جهيل سيف الملوڪ
پرين جو آستان
بشير ڪالاڻي
ڪجھ ڏينهن اڳ، واپڊا
پيغام يونين جو اجلاس ضلعي ايبٽ آباد جي تعلقي حويليان جي هڪ خوبصورت وادي ديوال ۾
منعقد ٿيل هو، جنهن ۾ شرڪت لاءِ اسين حيدرآباد کان يونين جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل،
محمد ساجن پنهور جي اڳواڻي ۾ قافلي جي صورت ۾ ايبٽ آباد روانا ٿياسين. ايبٽ آباد روانگي
کان اڳ ئي اسان ڪجھ دوستن طئي ڪري ڇڏيو هو ته يونين جي اجلاس جي پڄاڻيءَ بعد ڪاغان،
ناران، بابو سر ٽاپ، جهيل سيف الملوڪ، شوگران ۽ ٻين تفريحي ماڳن تي گهمڻ هلنداسين.
يونين اجلاس جي
خيرن سان پڄاڻيءَ بعد، واپڊا جا اڪثر دوست پنهنجن پنهنجن گروپن جي صورت ۾، تفريحي
ماڳن لاءِ روانا ٿي ويا ۽ ائين اسان به ڄامشورو ٿرمل ۽ لاکڙا پاور هائوس جي دوستن
گڏجي واديءِ ڪاغان جو رخ اختيار ڪيو. ايبٽ آباد کان ڪرائي تي گاڏي ڪرائي سڌو
مانسهره، بالاڪوٽ، شوگران کان ٿيندا وڃي ناران ۾ ديرو ڄمايو.
رات ناران ۾ ترسڻ
بعد، صبح سوير ستين بجي لولو سر جهيل جو سير ڪندا، بابو سر ٽاپ تي وڃي منزل ڪئيسين.
بابو سر ٽاپ کان ناران واپس موٽندي ڏهن ڪلاڪن جي مسافت ڪرڻ بعد شام جا ۵ ٿي چڪا هئا. حالانڪ جهيل سيف الملوڪ وڃڻ لاءِ اهو وقت ڪنهن قدر مناسب نه
هو، ليڪن جهيل سيف الملوڪ کي ڏسڻ جي تَڙپ ۽ جُنون سِيني ۾ ايترو ته سمايل هو جو توڪل
جا ٻيڙا پار ڪري، ان ئي جيپ ۾ سوار ٿياسين، جيڪا اسان گهمڻ لاءِ ٽن ڏينهن لاءِ بڪ ڪرائي
ورتي هئي.
اسان جي جيپ هاڻي
جهيل سيف الملوڪ ڏانهن رواني ٿي چڪي هئي، ۽ اٽڪل ۱۵ منٽن جي مسافت بعد، جيپ پويان ٻڌل سامان
رَسي کُلي وڃڻ سبب هيٺ ڪري پيو، اسان جيپ بيهاري سامان کي نئين سِر رَسي سان ٻڌي، ٻيهر
جيئن ئي روانا ٿياسين ته ڪجھ پنڌ تي جيپ جو تيل ختم ٿي ويو. جيسين ڊرائيور ٻيءَ
جيپ ۾ سوار ٿي تيل وٺڻ ويو، تيسين اسان ڳالهين ۾ پنهنجو وقت پئي گذاريو. ڳالهين
دوران مون دوستن کي چيو ته پاڻ سان ٻه سنئوڻ ٿي چڪا آهن، الله خير ڪري! مون کي سفر
۾ رَنڊڪ محسوس ٿئي پئي. جنهن تي رفيق ڀٽو چيو ته؛ پوءِ واپس موٽي ناران ٿا هلون.
جنهن تي مون کيس چيو ته؛ هاڻ موٽڻ مهڻو آهي. الله خير ڪندو، جهيل سيف الملوڪ ضرور
هلبو. اڌ ڪلاڪ ۾ اسان جو ڊرائيور، هڪ ٻيءَ جيپ ۾ سوار ٿي، تيل کڻي اچي پهتو.
