سمون ڪنھن سار وانگي ھو
خير محمد ڪولاچي
ڪيئي سالن کان البرٽا صوبي ۾
رھندڙ دوستن جو زور ھو ته مان ۽ ٻيا دوست ساڻن ملڻ، رھاڻيون ڪرڻ سان گڏ،
ان علائقي جي ڪن من موھيندڙ نظارن کي ڏسڻ وڃون. مخلتف دوستن سان ھر ڀيري اونھاري
جي مند ۾ وڃڻ جو واعدو ڪندو ھوس. پر ٻن ڳالھين جي ڪري اھو واعدو وفا ڪو نه ٿي سگھندو
ھو. ھڪ ڪئناڊا جو مختصر اونھارو جيڪو ايئن گذري ويندو ھو جو خبر ئي نه پوندي ھئي. ٻيو
پنھنجي طرفان نڪرڻ جي سستي. پر دوستن جي تنھن قرب کي شاباش،
جنھن ھيٺ ھو لاڳيتو اچڻ لاءِ زور ڀريندا رھيا، جنھن سان نيٺ
منھنجي سستي کي مات اچي ويئي. تازو اسان جو دل گھريو دوست نواز پنھور صاحب ٽورنٽو
آيل ھو، تنھن سان ملاقات ۾ ھن جلد اچڻ جو واعدو ورتو،
جنھن
تي مان به اوڏانھن وڃڻ لاءِ تيار ٿي ويس. جيتوڻيڪ اونھاري جا پڇاڙڪا ڏينھن ھئا ۽
امڪان ھو ته البرٽا صوبو، جيڪو ٽورنٽو جي نسبت وڌيڪ ٿڌو
آھي، اتي موسم جي جلد ٿڌي ٿي وڃڻ تي گھمڻ ڦرڻ ۾ شايد ڏکيائي ٿئي.
پر اصل سانگو، دوستن سان رھاڻيون ڪرڻ ھو.
تنھن خواھش ھيٺ، موسم جي ٿڌي ٿي وڃڻ جي خدشي کي نظر انداز ڪري،
چوياريءَ جي ڪن دوستن سان وڃڻ جو پروگرام ترتيب ڏنم. ان پروگرام
جي خبر ٻڌڻ تي منھنجي ننڍي پٽ جميل چيو ته؛
”بابا ھاڻ ته اونھاري جي مند،
پڄاڻي کي پھتي آھي. البرٽا ۾ ٿڌ جي شروعات ٿي چڪي
ھوندي. ان ڪري توھان کي گھمڻ ڦرڻ وارو مزو گھٽ ٿيندو. اھڙو
پروگرام اڳ ٺاھيو ھا ته بھتر ٿئي ھا.“ مون کيس وراڻيو ته؛ ”اسان
جي وڃڻ جو اصل سانگو، سنگت سان رھاڻ ڪرڻ آھي.
سو ته پورو ٿيندو. باقي گھمڻ يا سير تفريح،
جيتري به ٿي، اھو واڌو فائدو ٿيندو.“
ايئن
اسان چئن دوستن، جن ۾ مبشر ملڪ، عبدالجبار
لاشاري ۽ ڊاڪٽر شاھد قريشي شامل ھئا تن وڃڻ لاءِ ٽڪيٽون بڪ ڪرائي ڇڏيون.
اسان جي پھرين منزل البرٽا صوبي
جو ايڊمنٽن شھر ھو. جنھن جو ھوائي فاصلو ٽورنٽو شھر
کان اٽڪل ۲۷۰۰ ڪلوميٽر آھي. روڊ رستي اھو ۳۵۰۰ ڪلوميٽر جي لڳ ڀڳ
آھي. ايتري فاصلي لاءِ، ھوائي جھاز جي ٽڪيٽ ڪافي مھانگي
ھوندي آھي. پر اھو مسئلو ھاڻي ڪن نئين ائير لائينن
جھڙوڪ؛ فليئر، لنڪس ۽ سوپ اچي حل ڪيو آھي.
جن جي ٽڪيٽ ۱۵۰ کان ۲۰۰ ڊالرن جي وچ ۾ آھي.
جيڪو وڏين ايئر لائينن جي ڀيٽ ۾ تمام گھٽ آھي. شرط
اھو آھي ته ان ۾ ھڪ ھينڊ بيگ کڻڻ جي اجازت آھي. جيڪڏھن گھڻو سامان
آھي ته ان جي قيمت ادا ڪرڻي پوندي آھي. اسان کي چند جوڙا ڪپڙن کڻي وڃڻ جي ضرورت ھئي،
تنھن ڪري اسان لاءِ اھي نيون ايئر لائينون موزون ھيون.
اسان ڇاڪاڻ ته پنھنجيون
ٽڪيٽون، روانگي کان چند ڏينھن اڳ ورتيون ھيون،
تنھن ڪري موزون وقت وارين اڏامن ۾ سيٽون ڪو نه ٿي مليون. مجبور ٿي رات جو ساڍي ڏھين
بجي ويندڙ لنڪس ايئر جون ٽڪيٽون ورتيونسين، جيڪا ايڊمنٽن شھر
جي وقت موجب ۲ بجي پھچڻي ھئي. سسٽم موجب، اسان کي پنھنجي چيڪ-ان
گھر مان ڪري، بورڊنگ ڪارڊ جي پرنٽ ڪڍي يا ان کي موبائيل فون ۾
محفوظ ڪري، وڃڻو ھو. جيڪڏھن اسان ايئرپورٽ تي ايئر لائين کان بورڊنگ
ڪرايون ھا ته ان لاءِ اسان کي في ماڻھو ۱۵ ڊالر ادا ڪرڻا پون ھا. اھڙن
طريقن سان ھتان جا ادارا ماڻھن کي پنھنجا ڪم پاڻ ڪرارائي پنھنجو وقت ۽
پئسو بچرائين ٿا. ايئن معاملا آٽو سسٽم تي تيزيءَ
سان منتقل ٿي رھيا آھن، جن سان ادارن جو ڪم ۽ خرچ گھٽجي
ٿو.
ان حوالي سان تازو جڏھن مون ھتان
جي گو ٽرين، جيڪا ويجھن شھرن تائين ھلي ٿي،
تنھن ۾ ان جو سسٽم ڏسڻ جي ارادي سان سفر ڪيم ته اڳ جي ڀيٽ ۾ اھي گو ٽرين جون اسٽيشنون،
جتي اسٽاف موجود ھوندو ھو، سي بند پيون آھن. اتي رڳو
مشينون لڳل آھن، جتان ٽڪيٽ وٺي سگھجي ٿي. ٻيو ته گھر مان ڪمپوٽر
يا موبائيل فون ذريعي وٺي سگھجي ٿي. ان سفر دوران اھو به معلوم ٿيو ته ھتان جي ملڪي
ريل گاڏي جي مکيه اسٽيشنز کي ڇڏي، باقي ننڍين سڀني اسٽيشنن
تي عملو گھٽائي، اتي ٽڪيٽ جي سسٽم کي بند ڪيو ويو آھي. پڇڻ تي
معلوم ٿيو ته ھاڻي گھران پنھنجي ٽڪيٽ وٺي اچجي يا پنھنجي فون تان ھنن جي سسٽم ۾ وڃي،
ڪريڊٽ ڪارڊ
ذريعي خريد ڪجي. ھي مغربي دنيا ڪيڏي تيزي سان آن لائين سسٽم تي منتقل ٿيندي ٿي وڃي
سو ڏسي حيرانگي ٿئي ٿي. ھاڻي اھو زمانو ويو جو پسئا کيسي ۾ وجھي ھمراھه وڃي اسٽيشن
تي پھچي، اتان ٽڪيٽ خريد ڪري. ٻيو ته اسٽيشن تي جيڪڏھن عملي جو ڪو
ماڻھو موجود به آھي ته اھو توھان جي مدد ڪو نه ڪندو، فقط معلومات ڏيندو.
توھان وٽ جي فون يا ڪمپيوٽر ڪونھي ته اھو توھان جو مسئلو آھي. ھتي ڪنھن به شعبي ۾
سسٽم جي ڄاڻ نه ھجڻ وارو بھانو يا دليل ڪو نه ٿو ھلي.
ايئر پورٽ تي ڇاڪاڻ ته اسان وٽ
ھٿ ۾ کڻڻ وارو بيگ ھو، ٻيو ته اسان بورڊنگ پاس اڳ ئي پرنٽ ڪري کڻي آيا ھئاسين،
تنھن ڪري سيڪيورٽي چيڪ واري حصي مان لنگھي، بنا دير جي وڃي ان
گيٽ وٽ پھتاسين، جتان اسان کي اڏام ۾ سوار ٿيڻو ھو. اسان وٽ ڪافي
وقت ھو، جيڪو پاڻ ۾ ڪچھري ڪندي يا ڪافي پيئندي،
پئي گذاريوسين. وقت تي بورڊنگ شروع ٿي. جنھن جي پڄاڻي تي
پائلٽ روانگي جو اعلان ڪيو. ايئن اڏام، وقت کان ۱۵ منٽ اڳ اڏاڻي. شايد
بڪ ٿيل سڀ مسافر، اچي چڪا ھئا، ان ڪري وڌيڪ ڇا
لاءِ ترسن.
اتي ياد آيو ته اسي جي ڏھاڪي ۾ ڪڏھن
ڪڏھن بليو لائين جي ويگن ۾ لاڙڪاڻي کان ڪراچي سفر ڪندا ھئاسين. رات جي اھڙي سفر ۾ ڪٿي
ماني يا چانھ لاءِ گاڏي روڪيندا ھئا. ھڪ ڀيري اسان مسافر ڪچھري ۾ مست ھئاسين ته
ويگن جي ڊرائيور ٻه ٽي ڀيرا اچي چيو ته اٿو ھلون ته جيئن مھل تي پھچون،
جنھن
سان رات جي پوئين پھر ۾ ننڊ لاءِ ڪجھه وقت ملي ويندو. ان کي ياد ڪندي مون دوستن کي
چيو ته شايد پائلٽ کي ايڊمنٽن ۾ رات جو جلدي پھچي ننڊ ڪرڻي آھي،
تنھنڪري ھن اڏام وقت کان اڳ اڏاري آھي.
مان دريءَ
واري سيٽ تي ويٺو ھوس. ان دريءَ مان جھاز جي اڏامڻ ۽ لھڻ واري
چرپر ته ڏسي سگھجي ٿي پر پوءِ ھوا ۾ اڏندي زمين جي نظارن
کان اونچو ھوندي مٿي ھڪجھڙو ھوائي منظر ھوندو آھي. سو مون به جھاز جي دري وٽ ويٺي،
وقت گذارڻ جي خيال کان ڪڏھن ڪڏھن دري مان ٻاھر جي جھان تي نظر پئي وڌي.
اڏام ۾ معمول موجب ميزبان ڇوڪريون
پنھنجي ڪم سان لڳيون رھيون. پر تواضع ۾ فقط ھڪ ڀيرو پاڻي
جو گلاس پياريائون. ھنن سستين اڏامن ۾ ٻي تواضع جي سھوليت مھيا ڪونھي. ڪو ضروي به ڪونھي.
ساڍن ٽن ڪلاڪن جي اڏام لاءِ ھر ڪوئي گھران ڪجھه کائي پي اچي،
يا اتي پھچي کائي پيئي. اھڙا خرچ گھٽائي، ھنن ٽڪيٽ سستي ڪئي
آھي. اسان جون سيٽون گڏ ھيون. تنھن ڪري اسان گھڻو وقت،
پنھنجي ڪچھري ۾ مصروف رھياسين. تنھن سبب،
سفر سولائيءَ سان پئي گذريو.
اڏام جو اٽڪل اڌ وقت گذريو ته گھڻو
وقت واندو رھندڙ، انھن چند فضائي ميزبانن مان ھڪ ميزبان عورت عبدالجبار
لاشاري کي ٻڌائڻ لڳي ته ھو ڏسو دري کان روشنيون نظر اچي رھيون آھن. ان جو نظارو ڏسو.
ساڳي ڳالھه ھن مون کي به چئي. اھو ھوءَ ڪافي مسافرن کي ٻڌائيندي
رھي. مان دري واري سيٽ تي ويٺو ھوس، تنھن ڪري سولائي
سان ڏسي پئي سگھيس. نظر وڌم ته اترين علائقن ۾ روشني چٽي پٽي نظر اچي رھي ھئي. پر
نه ڪو رنگ نه وري ڪو ان جي چرپر جو چھچٽو. پري ھجڻ تي انھن
روشنين جو چٽو نظارو ڪو نه ٿي نظر آيو. سوچيم ته ھن ملازم واندڪائي ۾ ڪيترن مسافرن
جو ڌيان ڇڪائي خدمت جي ڪا ڪارروائي ته وڌي.
اتر ۽ ڏکڻ قطبن ويجھو نظر ايندڙ
ھنن رنگين روشنين لاءِ اڳ ڪي ڏند ڪٿائون موجود ھيون. پر ھاڻي انھن تي تحقيق کان
پوءِ سائنسي سبب، سامھون اچي ويو آھي،
جنھن موجب سج مان برقي قوت سان ڀريل جزا، تيز رفتاريءَ
سان ھر طرف وڌن ٿا. زمين جي مدار مٿئون جو
مقناطيسي تھُ، انھن کي پوئتي ڌڪي ٿو ڇڏي،
پر اتر
۽ ڏکڻ قطبن وٽ مقناطيسي تھَ جي ڪمزور ھئڻ ڪري،
اھي برقي جزا زمين جي مدار ۾ داخل ٿي وڃن ٿا، جيڪي اسان جي فضا ۾
موجود ائٽم ۽ ماليڪيولن سان ٽڪرائين
ٿا ته رنگ برنگي دائري جو منظر ٺھي ٿو ۽ اھي چرپر ڪن ٿيون. منظر ايئن لڳندو آھي ته
ڄڻ اھي روشنيون جھمر ھڻن ٿيون. انھن رنگين روشنين جي چرپر دلڪش ٿئي ٿي.
تن کي ڏسڻ لاءِ ڪي سياح، انھن علائقن جو رخ ڪندا آھن.
