Thursday, November 10, 2022

کيرٿر جون ور وڪڙ ڳليون - حبيب ساجد

کيرٿر جون ور وڪڙ ڳليون

حبيب ساجد



الاھي دفعا غلط ٽرين ۾ چڙھي،

مان صحيح جاءِ تي پھتو آھيان.

(پائلو ڪوئيلھو)

اھي سال ۲۰۱۰ع جي سرءَ مندَ جا وچولا ڏينھن ھيا، ملڪ جي مٿين علائقن جو ٻوڏ وارو پاڻي جڏھن غيراخلاقي طور تي جوڙيل سمورن ڊيمن جي گنجائش کان چڙھي ويو ته نڪَ جي پڪائيءَ سان اھو سنڌ ڏانھن ڇڏيو ويوھو، نتيجي ۾ اتر سنڌ جي لڳ ڀڳ سڀني علائقن کي اھو پاڻي ٻوڙيندو گذري رھيو ھو ۽ مون انھيءَ ٻوڏ جي پاڻيءَ جو وھڪرو پنھنجي اکين سان روھڙيءَ جي ستين جي آستان واري ٽڪريءَ تان پنھنجي دوست مشتاق صاحب سان ڏٺو ۽ خوفزده ٿي ويو ھيس، لئنسڊائون ۽ ايوب ٻنھي پلين ھيٺيان پاڻي ڪوئي ۳۰ يا ۳۵ ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان وھي رھيو ھو ۽ سرپٽ ڇوليون وچ درياھه ۾ کڙي ٿيل ساڌو ٻيلي جي ديوارن سان زور سان ٽڪرائجي اُٿلَ کائي وري واپس ٿي رھيون ھيون. خوشحال خان خٽڪ ايڪسپريس ٽرين جيڪا ھونئن پشاور کان وايه ڪنديان، ڊيره اسماعيل خان،جيڪب آباد، شڪارپور ،لاڙڪاڻو،دادو،ڪوٽڙي ۽ ڪراچي ھلندي ھئي، ٻوڏ جي ڪري ان جو روٽ تبديل ڪري ڪنديان، ملتان، روھڙي، سکر ۽ پوءِ حبيب ڪوٽ کان وري پنھنجي ساڳي روٽ سان ھلائڻ لڳا ھئا ۽ منھنجي ڊيوٽي روھڙيءَ کان ڪوٽڙيءَ تائين ٽرين انچارج گارڊ طور لڳي ھئي روھڙيءَ کان جھنڊي ڏيکاري گاڏي صبح جو اٺين وڳي ھلي ۽ نائين وڳي حبيب ڪوٽ اسٽيشن تي اڌ ڪلاڪ لاءِ بيٺا سين ڇوته حبيب ڪوٽ ۾ انجڻ جو منھن ڦيرايو ويندو آھي. انگريزن جي دور جي ٺھيل ٽرن ـ ٽيبل کوھه اسٽيشن جي اولھه طرف شڪارپور واري لائين جي ڀڪَ ۾ ٺاھي وئي آھي. ان کوھه نما ڦرڻيءَکي لوھي بيرنگس ۽ فريمن سان جوڙيو ويو آھي، انجڻ جيئن اچي بيھندي آھي ته ھڪ ڄڻو لوھه جي ھٿيي جي معمولي زور سان ۳۰۰ ٽنن جي انجڻ کي جھرڪيءَ جيان ڦيرائي ان جو منھن تبديل ڪري ان کي لاڙڪاڻي طرف ڪندو آھي ۽ ان ۾ مشڪل سان پنج منٽ لڳندا آھي، اھا انجڻ وري ٽرين جي مھڙَ ۾ اچي لڳندي آھي اھو مھڙ اڳ ۾ روھڙيءَ کان پُڇڙ ھيو. سکر کان ۳۳ ڪلوميٽر اولهھ طرف روھڙي ـ ڪوئٽه سيڪشن تي ھيءَ حبيب ڪوٽ اسٽيشن تعميراتي سونھن ۾ اسان جي سکر ڊويزن جي ھڪ اھم اسٽيشن ڪري ليکي ويندي آھي، اسٽيشن جي تعمير ۱۹۴۶ع ۾ ڪئي وئي ھئي يعني ملڪ ٺھڻ کان ھڪ سال اڳ۾، مون ھن اسٽيشن تي ھڪ سال ٽڪيٽ بابوءَ طور ۲۰۰۰ع ۾ ڊيوٽي ڪئي ھئي، اھو منھنجي سروس ڪيريئر جو ھڪ يادگار دور ھيو، ان اسٽيشن تي ۳ ٽرينيون اپ ۽ ڊائون بيھنديون ھيون ۽ ھتان سبزي ڪوئٽه ويندي ھئي، مون کي ياد آھي چاچو بگو مھر روز اسٽيشن تي سبزيءَ جا ٻه ٽي گڏھه گاڏا ڀرائي ڪوئٽه اماڻيندو ھو، اسٽيشن جي آڏو ئي ٻه ڇپرا ھوٽل ھوندا ھئا، جن مان ھڪڙو بروھيءَ جو ھوٽل سڏبو ھو ۽ ٻيو وري مھر جو ھوٽل . ٻنھي تي ڪمال جي چانھه ملندي ھئي، ملاوٽ کي اڃان ھتي ھڪ معاشرتي ڏوھه تصور ڪيو ويندو ھو، ان ڪري خالص کير جي چانھه پيئڻ کان پوءِ اوڳرايون اينديون ھيون ڄڻ چانھه نه پر کيرَ جو ڪوپ پيتو ھجي. ان ئي اسٽيشن جي سانت ۽ سڪون واري ماحول جي ڪري مون ھتي پورو ھڪ ڪتاب ترجمو ڪيو ھو، پئبلو نيرودا ۽ امارو جا نظمَ مون ان اسٽيشن جي سانت ۾ ترجمو ڪيا ھئا.