هاڻ اسان پنهنجي
منزل ڏانهن روانا ٿياسين ته اٽڪل ۲۰ منٽن جي مسافت بعد، اسان جي جيپ سان حادثو پيش آيو. ليڪن
رب پاڪ جي مدد سان اسان سڀئي محفوط رهياسين.
حادثي جي پيش اچڻ
باوجود، اسان همت نه هاري ۽ پنهنجي سفر کي جاري رکيو، ۽ بالآخر واديءِ ڪاغان ۾ سمنڊ
کان ۱۰۵۷۸ فٽ مٿي، ايشيا جي سڀني کان وڌيڪ خوبصورت جهيل سيف الملوڪ جي ڪناري اچي لٿاسين.
چؤطرف وڏا وڏا پهاڙ ۽ انهن جي چوٽين تان ڳرندڙ برف ۽ وچ ۾ وهندڙ صاف شفاف پاڻيءَ
جي ندي، عجب ۽ خوبصورت منظر سامهون هو اکين جي، ۽ ذهن تي اهو پرَيَن جو ٽولو به
تري آيو، جيڪي پري بديع الجمال سان گڏ وهنجڻ اينديون هيون. اصل ۾ هن ئي جهيل سان هڪڙو
لوڪ داستان وابسته آهي، جيڪو ٿورو هن طرح آهي ته:
“شاهه عاصم
نالي هڪڙو بادشاهه هو، جنهن کي سِڪي پِني هڪڙو پُٽ ڄائو هو، جنهن جي خوشيءِ ۾
بادشاهه ڇا ڇا نه ڪيو هوندو. خير پوءِ جوتشيءِ ۽ نجومي پڻ گهرايا ويا، جن کيس نالو
به “سيف الملوڪ” تجويز ڪري ڏنو ۽ ڪجهه ڊيڄاريندڙ اڳ ڪٿيون پڻ ڪيائون. واقعي به
ايئن ٿيو، جڏهن سورهن سالن جو ٿيو، تڏهن عشق جي آوي ۾ اڙجي ويو، سو به پري ذات سان.
هڪ ڀيري سير تفريح لاءِ نڪتو ۽ دور ڪنهن پهاڙي تي ڪو ئي آواز ٻُڌي انهيءَ طرف وڌيو،
جيڪا بديع الجمال پري گُنگنائي رهي هئي.
یہ رات
تمہاری
ایڑیوں سے پھوٹتی
کرنوں کی خوشبو سے معطر ہے
نشیب میں
بہتا ہوا دریا
اس شہر کے
پہلو سے ہو کر گذرے گا
جہاں کی
رات میرے بدن سے بڑھ کر
روشن ہے
میرے
اشکوں کے سوتے
اگر بانجھ نہ ہوتے
تو میں کوئی
چراغ سا آنسو
کسی موج
کی ہتھیلی پر رکھتی
تمہارے
زانوئوں پر سر رکھ کر
مرنے کی
آرزو
میرے عجز
بیاں کی نذر ہوگئی ہے
یہ رات
میری لحد
ہے
اور یہ
دھند میرا کفن
شهزادي بي اختيار ٿي
وڃي پريءَ جي ڪُلهن تي هٿ رکيو ۽ پوءِ اُتان کان عشق جي اُماڙي، شهزادي جي بادشاهي
زندگي کي باهه جو سيڪ ڏيڻ لڳي. هاڻي هن جو سُک چين آرام اُڏامي چُڪو هو، اُن پري
جي پويان ۽ آخر هڪ ڏينهن سندس هڪڙي درويش سان ملاقات ٿئي ٿي. اُهو کيس سندس مُنڊي ڏي
ٿو ۽ پوءِ هي اُن درويش جو ٻَڌو ٻانهون ٿي رهيو ۽ انهيءَ ئي کيس رَستو ٻُڌايو،
انهيءَ پريءَ تائين پهچڻ جو. اُهو رستو ڪيترو پُرخطر ۽ اُهي منظر ڪيترا ڀوائتا
هئا، اهڙا سڀ ڀوائتا منظر پار ڪري آخر اچي انهيءَ جهيل تي پهتو، جيڪا هن جي آخري
