Saturday, November 19, 2022

ٿڌي جھان جون ڪي ڳالھيون - خير محمد ڪولاچي

ٿڌي جھان جون ڪي ڳالھيون

خير محمد ڪولاچي



گذريل جمع جي ڏينھن، ڪئناڊا لڳ آمريڪا جي نيويارڪ رياست جي شھر بفلو ۽ ان جي پسگرادائي ۾ سخت برفباري ٿي، جيڪا اٽڪل ٽي (۳) فٽ اونچي ھئي. ھن برفباريءَ شھر ۽ علائقي جي زندگيءَ کي مفلوج ڪري ڇڏيو. ھيءُ علائقو ٿڌو آھي، جنھن ڪري ھتي برفباري ٿيڻ عام آھي. پر ھن سال، وقت کان اڳ، اھا به اوچتي ڳري برفباري، تنھن ماڻھن کي پريشان ڪري ڇڏيو. نيويارڪ رياست جي ميئر ڪيتي ھوچل، ھن شھر ۽ علائقي ۾ ھنگامي حالتن جو اعلان ڪري ڇڏيو آھي.


ھتان جو موسميات کاتو جديد ٽئڪنالاجي سبب موسم تي گھري نظر رکندو آھي ۽ اھو ماڻھن کي ھفتي کن جي موسم، گرمي پد، مينھن، برفباري جو اڳواٽ اطلاع ڏيندو رھندو آھي. ان ڪري ماڻھو اڳواٽ ان حساب سان سفر جي منصوبه بندي ڪندا رھندا آھن. جتي پنھنجي ملڪ ۾ موسميات کاتي جي اھميت گھٽ آھي اتي سرد ملڪن ۾ ان جي وڏي اھميت آھي. ايئن فائر برگيڊ جنھن جو پنھنجي ملڪ ۾ به ڪڏھن ڪڏھن ڪم نڪري اچي ٿو اھو کاتو ٿڌن ملڪن ۾ جتي ڪاٺ جا گھر ٺھيل ھوندا آھن اتي اھم ليکيو ويندو آھي. موسميات کاتي جا ڪيئي چينل ھلندا آھن جيڪو پنھنجي پنھنجي معلومات موجب ماڻھن کي باخبر رکندا آھن.

نيوياڪ رياست جي بفلو شھر جي تازي برفباري جي خبر ۽ ان جي تفصيل ملڻ تي منھن جي ذھن ۾ ماضي جا ڪي منظر جا ورق اٿلڻ لڳا. ياد اٿم ته  سياري جي مند، منھنجي ننڍپڻ جا ڏينھن ھئا مان جڏھن اڱڻ تي کيڏي واپس وريس ته ماءُ مون کي گود ۾ ويھاري لڱن کي ھٿ لاٿو خاص ڪري ھٿن تي ھٿ رکيائين ته کيس اھي ٿڌا محسوس ٿيا تنھن تي ھن چيو ھو ته تنھنجا ھٿ ته برف لڳا پيا آھن. اسان جي گرم علائقن ۾ برف جھڙو ٿڌو وڌ ۾ وڌ ٿڌو سمجھيو ويندو آھي. سياري جي ڪن ڏينھن ۾ ڪن گھڻين ٿڌين راتين ۾ ڪٿي ڪي پاڻي جا ڦڙا يا ڪو ڪنھن ٿانو ۾ پيل ٿورو پاڻي ڄمي پوندو ھو تنھن کي چوندا ھئا ته اڄ پارو ڄمي پيو آھي سو غور سان ڏسندا ھئاسين. باھه تي ھٿ سيڪڻ ۾ فرحت محسوس ٿيندي ھئي ان ڪري سياري جي مند ۾ صبح جو چلھ جي چوڌاري ويھڻ معمول ھوندو ھو انھن ڏينھن ۾ ملڪ ۽ دنيا جي ٻين حصن جي ٿڌ ۽ برفباري جي ڄاڻ گھٽ ھئي.