خوشحال خان خٽڪ ٽرين ھاڻ ھلڻ لاءِ ريڊي ھئي، لاڙڪاڻي، موھن جي دڙي ۽ کوڙ سارن ننڍن ۽ وڏن اسٽيشنن تان گذرندي ٽرين لڳ ڀڳ ٽين وڳي سيوھڻ اسٽيشن تي اچي ساھه پٽيو. پنجن منٽن تائين مان سيوھڻ جي فضائن ۾ تاريخ جي رستن تان اڏرندڙ ڌوڙ جو مشاھدو ڪندو رھيس، مون کي ذاتي طور تي شھباز قلندر کان وڌيڪ سيوھڻ جي قلعي کي ڏسڻ جي آشا ھئي پر ٽرين ڊيوٽيءَ ۾ مون وٽ سيوھڻ ۾ ترسڻ لاءِ رڳو ۵ منٽ ھئا، ھتي وري اچڻ جو سوچي مون ٽرين جي وسل واري چيخ جي جواب ۾ سائي جھنڊي ڏيکاري ٽرين ھلائي ڇڏي، سيوھڻ جو شھر ڏسندي ئي ڏسندي ٽرين جي پٽڙين پوئتان الوپ ٿي ويو.

صرف چند گھڙين بعد ، خبرَ نه ھئي ته مان زندگيءَ جي ھڪ يادگارسفر جو مشاھدو ڪرڻ وارو ھيس ۽ ان کي پوري زندگي ھڪ يادگار ڏيک طور ياد رکڻ وارو ھيس. ٽرين جيئن کيرٿر جي پھاڙي سلسلي ۾ داخل ٿي ته عقل دنگ رھجي ويو، مان پنھنجي زندگيءَ ۾ پھريون دفعو ھڪ ٽرين کي پھاڙن وچان بوبڪَ جي نشئي ڳيرن وانگر ھيڏانھن ھوڏانھن لمندي لڏندي پھاڙن جي پيچرن جا رستا ڪاٽيندي اڏرندي ڏسي رھيو ھوس، سچ ته مون کي پوري اڌ ڪلاڪ لاءِ ٽرين ۾ پنھنجو موجود ھجڻ به وسري ويو ھو. ٽرين جيئن جو پھاڙيءَ تي چڙھڻ شروع ٿي ته مون سمجھيو ٽرين شايد جھاز جيان ھوائن ۾ ٽيڪ آف ڪرڻ واري آھي، ھوريان ھوريان سنگ سنگ ھلندڙ نيشنل ھاءِ وي ڪنھن نانگ جي وروڪڙ جسم جيان معمولي ۽ سوين فوٽ اونھائين ۾ نظرجڻ لڳو، پھاڙن کي ڪٽي ڪَٽي انگريزن جيڪا پٽڙي پھاڙن ۾ وڇائي اسان جي حوالي ڪئي ھئي اھا ڪمال جي انجنيئرنگ ھئي.

ٽرين بار بار موڙَ ڪاٽي رھي ھئي ۽ بار بار ھيڏانھن ھوڏانھن لمي ۽ لڏي رھي ھئي، ھڪ جاءِ تي پٽريءَ جو موڙ ايترو ته “ يُو” شيپ ۾ اچي ويوھو جو ٽرين جي انجڻ ۽ ان جو ڊرائيور ۽  منھنجي بريڪ ھڪ ٻئي جي آمھون سامھون اچي ويا ۽ اسان ھٿ ھلائي ھڪ ٻئي کي وِش ڪيو . ٽرين جا مسلسل جھوٽا ۽ منظرن جي گوناگونيت ايتري ته ڪمالَ جي ھئي جو مان ڪافي ديرَ تائين بي يقين نظرن سان اھي منظر ڏسندو رھيس. سنڌو درياءُ مسلسل اسان جي ٽرين جي ھم رڪاب ھيو ۽ پھاڙن وچان سنڌو درياءَ جو نظارو دنيا جي حسين نظارن مان ھڪ آھي.