منزل هئي. جتي هن جي پري بديع الجمال سان ملاقات ممڪن هئي. هن کي ڀر ۾ ئي هڪڙي پٿريلي
فرش جي ٺهيل جاءِ ملي وئي، جتي طرحين طرحين جا کاڌا هن کي ڪنهن غيب ذريعي ملي
ويندا هئا ۽ هيءُ هر مهيني جي چوڏهين تاريخ پريءَ جو ديدار ڪندو هو، جيڪا پنهنجي
ساهيڙين سان گڏ انهيءَ جهيل جي پاڻيءَ ۾ تڙ ڪرڻ ايندي هئي. جڏهن سڀ پريون پنهنجا ڪپڙا
لاهي پاڻيءَ ۾ لهنديون هيون، تڏهن پاڻيءَ ۾ ڄڻ باهه لڳي ويندي هئي. ايئن ڪيئي ڀيرا
شهزادي بي قابو ٿي کين ويجهو وڃڻ جو سوچيو، پر وري به درويش جي صلاح کان سواءِ ڪجهه
نٿي ڪرڻ چاهيائين ۽ ايئن هڪ ڏينهن خواب ۾ کيس درويش پنهنجو ديدار ڪرائي ٿو ۽ کيس ٻُڌائي
ٿو ته جڏهن پريون جهيل ۾ وهنجڻ اينديون آهن ته سڀ کان پهرين بديع الجمال پنهنجا ڪپڙا
لاهي ويڙهي رکندي آهي، باقي ساهيڙيون پويان سندس ڪپڙن مٿان ڪپڙا رکنديون آهن. تون ڪنهن
به طرح بديع الجمال جو لباس قابوءَ ۾ ڪري وٺجانءِ، پوءِ پري به ڄڻ تنهنجي قابو ۾ ٿي
ويندي ۽ شهزادي سيف الملوڪ ايئن ئي ڪيو. وڃي انهيءَ جاءِ جي ويجهو لِڪي ويٺو، جتي
پريون پسار ڪنديون هيون. هاڻي هي انتهائي بي چيني ۽ بيقراري جو وڏو سمنڊ سيني ۾
سمائي، اکيون ملڪه پربت جي مٿان آسمان ۾ اٽڪائي ويٺو رهيو ۽ اها گهڙي به آئي جنهن
جي اچڻ سان هر سو هڪڙي مدهوش ڪندڙ خوشبوءِ واسو ڪري ويندي آهي.
جڏهن بديع الجمال
پنهنجي چاندي تن ۽ سوني بدن تان ڪپڙا لاٿا ته پوءِ هڪ هڪ ڪري سڀئي پريون ننگيون ٿي
پويان لٿيون ۽ جڏهن هڪ ٻئي سان ڇيڙڇاڙ ڪري مستي ۾ ٿي آيون، تڏهن شهزادي انتهائي
هوشياريءَ سان بديع الجمال جو لباس کڻي ورتو. جڏهن پريون ٻاهر نڪتيون ته بديع
الجمال جو لباس گم هئڻ جي صورت ۾ کين گهٻراهٽ ورائي وئي ۽ حياءُ شرم کان بديع
الجمال جي بدن جا رنگ هوائن جي نظر ٿي ويا. اوچتو شهزادو ظاهر ٿيو ۽ پنهنجي چادر ڪلهن
تان لاهي پريءَ ڏي وڌايائين، پري انڪار ڪيو ته مون کي منهنجو لباس گهرجي، شهزادي
چيو؛ هاڻي ممڪن ناهي. چيائين؛ مون کي حاصل ڪري نٿو سگهين. چيائين؛ بس هڪ وار گلي
مل، موت منظور آهي. پوءِ پري چادر ويڙهي شهزادي سان هٿ ۾ هٿ ملائي رواني ٿي. پري ٻُڌايو
ته بس ڪجهه ئي گهڙين ۾ سفيد ديو ايندو ۽ سڀ ڪجهه تهس نهس ڪري ويندو. اهو مون سان
محبت ڪري ٿو، پر آئون ساڻس نفرت ڪريان ٿي. شهزادي چيو ته؛ پوءِ پرواهه ڇا جي، جيڪڏهن