اھو گرم علائقي جو نفسياتي اثر ھو، اسان جي عام ماڻھن جي غربت يا جھان پيو ھلندو وارو رويو جو سياري جي  مند ۾ گرم ڪپڙن پائڻ جي گھٽ ئي رحجان ھو. جھان ھلائڻ واري انداز ۾ چادر ويڙھي ڇڏڻ، مٿي ۽ ڪنن کي ڪپڙي سان ڍڪي يا ٻڌي ڇڏڻ. اھو به عام ڪپڙو ھوندو ھو. سائنسي ترقي ۾ ايتري تيزي ڪونه آئي ھئي جنھن ڪري دنيا جي ٻين حصن جي گھٽ ئي ڄاڻ پھچندي ھئي. اسان جو جيستائين اچڻ وڃڻ ھو تنھن جو جھان گھڻو ڪري ھڪجھڙو ھو. ڪوئيٽا جي موسم ٿڌي آھي، سا خبر ھئي. ان جو ڪارڻ اھو ھو جو اتر سنڌ جي علائقي جا ماڻھو، گرمين کان بچڻ لاءِ ٻه ٽي مھينا، ڪوئيٽا ۾ وڃي گذاريندا ھئا. گرم علائقن جي گھرج جي حوالي سان، اسان جون خواھشون ۽ تمنائون آھن. مينھوڳي جي مند جي تمنا، جيڪا موسم کي خوشگوار ڪري، ٿر جھڙن علائقن ۾ خوشحاليءَ جو سبب بڻجي ٿي. رات ٺرڻ به من پسند آھي، جنھن سبب، گرميءَ مان جان آجي ٿئي ٿي. ابراھيم منشي جي ٻول وانگر ته؛

ھڪ مند چري آھي، ٻي جا رات ٺري آھي،

اھڙي ۾ اچڻ تنھنجو، ڀاڳن جي ڀري آھي.

جيتوڻيڪ ٽورنٽو ۽ ان جي پسگردائي وارن شھرن ۾ به برفباري شروع ٿي چڪي آھي. پر بفلو جي ھي وڏي برفباري بحث ھيٺ رھي. منھنجو پاڙي ۾ رھندڙ ھڪ ھمراھ، جيڪو ڪئناڊا جي ھڪ سخت ٿڌي صوبي نوانٽ ۾ رھندو ھو، جتي ڪافي ٿڌ سان گڏ ٻين علائقن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ برفباري ٿيندي آھي. تنھن ٻڌايو ته ھڪ ڀيري ايتري برفباري ٿي جو ٻاھرئين دروازي وٽ، برف جو ڍير ٿي ويو. تنھن ڪري در ئي نه ٿي کليو. گھڻا ئي زور ڏئي، جڏھن بي وس ٿياسين ته ھاڻ ٻاھر نڪرڻ جون ترڪيبيون سوچڻ لڳاسين. آخر اھو خيال ذھن ۾ آيو ته جيستائين در وٽان برف نه ھٽندي، تيستائين دوارزو نه کلندو ۽ اسان اندر بند رھنداسين. اھا ترڪيب ذھن ۾ آئي ته ڌيءُ کي دريءَ مان ٻاھر ڪڍون، جيڪا در وٽ برف ھٽائي ته دروازو کوليون. ايئن ئي ڪيوسين. تڏھن وڃي دروازو کولي ٻاھر نڪري گھر آڏو پيل برف کي ھٽائي ھلڻ جھڙا ٿياسين.

ستر جي ڏھاڪي ۾ سويت يونين جي جنھن علائقي ۾ اسان فني تربيت ورتي، اتي ڏٺم ته سياري ۾ ھڪ ڀيرو جيڪا برف پئي، سا گرميءَ جي مند تائين نه پگھري. ھو وڏن روڊن تان برف ھٽائي ڇڏيندا ھئا، جيڪا روڊ جي پاسي ۽ ٻين ھنڌن تي ڍير ٿي پئي ھوندي ھئي. ائين ڪي سال اڳ ٽورنٽو ۾ ھڪ سال گھڻي برف پئي ھئي ۽ لاڳيتو گرمي پد منفي رھيو، تنھنڪري روڊ تان ھٽايل برف به روزمرھ جي ٽرئفڪ لاءِ ڏکيائي ھئي. تنھن ڪري ڊمپرن تي اھا برف لوڊ ڪري، پري اڇلائي ويئي.