ماضيءَ
۾ اتر قطبن ويجھو ڪيترن ملڪن جي ماڻھن جو انھن روشنين بابت پنھنجو پنھنجو ويساھه
ھو. ڪن موجب اھي اسان جي مري ويل شڪارين جا روح آھن، جنھن ڪري انھن
روشنين سان احترام ۽ خوف وارو تصور لاڳاپيل ھو. ڪي انساني دنيا ۽ ديوتائن جي دنيا
جي وچ ۾ ان کي ھڪ روشنيءَ جي پل چوندا ھئا.
ٿورو وقت گذريو ته پائلٽ اعلان ڪيو
ته اسان اينڊمنٽن پھچڻ وارا آھيون. ھاڻ اسان جو جھاز
لھڻ جي مرحلي ۾ داخل ٿئي ٿو. ايئن مقرر وقت کان اٽڪل اڌ ڪلاڪ اڳ ئي جھاز اچي لٿو. اسان
پنھنجا ننڍا بيگ کڻي، جھاز کان ٻاھر نڪري،
ايئرپورٽ بلڊنگ ۾ داخل ٿي، ٻاھر نڪرڻ واري رستي تان ھلندا
آياسين. ھيءَ مقامي اڏام ھئي،
ان ڪري پھچڻ کان پوءِ ڪو ٻيو مرحلو ڪو نه ھو. تنھن ڪري جلد ٻاھر
نڪري آياسين.
ايڊمنٽن ھوائي اڏي تي پھچندي،
مون عمران شيخ کي اطلاع ڏيڻ جي مقصد سان فون ڪئي. ھن ٻڌايو ته ھو اڳ ئي اسان کي ڀليڪار
ڪرڻ لاءِ ايئرپورٽ تي موجود آھي. جڏھن اسان جي وڃڻ جو پروگرام پڪو ٿيو ته ان جي
خبر فقط ايڊمنٽن شھر جي ھڪ ٻن دوستن کي ھئي. عمران شيخ کي جيئن ئي نواز
پنھور کان اھا خبر پئي ته ھن فون ڪري، مون کان
اچڻ جي پروگرام جي پڪ ورتي. اتي چيائين ته؛
”مان توھان کي وٺڻ لاءِ ايئرپورٽ پھچي ويندس.“
ھو ايڊمنٽن
کان ٽن ڪلاڪن جي ڊرائيو تي ڪيلگري شھر ۾ رھندو آھي. ٻيو ته ھو ذميواري
عھدي تي، ڪيلگري سٽي جو انجنيئر آھي. اسان خميس ڏينھن پھچي رھيا
ھئاسين. ڊيوٽي واري ڏينھن ھجڻ ڪري ھن جي ذميوارين جو به فڪر ھو
پر ھن چيو ته؛ ”جيڪي چار ڏينھن
توھان ھتي ھوندا، ان جي مون موڪل وٺي ڇڏي آھي“.
اھو چئي ھن منھنجو اھو خدشو ختم ڪري ڇڏيو ته متان ھن کي نوڪريءَ
جي ذميوارين جي ڪا رنڊڪ نه ھجي.
عمران شيخ جو تعلق دادو شھر
ويجھو ھڪ ننڍي ڳوٺ دڙي سان آھي ۽ پيشي جي لحاظ کان سول
انجنيئر آھي. سن ۲۰۰۴ ۾ ھو ڪئناڊا آيو ھو، جتي ھن سول
انجنيئرنگ ۾ ماسٽرس ڪئي ھئي، جنھن ڊگري جي بنياد تي ھو البرٽا
صوبي ۾ انجنيئر جي عھدي تي فائز آھي. ٽورنٽو ۾ رھڻ دوران نواز پنھور، عمران شيخ ۽
اسان ھڪ پاڙي ۾ اٽڪل ٽي سال رھيا ھئاسين ۽ ڏينھن ٻئي اسان جي ملاقات ۽ ڪچھري ٿيندي
ھئي. ھو محفل جو مور ھوندو آھي. نوڪريءَ جون ذميواريون احسن
طريقي سان نڀائڻ سان گڏ چوياري ۾ پنھنجي خوش مزاجيءَ سان رنگ ڀريندو آھي.
اھو ناتو اھڙو پڪو ٿيو جو اسان ھڪ ٻئي سان ملڻ ۽ رھاڻ ڪرڻ جو موقعو ڳوليندا آھيون.
ايڊمنٽن ايئرپورٽ ننڍو
آھي. تنھن ڪري جلد ٻاھر نڪري آياسين. مقامي
اڏام ھئڻ ڪري چڪاس جو ڪو مرحلو ڪو نه ھو. ايڊمنٽن شھر بابت،
ڄاڻ ڏيندو
ھلان ته ھيءُ، ڪئناڊا جي البرٽا صوبي جي گاديءَ
جو ھنڌ آھي. ھن شھر جي آبادي، اٽڪل ۱۲ لک آھي. شھر نھايت
منصوبه بندي سان ٺھيل آھي. جنھن جي انفرااسٽڪچر ۾ جديد
ضرورتن موجب واڌارو ۽ بھتري آندي وڃي ٿي. ھن شھر جي خوبين ۽ سھوليتن سان گڏ ھتي جي
ٿڌ، ھڪ ڏکيائي آھي. ھن شھر ۾ سياري جي مند جي ٻن ٽن مھينن
دوارن ڪافي ٿڌ رھي ٿي. ڪن ڏينھن ۾ گرمي پد منفي ٽيھن يا ان کان وڌ تائين به ڪري
پوي ٿو. اھڙي سخت ٿڌ کان بيزار ٿي نوان آيل ڪي ھي شھر ئي ڇڏي ويندا آھن. پر اڄ جي
جديد دور ۾، جتي ٿڌ کي منھن ڏيڻ جا سسٽم موجود آھن اتي،
ھتان جي اصلوڪي آباديءَ وانگر گرم ملڪن مان آيل اميگرنٽس
به منھن ڏئي ٿا وڃن. سندن مالي خوشحالي ۽ ترقي جي قوت ۽
خوشي جي سامھون اھا ٿڌ اھميت ڪانه ٿي رکي. انسان ۾ اھا قوت ۽ لچڪ موجود آھي جنھن
سان ھو بيحد گرم ۽ سخت ٿڌن علائقن ۾ گذاري سگھي ٿو
۽ انھن موسمياتي حالتن واري طرز زندگي کي اختيار ڪري گذاري ٿو.
اصل ۾ ھي مقام جنھن تي ايڊمنٽن
شھر اڏيل آھي سو ڪنھن زماني ۾ ھتان جي اصلي باشندن جي ملڻ ۽ گڏجڻ جو مقام ھو. سن ۱۷۹۵ ۾ ھن ئي علائقي ۾
پوءِ يورپ مان فر جا واپاري ۽ ڪمپنيون آيون جن ۾ ھنڊسن بي ۽ نارٿ ويسٽ ڪمپنين پنھنجا
مرڪز قائم ڪيا. وقت سان ھن ھنڌ جي آبادي وڌندي ويئي. سن ۱۸۹۲ ۾ جڏھن ھن کي شھر
جو درجو مليو ان وقت ھتان جي آبادي ۷۰۰ ھئي.
ھن شھر ۾ ھڪ وڏو شاپنگ مال آھي.
سن ۱۹۸۱ع کان ۲۰۰۴ ع تائين ھي مال دنيا جو سڀ کان
وڏو شاپنگ سينٽر ليکيو ويندو ھو.
البرٽا صوبو،
ڪئناڊا
۾ تيل پئدا ڪندڙ صوبو آھي. ان تيل جي مالڪي به صوبو ئي ڪري ٿو. ان ناتي
ھي ڪئناڊا جي ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ امير صوبو آھي. بنيادي طور تي ھي زرعي صوبو آھي
جتي وڏي مقدار ۾ ڪڻڪ، ڪنولا، مڪئي، جو، چڻا ۽ دالين جي پئداوار ٿيندي آھي.
زراعت سان جڙيل مالوندي به خوراڪ جو وڏو وسيلو رھيو آھي. ھاڻ تيل
سان گڏ واپار ۽ صنعتن جي واڌاري ھن صوبي جي اقتصادي حالت ۾ وڌيڪ قوت پئدا ڪري ڇڏي
آھي. اٽڪل ۴۵ لک آبادي جي ھن صوبي جي پکيڙ اٽڪل ساڍا ۶ لک چورس ڪلوميٽر
آھي. ايتري زمين ۽ تيل جي آمدني، سا ھن ننڍي
آبادي تي خرچ ٿئي ٿي. جنھن سبب صوبائي آمدني، صوبي جي انفرااسٽڪچر
جي بھتري سان گڏ، ماڻھن جي ڀلائيءَ تي به خرچ ڪئي وڃي ٿي.
ان خوشحاليءَ
جو فائدو ھو اتان جي باشندن کي منتقل ڪندا رھن ٿا. اتي روزگار جا
وسيع موقعا آھن. ان سان گڏ، اتان جي صوبائي سرڪار،
ڪو
صوبائي ٽئڪس ڪا نه ٿي وٺي. مٿان وري بجلي جي
بلن ۽ ٻين بلن ۾ صوبائي سرڪار، پنھنجي ماڻھن تي بلن جو بار گھٽ
ڪرڻ لاءِ انھن بلن جو ھڪ حصو ادا ڪري ٿي. ان سبب ھتان جي آباديءَ
۾ ڏينھون ڏينھن واڌارو ٿي رھيو آھي ۽ ماڻھو سٺي روزگار ۽ مالي خوشحالي لاءِ ھيڏانھن
جو رخ ڪن ٿا.
ايئرپورٽ کان ٻاھر آياسين ته
عمران شيخ اسان جي آجيان لاءِ موجود ھو. اسان سڀني سان دوستي اٿس.
تنھن ڪري سڀني سان قرب سان اچي مليو. خيريت پڇڻ سان گڏ سفر جو وقت ڪيئين گذريو
تنھن بابت خبر چار ورتائين. ان کان پوءِ سندس گاڏي ۾ سوار ٿي ان بنگلي تي پھتاسين
جيڪو اسان ايئر بي اينڊ بي واري خدمتن جي وسيلي ھيٺ ٻن ڏينھن لاءِ بڪ ڪرايو ھو. اسان
جو خيال ھو ته ڪنھن ھوٽل ۾ ڪمرا بڪ ڪرايون پر مبشر ملڪ جو رايو ھو ته ڪو بنگلو بڪ ڪرايون
جيڪو رھڻ ۾ وڌيڪ آرام دھ ٿيندو. ھن انٽرنيٽ تي ڳولا ڪري اسان جي رھائشي ضرورتن
موجب ڪشادو بنگلو بڪ ڪرايو جيڪو ھوٽل جي ڀيٽ ۾ سستو به رھيو ته رھڻ ۾ وڌيڪ سھوليتن
وارو.
مغربي دنيا جا ماڻھو،
جتي ڪاروبار جا رستا ڳولڻ جا ماھر آھن، اتي ھو نوان طور
طريقا اختيار ڪرڻ تي پنھنجو ذھن لڳائين ٿا. انٽرنيٽ جي استعمال سان آن
لائين ڪاروبار ڪندڙ اميزان جيڪو ھن وقت ڪاربار جو وڏو عالمي ادارو بڻجي ويو آھي. ھي
ادارو پاڻ ڪو اسم ڪو نه ٿو ٺاھي، نه وري ڪو پنھنجي شيءِ
وڪڻي ٿو. ھو ماڻھن کي ھڪ ٻئي کان خريد فروخت ڪرڻ جو پليٽفارم مھيا ڪري ٿو. ھن آن لائن
ڌنڌو شروع ڪندڙ جيف بيزوز جو شمار دنيا جي چند امير ماڻھن ۾ ٿئي ٿو. ھو آمريڪا جي
مشھور ۽ طاقتور اخبار واشنگٽن پوسٽ خريد ڪري،
ان جو مالڪ بڻيل آھي. ھن ئي اخبار ۾ سعودي صحافي جمال خشوگي لکندو ھو. چيو وڃي ٿو
سعودي حڪومت خلاف لکڻ تي کيس ترڪي ۾ سعودي سفارتخاني اندر قتل ڪيو ويو ھو. ان
واقعي تي جتي ترڪي، آمريڪا ناراض ٿيا ۽ سعودي وليعھد محمد بن سلمان کي سفارتي ڏکياين
سان منھن ڏيڻو پيو اتي ان کي اخبار جي مخالفت کي منھن ڏيڻو پيو ھوس
جنھن سان سندس تعلقات جيف بيزوز سان خراب ٿيا. جيف جي پوءِ فون
جي رڪارڊنگ ذريعي جاسوسي ٿي. جنھن تي شڪ ٿيو ته اھا سعودي
وليعھد ڪرائي آھي.
ائين ھي ڪرايي تي گھر، رھائش يا
ڪمري وٺي ڏيڻ واري اداري، ايئر بي اينڊ بي وٽ ڪرائي تي ڏيڻ
لاءِ پنھنجي ڪا جاءِ ڪونھي. ھو ماڻھن کي رابطو ڪرائي، انھن خدمتن جو
معاوضو وٺندا رھن ٿا. ان ذريعي سان ڪرائي تي رھائش وٺندڙ پڪو وسيلو ھئڻ ڪري مطمئن
رھي ٿو.
اسان جو ڪرائي تي ورتل بنگلو،
ايئرپورٽ جي ويجھو ھو. جتي ٿوري دير ۾ اچي پھتاسين. اسان تي دوست نواز پنھور جو
زور ھو ته اسان سندس گھر ۾ رھون پر اسان کيس اھو چئي مطمئن ڪيو ته اسان سان ملڻ کوڙ
ماڻھو ايندا ويندا رھندا. ان ڪري جدا رھائش موزون رھندي. جيترا ماڻھو اچن يا ڪچھريءَ
جا ٽھڪ ۽ تاڙا لڳن ته به خير آھي. ٿيو به ائين، رھائش تي ٻين وڳي
پھچي وياسين ۽ ڪچھري ۾ محو ٿي وياسين. کوڙ ساريون ساروڻيون، ڪي نوان قصا، ھڪ ٻئي
جي تازي حال احوال کان ويندي کل مشڪريءَ جو دور ھلندو رھيو.
