Wednesday, April 10, 2013

سکر کان مريءَ تائين محبت جو سفر خالد ٻانڀڻ

سکر کان مريءَ تائين محبت جو سفر
خالد ٻانڀڻ
اسان جي ڪوچ، رات جي وقت مريءَ جون پهاڙيون چڙهڻ لڳي ته بس ۾ خيال مٽائڻ لاءِ ”او بلما“ جي گاني تي سمورا دوست خوب انجواءِ ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳاسين. ڇو جو مريءَ جو ڏکيو ۽ ور وڪڙن وارو رستو، رات جي اونداهيءَ ۾ اڃا وڌيڪ خوفائتو لڳي رهيو هو. اڃا ڪجهه هزار فوٽن جي اوچائي تي مس چڙهيا هونداسين ته آسمان ۾ ڇانيل ڪڪرن مان ڪرندڙ برف جي ڳڙن اسان جو استقبال ڪيو، جيڪي سنبل جي ڊگهن وڻن، پهاڙن ۽ روڊ مٿان ائين ڪري رهيا هئا، ڄڻ ڪو ئي ڪپهه جا ٻڙا ڇٽي رهيو هجي. رات جي وقت، مريءَ جي شهر ڏانهن ويندڙ هن روڊ جو سفر، اسان لاءِ انتهائي پرڪشش هو. پري پري تائين ڏهرن، پهاڙن جي چوٽين تي رنگ برنگي بتيون ٽمٽائي رهيون هيون. اسان جي اڳلي منزل پنجاب هائوس هيو، جتي پنجاب حڪومت پاران صحافين جي وفد لاءِ بندوبست ڪيو ويو ھيو. هتي هڪ ٻي ڳالهه چوڻ ضروري سمجهندس ته هن مهل تائين اسان جيترو به سفر ڪيو هو، ان ۾ نصرالله وسير، مدثر ڪلهوڙو ۽ عمران شيخ جا ڀوڳ چرچا ۽ صلاح الدين جي ڪڪڙ وارن آواز ڪڍڻ تي ٽهڪن جا ٽاڪوڙا متل هئا. شايد رات جا ۹ ٿيا هئا، اسان پنجاب هائوس جي گيٽ تي پهتاسين. مون کي برف تي هلڻ جو تجربو نه هيو. جنھن سبب الاهي وزني بريف ڪيس، ريلنگ تي ڇڪيندو، هائوس جي چاڙهي چڙهي رهيو هئس ته پير نڪري ويا. وڃي برف مٿان ڦهڪو ڪيو. هٿن گوڏن ۾ ڏاڍا ڌڪ لڳا. ان کان پوءِ هڪ مان نه پر ڪافي سنگت جون قطارون لڳي ويون، رڳو ڦهڪا هئا. مون کي فاروق سومري، بريف ڪيس ڇڪرائي، ڪمري تائين پهچرايو. ها هڪ ٻي ڳالهه ته سکر پريس ڪلب جي صحافين واري وفد ۾ پنوعاقل جا صحافي دوست جنهن ۾ فقير پريل دايو، عبداش ڊيهو، منير شيخ ۽ مولانا عبدالله چاچڙ به گڏ هئا. اسان پنجاب هائوس پهچي ڪري، سي ايم واري اين اي ايڪس اي ۾ ٺهيل ڪمرن تي پنهنجو سامان اڃا مس رکيو هو ته ٻاهر سنوفال شروع ٿي وئي. دوستن جي رڙين تي مان ٻاهر نڪري آيس. ڇو ته مون کي سنو فال ڏسڻ جو ڏاڍو شوق هو ۽ اها سنوفال جيڪا پهريان رڳو ٽي وي تي ڏٺي هئي، اڄ نه رڳو ان کي ڏٺو پر سنوفال سان سڄو پاڻ کي اڇو ڪري ڇڏيو. ائين لڳي رهيو ھيو، ڄڻ جسم تي اڇي چادر ويڙهي ڇڏي آهي.