اتر قطب جتي گرمي پد منفي ۵۰ تائين ڪري پوي ٿو اتي ھر طرف برف ئي برف نظر ايندي آھي ان علائقي ۾ شڪار جي ڳولا ۾ پري ويندڙ موٽ جو رستو ڳولڻ لاءِ رستي ۾ ڪاٺي جا لڪڙا کوڙيندا ويندا ھئا، جن جي نشاني سان ھو واپس گھر تائين پھچندا ھئا. اتي ڪھڙو گھوڙو، اٺ يا ڪا گاڏي ھلي؟! تنھن ڪري ھو تختن تي ويھي سفر ڪندا ھئا جنھن کي ڏھ يا ٻارنھن ڪتا ڇڪيندا ھئا. ھاڻ سائنس ترقي ڪئي آھي، جنھن ڪري انھن ڪتن جي جاءِ تي، ھاڻ برف تي چرندڙ گاڏيون اچي ويون آھن.

اھي علائقا جتي برف ٿئي ٿي ۽ اڄلھ اتي سائنسي ترقيءَ سبب ماڻھو موسمي حالتن کي منھن ڏئي وڃن ٿا. اتي به سياري جي اچڻ تي ڪي زرعي ڪم گھٽجي ٿو ۽ معمول جي زندگي ۾ ڪن مسئلن کي منھن ڏيڻو پوي ٿو. مثال طور؛

سياري ۾ ڪو فصل ڪو نه ٿو ٿئي.

ماڻھن جون سرگرميون محدود ٿي وڃن ٿيون.

ڊگھيون راتيون ۽ ننڍا ڏينھن ٿين ٿا.

سيارو ايندي ئي گاڏيءَ ۾ برف وارا ٽائر لڳرائڻا پون ٿا.

سفر، موسم کي ڏسي احتياط سان ڪيو وڃي ٿو. ڇو جو سڀ کان گھڻا حادثا، گاڏيءَ جي برف تي ترڪڻ سبب ٿين ٿا. ھڪ گاڏي جي ترڪڻ سان، اھا ٻين سان ٽڪرائجي ٿي، جنھن سان ڪيئي گاڏيون حادثي جو شڪار ٿين ٿيون.

ماڻھو گرم جوتا، گرم ڪپڙا پھري نڪري ٿو. ڀلي گاڏي گرم ھجي پر ڪنھن حادثي يا ڪنھن سبب جيڪڏھن گھر کان ٻاھر نڪرڻو پوي ته ان لاءِ گرم اوورڪوٽ جي ضرورت پنھنجي جاءِ تي رھي ٿي. ان ڪري ان جو پھرڻ يا ساڻ رکڻ، ضروري ٿيو وڃي.

گورا ان معاملي ۾ وڏو احتياط ڪندا آھن. ھو ٿوري ٿڌ ۾ ان جي ضرورت وارا ڪپڙا پائين. سخت ٿڌ ۾ وري ان موسمي ضرورت ھيٺ ڪپڙا پائين. اسان ڪٿي پنھنجي روايتي لاپرواھي ڪندا آھيون ته ان ۾ نقصان به کائيندا آھيون. ھڪ ڀيري مان بنا دستانا پائڻ جي نڪري پيس، گاڏيءَ ۾ خير جھان ھلي ويو پر جڏھن گاڏيءَ ۾ تيل ڀرائڻ لڳس ته ٻاھر کليل ھٿن سان اھو ڀرڻ عذاب ٿي ويو. ان ڏينھن گرمي پد به منفي ويھ ھو ۽ ھوا لڳڻ جي ڪري اھو منفي ٽيھ پئي محسوس ٿيو. اھڙي ٿڌ ۾ چند سيڪنڊن کان پوءِ ھٿ پئي مٽايم. ۽ ٻئي کي کيسي ۾ ٿي رکيم. حقيقت ۾ منظم رھڻ وارو ئي سک سان رھي ٿو.