عمران شيخ ھڪ ته خوش مزاج ماڻھو آھي ٻيو ته اسان سندس من پسند مھمان ھئاسين،
ان ڪري ڪچھري پوري زور شور سان جاري رھي. وقت جي خبر ئي نه پئي پئي. دل ٿي چاھيو ته
اھو رنگ ڊگھو ھلندو رھي پر پنجين وڳي ان احساس ھيٺ ڪچھري برخواست ٿي ته جي ٿورو
وقت ننڊ ڪو نه ڪنداسين ته سڀاڻي ڏينھن جو اوجاڳي سبب سست رھنداسين. ٻئي ڏينھن
مصروفيتون ۽ ميل ملاقاتن جو وڏو پروگرام ترتيب ڏنل ھو،
ان ڪري وڃي آرامي ٿياسين. اسان مان ھڪ ساٿي مبشر ملڪ جلد وڃي ستو ھو،
سو صبح سوير اٿي چاءِ ڪافي تيار ڪرڻ ۾ لڳي ويو ته اسان به ٿورو آرام ڪري اٿي ڪافي
پيئڻ لاءِ ايندا وياسين ۽ محفل وري مچندي ويئي.
ايئر بي اينڊ بي جي رھائش ۾،
نيرن جون ڪئي شيون ته موجود ھجن ٿيون جيڪي کٽل ھيون يا پسند
جون ھيون سي عمران ۽ مان گڏ وڃي ويجھي دڪان تان وٺي آياسين. ان سان ڪافي چاءِ سان
گڏ نيرن به تيار ڪري ورتيسين. ڪافي ۽ نيرن ۾ مشغول ھئاسين ته نواز پنھور جو پيغام
آيو ته اٿي ويا آھيو يا نه. مون کيس وراڻيو ته اسان نه فقط اٿي ويا آھيون پر محفل
کي گرم ڪيون ويٺا آھيون. منھنجي ان جواب کان پوءِ ھن ٻن ٽن منٽن ۾ اچي گھنٽي وڄائي.
سندس بقول ھو اچي چڪو ھو پر اھو چيڪ ڪرڻ لاءِ ميسيج موڪليو ھئائين ته ڪٿي اسان اڃا
ستا نه پيا ھجون. پوءِ ھو به اسان جي محفل جو حصو بڻجي ويو. نواز پنھور لاجواب ماڻھو
آھي. سندس شخصيت بابت سوچي مون کي فارسي زبان جو اھو بيت ياد ايندو آھي جنھن موجب جتي
ڪو مٺو چشمو ھوندو آھي ماڻھو، پکي ۽ جانور ان تي اچي مڙندا آھن.
ٽورنٽو ۾ ھن جي ڪري ئي اسان سنڌي
دوستن جو پاڙو ٺھيو ۽ چوياري جو لطف وڌيو. جڏھن ھو ايڊمنٽن شھر اچي
رھيو ته ھتي به ڪيئي دوستن کي نوڪري وٺي ڏنائين ۽ ھتي نئين
شھر جتي سنڌي اڳ گھٽ ھئا اتي نئون ميلو مچائي ڇڏيائين. اھڙن ماڻھن لاءِ ئي شاھ
سائين چيو آھي ته
ماڻھو سڀ نه سھڻا، پکي سڀئي نه ھنجھ،
ڪنھن ڪنھن ماڻھوءَ
منجھ، اچي
بوءِ بھار جي.
منجھند ڌاري نواز پنھور ۽ ساٿين
سان گڏ ان مسجد طرف وياسين جيڪا ھنن دوستن ھمٿ ڪري ٺھرائڻ شروع ڪئي آھي. اتي جمعي
جي نماز پڙھڻ سان گڏ ڪن دوستن سان ملڻ جو موقعو ملڻو ھو پر منھنجي دلچسپي ان
منصوبي کي ڏسڻ به ھئي. ان لاءِ ٻڌايائون ته سن ۲۰۱۲ع ۾
جڏھن مسجد ٺاھڻ جي خيال سان موزون ھنڌ تي زمين جي ڳولا شروع ڪئيسين ته جيڪا ٽي ايڪڙ
زمين وڪري لاءِ موجود ھئي، سا رھائشي علائقي جي ويجھو ھئي
تنھن ڪري ميونسپالٽي ان زمين تي عبادتگاھ ٺاھڻ ۽ اھڙن مقصن لاءِ زون منظور کان انڪار
ڪيو ھو. اھڙي صورت ۾ ساڳئي زمين وٺڻ رسڪ ھو پر ھنن نوجوانن ھمٿ ڪري معاملي ۾ ھٿ وڌو.
ڪوششن سان جتي ان زمين تي مسجد ٺاھڻ جي منظوري ملي اتي جلد پوءِ سٽي
ڪائونسل ان جي ويجھو امام بارگاھ ۽ سکن جي گردواري ٺاھڻ جي منظوري ڏني. انھن ٽنھي
عبادگاھن تي تعمير جو ڪم جاري آھي.
مسجد جي زمين لاءِ گھربل رقم
ادا ٿي ته ھاڻي اتي مسجد ۽ ان سان لاڳاپيل خدمتن جي ادارن لاءِ تعمير جو ڪم شروع ٿيل
آھي. مون کي سندن ھمٿ کي داد ڏيڻو پيو جو ھٿين خالي ھنن ھن منصوبي ۾ ھٿ وڌو جيڪو
ھاڻ اڳتي وڌي چڪو آھي. ان زمين تي شروعات ۾ ٺھيل جم جي ھال ۾ اڄڪلھ نماز ٿئي ٿي.
ھي ڪئناڊا جي پرامن معاشري جي
سونھن آھي جو مختلف مذھبن جون عبادتگاھون ويجھيون آھن.
پر ھر ھڪ، ٻئي جي مذھب ۽ مذھبي ويساھ جو
احترام ڪري ٿو. جنھن ڪري ھر ڪو پنھنجي عبادت ڪري ٿو. ٻئي جي
معاملي سان تعلق نه ٿو رکي. نه وري ٻئي
جو ڪو فڪر ڪري ٿو. ياد اٿم ته ٽورنٽو ۾ ھڪ نئين مسجد جي
شروعات تي پارڪنگ جي جاءِ گھٽ ھجڻ کي محسوس ڪندي سامھون چرچ جي پادري مسجد جي
انتظاميه کي اچي چيو ته توھان کي پارڪنگ جي ڏکيائي نظر ٿي اچي.
توھان جمعي جي ڏينھن چرچ جي پارڪنگ جي ايريا ۾ گاڏيون پارڪ ڪندا ڪريو.
اتان واندا ٿياسين ته منجھند جي
ماني جو وقت ٿي چڪو ھو. مانجھاندي لاءِ اڳ ئي اويس لغاري اسان سان طئي
ڪري ڇڏيو ھو. مسجد مان ھڪ ديسي ھوٽل، جنھن جو نالو راجا
فوڊ ھو تنھن، طرف وياسين ته جيئن پنھنجي پسند جا
کاڌا کائجن. اسان جي پسند اھا ئي ديسي کاڌا. جيتوڻيڪ ھتي جي مغربي، يورپي، چيني کاڌن
مان ڪي سٺا ۽ صحت بخش آھن پر پنھنجي ڪڙھائي،
تڪا، ۽ ٻين ڪن ديسي ڊشن تي حاوي ٿي نه سگھيا آھن. اسان جتي به ھجون ڪوشش ڪندا
آھيون ڪو ديسي ھوٽل ڳوليون. ان ارادي سان راجا فوڊ ھوٽل تي اچي ويٺاسين. ديسي ھوٽلن
۾ گھڻو ڪري ھندستاني ڇوڪريون ڪم ڪن. ڪٿي پاڪستاني به ھونديون آھن. نوجوان ڇوڪريون
تن جي ڊريس مغربي، ڳالھائينديون انگريزي ٻولي ۾ ڇو ته ھتي پلجڻ يا ھتي تعليم حاصل ڪرڻ
دوران ھو گھڻو ڪري انگريزي ٻولي ڳالھائين ٿيون. کين ديسي کاڌي جو آرڊر انگريزي ٻولي
ڳالھائيندي ڏنوسين. جنھن ۾ دوستن پنھنجي پسند جي کاڌن
جو آرڊر ڏنو پر مون ان ۾ دال شامل ڪرائي. ھتي ڪڪڙ ۽ گوشت جي جام استعمال سبب،
دال ۽ سائي ڀاڄي شوق سان کائيندا آھيون. ٿيو به ايئن سڀني ھي ڊش،
شوق سان کاڌي. دال پنھنجي ملڪ ۾ غريب ماڻھو جو کاڌو آھي پر جڏھن خوشحالي ۾ ان کي
کائڻ بند ڪجي ٿو ته اوترو ئي ان کي کائڻ جي طلب وڌي ٿي. غريبي ۾ ان جي ڪثرت سان
کائڻ ڪري بيزاري سان گڏ ان تي ڪيئي ٽوٽڪا ۽ شعر ٺاھي مشڪري ڪئي وڃي ٿي.
لنچ ڪرڻ دوران ھتي جي دوستن
سميع ميمڻ، قربان پنھور، نواز پنھور، عمران شيخ ۽ اويس لغاري جي چوياري سان گڏ ٽورنٽو
مان آيل اسان جو دوست ڊاڪٽر چندر شيخر ھري راماڻي جيڪو پڻ ھتي تقريب ۾ شرڪت جي
سانگي آيل ھو سو به لنچ ۾ شريڪ ٿيو. ڊاڪٽر چندر
شيخر ھري راماڻي جو تعلق دادو سان آھي ۽ ٻن ڏھاڪن کان ڪميونٽي جي خدمتن ۾ اڳڀرو ۽
سانا جو عھديدار رھي چڪو آھي. ايندڙ سانا جي چونڊن ۾ پڻ ھو انفارميشن سيڪريٽري جي
عھدي لاءِ اميدوار آھي. ڪچھري ۾ دوست مقامي ماحول، يارن دوستن جو احوال،
سندن سماجي زندگي، ڪيريئر ۾ ترقي بابت ڳالھيون ڪندا رھيا. جيتوڻيڪ ھو سڀ ھتي خوش
آھن پر ٽورنٽو جي چوياري، سوشل لائف کي ياد ڪندا رھيا. عملي طور تي ٽورنٽو ڄڻ سندن
ڳوٺ آھي. ھڪ ڀيري جميل نظاماڻي ڪنھن ڪم سانگي ڪئلگري شھر کان ٽورنٽو آيل ھو،
اتي کيس پاڪستان مان ڪنھن عزيز جو فون آيو ته ڪٿي آھين کيس وراڻيائين ته؛
مان ڳوٺ آيل آھيان.
اسان ان دعوت مان واندا ٿي
بنگلي تي پھتاسين جتي ٿورو تازو توانو ٿي شام جي وقت ھڪ تقريب ۾ شرڪت ڪرڻي ھئي. اسان
جي ھال ۾ پھچڻ تي معلوم ٿيو ته سڀ ماڻھو پھچي چڪا ھئا ۽
اسان جي انتطار ۾ ھئا. ھيءَ تقريب سانا ايڊمنٽن چيپٽر جي
نئين چونڊيل باڊي طرفان منعقد ڪئي ويئي ھئي، جنھن جو بنيادي مقصد
سانا مرڪز جي چونڊن ۾ صدارتي اميدوار ڊاڪٽر مقبول ھاليپوٽي ۽ سندس ٽيم جي اميدوارن
کي آجياڻو ڏيڻ ھو. ھال ۾ پھچڻ تي ڪيئي دوست، جيڪي اڳ ٽورنٽو ۾
رھي چڪا ھئا سي، اچي قرب سان مليا ۽ خبرون چارون ڪندا رھيا. ڪن
سان غائباڻو تعارف ٿيل ھو يا سوشل ميڊيا جي ذريعي رابطي ۾ ھئا. ڪن نون سان ھتي
تعارف ٿيو.
سانا جي ھن چيپٽر جو نئين چونڊيل
صدر عطاءُ الله ملاح جو تعلق منھنجي علائقي سان آھي. يارو لاکير نالي ننڍي
ڳوٺ سان پنھنجي صلاحيتن تي پاڻ ٺاھيندي پنھنجي ترقي جاري رکيائين. ھاڻ ايڊمنٽن شھر
۾ رھي ٿو، جتي پنھنجو ڪاروبار ڪري ٿو. ھتي
ڪميونٽي جي خدمتن ڪرڻ جي ڪري ھو ھڪ متحرڪ ڪردار آھي. ھو اسٽيج سيڪريٽري جا فرائض
انجام ڏيندي، شاھ لطيف ۽ ٻين شاعرن جا شعر ٻڌائي،
محفل ۾ جان وجھندو رھيو. ايڊمنٽن شھر جي مقامي دوستن طرفان،
خيالن جي اظھار سان گڏ، سانا مرڪز جي چونڊن ۾ حصو وٺندڙ
اميدوارن پنھنجا ويچار ونڊيا. نوجوانن جي نمائندگي ڪندڙ ڇوڪري سرھاڻ ميمڻ پڻ خيالن
جو اظھار ڪيو. سرھاڻ سميع ميمڻ جي نياڻي آھي جنھن جي تربيت سميع صاحب اعتماد ڏيارڻ
واري انداز سان ڪئي آھي. سميع موجب مون پنھنجي نياڻين کي اعتماد ڏنو آھي ته توھان
جنس جي بنياد تي گھٽ ڪو نه آھيو. پنھنجا ڪم پاڻ ڪرڻ سان گڏ،
ڪنھن
مسئلي جي پيش اچڻ تي، پريشان ٿيڻ بنا،
ان جي حل لاءِ پراعتماد ڪوششون ڪريو. کين ٻڌايو اٿم ته توھان جنھن
مغربي معاشري ۾ رھو ٿا اتي مرد اھو پي، ڀاءُ ھجي يا مڙس ان تي ڀاڙڻ توھان کي ڪمزور
ڪندو.