برف، آسمان مان، ڪپهه جي سنهڙن ٻڙن وانگر، پنجاب هائوس مٿان ڪري رهي. پنجاب هائوس به سڄي پنجاب جيان، ڏاڍو خوبصورت ٺهيل آهي. رات جي وقت، دوستن جي ڪچهري دوران، عمران ۽ مولانا عبدالله جي وچ ۾ ڀوڳن جو سخت مقابلو ٿي ويو. مولانا لڳل شرط موجب، ٻاهران مٿي تي برف کڻي ڪمري ۾ اچي پهتو. هاڻي اها ڪهڙي شرط هئي بلڪل نه ٻڌائيندس. بهرحال ٻاهر سنوفال اندر سخت سرديءَ سبب هلندڙ هيٽر ۽ ڀوڳ چرچن ماحول کي گرمائي ڇڏيو. صبح جو جڏهن اٿياسين ته مُنهن ڌوئڻ لاءِ پاڻي ڪو نه هيو. معلوم ڪرڻ تي خبر پئي ته؛ سڄي رات سنوفال سبب، پاڻيءَ واريون ناليون ڄمي ويون هيون. ٻاهر جڏهن مريءَ جو خوبصورت صبح ڏسڻ لاءِ آياسين ته اسان واري ڪوچ سميت پنجاب هائوس، پهاڙ، وڻ برف سان ويڙهيا پيا هئا. پورو مري شهر، برف جي اڇي چادر ۾ سهڻو منظر پيش ڪري رهيو هو.
اسان ناشتو ڪري، مري شهر جو مال روڊ گهمڻ لاءِ نڪري پياسين. پر ڪٿي ائين نه ٿئي جو جاويد ميمڻ، فقير جلال ڀيو، مجيد نوناري، گل مهر، نويد کهڙو نه ڪاوڙ جي پون. انهن جو ذڪر ڪرڻ ضروري سمجهان ٿو. جاويد ميمڻ سکر کان مري ۽ واپسي تائين رستي ۾ فروٽ سميت دوستن جي خدمت ۾ سرگرم ليڊر وارو ڪردار ادا ڪندو رهيو. ڪنهن به دوست کي شڪايت جو موقعو نه ڏنائين. باقي چاچو يار محمد سڀني کان پهرين صبح جو سوير لانگ بوٽ پائي تيار لڳو بيٺو رهيو. سکر پريس ڪلب جو مئنيجر اسلم دايو بس جي هزاريا ڊرائيورن ۽ سمورن دوستن رستي ۾ سکر پريس ڪلب جهڙيون خدمتون انجام ڏنيون. اسان مري جي بازارن ۽ مال روڊ تي سڄو ڏينهن گهمڻ دوران، اڪثر دوست ٽولن ۾ هليا وياسين. اسان جي حصي ۾ نصرالله هيو. ايوبيا پوائنٽ تي پهچڻ لاءِ، نصرالله گهوڙي تي چڙهي پيو ۽ اسان پيادل ۳ ڪلو ميٽر پنڌ ڪري پهتاسين. پر واپسي لاءِ پيرن ساٿ ڇڏي ڏنو. هٿ سان هلائيندڙ هڪ ريڙهي تي چڙهي پياسين. پٺاڻ سؤ روپيه وٺي سنڌ هائوس جي ڀرسان لاهي ڇڏيو. اسان کي سنڌ هائوس ڏسڻ جو شوق هيو. جڏهن اتي پهتاسين ته ڏاڍي مايوسي ٿي. ڇو ته سنڌ هائوس جو اهڙو حشر هيو، جهڙو هن وقت سنڌ جو آهي. هڪڙو چوڪيدار بيٺو هيو. ان کان جڏهن پاڻي گهريوسين ته؛ چيائين ڏسان ٿو شايد پاڻي به ڪونه هوندو.
