Monday, July 08, 2019

طوطي جي وطن جھڙو پيارو کارو ڇاڻ - عزيز ڪنگراڻي


طوطي جي وطن جھڙو پيارو کارو ڇاڻ
عزيز ڪنگراڻي
Image may contain: sky, outdoor and natureٽيهارو کن سال اڳ، جڏهن حيدرآباد بي ايڊ ڪرڻ ويو هئس، تڏهن دوست فيض محمد ڪلمتي ۽ ڪريم بخش شيخ سان گڏ ميرپورساڪرو وڃڻ ٿيو هو. ڳاڙهو ۽ ڪيٽي بندر ڏسي ورتو هئم. ڪيٽي بندر وٽ، سمنڊ اندر ڦٽندڙ سونهڻ گاهه چرندڙ مال ڏٺو هئم. گاهه ڦٽي کاري پاڻي ۾ پر ٿئي مٺو ۽ جڏهن سڪي ته اڃا به مٺو. ان گاهه جي مشاهدي جي نسبت سان شاهه لطيف جو بيت آهي، جيڪو شاهه جي رسالي جي نسخن ۾ مون کي ملي نه سگهيو آهي:
کاري منجهه کِرَن، ونگ مڙوئي واسيا،
سونهڻ ماهه سيڻن، مرندي ساءُ نه مٽيو.


ڪيٽي بندر ته ويس جو سونهڻ گاهه به ڏٺم پر ڪن مجبورين سبب کارو ڇاڻ جهڙو تاريخي شهر ڏسڻ جي حسرت سونهڻ گاهه جي مٺاس جيئن اندر ۾ رهجي وئي هئي. مون سوچيو به نه هو ته زندگي ٻيهر موقعو ڏيندي ۽ کارو ڇاڻ گهمڻ واري حسرت به پوري ٿيندي. ويجهڙائي ۾ جڏهن ڪراچي کان ماجد شبير وٽ ميرپورساڪرو جي شهر ڳاڙهو ويس ته اتي غلام نبي خاصخيلي ۽ قادر عثمان سان به ڏيٺ ويٺ ٿي. مون سڀ کان اول کارو ڇاڻ وڃڻ جي خواهش ظاهر ڪئي. مان، ماجد ۽ قادر گڏجي نڪتاسين. مون کارو ڇاڻ نالي تي غور ڪيو. منهنجي خيال موجب کارو ڇاڻ تي نالو کارو (سمنڊ) ڇاڻي لوڻ حاصل ڪرڻ جي ڪري کارو ڇاڻ پيو. ممڪن آهي ته نالي پوڻ جو ٻيو به ڪو پس منظر هجي پر مون کي لوڻ وارو پس منظر وڌيڪ قرين قياس لڳي ٿو.
جڏهن پتڻ تي پهتاسين ته منور بلوچ آجيان ڪئي ۽ اسين موٽر واري ٻيڙي تي کارو ڇاڻ ڏانهن روانا ٿياسين. ڪافي پنڌ ڪرڻ کانپوءِ کارو ڇاڻ شهر پهتاسين، جتي ايوب سهتو سان خوب ڪچهريون به ٿيون ته کانئس سريلي آواز ۾ گيت به ٻڌاسين. مون سمجهيو هو ته کارو ڇاڻ سمنڊ جي ڪناري تي هوندو جيڪو قديم زماني کان واپار جي لحاظ کان مصروف پتڻ رهيو هو. مال بردار واپاري ٻيڙا ٻين سامونڊي پتڻن يا بندرن کان اچي هتي لنگر انداز ٿيندا هئا، تڏهن کارو ڇاڻ شاهوڪار پتڻ هوندو. پر هاڻ اهو کارو ڇاڻ ٻيٽ تي آهي. سمنڊ چوڦير پائي ويو اٿس. ماڻهو سيڌو سامان ۽ ايستائين جو پاڻي به ٻيڙين ذريعي آڻين ٿا. ڪاٺ جي گهرن ۾ رهڻ ته سڄي ساحلي پٽي جي اهم شهرن ۾ سلسلو آهي، ته سندن دڪان ۽ هوٽل وغيره به ڪاٺ جا آهن. کارو ڇاڻ شهر واسين جا گهر، دڪان ۽ هوٽل به ڪاٺ جا آهن. زندگيءَ جي بنيادي سهوليتن کان محروم ماڻهو تڏهن به اتي رهن ٿا. اهو حال سنڌ جي اڪثر ريگستاني ۽ ساحلي پٽي وارن شهرن ۽ ڳوٺن جو آهي پر کارو ڇاڻ واسي ٻيٽ تي رهندي پنهنجا پڊ ڇڏڻ لاءِ تيار نه آهن. ڇڏين به ڇو؟ صدين کان سندن اباڻڪا پڊ آهن.
مون کي کارو ڇاڻ شهر، کارو ڇاڻ واسين لاءِ لوڪ ڪهاڻي جي طوطي وارو پيارو وطن لڳو، جنهن جو مرڪزي خيال وطن جي حب آهي. ڪهاڻي ٻڌي هئم ته هڪڙو هو طوطو جنهن جو وطن (واهيرو) سمنڊ ڪناري هڪ وڻ جي ڏار ۾ هوندو هو. جڏهن سمنڊ جي وير چڙهندي هئي ۽ سندس واهيري ۾ پاڻي پوندو هو ته اڏري نڪرندو هو ۽ وير لهندي هئي ته وري اچي واهيري ۾ ويهندو هو. اهڙي ريت آخري دم تائين طوطي پنهنجو پيارو وطن نه ڇڏيو. کارو ڇاڻ واسين جو کارو ڇاڻ شهر، سونهڻ گاهه جي مٺاڻ جهڙو شهر آهي. ان کي زندگي جون بنيادي سهوليتون ملڻ گهرجن.

No comments:

Post a Comment