سنڌي معاشري جو اھو الميو آھي
جو اسان پنھنجو پاڻ کي عورتن جي حقن جا حامي، روشن خيال چئون ٿا پر عملي طور تي
اسان دقيانوسي سوچ جي اثر ھيٺ آھيون. اسان ٻن سوچن جي وچ ۾ وائڙا ٿي بيٺل آھيون. جڏھن
ٻين جي عورتن کي ڪنھن مقام تي ڏسون ٿا ۽ انھن جي اعتماد سبب ھنن جو معاشري ۾ ڪردار
نظر اچي ٿو ته اسان جي به خواھش ٿئي ته اسان به نياڻين کي تعليم ڏياريون،
جنھن معاملي ۾ اسان ڪافي اڳڀرا ٿيا آھيون. پر ان جي ٻئي پھلو
يعني انھن کي معاشري ۾ ڪردار ڏيڻ ۾ ارھا آھيون. عورت پڙھي
به پنھنجو پاڻ کي محدود دائري ۾ رکي، پاڻ کي محفوظ سمجھي
ٿي. ان جو ڪارڻ اھو آھي ته اسان شڪي مزاج آھيون. ان سان گڏ،
معاشري جي طعنن تنڪن کان خوف کائون ٿا. ماڻھو ڇا چوندا، ٽوڪ ٺٺول ٿيندي سا سماجي
برائي اسان جي سوچ تي حاوي آھي. ان اثر ھيٺ رھي، اسان ان حوالي سان
جزوي ڪردار ادا ڪريون ٿا. ان سلسلي ۾ سلام آھي انھن والدين کي جيڪي ھمٿ سان قدم وڌائيندي،
ماڻھن جي گلا کي نظرانداز ڪري، حقيقت تي ٻڌل فيصلا ڪن ٿا. اھي
ھمٿ وارا ۽ اسان جي معاشري کي ھوريان ھوريان اڳتي وٺي ھلڻ وارا مانجھي مڙس آھن. اھڙو
ئي ڪردار ايڊمنٽن شھر ۾ سميع ميمڻ جو نظر آيو. جنھن پنھنجي نياڻين
کي پڙھائڻ سان گڏ، اعتماد ڏنو آھي.
نياڻين کي ھاڻي ھر ڪو ئي پڙھائي ٿو پر معاشري ۾ کين صلاحيتن کي استعمال
ڪرڻ ۽ اعتماد سان پنھنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي ھمٿ افزائي وارا جي گھڻا ٿين ته ھوند
معاشري ۾ گھڻي تبديلي اچي وڃي.
ان تربيت جي اثر ھيٺ سميع ميمڻ
جي نياڻي سرھاڻ ميمڻ پراعتماد آھي. جنھن سبب کيس سانا
جي مرڪزي باڊي ۾ ڪم ڪرڻ جو اھل سمجھي، کيس اميدوار
بيھاريو ويو آھي.
ان کان پوءِ اويس لغاري جيڪو
اتان جو مقامي ھئڻ سان گڏ ڪئناڊا واري حصي جي نائب صدر جي عھدي
جو اميدوار آھي، تنھن پنھنجا ويچار ونڊيا. آخر ۾ خاص مھمان ڊاڪٽر
مقبول ھاليپوٽي، پنھنجي منشور ۽ چونڊجي اچڻ جي صورت ۾ سانا جي
تنظيمي ڍانچي ۾ بھتري جي ضرورت ۽ ان جي حل لاءِ پنھنجي منصوبه بندي
جا تفصيل ٻڌايا. ڊاڪٽر مقبول اڳ به سانا جو مرڪزي خزانچي ۽ جنرل سيڪريٽري رھي چڪو
آھي، سو تنظيم جي ضرورتن ۽ مسئلن کان ڀلي ڀت واقف آھي ۽
تنظيم کي موثر انداز ۾ ھلائڻ جي سوچ ۽ پروگرام رکي ٿو. آخر ۾ حاضرين کانئس انھن
بھتري جي پروگرام بابت ڪي سوال ڪيا ۽ کيس پنھنجون پنھنجون تجويزون ڏنيون،
جنھن تي ھن غور ڪرڻ جو واعدو ڪيو. تقريب جي پڄاڻي تي وري ڊنر سان گڏ نون دوستن سان
تعارف ۽ پراڻن سان خبرون چارون ٿينديون رھيون. پنھنجي ڳوٺائي جاويد قاضي ۽ ٽورنٽو
۾ پاڙيسري رھندڙ صبغت الله ڦلپوٽي ڪجھ وقت ڏيڻ لاءِ ڪافي اصرار پئي ڪيو. انھن سان
گڏ ڪن نون دوستن وٽن اچڻ ۽ دعوت کائڻ جي گذارش پئي ڪئي پر وقت جي گھٽ ھجڻ تي سڀني
سان معذرت پئي ڪئيسين، ڇاڪاڻ ته ٻئي ڏينھن ڪئلگري وڃڻ
جو پروگرام طئي ٿيل ھو جتي پڻ اھڙي تقريب رکيل ھئي.
سنگت کان موڪلائي بنگلي تي
پھتاسين ۽ پنھنجي حوالن ۾ محو ھئاسين ته تقريب مان فارغ ٿي دوست جن ۾ نواز پنھور،
سميع ميمڻ، عطاءُ الله ملاح ۽ قربان پنھور اسان جي جاءِ تي اچي پھتا.
جنھنڪري ڪچھري ۾ وڌيڪ رنگ ڀرجي ويو. ذاتي خبرن چارن سان گڏ دنيا جي ھر مسئلي تي ٿورو
گھڻو پئي ڳالھايوسين. ڪچھري ايئن به بنا موضوع جي ٿيندي آھي. ھڪ موضوع تي ته ڪو ليڪچر
يا سيمينار ٿيندو آھي. تنھنڪري اسان جي ڪچھري جا موضوع ۽ رنگ پئي بدليا. چوياري ۽
خوش مزاجي اسان سنڌين جو پسنديدھ شغل آھي. ڪچھري ۽ رونشو اسان جي تفريح جا مکيه
عنصر آھن. ڳالھ مان ڳالھ ڪڍي ان ۾ دلچسپي پئدا ڪري، ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڳالھين
کي گھمائڻ ڪو سولو ڪونھي پر اسان پنھنجي ان معمول ھجڻ ڪري،
اھو فن سٺو ڄاڻئون ٿا.
اھڙو ھڪ منظر سويت يونين ۾
تربيت دوران به ٿيو ھو جڏھن اسان زير تربيت ساٿين ڪن روسي ماھرن جي ھڪ ھوٽل ۾ دعوت
ڪئي ھئي. روسين ته ووڊڪا جا جام پي سرور جو مزو پئي ورتو. ڪڏھن ڊانس ڪري،
پئي تفريح ڪئي. اسان جا اڪثر ساٿي پيئندڙ ڪو نه ھئا. تن،
پاڻ ۾ ڳالھيون ڪري، لطيفا ٻڌائي، ھڪ ٻئي سان لاڳيتو ڳالھائي
پئي چھچٽو مچايو. محفل جي اھڙي رنگ کي ڏسندي ھڪ روسي مون کان پڇيو ته؛
”ھي ڪھڙي موضوع تي لاڳيتو ڳالھائي ۽ کلي رھيا آھن.“
کيس
چيم ته اسان جي تفريح جي دنيا نرالي آھي. توھان واري ڪونھي. اسان جي ڳالھين جي
دنيا ۾ توھان جي شراب جھڙي سرور وارو مزو آھي. اھو فن اسان ئي ڄاڻون ٿا،
جيڪي ان جا ماھر ٿي ويا آھيون.
رات دير تائين محفل جي سرور جو
لطف وٺي، وڃي آرامي ٿياسين. ھڪ ته اڳين رات جو اوجاڳو،
ٻيو ته ڏينھن جو مصروف رھڻ ڪري، گھري ننڊ ستاسين. صبح
جو دير سان نيرن ۽ برنچ جي دعوت ھئي. ان ڪري صبح جو اٿڻ
جي تڪڙ ڪو نه ھئي.
صبح جو اسان جي دوست ممتاز علي
لانگاھ اسان ۽ ڊاڪٽر مقبول ھاليپوٽي کي نيرن ۽ برنچ لاءِ پنھنجي گھر دعوت ڏني ھئي.
ممتاز لانگاھ جو تعلق لاڙڪاڻي ضلع جي شھداد ڪوٽ شھر سان آھي. ھو پيشي جي لحاظ کان
انجنيئر آھي ۽ ھڪ وقت مھراڻ يونيورسٽي ۾ ليڪچرر به رھي چڪو آھي. سندس شادي اسان جي
دوست ۽ لنڊن ۾ ميزباني لاءِ شھرت رکندڙ سڄاڻ شخص ڊاڪٽر علي گل ميتلي جي ڀيڻ سان ٿيل
آھي. سندس ھڪ ٻيو سالو خليل ميتلو ڪئناڊا ۾ رھي ٿو. ذاتي
زندگي ۾ پر اعتماد ۽ يار باش طبيعت وارو ماڻھو آھي. ھو کلئي دل جو ماڻھو ۽ نون
آيلن کي مدد جي حوالي سان سٺي شھرت رکي ٿو. اسان جو دل گھريو
دوست آھي، جنھنڪري گھڻن کان معذرت ڪري،
ھن وٽ ماني کائڻ کي ترجيح ڏنيسين. اسان پھتاسين ته ٻيا دوست به ايندا ويا،
جنھن تي محفل مچي ويئي. ڊاڪٽر مقبول ھن شھر ۾ اڪثر ايندو رھندو آھي.
ڇاڪاڻ
ته ھتي سندس ھڪ ڀاءُ ۽ ڪي ٻيا عزيز رھندا آھن. جن سان ملڻ جي
سانگي ھو سال ۾ ھڪ ٻه ڀيرا ايندو آھي. ان سبب ممتاز لانگاھ ۽ ٻين سان سندس تعلق ۽
رابطو رھي ٿو. ان ڪچھري دوران، جتي ھڪ ڀيرو ڊاڪٽر ھالپوٽي سان
سانا جي تنظيم جي حوالي سان ڳالھيون ٿينديون رھيون، اتي ھڪ ٻئي جي
دلچسپي جي موضوعن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿيندي رھي. ان دوران جتي معلومات تي ٻڌل گفتگو
ٿي، اتي لطيفا ۽ خوش مزاجي جون به ڳالھيون ٿينديون رھيون.
ممتاز کان ڪنھن پڇيو ته تون ڪجھ
وقت لنڊن انگلينڊ ويو ھئين جتي تنھنجي مستقل قيام جون خبرون پئي آيون. پر پوءِ تون
واپس اچي وئين ڇا سبب ھو. ھن وراڻيو ته اتي منھنجا ۶ سالا رھندا آھن. اتي
وڃي سيٽ ٿيڻ جي ڪوشش ڪيم پر ان ۾ ڪي قانوني مسئلا درپيش آيا تنھن ڪري واپسي جو
فيصلو ڪيم. اتي رھڻ دوارن ھڪ ڏينھن ھڪ ھمراھ چيو ته تون به ڪو درويش آھين جو جتي
تنھنجا ۶ سالا رھن ٿا اتي تون مستقل رھڻ لاءِ آيو آھين. ممتاز کي
صلاحيتن جي بنياد تي ايڊمنٽن شھر ۾ وري نوڪري ملڻ جي پڪ ھئي سو جلد واپس اچي وري سٺي
نوڪري ۾ لڳي ويو. ھاڻي اتي خوش آھي ۽ سنگت جي ساٿ سبب سرگرمي سان وقت گذاري ٿو.
جڏھن مان اسٽيل ۾ انجنيئر ھوس ته
ڪراچي شھر سان تعلق رکندڙ منھنجو ماتحت ھڪ آفيسر جيڪو ڊيوٽي جي پابندي ڪرڻ سان گڏ
ھڪ مھذب ماڻھو ھو سو مون وٽ آيو. اچي چيائين ته سر منھنجي گھر منھنجو سالو صاحب
اچي ٿو ان ڪري مون کي اڄ جلد وڃڻ جي اجازت ڏيو. ھو موڪل گھٽ ئي ڪندو ھو انڪري کيس
چيم ته تو کي موڪل آھي پر ھڪ ڳالھ ٻڌ ته سالو صاحب ڪو نه ھوندو آھي. منھنجو اھو
رمارڪ سندن رواج موجب ڪو نه ھو تنھن ڪري ٻڌي اڻ ٻڌي ڪيائين. ھندستان مان ھجرت ڪري
آيلن ۾ سالو صاحب ھوندو پر اسان وٽ ان رشتي جي ايتري اھميت ڪونھي جيتري ھو ان کي ڏين
ٿا. ھر علائقي ۽ ڪلچر جو پنھنجو جھان آھي
کاڌي لاءِ سڏيائين ته ٽيبل کاڌن
سان ڀريل ھئي. اسان جي پسند جون سڀ ڊشون موجود ھيون جنھن ۾ مڇي، سبزي ۽ گوشت ۽ ٻيون
ڊشون موجود ھيون. ممتاز تو ھيتري تڪيلف ڪئي آھي وراڻيائين ته توھان پھريون ڀيرو
آيا آھيو ان ڪري دل چيو ته دل کولي توھان جي خدمت ڪجي. مون کيس وراڻيو ته جيترو تو
پرخلوص آھين ان جو عملي اظھار تو ھن ٽيبل تي سجيل کاڌن ذريعي ڪيو آھي. پوءِ دل
کولي نيرن ۽ منجھند جي گڏيل ماني کاڌي سين. اھڙي ڪشادي دسترخوان سبب کاڌي مان خوب
لطف اندوز ٿياسين. کاڌي کانپوءِ به ڪجھ وقت اھا قرب جي ڪچھري جاري رھي جنھن کان
پوءِ اھو چئي کانئس اجازت ورتيسين ته اسان کي ھن شھر ۾ ڪي مصروفيتون آھن ۽ پوءِ ڪئلگري
شھر روانو ٿيڻو آھي.
اتان نڪري اسان پنھنجي پراڻي ساٿي
عبدالغفور شيخ جي گھر وياسين. ھو اسٽيل مل ۾ اسان جو ساٿي انجنيئر رھي چڪو آھي. سٺو
دوست ھجڻ سان خوش مزاج شخص آھي. ڏينھن ٻه اڳ سندس ڀاءُ جي وفات ٿي ھئي. اسان کي ساڻس
عذرخواھي ڪرڻي ھئي. ھن جي گھر پھچي مرحوم جي مغفرت لاءِ دعا جا ھٿ کنياسين. تنھن
کان پوءِ غفور کان ان حوالي سان حال احوال ورتاسين. غفور سان ملي دل خوش ٿي ويندي
آھي ھو پنھنجن تبصرن ۽ خوش مزاج ڳالھين سان پيو محفل ۾ رنگ ڀريندو آھي پر اڄ اداس
ھئڻ سبب محدود گفتگو پئي ڪيائين. ھن جي پوري ڪوشش ھئي ته اسان جي ڪا خدمت ڪري، ماني
کارائي پر سندس پوري ڪوشش جي باوجود اسان اھو چئي معذرت ڪئي ته ھن ڏک جي موقعي تي
تنھنجي دعوت کائڻ مناسب ڪونھي. ھن وٽ ڇاڪاڻ ته دعا گھرڻ لاءِ ماڻھو ايندا ٿي رھيا
ان ڪري اسان کائنس موڪلايو ته جيئين ھو دعا لاءِ ايندڙن کي وقت ڏئي سگھي.