جيڪڏھن ڳري برفباري ٿي وڃي ته گيريج وٽان برف ھٽائي، پوءِ گاڏي ڪڍندا آھيون. پر جي گاڏي ٻاھر بيٺي آھي ته ان جي مٿان پيل برف ھٽائي، پوءِ گاڏي ھلائبي آھي. گاڏيءَ کي ٿوري دير گرم ڪري، پوءِ ھلائڻ ان جي بچاءَ جي گھرج آھي.

ھڪ ڏينھن گھر مان ٻاھر نڪتس ته رات جو ڪافي برف پئجي چڪي ھئي. مون سستي مان گاڏي اندر ڪا نه بيھاري ھئي. ان ڪري گاڏيءَ مٿان پيل برف صاف ڪري ھلي پيس. ڏٺم ته سامھون گھر وارو ھمراھ دروازي وٽان برف جا کوڙا ھٽائيندي پگھرجي پيو. ويندي مون گاڏي روڪي کيس سلام ڪيو ۽ چيم ته اڄ منھنجي سستي منھنجي ڪم اچي ويئي ان ڪري برف رڳو گاڏيءَ تان ھٽائڻي پئي. سياري جي مند ۾ برف ھٽائڻ لاءِ بيلچا رکڻ ۽ گھر آڏو لوڻ ڇٽڻ جي ضرورت رھي ٿي ته جيئن گھر آڏو لنگھندڙ ڪو ترڪي ڪري نه پوي. جي ڪنھن ائين نه ڪيو ۽ ڪو ترڪي ڪري پيو ته ان گھر واري تي سرڪار ڏنڊ وجھندي.

سو سائين منھنجا ھن ٿڌ ۾ ٻاھر نڪرڻ مھل، سوچي سمجھي نڪرڻو پوي ٿو. گھڻي ٿڌ آھي. موسم ڪيئن آھي، ان حساب سان ڪپڙا پائجن. گرم ملڪن واري آزادي ڪونھي، جو جنھن وقت دل چاھي ٻاھر نڪري پئو. پر ھتان جو اونھارو، ملڪ کي جنت نظير بڻائي ٿو ڇڏي. اسان جي دوست وشنو لوھاڻي جو ڀاءُ، گرميءَ جي مند ۾ گھمڻ آيو. تنھن ڀاءُ کي چيو ته يار توھان ته جنت ۾ پيا رھو. تنھن تي وشنو چيس ته؛ ھڪ ڀيرو ٿڌ ۾ به آءُ ۽ اھا به ڏس. ان جي سختي برداشت ڪرڻ کان پوءِ ئي اسان کي ھي جنت نصيب ٿئي ٿي.

مان سوچيندو ھوس ته ماضي ۾ بجلي ۽ گئس نه ھئڻ تي ھتان جا ماڻھو ڪيئن ھن ٿڌ کي منھن ڏيندا ھئا. ھڪ ڏينھن مان پنھنجي دوست مبشر ملڪ جي فارم ھائوس تي ويس جتي ان جي گھر ۾ گھر کي گرم رکڻ لاءِ جديد نظام سان گڏ، اڳ جي نظام موجب ھڪ بٺي ۽ چمني به لڳل ھئي. ھن بنگلي ۾ اڳئين مالڪ، ڪاٺين سان گھر گرم رکڻ جي سھوليت به رکي ھئي. اسان ان ڪمري ۾ ويھي چلھ ۾ ڪاٺيون وڌيون، جن جي ٻرڻ تي ڪمري سان گڏ گھر گرم ٿي ويو. ايستائين جو اسان کي باھ گھٽ ڪرڻي پئي. ھنن ٿڌن علائقن ۾ جتي ٿڌ وڌيڪ آھي ۽ برف به پوي ٿي اتي وري ٻيلا ۽ ڪاٺ به جام آھي، جيڪو اڳ ٿڌ کان بچڻ ۾ مددگار ھوندو ھو.

 قدرت ھر جھان ۾ جيئڻ ۽ گذارڻ جو سامان مھيا ڪري ڇڏيو آھي. انسان کي رڳو ھٿ پير ھڻڻا آھن.

 

(خير محمد ڪولاچيءَ جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۱۹ نومبر ۲۰۲۲ع تي رکيل/ کنيل)

No comments:

Post a Comment