪري اخبار وارا به هنن جي نالن ۾ غلطي ڪندا آهن.
اسانجا دوست رات جو پب تان، نيون نيون گاريون سکي ايندا هيا ۽ پوءِ صبح
جو پروفيسر کان ان جو مطلب پڇندا هيا، هو ويچارو هڪو ٻڪو ٿي ويندو هو پر پوءِ واضع
ڪندو هو ته اها هڪ قسم جي گار آهي. پروفيسر، لفظ ٻڌائي چوندو هو ته اهي پنهنجن جملن
۾ استعمال ڪيو، ان وقت به وڏا مزا ٿيندا هيا. هو ننڍا ننڍا سوال به ڪندو هو. اسان واري
عراقي دوست کان هڪ ڀيري پڇيائين ته “منجھند
جي مانيءَ ۾ ڇا کاڌو“ ته هن جواب ڏنو، “پان پروفيسر، يا سوم ييدول ڪُوروا” استاد ۽
جيڪي سمجھن پيا، اهي کِل ۾ ٻٽجي ويا، علي، حيرانيءَ مان اسان کي ڏسڻ لڳو. هن چيو هو
ته ” مسٽر پروفيسر، مان ڪُوروا کاڌي” اصل ۾ هن کي چوڻو هيو ته هن مرغي کاڌي. مرغيءَ
کي سلوواڪ ٻوليءَ ۾ ڪُورچا چيو ويندو آهي پر هن ڪُوروا چيو جنهن جو مطلب طوائف آهي.
الجيريا جي ايادي عزيزالدين ۾ وري ڊاڙ هڻڻ جي عدات هوندي هئي ۽ هر معاملي
۾ چوندو هو “اسان وٽ به آهي”، مثال طور جي چئبو ته “اسان وٽ سمنڊ آهي” ته هو اڌ جملي
۾ ئي چوندو “اسان وٽ به آهي”، جي پروفيسر چوندو ته سلوواڪيا ۾ ڪڻڪ ٿئي ٿي ته هو جواب
ڏيندو “اسان وٽ به آهي”، جي چئبو ته اسان جي
ملڪ ۾ جبلن جي وڏي ۾ وڏي چوٽي آهي ته ٺڪ آواز ٻڌبو “اسان وٽ به آهي” “اسان وٽ آهي”.
هڪ ڀيري، پيروءَ جي خورخي هن کي تنگ ڪرڻ لاءِ، اسان کي اک ڀڃندي چيو ته “ٿائيلينڊ
۾ وڏي فحاشي آهي”، اڌ جملي ۾ ئي ايادي عزيزالدين جو آواز گونجيو ““اسان وٽ به آهي”.
سڀ ٽهڪن ۾ ٻٽجي ويا، هن کي پوءِ پنهنجي غلطيءَ جو احساس ٿيو. پر ان مان هڪ فائدو ضرور
ٿيو ته هو پوءِ ان جملي کي احتياط سان ۽ گھٽ استعمال ڪرڻ لڳو.
اسانجي دوست يمن واري عبدالقادر جي باري ۾ هڪ ڳالهه مشهور ٿي ته هو هڪ
ريسٽورنٽ ۾ ويو، بيري مينو اچي سامهون رکيس، پر سڀني کاڌن جا نالا سلوواڪ ٻوليءَ ۾
هجن، پنهنجي پر ۾ هن بيري کان به ٻن ٽن کاڌن جي باري ۾ پڇيو پر پوءِ به کيس ڪجھه پلئه
نه پيو ته هن قسمت آزمائڻ جو فيصلو ڪيو ۽ فال واري انداز ۾ اڱر کي ڦيرائي هڪ هنڌ رکي
بيري کي اها ڊش آڻڻ لاءِ چيائين. بيري جڏهن اهو کاڌو سندس آڏو رکيو ته هن کي نه وڻيو.
هڪ ٻه گرهه کڻي بس ڪري ويهي رهيو، ايتري ۾ ڏٺائين ته پريان هڪ همراهه مرغي کائي بس
ڪئي ۽ بيري کي سڏي چيائين “ايشتي راز”، ۽ بيري وري ساڳي مرغي واري ڊش کڻي اچي هن کي
ڏني. عبدالقادر، ڏاڍو خوش ٿيو ڄڻ گم ٿيل خزانو مليو هجيس. هن به بيري کي سڏي چيو “ايشتي
راز”. بيري سندس آڏو پيل ڀريل پليٽ کي ڏٺو، پوءِ وري هن کي ڏٺائين پر هن اشاري سان
کيس چيو ته جلدي ڪر. بيرو واپس آيو، سندس ٽيبل تي کاڌو رکيائين ته اهو ساڳو پهريون
وارو کاڌو هو. اصل ۾ هن سمجھيو هو ته “ايشتي راز”، ڪُڪڙ کي چيو ويندو آهي، جڏهن ته
ان جي معنى هئي “هڪ ڀيرو ٻيهر”.
اسان خريداري به اشارن سان ڪندا هياسين. پر وري به اهو شڪر هو جو اسڪول
جي ڀرسان ٽن فلورن وارو هڪ وڏو مارڪيٽ Prior هوندو هو
جتي هر شئي ملي ويندي هئي. قيمت به لکيل هوندي هئي ڪا بارگينگ نه ڪرڻي پوندي هئي هونئن
به اتي بارگيننگ جو ڪو رواج نه هو. انڪري مون جهڙي ماڻهوءَ کي وڏي سهولت هوندي هئي
ڇو جو مون کي بارگيننگ ڪرڻ ئي نه اچي. چيڪوسلوواڪيا ۾ انگريزي نه سيکاري ويندي هئي،
ان کي ڪيپيٽلزم جي زبان سمجھيو ويندو هو. تنهنڪري اسان شروع شروع ۾ گونگا لڳا پيا هوندا
هياسين. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هنن جي پڙهائڻ جو انداز سٺو هوندو هو جنهنڪري جلد ئي اسان
کي ٻولي سمجھه ۾ اچڻ لڳي پر ان جو هڪ سبب ٻيو به ٿي سگھي ٿو ته جيئن ان کان علاوه ڪا
ٻي ٻولي نه پئي سمجھي وئي انڪري اسان سکڻ ۽ ڳالهائڻ لاءِ مجبور به هياسين. انکان سواءِ
هاڻي اها ڳالهه به سمجھه ۾ اچي وئي ته چڱو جو استاد انگريزي نه ڄاڻندو هو ڇو جو انڪري
اسان سندس ڳالهه کي سمجھڻ لاءِ غور ڪرڻ لڳاسين ۽ پنهنجي ڳالهه به اڌ اکري سمجھائڻ جي
ڪوشش ڪرڻ لڳاسين.
سلواو ٻولين (سلاو قومن ۾ يوڪرائين، پولش، سلووينين، رشين وغيره اچي وڃن
ٿا) جو گرامر سنسڪرت سان ملندڙ آهي انڪري هنن وٽ انگريزي ٻولي جيان سبجيڪٽ، اسم يا
ضمير ساڳو نه ٿو رهي پر تبديل ٿيندو رهي ٿو.
No comments:
Post a Comment