ھاڻي اسان کي ڪئلگري شھر طرف
سفر ڪرڻ ھو ته جيئين مھل ۾ پھچي شام واري تقريب ۾ شريڪ ٿي سگھون پر سنگت جي فرمائش
ھئي ته ايڊمنٽن ڊائون ٽائون جو ھلندي ھلندي گاڏي مان نظارو ڪندا ھلون. گاڏي عمران
شيخ پئي ھلائي سو ھن شھر ۾ سال ڏيڊ رھي چڪو ھو تنھن ناتي ھو شھر جي جاگرافي کان سٺي
طرح واقف ھو سو ڊائون ٽائون جا حصا ڏيکاريندي گاڏي ھلائيندو رھيو. . ڊائون ٽائون
شھر جي ڪلچر، کاڌي پيتي جي ھوٽلن، تفريحي جاين جھڙوڪ ٿيئيٽر کان ويندي نائيٽ ڪلبن
تائين جو جھان ٿئي ٿو. ان سان گڏ گھڻن مالي ۽ تجارتي ادارن جون مرڪزي آفيسون پڻ ڊائون
ٽائون ۾ ئي ھونديون آھن. ڊائون ٽائون جتي ڏينھن جي وقت ڪاروباري سرگرميون ٿين ٿيون
اتي رات به جاڳي ٿي. ائين اسان شھر جو عام رونق ڏسي اڳتي سفر جاري رکيو.
ايڊمنٽن کان ڪئلگري اٽڪل ٽن ڪلاڪن
جو سفر آھي. ھاءِ وري سٺو ٺھيل آھي جنھن تان سفر آرام سان پئي ٿيو. روڊ جي پاسن
کان زمين ھموار ھئي جنھن تي ٿيندڙ فصل لڻجي چڪا ھئا. ھن روڊ تان ھڪ ھنڌان جيسپر ڏانھن
روڊ نڪري ٿو جيڪو سفر خوبصورت جبلن مان ھجڻ ڪري بيحد دلڪش ٿئي. ۶ کان ستن ڪلاڪن جي
سفر جا من موھيندڙ نظارا اھڙا ته دلڪش آھن جو ان سفر کي دنيا جي خوبصورت سفرن مان
ھڪ چئي سگھجي ٿو. پر اسان جو ھن ڀيري ان روڊ تان سفر ڪرڻ پرگرام ۾ شامل ڪو نه ھو
ان ڪري سڌو ڪئلگري طرف سفر جاري رکيوسين. رستي ۾ ھڪ ھنڌ ڪافي پيئيڻ ۽ ساھي پٽڻ
لاءِ ھڪ ڪافي ھائوس تي گاڏي جھلي سين. جتي ڪافي جا ڍڪ ڀري تازا ٿي وري راھي ٿياسين.
شام جو اٽڪل ۵ بجي اچي پنھنجي سفر جي ساٿي مبشر ملڪ جي ڀاءُ مدثر ملڪ
جي گھر پھتاسين. مدثر سان مبشر ملڪ جي ناتي سان اڳ ئي تعلق ھو ان پنھنجي گھر جي ھيٺين
حصي ۾ اسان جي رھڻ جو بندوبست ڪري ڇڏيو ھو. اھو حصو گھر کان جدا آھي جنھن ۾ وڃڻ جو
رستو به بنگلي جي پوئين پاسي کان آھي.
گھر جي ڇا ته لوڪيشن ھئي. ھڪ ننڊي
ڍنڍ جي چوڌاري گھر ٺھيل ھئا. انھن گھرن مان ھر گھر جو پويون حصو ڍنڍ جي ڪپ تي ھو. سڀ
گھر ائين ڊزائين ٿيل ھئا جو انھن جي گھر جو ھيٺين حصي جو دروازو ۽ اڱڻ ڍنڍ سا لڳ
ھو. در مان نڪرو ته ڍنڍ جو نظارو. ٻيو ته ھر گھر اڳيان ننڊو پتڻ ٺھيل جتان ٻيڙي ۾
سوار ٿي ان ڍنڍ جو سير ڪري سگھجي ٿو. ڍنڍ جي سونھن وڌائڻ لاءِ ان
جي وچ ۾ ھڪ پاڻي جو ڦوھارو پئي ھليو جنھن ڍنڍ جي منظر کي وڌيڪ دلڪش ٿي بڻايو. مان
ته ڪيتري دير ان منظر مان لطف اندوز ٿيندو رھيس. ان سان گڏ روز اٿي صبح جي پھر گھر
جي اڱڻ وٽان ٺھيل پتڻ تي بيھي ڍنڍ جي نظاري ۽ ان منصوبي سازن کي داد ڏيندو ھوس جن
اھڙي منظر وارا گھر ٺاھي رھڻي کي ڪيڏو نه راحت ڀريو بڻايو آھي
مدثر آئل فيلڊ ۾ نوڪري ڪندو آھي
جيڪو نوڪري سانگي اتي ترسيل ھو پر سندس فرزند خدمت ڪرڻ ۾ سندس ڪمي پوري ڪري رھيا
ھئا. جاءِ جو ھي ھيٺيون حصو سٺو فرنش ٿيل ھو ان ڪري رھڻ ۾ آرام دھ ھو. اسان ٿوري
دير ترسي، تازا توانا ٿي، چاءِ جو گرم ڪوپ پي ان ھال طرف روانا ٿياسين جتي ھي
تقريب منعقد ٿيل ھئي. اسان کان سواءِ مقبول ھاليپوٽو ۽ ايڊمنٽن جا ويھارو کن دوست
جن ۾ نواز پنھور، الطاف ميمڻ، سميع بلوچ ممتاز لانگاھ، قربان پنھور، جاويد قاضي ۽
بيا آيل ھئا. ھي تقرب وري ڪئلگري جي سانا جي چيپٽر طرفان منعقد ٿيل ھئي جنھن جو
جنرل سيڪريٽري نعمان رستم وري عمران شيخ جو ننڊو ڀاءُ آھي. نائب صدر وري نامور ليکڪ
۽ پروفيسر ادي عذرا ڪنڌر ھئي. ادي عذرا، علمي ۽ ادبي شخصيت
آھي پر ان سان گڏ ساڻس منھنجو رشتو اھو آھي ته ھوءَ اسان جي دوست ۽
انجنيئرنگ ۾ ساڳئي بيچ جي ساٿي غلام سرور ڪنڌر جي گھر واري آھي. سرور ڪنڌر مھراڻ
يونيورسٽي جو پراجيڪٽ ڊائريڪٽر رھيو آخر ۾ خيرپور ڪيمپس جو پرووائيس چانسلر به
رھيو. ان تقريب جي سرگرم ڪارڪن ۾ اسان جو پراڻو يار ذوالفقار خواجه به شامل ھو. ان
سڄي ڪاڄ جو اصل ڪردار ملڪ زاھد ھو جيڪو سائين فتاح ملڪ جو ڀائٽيو آھي. ھو ڪئلگري
شھر ۾ ريئل اسٽيٽ جو ڪاروبار ڪري ٿو. سڀني کي گڏ وٺي ھلڻ واري صلاحيتن ڪري ھو ھتي
جي ڪميونٽي کي گڏ ڪري متحد ڪرڻ ۾ سوڀارو ٿيو آھي.
تقريب ۾ جتي مھمانن جي آجيان ڪئي
ويئي اتي سنڌ جي ٻوڏ متاثرين جي حالتن متعلق ڄاڻ ڏني وئي. ان سان گڏ متاثرين جي
مدد لاءِ فنڊ ريزنگ ڪئي ويئي. سانا جي تنظيم بابت ڳالھيون به ٿيون جتي چيپٽر جي
نئين چونڊيل باڊي جو تعارف ڪرائڻ سان گڏ سانا مرڪز جي چونڊن جو صدارتي اميدوار
تقريب جي خاص مھمان ڊاڪٽر مقبول ھاليپوٽي جو تعارف ڪرايو ويو جنھن پوءِ پنھنجي
خطاب ۾ چونڊجي اچڻ جي صورت ۾ سانا جي ڪارڪردگي ۾ بھتري آڻڻ جي حوالي سان پنھنجا
ويچار ونڊيا.
ڊنر وقت مقامي دوستن ۽ ايڊمنٽن
کان آيل دوستن سان ڪچھريون ٿينديون رھيون. اڌ رات تائين جاري
ان محفل جي پڄاڻي تي ايڊمنٽن مان آيل دوست واپس روانا ٿيا ته اسان پنھنجي رھائش تي
پھچي ٻئي ڏينھن بينف شھر طرف سفر جو پروگرام ٺاھيو. ھي رستو ۽ سفر خوبصورت ۽
شاندار آھي. ڪئلگري ايندڙ ھر ڪو ھن طرف وڃڻ جي ڪوشش ضرور ڪندو آھي. ان دلڪش مقام
طرف سفر جا تفصيل ايندڙ قسط ۾ ڏبا.
اڄ اسان جو پروگرام ڪئلگري شھر
کان ڏيڊ سو ڪلوميٽر تي دلڪش تفريحي علائقو سينٽ لوئيز ڍنڍ، بينف شھر ۽ رستي ۾ ٻيا تفريحي
ھنڌ ڏسڻ ھو. صبح جو اسان جي ساٿ ڏيڻ لاءِ جميل نظاماڻي به اسان جي جاءِ تي جلد اچي
نڪتو. جيستائين اسان جا ساٿي تيار ٿين ۽ عمران شيخ به پھچي تنھن وقت جو فائدو وٺڻ
لاءِ مون ان عالئقي ۾ رھندڙ ھڪ ٻئي دوست شڪيل نظاماڻي سان ملڻ لاءِ جميل نظاماني
سان گڏ نڪري پيس. ايئن وڃڻ ڪالھ شام جو ئي طي ڪري ڇڏيو ھيوسين جنھن سبب جميل نظاماڻي
صبح جلدي آيو ھو. جميل نطاماڻي جو تعلق ٽنڊو محمد خان جي ضلعي جي ھڪ ڳوٺ راڄو نظاماڻي
سان آھي. ھن اسلام آباد جي قائد اعظم يونيورسٽي مان ڪمپيوٽر جي ڊگري حاصل ڪئي آھي.
اميگريشن وٺڻ کان پوءِ ھو ٽورنٽو ۾ آيو ھو ته ٻه ٽي سال اسان جي پاڙي ۾ رھيو ھو. قابل،
مھذب ۽ ملنسار ھئڻ سان گڏ اسان جي مزاج جو ماڻھو آھي ان ڪري جيستائين اتي رھيو
اسان جي چوياري جو حصو رھيو. ھاڻ به گھڻو ڪري رابطي ۾ رھندا آھيون. ھو به معالعي ۽
لکڻ پڙھڻ جي شوق سان گڏ گھري مشاھدي جي خوبي رکي ٿو.
شڪيل نظاماڻي جو گھر ويجھو ھو
جتي جلد پھچي وياسين. شڪيل بيحد پيارو ماڻھو آھي. مطالعي جو بيحد شوقين ھئڻ ڪري سٺي
ڄاڻ رکي ٿو. ھن سان ملاقات ۾ گھڻو ڪري ڪتابن ۽ انھن جي حوالن سان عملي گفتگو ٿيندي
آھي. ھر ڀيري سندس معالعي ۾ رھندڙ ڪتابن جي تعريف تي مان به اھي ڪتاب پڙھڻ چاھيندو
آھيان. شڪيل سان ڪافي سالن کانپوءِ ملاقات ٿي. ڏاڍو خوش ٿيو. گڏجي چاءِ جي ڪوپ
تنھن کان پوءِ نيرن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندا رھياسين. ڪيئين موضوع ھيٺ آيا. پوئين ڀيري
جڏھن کيس پنھنجو ڪتاب ساروڻيون ساڻيھ جون موڪليو ھيم ته پڙھي لکيائين ته تنھنجو ڪتاب
پڙھي ايئن لڳو ته ڄڻ ڪافي وقت کان پوءِ ديسي کاڌو کائڻ لاءِ مليو آھي.
ھن ٻڌايو ته اڄڪلھ ملڪن ۾ جيڪا ڪرنسي
گردش ھيٺ آھي تنھن جي ضمانت لاءِ ڪا موڙي موجود ڪونھي. اڳ جيترا نوٽ ڇاپيندا ھئا
تن جي ضمانت طور اوترو سون رکيو ويندو ھو. اھا ضمانت ھاڻ نه رھي آھي ان ڪري نوٽ جي
حيثيت ڪاغذ کان وڌيڪ ڪونھي. جيستائين ملڪ جي اقتصادي حالتن ۾ دم آھي تيستائين اھو ڪاغذ
وارو نوٽ ڪم جو آھي پر جي ڪنھن ملڪ جي مالي حالت بگڙي ته پوءِ جاري ڪندڙ حڪومت ان
جي قيمت ڪٿان ادا ڪندي.
شڪيل موجب مون ان حوالي سان ڊان
اخبار ۾ خط لکي نشاندھي ڪئي ته ماضي ۾ نوٽن تي اھي سرڪار جا ضمانتي ھئڻ وارا جملا
ھاڻ ان صورتحال جي درست نمائندگي نه ٿا ڪن. ان ڪري انھن کي بدلايو وڃي. ڊان اخبار
اھو مضمون ڇاپيو ته سھي پر ان تي ڪو رد عمل ڪو نه آيو نه وري ماڻھن ان کي سنجيدھ
ورتو. مون کيس چيو ته اڄ به انگريزن جا ٺاھيل ڪي قانون پيا ھلن جن ۾ ڪڏھن ڪا ٿوري ڦير
ڦار ٿئي ٿي. ياد آيو ته انگريزن جي زماني ۾ ريل گاڏي جي گاڏن ۾ زنجير ڇڪي گاڏي روڪڻ
جي حوالي سان لکيل ھوندو ھو ته ان جي ناجائز استعمال تي پنجاھ رپيا ڏنڊ پوندو. ان
وقت پنجاھ رپين جي اھميت ھئي پر ڊگھو عرصو اھو ئي جملو لکندا رھيا. اسان جي جواني
تائين جڏھن پنجاھ رپئي جي اھميت نه رھي ھئي ته به اھو جملو ئي لکيل رھندو ھو.