سنڌ وانگر پنجاب وارن، سنڌ هائوس جو پاڻي بند ناهي ڪيو، پر سنڌ جا جيترا به وڏا وزير ٿيا آهن، انهن ڪڏهن لڙي سنڌ هائوس ناهي ڏٺو ته ڪهڙي حال ۾ آهي. سنڌ هائوس سان بيدردي جو داستان ٻڌي، اسان پنجاب هائوس ڏانهن هلي پياسين. ٻئي ڏينهن اسان جو سفر پٽرياٽا واري وادين ۽ نئين ٺهيل چيئر لفٽ لاءِ شروع ٿيو، جتي اسان جو استقبال پنجاب ٽوئرازم جي جنرل مئنيجر ۽ چيف انجنيئر ڪيو. هڪ چيئر لفٽ تان لهي، ٻي جديد چيئر لفٽ تي چڙهي، شملا پهاڙين کان ڪجهه ڪلو ميٽر پري واري فاصلي تي، هڪ پهاڙي تي لٿاسين. پر اتي به ايندي ويندي چيئر لفٽ ۾ ڇوڪرين ۽ سفر ڪندڙ ماڻهن سان جيڪي ڀوڳ چرچا ٿيا اصل ڏاڍو مزو آيو. برف تي سڄو ڏينهن انجواءِ ڪرڻ دوران، ٽوئرازم وارن منجهند جي مانيءَ جو اتي هڪ هٽ نما هوٽل ۾ بندوبست ڪيو ھيو. اتي بريفنگ ڏني وئي. اتي هڪ پشتو نوجوان، خيبر ڌنن تي سرندي مان ايڏا ته مٺا سر ڪڍي رهيو هو جو اسان ان جي چوڌاري چوڪڙي ٺاهي، مڌر ڌنن جو مزو وٺندا رهياسين. سُرندي سان فوٽو به ڪڍرايا.
پنجاب، ٻين ترقين سان گڏ، پاڻ کي ٽوئرازم ۾ به پٺتي ناهي ڇڏيو. پٽرياٽا پوائنٽ ۽ ايوبيا پوائنٽ تي روزانو ۱۲ سؤ کان مٿي ٽوئرسٽ اچن ٿا. جتي لکن جي ڪمائي ٿئي ٿي. پنجاب حڪومت ۵۰ هزار نوجوانن لاءِ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ذريعي ۳ مهينن جي انٽرنشپ رکي آهي، جتان هر اميدوار ۱۰ هزار ماهوار وظيفو کڻي ٿو. ۱.۵۵ ارب روپين جو ماڊل وليج ٺاهيو ويو آهي. اسان اڳ ۾ ذڪر ڪري آيا هئاسين ته ڏکڻ پنجاب ۾ ايڏي گهڻي ترقي ناهي پر شهباز شريف حڪومت جي دعوى آهي ته انهن ڏکڻ پنجاب ۾ ۲۷۰ ارب روپين جا منصوبا ڏنا آهن، جيڪي پرويز الاهي جي دور ۾ ۱۶۸ ارب روپين جا هئا. پيٽرياٽا ۾ شام ٿي وئي. واپسيءَ تي نيو مري مان دوستن خريداريءَ بعد پنجاب هائوس جو رخ ڪيو. اها اسان جي اتي آخري رات هئي. ٻئي ڏينهن تي مال روڊ جي نفيس نازڪ حسين پرين جي جهرمٽ ۽ هن واديءَ جي سائي چهچ پهاڙن کي هٿ لوڏي الوداع ڪيو ۽ ڪوچ جا ٽائر تيز رفتاريءَ سان پهاڙن جي روڊن کي چيريندا اسلام آباد سفر ڪري اچي ليڪ ويو پارڪ ۾ هڪ وڳي پهتاسين.