پيار جا ٻه پل به مليا ته اڪيلائيءَ جي سموري حياتي کان وڌ هوندا. ايئن ٻئي هٿ ۾ هٿ
ڏيئي نڪري پون ٿا ۽ هوڏانهن انتظار ۾ ويٺل سفيد ديوَ کي خبر پئجي ٿي وڃي ته منهنجي
پري کي هڪڙي آدم زاد قابو ڪيو آهي. اکين مان اُلا ڀڙڪائيندو جبلن جا سينا چيريندو،
ٻنهي پريمين جي پويان جاسوس ڪُتي جيان تلاش ۾ نڪري پوي ٿو. جڏهن کيس مايوسي ملي ته
جبلن کي ٻه اڌ ڪري وڌائين، جتان پاڻيءَ جو ريلو ايترو ته طوفاني تيزي سان گذري
رهيو هو جو ڪجهه ئي گهڙين ۾ سموري ڌرتيءَ کي پاڻي پائي ويندو ۽ جتي به هوندا بچي
نه سگهندا. ايئن ئي ٿيو. هي ٻئي پيار جا پکي هٿ ۾ هٿ ڏيئي ڊوڙندا رهيا، ڊوڙندا
رهيا، ٿڪجي پيا، پر منزل ڪا نه ملي، اوچتو هڪ تيز ريلو آيو، جيڪو کين پاڻ سان گڏ
وهائي هليو ويو.”
آس پاس جي منظرن ۾ ڄڻ
آئون اهو داستان اکين سان ڏسي رهيو هُجان. سامهون اولهه طرف کان سڀ کان وڏو پهاڙ،
جنهن کي ملڪه پربت چيو وڃي ٿو، انهيءَ کي سڀئي دوست ڏسون ٿا. جنهن جي چوٽيءَ تان
برف هيٺ ڳڙي رهي هئي. منظر ڏاڍو خوبصورت لڳي رهيو آهي. ايئن پيو محسوس ٿئي ڄڻ
خوابن جي واديءَ ۾ سير ڪري رهيا هجون. ملڪه پربت جي اونچائي ۱۷۶۰۰ فوٽ ٻُڌائي وڃي ٿي.
اسان جا ڪجھ دوست،
شام ٿي وڃڻ سبب، مٿي ئي بيهي رهيا هئا ۽ مٿان ئي جهيل سيف الملوڪ جا منظر پنهنجي ڪيميرا
جي اک ۾ محفوظ ڪندا رهيا. ليڪن مان، عبدالرزاق ميمڻ، مختيار ملڪ، غلام مصطفيٰ دايو
ئي هيٺ لهي ڪاٺين جي ٺهيل پُل تان اُڪرون ٿا، ۽ پوءِ شام جي پهر ۾ جهيل جا منظر ڪيميرا
جي اک ۾ محفوظ ڪندا رهون ٿا. ڪجهه ئي لمحن بعد، مٿي بيٺل دوستن جا واپس اچڻ لاءِ
آواز اچڻ شروع ٿي ويا. ليڪن اسان ڪن لاٽار ڪندي، ٻيڙيءَ ۾ سوار ٿي، دير تائين لطف
اندوز ٿيندا رهياسين.
اسين هاڻ مٿي دوستن
ڏانهن اچڻ شروع ڪيو ۽ واپس ايندي هڪ دڪان تان ۲۰۰ سؤ روپين جا پڪوڙا وٺي، اچي جيپ ۾ ويٺاسين،
ته اوندهه ٿي چڪي هئي، ۽ رات به پنهنجا پورا وار وکيري چُڪي هئي. اسان جي جيپ
کانسواءِ ٻي ڪا به جيپ موجود نه هئي. انڌيري ٿيڻ کان اڳ، نه نڪرڻ سبب، پوليس اسان
جي ڊرائيور کي چيڪ پوسٽ تي وٺي وئي ۽ کانئس ۵۰۰ سؤ روپيه جرماني طور ورتا ۽ پوءِ جلد کان
جلد، جهيل سيف الملوڪ جي علائقي ڇڏڻ جو حڪم ڏنو.
No comments:
Post a Comment