ائين ھن ڪن نون پڙھيل ڪتابن جي
مواد تي ڄاڻ ڏني. شڪيل ڻظاماڻي سان ڪلاڪ ڏيڊ جي ڪچھري ڪري واپس ورياسين. ان وقت
دوستن جا فون پئي آيا ته اسان تيار ٿي ويا آھيون پھچو ته سفر تي روانا ٿيون. اسان
پھتاسين ته قافلو تيار ھو. اسان جي راڪي جبلن طرف وڃڻ کان اڳ رستي ۾ اٽڪل پنجاھ ڪلوميٽرن
تي ھڪ دوست ذڪاءُ الله نظاماڻي جي گھر نيرن جي دعوت ھئي. جنھن سان ڏينھن ٻه اڳ اھڙي
دعوت جو طي ٿي چڪو ھو.
ذڪاءُ الله نظاماڻي جو گھر ته
ايڊمنٽن شھر ۾ آھي پر ھي سندس ڀيڻ ۽ ڀيڻيوي شڪيل نظاماڻي جو گھر آھي جتي ھو چند ڏينھن
لاءِ آيل ھو. ھي گھر ڪئلگري شھر جي ويجھو ڪاڪرين نالي ھڪ ننڊي شھر ۾ ھو. وادي نما
ھن شھر جو ڏيک ڏاڍو سٺو ھو. ننڊو پرسڪون ۽ مڪمل شھري سھوليتن سان آراسته ھي شھر
ايترو وڻيو جو اسان جي ڪن دوستن ھتي رھڻ جي خواھش ظاھر ڪئي. ذڪاءُ اسان کي دل سان ڀليڪار
چيو. اتي خبرون چارون ڪندي دوستن نيرن ڪئي جنھن ۾ روايتي سنڌي کاڌا ھئا. سنڌي ماڻھو
جتي به ھجي ان کي ٻئي جي خدمت ۽ مھانوازي ڪري سڪون ملندو آھي. ان گڻ اسان جي سماجي
زندگي ۾ ھڪ رنگ ڀري ڇڏيو آھي. دل گھريي دوست کي کارائڻ ۽ ان سان رھاڻ ان ۾ وڌيڪ
رنگ ڀري ٿي. اسان ٿورو وقت ذڪاءُ الله جي ميزباني جو لطف وٺي کانئس موڪلايو ته
جيئين جابلو سلسلي جي جڳ مشھور حسن جو نظارو ڪرڻ لاءِ ڪجھ وقت ملي.
ھاڻي راڪي مائونٽين طرف سفر
شروع ڪيوسين. ٿوري فاصلي کانپوءِ ھي جابلو سلسلو شروع ٿي ويو. ماٿري نما ان پٽي
جنھن تي روڊ ٺھيل ھو تنھن جي پاسن کان ڊگھن وڻن جا ٻيلا ھئا. جيڪي ٺوڙھا جبل ھئا
تن جو پنھنجو قدرتي حسن ھو تن جو منفرد نظارو ڌيان ڇڪائي رھيو ھو. جبلن جو گھڻو
حصو وڻن سان ڌڪيل ھو جنھن اسان جي پسند جو منظر پئي پيش ڪيو. انھن ٻيلن ۾ ٻين
جانورن سان گڏ ھرڻ ۽ موز ڪثرت سان موجود آھن. موز جو قد ڪاٺ اسان جي ڍڳي جيترو آھي.
اھي روڊ تي اچي گاڏين سان ٽڪرائين
ٿا ته حادثا ٿين ٿا. انھي مسئلي کان بچڻ لاءِ روڊ جي ٻنھي طرفن کان ڄاري لڳائي
ويئي آھي جنھن ڪري ھو روڊ تي اچي ڪو نه ٿا سگھن. پر ڪٿي ڪنھن تفريحي مقام يا ڪنھن
رھائشي يا ڪمرشل بستي ڏانھن رستو نڪري ٿو يا روڊ طرف اچي ٿو اتان جانورن جي اچڻ جو
رستو روڪڻ لاءِ انھن لنگھن تي ٿوري حصي ۾ رولر لڳايا ويا آھن جن تي پير رکڻ تي
انھن جو ڦرڻ کان ڊڄي ھو واپس ٿي ويندا آھن. ايئن سندس رستو بند ڪرڻ بجاءِ انھن کي
موٽائڻ جورستو ڪڍيو ويو آھي.
اتي ڪي پلون به نظر آيون جيڪي
جھنگ ۾ ھيون تن بابت معلوم ٿيو ته ھي جانورن کي ھڪ پاسي کان ٻئي پاسي وڃڻ لاءِ ٺاھيون
ويون آھن. ايئن روڊ ٺھڻ جي باوجود انھن جي دنيا محدود ڪو نه ٿي آھي. اھي جھنگ ۾
مست ٿي بي خوف گذارين ٿا ۽ اتان جي ھر علائقي ۾ گھمن ڦرن ٿا. .
جنت نظير ھن منظر مان لطف اندوز
ٿيندا، ڪڏھن ڪنھن طرف ته ڪنھن ٻئي طرف جي قدرتي حسن جو نظارو ڪندا پئي وياسين. اھڙو
سفر جنھن لاءِ دل پئي چيو ته جاري رھي پر نيٺ اچي پنھنجي پھرين طي ٿيل منزل ليڪ
لوئيز يا لوئيز ڍنڍ وٽ پھتاسين. اتي پارڪنگ ۾ گاڏي بيھاري ٿورو پنڌ ڪري ان ڍنڍ جي ڪناري
پھتاسين. ڇا ته ڍنڍ جي خوبصورتي ھئي. جيڏانھن نظر ڦيرايون اھو منظر ٻئي کان سٺو ٿي
لڳو. ساوڪ ڀريل جبلن جي دامن ۾ ھي ڍنڍ صاف شفاف پر ماٺار ۾ ھئي. پاڻي ۾ ڪا پر ئي
نظر نه پئي آئي. ڍنڍ جي پاسي کان ٺھيل پنڌ ڪرڻ جو رستو مٿس ٽڪري تي ٺھيل ھڪ ڪافي
ھائوس طرف پئي ويو. ان جي زميني حصي تي وري ھڪ وڏو ھوٽل ٺھيل آھي جتي سياح ڪي ڏينھن
رھي ان من موھيندڙ منظر ۽ سڪون واري ماحول جو لطف وٺندا آھن. اسان اتي ٿورو واڪ ڪري،
ٿوري گھڻي ڦوٽوگرافي ڪري، ڪجھ وقت گذاري ٻين ھنڌن طرف روانا ٿياسين
ھاڻ اسان بينف شھر طرف روانا ٿياسين
جيڪو جبلن جي دامن ۾ ھڪ خوبصورت ۽ پرسڪون ننڊو شھر جتي ھن علائقي ۾ ايندڙ سياح اچي
رھن ٿا يا ڪجھ وقت گذارين ٿا. خوبصورت جبلن جي وادي ۾ ھي شھر خوبصورتي ۾ پنھنجو
مقام رکي ٿو. جيڏانھن نھاريو ان طرف جبلن جي حسن جا نظارا. اسان ڪجھ وقت ان شھر ۾
گھمي، ان جي پسگردائي جو جائزو وٺي جڏھن ڪافي لاءِ ھڪ ڪافي ھائوس ۾ ويٺاسين ته اتي
سنگت جي اھا خواھش تي ته ايندڙ ڀيري ھن شھر ۾ ڪجھ ڏينھن رھي ان جي زندگي جو حقيقي
لطف وٺندا سين.
ھتي ٻڌايو ويو ته ھنن جبلن تي مٿي
ھڪ ويدر مين يعني جبلن تي چڙھي موسم جي اندازو لڳائي ماڻھن کي باخبر ڪرڻ واري
نمائندي جي پوسٽ ٺھيل آھي. ماضي ۾ جڏھن سيارن ذريعي موسم تي نظر رکڻ واري ترقي ڪو
نه ٿي ھئي تڏھن ھي انساني ذريعو استعمال ٿيندو ھو. ان مان اھا ڳالھ واضع ٿئي ٿي ته
ھن خطي جا ماڻھو سياري ۾ موسمي سختين جي منھن ڏيڻ لاءِ اڳواٽ اندازو لڳائي ان کي
منھن ڏيڻ جو بندوبست ڪندا رھندا ھئا. انسان ھر دور ۾ پنھنجي ڏاھپ ۽ ڪاوشن ذريعي
موسمن جي سختي کي منھن ڏيندو رھيو آھي.
اسان جي واپسي جي رستي ھڪ اھڙو
مقام آيو جتي سياح انھن جبلن ۾ مٿان ھلندڙ وھڪري جي ڪناري پنڌ ڪندا آھن. جبل تي پنڌ
ڪرڻ يا ھائڪنگ ڪرڻ بھترين ورزش ليکي وڃي ٿي جيڪا صحت لاءِ تمام سٺي آھي. ھن پرفضا
مقام تي پنڌ جو پنھنجو مزو ھو. اسان به اڌ جبل تائين پنڌ ڪري پر فضا ۽ پرسڪون
ماحول ۾ پنڌ ڪندي ورزش سان گڏ ھواخوري ڪندا رھياسين. اسان جي ساٿين مان عمرن شيخ ۽
مبشر ملڪ اڳ ھن ماڳ تي اچي چڪا ھئا تن اسان کي ھتي پنڌ ڪرڻ واري لطف بابت ٻڌايو. ان
مقام تائين ۽ واپسي وارن ننڊن روڊن تان گاڏي ھلائيندي واپس ٿياسين. ھر رستي جو
پنھنجو حسن ھو. جلد جابلو علائقي مان نڪري ھيٺ ميداني علائقي ۾ داخل ٿياسين.
رات ٿي چڪي ھئي اسان کي ان رات
پنھنجي پياري دوست ذوالفقار خواجه طرفان ڏنل رات جي ماني جي دعوت ۾ شريڪ ٿيڻو ھو
تنھن ڪري عمران ان طرف گاڏي جو رخ ڪيو. ڪئلگري جي رھائشي علائقي ۾ ذوالفقار جي گھر
اچي پھتاسين جتي ھو ۽ زاھد ملڪ اسان جي انتطار ۾ ھئا.
ذوالفقار خواجه جو تعلق ٺٽي
ضلعي جي ڳوٺ تڙ خواجه سان آھي. قابل ھئڻ سان گڏ سٺو دوست ۽ ساٿي آھي. سندس سوچون
سنڌ دوست آھن. ھو ڪئلگري سٽي ۾ سول انجنيئر آھي. ٽورنٽو شھر جي رائرسن يونيورسٽي
مان سول انجنيئرنگ ۾ ماسٽرس جي ڊگري حاصل ڪري پوءِ ڪئلگري اچي نوڪري وٺي ھتي رھڻ لڳو.
ٽورنٽو شھر ۾ اسان ھڪ پاڙي ۾ رھندا ھئاسين جيڪا دوستي زندگي ڀر جي ٿي چڪي آھي. ڪڏھن
ھو ٽورنٽو ايندو آھي ته محفل مچي ويندي آھي. سندس پٽ سرويچ جيڪو ٽورنٽو مان ويو ھو
ته سال کن جو ھو سو ھاڻي ڳڀرو جوان آھي. منجھس پي وارو اعتماد آھي. ذوالفقار خواجه
جي ھڪ خوبي ان جو کرو ھجڻ، ۽ ارڏو ڪردار آھي. ھو پنھنجي اصولي موقف تي ڪاربند ھجڻ ڪري
اسان کي لاجواب ڪري ڇڏيندو آھي. جيئن چوندا آھن ته؛ ”پٽ
ارڏو ڀلو ۽ ڌي نماڻي ڀلي. “ ايئن ھي به اصولن تي قائم رھڻ
خاص ڪري سنڌ دوستي جي حوالي سان ارڏو آھي پر ياري باشي ۾ دل جو ڪشادو آھي.
اسان
پھريون ڀيرو ڪئلگري شھر آيا ھئاسين تنھنڪري ھن جي دعوت اسان جي ترجيح ھئي. اسان کي
ھن سان رھاڻ ڪرڻ جي طلب ھئي. اسان سندس گھر پھتاسين ته ھو اسان انتظار ۾ ھئا. ٿوري
دير حال احوال ٿيا ته ھن ماني لڳرائي جنھن ۾ ٻين کاڌن سان گڌ ھرڻ جي پڪل ران به
ھئي. پڇڻ تي ذوالفقار ٻڌايو ته اھو ھرڻ ھن پاڻ شڪار ڪيو ھو جنھن جي ھي ھڪ ران بچيل
ھئي. ڪئناڊا ۾ جانورن جي محدود شڪار جي پرمٽ ملندي آھي جنھن سان شڪار جي شوقينن جو
شوق به پورو ٿئي ٿو ته ان سان گڏ جانورن جو تحفظ رھي ٿو ۽ ھو وڌندا رھن ٿا. گورن
ھر شي جا قائدا قانون ٺاھي ڇڏيا آھن جنھن سان نظام متوازن رھي ٿو.
رات جي ان ڪچھري ۾ ڪئلگري ڪميونٽي
کي جنھن ڪردار زاھد ملڪ وڌيڪ متحد ڪري سرگرميون وڌايون آھن تنھن پنھنجي ڪردار ۽ ڪميونٽي
جي مثبت موٽ جو ذڪر ڪيو. ھن ٻڌايو ته ھو ڪميونٽي کي وڌيڪ متحرڪ ڪرڻ جو پروگرام رکي
ٿو. عمران شيخ ۽ ذوالفقار ساڳئي اداري ۾ نوڪري ڪندا آھن پر ھر ڪنھن جون ذميواريون
جدا جدا آھن جيڪي ٻئي احسن طريقي سان ادا ڪري رھيا آھن. ايئن دوستن سان ڊگھي ڪري
کانئن موڪل وٺي اچي جاءِ تي پھتاسين.