ليڪ ويو پارڪ گهمڻ ۽ ڍنڍ ۾ ٻيڙيءَ تي سير پڻ ڪيوسين. جتي هڪٻئي کي پاڻيءَ جا ڇنڊا هڻڻ بعد، ٻاهر اچي گروپ فوٽو ڪڍرايوسين. بعد ۾ ڪوچ ۾ چڙهياسين. اسان جي اڳلي منزل، ڪشمير هائوس هو، جتي ٽن ڏينهن جي رهائش ۽ منجهند جي ماني اسان جي انتظار ۾ هئي. سامان ڪمرن تي رکي، ماني کائڻ بعد، ڪجهه ڪلاڪ آرام ڪيوسين. اڄوڪي شام، هر ڪنهن لاءِ فري هئي. سمورا دوست گهمڻ لاءِ نڪري وياسين. ٻئي ڏينهن صبح جو آزاد ڪشمير جي وزيراعظم چوڌري عبدالمجيد ناشتي تي گهرايو هو. ٺيڪ ۹ وڳي، وزير اعظم ڪشمير هائوس ۾ پهتاسين. اسان جي سامهون هڪ اڪيلي ڪرسي پيل هئي، جنهن جي هڪ پاسي پاڪستان ته ٻئي پاسي ڪشمير جو جهنڊو رکيل هو. ڪجهه منٽن جي انتظار کانپوءِ وزير اعظم سرڪاري پروٽوڪل سان نمودار ٿيو. هڪ ڳالهه ٻڌائي ڇڏيان؛ پاڪستان جي وزير اعظم وانگر هن وزير اعظم جو وڏو شان شوڪت ڪو نه هو. هو سادي انداز ۾ هڪ دوست سان هٿ ملائڻ بعد، ٻن جهنڊن جي وچ واري ڪرسيءَ تي وڃي ويٺو. سڀ کان پهرين سکر پريس ڪلب جي صدر لالا اسد پٺاڻ کي ڳالهائڻ لاءِ گهرايو ويو. جنهن چيو ته؛ ڪشمير حڪومت ، مظفر آباد جي وادي نيلم تائين اسان جي گهمڻ لاءِ بندوبست ڪيو هو پر برف باري جي ڪري رستا بند هجڻ سبب، اسان کي چوڌري عبدالمجيد اسلام آباد جي ڪشمير هائوس ۾ ئي آجياڻو ڏنو. جنهن بعد ڪرسي تي ويٺي ڪشمير جي وزير اعظم ڳالهايو. هن چيو ته؛ ڳڙهي خدا بخش اسان جو سياسي قبلو آهي. سنڌ جي ماڻهن لاءِ هن وٽ الاهي پيار آهي. ڊگهي تقرير ۾ هن ڪشمير جي حالتن بابت تفصيل سان آگاهه ڪيو. جنهن بعد پي ايم هائوس ۾ وزير اعظم سان گڏ ناشتو ڪيوسين. اتان موڪلائڻ کان پوءِ اسان جو موڊ هيو ته دامن ڪوهه تي وڃجي. پر ٻڌايو ويو ته؛ وڏي بس اوڏانهن نٿي وڃي سگهي. اسان، بس گهمائي، شڪر پڙيان پارڪ ڏانهن رخ ڪيو. رستي ۾ پروين شاڪر روڊ نظر آيو. مان دل ۾ ان رستي کي ننديو، جنهن اسان کان خوشبو جهڙي شاعرا روڊ حادثي ۾ کسي ڇڏي هئي. جنهن لکيو هو ته،
”وه تو خوشبو هي، هوائون ۾ بکهر جائيگا،
مسئلا ڦول کا هي، ڦول کدهر جائيگا“.
۽ پروين شاڪر خوشبو وانگر هوائن ۾ وکري ته ضرور وئي پر هن جي شاعري اڄ جي هر عاشق مزاج دلين تي راڄ ڪندي رهي ٿي. اردو شاعري، پروين شاڪر جي شاعريءَ بنا، ڄڻ اڻپوري آهي. خير! اسان شڪر پڙيان پهچي وياسين. شڪر پڙيان سان منهنجون پراڻيون يادون وابستا آهن. مان انهن هنڌن تي اڪيلو نڪري ويس جتي ۱۹۹۷ع ۾ دوست سان گڏ گهميو هئس. ٻن ڪلاڪن تائين پارڪ ۾ پسار ڪرڻ بعد، اسان فيصل مسجد اچي پهتاسين. مسجد کان پهرين اڪيلي ضياءُ الحق جي قبر هئي. هن ۾ ڪو وڌاءُ ڪو نه هو ته قبر جي ٻاهران صرف هڪڙو ڪتو بيٺل هو. اسان قبر ڏسي، دل ۾ کيس ڦٽڪار ڏئي، اڳتي وڌي وياسين. هوڏانهن مسجد گهمڻ لاءِ نارين توڙي مردن جا هشام لڳل هئا. واهه واهه ڇا ته شاهڪار مسجد، شاه فيصل ٺهرائي آهي. عقل دنگ رهجيو وڃي ٿو. شام تائين مسجد تي گذارڻ بعد، اسلام آباد گهمڻ نڪري وياسين. ڪشادو شهر، ڊگها رستا، خوبصورت ماڻهو، ٽريفڪ قانون جي پابندي، دل چيو ته؛ ڪاش سڄو ملڪ ائين ٿي وڃي. اسان کي جلدي ڪشمير جي صدر سردار محمد يعقوب ۷ وڳي رات جي ماني تي گهرايو هو.