صبح جو ننڊ مان اٿياسين ته مدثر
ملڪ چاءِ کڻي اچي پھتو. ھو آئل فيلڊ مان ڊيوٽي پوري ڪري رات جو ئي پھتو ھو. اسان
سان ملي خوش ٿيو ۽ حال احوال ڪيائين. گھر وٺڻ جي حوالي سان لوڪيشن جي چونڊ جي سندس
تعريف ڪيم. ھن ٻڌايو ته جيستائين منھنجو والد صاحب زندھ ھو تيستائين ھو جڏھن به
اچي رھندو ھو ته ھو روز ننڊي ٻيڙي ۾ چڙھي ھن ڍنڍ ۾ وڃي مڇي جو شڪار ڪندو ھو. ھي ڍنڍ
سندس تفريح ۽ وقت گذارڻ جو وڏو ذريعو ھو. ھن ٻڌايو ته ھن علائقي ۾ ٻيا به اھڙا ڪي
منصوبا آھن جيڪي ساڳئي طرز تي ٺھيل آھن. ھن پوءِ آيل فيلڊ جي نوڪري جي تجربن، ان
شعبي ۾ جديد ٽئڪنالاجي جي استعمال ۽ دنيا ۾ تيل جي حوالي سان ايندڙ وقت جي ضرورتن
۽ مونجھارن تي به روشني وڌي.
اسان مدثر وٽان نيرن ڪري نڪتاسين.
عمران شيخ ھاڻ اسان کي ھي شھر گھمائڻ ھليو. ھن ٻڌايو ته جيتوڻيڪ ايڊمنٽن شھر
صوبائي گادي جو ھنڌ آھي پر صوبي جو وڏو وزير اڪثر ڪري ھن ڪئلگري شھر مان ٿيندو آھي.
جنھن ناتي ھو ھن شھر جي ترقي تي وڌيڪ ڌيان ڏيندا رھيا آھن. بيو ته موسم جي بھتر ھئڻ
يا ڪنھن ٻئي سانگي تيل ڪمپنين جون ھيڊ آفيسون ھن شھر ۾ آھن. دنيا ۾ جڏھن رھڻ لاءِ
بھتر شھرن جي لسٽ ٺھندي آھي ان ۾ ھي شھر ٻئي يا ٽين نمبر تي رھيو آھي. اھڙي معاملي
۾ رھڻ جي سھوليتن کان ويندي روزگار ۽ صاف ھوا، پاڻي ۽ بين سڀني سھوlيتن کي جاچيو ويندو
آھي.
عمران نوڪري جي حوالي سان ٻڌايو
ته سندس ذمي ھڪ نئين روڊ جي تمير جي نگراني به آھي جيڪو جڳ مشھور ڪمپني اميزان جي
تعمير ھيٺ نئين آفيس ۽ سينٽر تائين وڃي ٿو. اھو روڊ ان عالمي ڪمپني سان ٿيل معاھدي
ھيٺ ٺاھيو پيو وڃي جنھن ۾ ھنن ڪئلگري سٽي کي ھڪ مقرر تاريخ تائين روڊ مڪمل ڪرڻ جو
پابند بڻايو آھي. ان تاريخ کان ھو پنھنجي اداري جي ڪم جي شروعات ڪرن جي منصوبه
بندي ڪري چڪا آھن. سڄو روڊ ٺھي چڪو آھي باقي ھڪ ڪٻاڙي جي دڪان جي سامھون وارو ٽڪرو
رھيل آھي. ھو ڪورٽ ۾ ھليو ويو آھي. سندس دليل آھي ھن روڊ جي ٺھي وڃڻ ۽ ان تي ٽرئفڪ
ھلڻ سان ھن جو ڪاروبار متاٿر ٿيندو. ھاڻي ڪورٽ ان جو جائزو وٺڻ لاءِ حاضريون ڏئي
رھي آھي. اسان کيس ھڪ ملين ڊالر جي معاوضي جي آڇ ڪئي آھي پر ھو ٽال مٽول ڪري رھيو
آھي. منھنجي باس جو چوڻ آھي ته ڀلي کيس رقم وڌائي ڏيو پر جلد مان جلد ان ڪيس کي
بند ڪريو ته روڊ مڪمل ڪري عالمي سطح جي اداري سان ٿيل معاھدي تي پورا ھلي سگھون. عمران
وڌيڪ ٻڌايو ته حاضري واري ڏينھن جتي وڪيلن جي پاڻ ۾ ڏي وٺ ٿيندي آھي اتي مان ڪيئي ڪلاڪ
ڪورٽ ۾ ويھي پڇيل سوالن جا جواب ڏيندو آھيان. ڪيس ڪندڙ ھمراھ کي به اسان جي ڪمزوري
جي خبر پئجي وئي آھي سو ھڪ رقم تي راضي ٿي وري ڦري رقم وڌرائي ٿو. جي ڪيس ڊگھو ھلي
ته ھو ھارائي ويندو پر اسان کي مقرر تاريخ تي روڊ مڪمل ڪرڻ واري مجبوري آھي. ھاڻي
ھڪ طرف ان ڪيس ڪندڙ کي راضي ڪرڻ جون ڪوششون ٿا ڪريون ته بئي طرف اميزان ڪمپني کي
پنھنجي مجبوري کان آگاھ ڪري وقت تي ڪم پورو نه ٿيڻ تي ڪجھ وقت وڌائڻ لاءِ راضي ڪري
ورتو آھي.
ايڊمنٽن شھر کان ھتي ٿڌ گھٽ ھئڻ
جو سبب اھو آھي ته سرد موسم ۾ پئسفڪ سمنڊ جي طرف کان گرم ھوام لڳندي آھي جنھن کي
اتي جي زبان ۾ شونڪ چوندا آھن. جن ڏينھن ۾ اھا شونڪ ھوا لڳندي آھي ته ٿڌ جو زور ٽٽي
ويندو آھي. ھي گرم، خشڪ ھوا جنھن جي معني آھي برف کي کائيندڙ سا نومبر کان مئي
مھينن تائين ھلندي آھي
عمران ڊائون ٽائون ۾ اسان کي گھمائيندي جتي
پنھنجي آفيس ڏيکاري اتي ميونسپل اداي جي ڪارڪردگي جي ڄاڻ ڏيندي ٻڌايو ته ھن
ميونسپالٽي ايندڙ ۲۵ سالن جي رھائشي ضرورتن جو نيڪ ورڪ مڪمل ڪري ڇڏيو آھي. جيئين
آبادي وڌندي ۽ نوان گھر ٺاھڻ جي ضرورت پيش ايندي ته ان لاءِ انفرا-اسٽرڪچر
اڳ ائي موجود ھوندو. اھو آھي اسان ۽ مغربي ملڪن جي ماڻھن جي سوچ ۽ منصوبه بندي ۾
فرق. اسان اڄ جو جھان ھلائي پيا وقت گذاريندا آھيون. اڳتي ڏٺو ويندو واري سوچ ھيٺ
رھندا آھيو. توڪل ڪرڻ ۽ توڪلي ھجڻ جتي اسان جو گڻ ٿي سمجھيو ويو اتي اھو اسان جي
مستقبل لاءِ سوچ کي ٽاريندو رھيو. اسان به ان جا عادي ٿي وياسين.
اسان جي جھان ھلائڻ واري سوچ ۽
عمل سبب نه ٻوڏن کي منھن ڏئي ٿا سگھون ته نه وري مينھن جي پاڻي جي ڊرينيج جو ڪو جوڳو
انتظام آھي. ڪئناڊا ۾ مينھن جام پوي پر روڊن ٽي ڦڙو به نه بيھي پنھنجي ديس ۾ مينھن
جي ڪڻي پئي ناھي ته گھڻتيون گھر ۽ پاڙا ان پاڻي بيھڻ گپ چڪ يا ان سان لاڳاپيل
مسئلن جي ور چڙھي ٿا وڃون. ھڪ ته منصوبه بندي جي کوٽ آھي پر ان حوالي سان ڪو ڪم ٿئي
ٿو ته ان تي عمل ڪو نه ٿو ٿئي.
ڊائون ٽائون ڪئلگري گھمائندي
عمران شيخ اچي اسان کي ھڪ ديسي ھوٽل تي پھچايو جتي جميل نظاماڻي سان ملڻ ۽ ان جي
طرفان لنچ ڪرڻ طي ھو. ان ھوٽل جو نالو مرچي ھو. ان جون ٻيون به ڪي شاخون ھيون. جميل
نظاماڻي جي آفيس ۽ گھر اتان ويجھو ھو سو اسان جي پھچڻ جي اطلاع تي چند منٽن ۾ اتي
اچي اسان سان مليو. اتي کاڌي جو آرڊر ڏئي خبرون چارون ڪندا رھياسين. جلد ٽيبل تي
آرڊر ڏنل کاڌا لڳايا ويا. اسان سٺي لنچ ڪري جميل سان حال احوال ڪري کانئس موڪلائي
روانا ٿياسين.
ھاڻي عمران شيخ جي فرمائش ته
چئن ڏينھن ۾ توھان منھنجي گھر ته پاڻي جو گلاس به ڪو نه پيتو آھي. ان ڪري مون وٽ ٿوري
دير ھلي چاءِ جو ڪوپ پيئو ته پوءِ ايڊمنٽن ھلون. اسان جو ھو ڪل وقتي ميزبان ھو
تنھنڪري ان جي فرمائش پوري نه ڪرڻ زيادتي ٿئي ھا. ان ڪري اسان جي رضامندي سان ھو
اسان کي پنھنجي گھر وٺي آيو. سندس گھر ڪشادو ۽ سٺي فرنيچر سان آراسته ٿيل ھو. ھو جڏھن
ٽورنٽو آيو ھو ته سندس ٻه نندا پٽ ھئا. انھن مان ھڪ سنڌ ۾ تعليم وٺي ٿو. ننڊو شاھ
زر سان مليو. مون ننڊي ھوندي ان کي ڏٺو ھو. ھاڻ ماشاءَ پر اعتماد نوجوان آھي. اھو
عمران جي سنڌ دوستي ليکبي جو ھو صاف سنڌي ٻولي ۾ گفتگو ڪري رھيو ھو. ھتي وڏا ٿيندڙ
گھڻا ٻار ٻولي وساري ٿا ويھن پر جن والدين کي ٻولي سان پيار آھي سي پنھنجي ٻارن
سان پنھنجي ٻولي ۾ ڳالھائيندا رھن ٿا جنھن سان ٻار والدين جي ٻولي کي زندھ رکيو ٿو
اچي. کيس صلاح ڏنم ته پنھنجي تعليم ۽ ڄاڻ ۽ تعلق کي استعمال ڪندي پنھنجي سنڌي
دوستن جو نيٽ ورڪ ٺاھ ۽ سڀ گڏجي سنڌي تنظيمن ۾ ڪردار ادا ڪريو ته جيئين توھان ان
ورثي کي اڳتي ھلي سنڀاليو. ھن کي مون پنھنجي تنظيم اسڪالا لاءِ ڪم ڪرڻ تي ھمٿايو. ھن
مون سان اھڙي ڪردار ادا ڪرڻ جو واعدو ڪيو.
اسان جي نوجوانن کي نظر انداز ڪري
پاڻ گاڏي کي ڇڪيندا رھنداسين ته اھو ڪجھ وقت کانپوءِ اسان جي ڇڪڻ کان زور ٿي ويندو.
ھڪ عمر جي تقاضا ته ٻيو جديد دور جي ٽئڪنالاجي جون ضرورتون جيڪي نوجوان ان شعبي جي
وڌيڪ ڄاڻ رکڻ ڪري بھتر طريقي سنڀالي سگھندا. مون کي خوشي ٿي ته شاھ زر مون کي ان
حوالي سان سرگرمي سان موٽ ڏني.
ھاڻي اسان ڪئلگري شھر مان واپسي
جو ارادو ڪيو ته جيئين مھل ۾ پھچي ايڊمنٽن جي دوستن سان ڪي گھڙيون گذاريون. اھو طي
ڪري ايڊمنٽن روانا ٿياسين. . ھاءِ وي تي گاڏي ڊوڙندي رھي اسان ڪڏھن ڪچھري ته ڪڏھن
پسند جي موسيقي پئي ٻڌي. ڪڏھن محمد يوسف طرفان ڳايل سر راڻي جا الاپ،ڪڏھن منظور
سخيراڻي جا استاد بخاري جا ڳايل ڪلام ڪڏھن وحيد علي جو سچل جو ڳايل ڪلام، ڪڏھن
جلال چانڊيي جا ياري جي حوالي سان ڪلام ۽ انھن ۾ بيان ٿيل قصا. وقت ڪافي ھو ان ڪري
ھر ڪنھن کي پنھنجي پنھنجي فرمائش وارو ڪلام لڳائڻ جي اجازت ڏني سين. ان سان ذوق جو
اندازو به پئي ٿيو. موسيقي روح جي غذا آھي ان سان گڏ وقت گذارن جو سٺو وسيلو. اسان
جنھن عمر جي حصي ۾ آھيون سي جديد موسيقي طرف راغب ڪو نه آھيون پر روايتي سنڌي
موسيقي اسان جي پسند آھي جنھن ۾ نيم ڪلاسيڪي يا صوفي ڪلام يا لوڪ راڳ. اھو اسان جي
خمير ۾ رچيل اھي. اھو ئي وڻي ٿو اھو ئي ٻڌون ٿا ۽ ان ۾ ئي مزو اچي ٿو.
ايڊمنٽن شھر پھچي ايئرپورٽ
ويجھو ھوٽل ۾ ڪمرا وٺڻ جو ارادو ھو. ان ڪري جو صبح سوير ستين بجي اسان جي واپسي جي
اڏام ھئي جنھن لاءِ ۵ بجي ايئرپورٽ لاءِ روانو ٿيڻو ھو. ايتري سوير ڪنھن
کي تڪليف ڏيڻ مناسب ڪو نه ھو. پر نواز پنھور اسان جي ھڪ به نه ٻڌي. چيائين ته منھنجا
سڀ ٻار يونيورسٽين ۾ شھر کان ٻاھر رھن ٿا. ھي ھيڏو وڏو گھر خالي پيو آھي. ٻيو ته اڄ
رات مون وٽ دوستن جي دعوت رکيل آھي جيڪا محفل ڪافي دير تائين جاري رھندي. ھن عمران
شيخ کي چيو دوستن کي سڌو منھنجي گھر وٺي اچ. اسان سڀ لاجواب ٿي وياسين. انڪري شام
جي وقت ايڊمنٽن پھچندي سڌو نواز پنھور جي گھر وياسين. ھو اڳ ئي انتظار ۾ ويٺو ھو.
اسان جي پھچڻ تي ھن اسان جو آڌرڀاءُ
ڪيو. اسان ھٿ منھن ڌوئي تازا توانا ٿياسين ۽ نواز پنھور سان ڪچھري ۾ محو ھئاسين ته
ڪچھري لاءِ ڪانڊيل دوست پھچڻ شروع ٿي ويا جن ۾ سميع ميمڻ، قربان پنھور، عطاءُ الله
ملاح ۽ ممتاز علي لانگاھ ايندا ويا ۽ ان چوياري جو حصو ٿيندا ويا.
محفل متي جنھن ۾ مقامي سنگت
ھتان جي ڪميونٽي، ھتان جي شھر جي سماجي زندگي سان گڏ ھر ڪنھن پنھنجي پنھنجي ذاتي
ترقي ۽ مسئلن بابت آگاھي پئي ڏني. ماضي ۾ ٽورنٽو ۾ گڏ گذاريل وقت جون ساروڻيون به
پئي ساريون سين. سنڌي ماڻھو ذاتي زندگي ۾ ھڪ ادارو ٿئي ٿو. اجتماعي ماحول ۾ ھو ڪافي
ڪمزور آھي. ان ڪمزوري اسان جي قوم کي پوئتي ڌڪي ڇڏيو آھي. اھو ئي مکيه سبب آھي جو
دنيا جي ھڪ ذھين قوم اڄ دنيا جي ترقي ڪيل قومن جي صفن ۾ ڪافي پوئتي نظر اچي ٿي.
جتي ڪچھري جا رنگ پئي بدليا اتي
ڪن دوستن پنھنجي ذاتي ڪاميابين سان گڏ پوئتي سنڌ ۾ ماڻھن جي مدد جي حوالي سان
پنھنجو پنھنجي ڪردار بابت به پئي ٻڌايو. عطاءُ ملاح جنھن جدوجھد ڪري ذاتي ڪاميابيون
ماڻيون آھن اتي ھن ديس جي ضرورتمند ماڻھن کي به وساريو ڪونھي. ھو ڪيترن حوالن سان
سنڌ واسين جي خدمت ڪري رھيو آھي. ٻاھر رھندڙ خاص ڪري ڪئناڊا ۾ مقيم اسان جي دوستن
مان ھر ڪو ڪنھن ڻه ڪنھن حوالي سان سنڌين جي خدمت ڪندو رھي ٿو. نواز پنھور ڪيترن سنڌين
کي ايڊمنٽن شھر ۾ نوڪري وٺي ڏيڻ کان کان ويندي انھن کي ھتي سيٽ ڪرڻ ۾ مکيه ڪردار
آھي. ائين ممتاز لانگاھ نون آيلن جي ھر ڪنھن سان رابطي ۾ رھندي انھن کي وقت ڏئي
انھن جي رھنمائي ڪندو رھي ٿو. عطاءُ الله ملاح جھان ديدھ شخص آھي. ھو ادب سان چاھ
رکڻ سان گڏ سنڌ ۾ ڪيئي حوالن سان عملي خدمتن جو سلسلو جاري رکيون ٿو اچي. ايئن
سميع ميمڻ ۽ قربان پنھور به ان حوالي سان اڳڀرا ۽ سنڌي دوستن جي مدد جي حوالي سان ڪافي
متحرڪ آھن.
عطا ءُ الله ملاح قومي ڪارڪن
رھي چڪو آھي ان ڪري ھو سنڌ کي ھر حوالي سان اڳڀرو ڏسڻ جي تمنا رکي ٿو. ان ناتي سان
ھن سنڌ جي ترقي تعليم سان جڙيل ھئڻ واري سوال تي اسان جا خيال ٻڌڻ پئي چاھيا. ھن
جو خيال ھو ته تعليم جي نصاب ۽ ان کي دنيا وانگر عملي جھان سان ڳنڍجي ته ھوند سنڌي
معاشرو اڳتي وڌڻ شروع ڪندو. روايتي تعليمي نصاب ترقي ۾ مددگار ھئڻ بجاءِ رنڊڪ بڻجي
ٿو. سندس سوال ۽ فڪر پنھنجي ڪافي وزن آھي پر ان حوالي سان منھنجا خيال ھئا ته ڌاري
سازش ته پنھنجي جاءِ تي آھي پر ان رستي ۾ وڏي رنڊڪ اسان جو پنھنجو ئي معاشرو آھي. لوڻ
جي کاڻ ۾ جيڪڏھن لوھ جو ٽڪرو رکندا ته ڪجھ وقت کانپوءِ اھو به لوڻ ٿي ويندو. ايئن ڀڳل
روڊ تي توھان ڪھڙي سٺي گاڏي ھلايو اھا سوزوڪي ھجي، ٽويوٽا يا اعلي معيار جي مرسڊيز
ھجي ان جو ڀڄڻ ٽٽڻ يقيني آھي. ان ڪري روڊ کي ھموار ڪرڻ به بنيادي ضرورت آھي.
ان حوالي سان عملي مثال به
سامھون آھن. اسان جي سرندي وارن يا وڏيرن جا اھي ٻار جيڪي مغربي ملڪن مان جديد
نصاب پڙھي ڊگريون وٺي واپس ورن ٿا ته ٿوري وقت کانپوءِ ھو پنھنجي پيءُ جي ڪرتوتن
کان به ڳالھ وڌائي ٿا ڇڏين. ھو پنھنجي ان تعليم ذريعي ڪو سڌارو آڻي ڪو نه ٿا سگھن.
ساڳئي حالت انھن سي ايس ايس آفيسرن جي آھي جيڪي چٽاڀيٽي جا امتحان پاس ڪري اعلي
عھدن تي فائز ٿين ٿا تن جي ڪارستانيون ھر ڪنھن جي سامھون آھن. ان ڪيڊر ۾ گھڻا غريب
يا مڊل ڪلاس جا ماڻھو قابليت جي بنياد تي امتحان پاس ڪري آفيسر بڻجن ٿا تن مان اڪثريت
ڪرپٽ وڏيرن ۽ بد ڪردار ماڻھن سان گڏجي سندس مفادن جو تحفظ ڪرڻ سان گڏ پنھنجا مقصد
به پورا ڪندا رھن ٿا. ان تعليم مان سنڌ کي آخر ڪھڙو فائدو ٿي رھيو آھي. جنھن
معاشري ۾ رشوت کان پري رھندڙ جو گذارو به نه ٿئي. عملي طور تي ان کي بيوقوف يا
سادو سمجھيو وڃي اتي ايمانداري جي سرپرستي ڪيئين ٿيندي. معاشري ۾ اقربا پروري ۽
ناانصافي جون پاڙون ڪافي وقت کان مضبوط رھيون آھن جيڪا برائي ھن دور ۾ وڌيڪ نروار ٿي
آھي.
اسان وڏن عھدن تي ويٺل، دولت جي
زور تي پنھنجو معيار زندگي اونچو ڪندڙ کي پنھنجو آئيڊل سمجھون ٿا ته اھو ئي انداز
وڌيڪ ترقي ڪندو. اھو الميو آھي ته اسان جنھن سماج تي فخر ڪريون ٿا، جيڪو اسان جو ٺاھيل
آھي سو اسان جي ترقي ۾ رنڊڪ بڻيل آھي. اسان ان تي نظر ثاني ڪرڻ يا ان دلدل مان نڪرڻ
لاءِ به ذھني طور تي تيار ڪو نه آھيون. وڏيري سنڌ جو ٻيڙو ٻوڙيو آھي پر وقت تي ان
کي سنڌ جي ثقافت چئون. ائين منھنجو دليل ھو ته جيستائين اسان معاشري ۾ رھندي
پنھنجا پرڪار ٺيڪ ڪو نه ٿا ڪريون تيستائين سنڌي معاشري جو اڳڀرو ٿيڻ اسان جي خوھش
ئي رھندي.
دير تائين دوستن جي ساٿ ۽ رھاڻ
جو لطف وٺي وڃي آرامي ٿياسين ته جيئين صبح جو چئين اٿي تيار ٿي پنجين بجي روانا ٿيون.
گھري ننڊ ستل ھئاسين ته الارم جي گھڻٽي تي اک کلي. سڀئي جاڳي تياري ۾ لڳي وياسي. ايتري
۾ نواز پنھور چاءِ تيار ڪرائي ڇڏي جيڪا پي سندس گاڏي ۾ سوار ٿي ايئرپورٽ طرف روانا
ٿياسين. ھي علائقو ايئرپورٽ جي ويجھو ھو تنھن ڪري اٽڪل ۱۵ منٽن ۾ اچي اتي
پھتاسين. نواز پنھور جا ٿورا مڃي کانئنس موڪلايو سين. کيس چيوسين ته وقت گھٽ ھو
تنھنڪري اسان جي ميل جول واري ضرورت گھٽ ئي پوري ٿي. اسان ھاڻ ھر سال اينداسين. ھي
صوبو جتي ڏسڻ جھڙو آھي اتي چوياري جو مزو به واھ جو آھي. اھو ھاڻ اسان لاءِ ڪشش
رھندو.
اسان جون بورڊنگ پاس اڳ ئي نڪتل
ھيو ان ڪري سيڪيورٽي مان ڪلئير ٿي ايئرپورٽ جي بلڊنگ ۾ داخل ٿياسين. سنگت کي
ويھاري مان ۽ مبشر ملڪ صبح سوير ڪافي پيئڻ جي طلب ھيٺ پنھنجي پسند جي ڪافي ھائوس ٽم
ھارٽنس کي ڳوليندي اتي پھتاسين. اسان کان اڳ ھڪ ھمراھ بيٺو ھو شڪل شبيھ ۾ ڪورين يا
ايسٽ جي ڪنھن ملڪ جو باشندو پئي لڳو. اسان ويجھو بيٺي پاڻ ۾ پئي ڳالھيون ڪيون ۽
اسان ھن ھمراھ جي به ڪافي ويجھا ھئاسين. ھو قطار مان نڪري وڃي پري بيٺو. ڪائونٽر
جي ويجھو ٿيڻ تي اسان کيس چيو ته تون اسان اڳ بيٺو ھئين سو تون اڳ ۾ ڪافي وٺ. ھن
وراڻيو ته توھان منھنجي ويجھو اچي بيٺا ھئا ان ڪري مان قطار مان نڪري پاسي تي وڃي
بيٺس. اسان کي غلطي جو احساس ٿيو. اھڙي احتياط جو سبب تازو دنيا ۾ ھلچل مچائيندڙ ڪووڊ
۱۹ جي پکڙجڻ ھو جنھن جي بچاءُ لاءِ ماڻھن کان پري رھڻ احتياطي
تدبير چئي ويندي آھي.
اسان ڪافي وٺي اچي سنگت سان گڏ
ويٺاسين. جھاز ۾ چاءِ يا تواضع جو ڪو آسرو ڪو نه ھو ان ڪري پنھنجي ڪافي تي زور ڏنوسين.
جلد جھاز ۾ ويھڻ لاءِ سڏ ٿيو ۽ وڃي سيٽون والاريون سين. منھنجي سيٽ دري جي ويجھو
ھئي تنھن ڪري اڏام ۽ جھاز جي لھڻ وقت زميني منظر ڏسندو پئي آيس. اتي مون کي ھڪ
دوست طرفان ھوائي سفر جوٻڌايل قصو ياد اچي ويو. اھو اسان جو دوست ڪي سال اڳ پي آءِ
اي جي اڏام ۾ ڪراچي کان ٽورنٽو آيو ھو. سفر جا احوال ڪندي ھن ٻڌايو ته يار ھن
پرواز ۾ جھاز جو پائلٽ منھنجو واقف ھو پرواز دوران ھڪ وقت مون کي ڪاڪ پٽ ۾ وٺي ويو
جتي ٿوري دير ويٺس. يار ڇا ته منظر ھو. بس مزو اچي ويو. مون کانئس پڇيو ته جھاز
ھوا ۾ ھو. تو ھوا ۾ ڪھڙو مزو ڏٺو. اتان ڪا خوبصورت ڍنڍ ڻظر آئي، ڪي ساوڪ ڍڪيل
ميدان ھئا، ڪي قدرتي حسن جا نظارا ھئا. ڇا ھو جيڪو توکي وڻيو. اھڙو ڪجھ ڪو نه ھو. ته
پوءِ آخر ان منظر ۾ ڪھڙو مزو ھو. اصل ۾ اسان ٿوري ٿوري فخر تي خوشي محسوس ڪندا
آھيون. مون کيس چيو ته تنھن لاءِ خوشي جا ڳالھ اھا ھئي ته پائلٽ تنھنجو واقف ھو ۽
ھو توکي ڪاڪ پٽ ۾ وٺي ويو. اسان پنھنجي جھان ۾ ڪنھن وڏي ماڻھو سان تعلق، ڪنھن وڏي ڪاموري
سان دوستي يا ڪنھن مٿڀري ماڻھو تائين پھچ ھجڻ تي سرھا ھوندا آھيون. اھا حقيقت ۾
احساس ڪمتري آھي.
. مقرر وقت تي اڏام اچي ٽورنٽو ھوائي اڏي تي
لٿي. ايئرپورٽ تي لھي ھڪ دوست کي فون ڪئيسين تنھن اچي ۱۰ منٽن ۾ اتان کنيو. ائين
سٺيون يادون کڻي پنھنجي جھان ۾ واپس پھتاسين. ھن دوري ۾ جتي ڪن
من موھيندڙ نظارن کي ڏٺوسين، اتي سنگت جي مڪمل ساٿ سبب اسان
جو ھي وزٽ يادگار رھيو. وري وڃڻ جي اسان سڀني کي تمنا آھي،
جنھن جو سھرو ايڊمنٽن ۾ اسان جي دوستن کي وڃي ٿو،
جن جي خلوص اسان کي موھي وڌو آھي.
No comments:
Post a Comment