ٺيڪ ۷ وڳي ڪشمير هائوس پهتاسين. هتي به ڪو ايڏو وڏو پروٽوڪول ڪو نه هو. صدر ڪشمير، اسان جي آجيان ڪئي ۽ هن پنهنجي تقرير ۾ چيو ته؛ ”شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو شيدائي رهيو آهيان. سنڌ سان عشق جي حد تائين محبت ڪندو آهيان. سنڌ کان ايندڙ ماڻهن جي آجيان ڪري، مون کي دلي سڪون مليو آهي“. اسان پاران کيس اجرڪ ٽوپي جو تحفو ڏنو ويو. بعد ۾ ماني کائي ڪمرن تي واپس اچي وياسين.
جمع جو واپسي سکر ڏانهن پروگرام هيو. ۱۰ وڳي جڏهن بس ۾ چڙهي واپس ٿياسين، اڃا فيضا آباد وٽ مس پهتاسين ته سيد خورشيد احمد شاهه جو لالا اسد پٺاڻ کي فون آيو ته وزير اعظم پاڪستان راجا پرويز اشرف سکر جي صحافين سان ملڻ چاهي ٿو. اسان بس گهمائي، پي ايم هائوس ڏانهن رخ ڪيو پر رستي ۾ سيڪيورٽي جي مسئلن سبب سوا هڪ وڳي بجاءِ ۲ وڳي وڃي پي ايم هائوس پهتاسين، جتي اسان کي ميٽنگ حال ۾ ويهاريو ويو. جڏهن وزير اعظم نمودار ٿيو ته هن جو پروٽوڪول ڏسي مون کي آزاد ڪشمير جو وزير اعظم ياد اچي ويو. وزيراعظم پنهنجي تقرير ۾ چيو ته؛ هن کي سنڌي نه رڳو ڳالهائڻ ايندي آهي پر پڙهڻ به ايندي آهي. هن وٽ روزانو سموريون سنڌي اخبارون اينديون آهن. جتي ۱۵ منٽن جي جاءِ تي اڌ ڪلاڪ ڪچهري ٿي. هن سنڌ بابت حال احوال وٺڻ کانپوءِ خدا حافظ ڪيو.
هاڻي اسان جو رخ سکر ڏانهن هو. اسان موٽروي بجاءِ پراڻي جي ٽي روڊ سان ميانوالي وارو رستو ورتو. شام ۴ وڳي تلاءِ گنگ شهر جي ٻاهران، هڪ هوٽل تي گوبي گوشت سان ماني کاڌي. هوٽل مالڪ ٻڌايو ته؛ تلو ۽ گنگ، ٻه سک ڀائر هئا، جتي ۱۹۱۶ع ۾ انڊيا هتان لڏي ويا. ٻئي پهلوان ڀائر هجڻ ڪري مشهور هئا. ان جي ڪري شهر جو نالو به ڀائرن پٺيان پئجي ويو، اسان مارچ جي صبح جو سکر بئراج تان گذري رهيا هئاسين. سنڌ جون ٿڌيون هوائون واپس موٽي اچڻ تي آجيان ڪئي.

No comments:

Post a Comment