مون جڏھن شاھه صدر لڪيءَ لاءِ گوگل ڪيو ته خبر پئي ته؛ ھن يونيڪ ماڳَ جو اصل نالو ورهاڱي کان اڳ ۾ “ڌارا تيرٿ لڪي” هو. اهو نالو پوڻ جو سبب لڪيءَ جي جبلن ۾ اولهندي پاسي، جبلن وچ ۾ پاڻيءَ جا وهندڙ چشما آهن. جتي اڃا تائين هندن جي “شِو ديوتا” جو مندر ڦٽل حالت ۾ موجود آهي. لڪي تيرٿ ۾ ‘شِو جو ميلو’ سنڌ جي هندو جاتيءَ جي تهوارن ۾ هڪ وڏو ۽ اهم تهوار هوندو آھي. ھتي اڄ به هندو ياترين ۽ شيواڌارين پاران وڏي جوش سان شوراتڙيءَ جو ڏڻ ملهايو ويندو آهي، جنهن ۾ ملڪ جا سوين هندو مرد ۽ زالون شريڪ ٿينديون آهن.

نامور تاريخ دان مير علي شير قانع شاهه چواڻي لڪي (لڪعلوي) نالي وارو شهر سيدن جي رهڻ جو هنڌ آهي. اتي جو جبل سنڌ جو هڪ نهايت سوڙهو لڪ آهي. سيد علي بن عباس پهريون سيد آهي، جو اتي اچي رهيو. سندس نسبي سلسلو امام موسيٰ ڪاظم سان وڃي ملي ٿو. اروڙ جي حڪمران دلوراءِ جيڪو چون ٿا وڏو ظالم حاڪم هو، پنهنجي ڀاءُ ڇٽي پٽ آمر جي هدايت تي توبهه تائب ٿي، سيد عليءَ جي خدمت ۾ پيش ٿيو. هن پنهنجي نياڻي به سيد جي نڪاح ۾ ڏني. ان مان هن کي چار پٽ: سيد محمد، سيد مراديو، سيد حاجي عرف ڀرڪيو، ۽ سيد چڱو پيدا ٿيا. (تحفة الڪرام، سنڌي، ص ۳۶۳) مير قانع ‘آمري’ شهر جي بيان ۾ شاهه صدر (سيد صدرالدين) جو ذڪر ڪيو آهي. لکي ٿو ته، سيد صدرالدين عرف صدر بن سيد محمد، روشن نشانين ۽ ظاهر ڪرامتن جو مالڪ، وقت جو ولي، زماني جي مشائخن جو سردار، سيدن جو فخر ۽ جملي برڪتن جو مالڪ هو. سندس اولاد سنڌ ۾ اصل گهراڻي هجڻ ۾ مشهور آهي. سندس ڪجهه اولاد سيوهڻ ۾ رهي ٿو ۽ ڪي ٻيا سڄيءَ سنڌ ۾ پکڙيل آهن. (تحفة الڪرام، سنڌي، ص 364) سيد حسام الدين راشدي مرحوم هڪ مضمون ۾، اروڙ، ڀانڀرا (برهمڻ آباد)، دلوراءِ، ڇٽي پٽ آمر، جنهن دور ۾ سيد علي سنڌ ۾ آيو ۽ لاڳاپيل عنوانن تي بحث ڪري، ڪجهه سوالن کي جنم ڏيندي، لڪياري ساداتن جي باري ۾ حال احوال مهيا ڪيو آهي. راشدي خاندان خود به، لڪياري ساداتن جي هڪ شاخ آهي. ان ڪري حسام الدين ان متعلق، خاندان جي هڪ فرد ۽ هڪ عالم طور بحث ڪرڻ ۾، ۽ ڪي سوال پڇڻ ۾ برابر جو حقدار هو. (پير حسام الدين راشدي، ‘ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون’، ص ۳۵۹- ۳۶۳)

اعجاز الحق قدوسي، شاهه صدرالدين جي باري ۾ لکندي، مير علي شير قانع ۽ راشدي صاحب جي تحقيق جو سهارو ورتو آهي. شاهه صدر وٽان هزارن انسانن تصوف ۽ عرفان جي دولت حاصل ڪئي. ماڻهو پري پري کان ڪهي اچي، حضرت شاهه صدر جي خدمت ۾ پهچي روحاني فيض پرائيندا هئا. سنڌ ۾ قادري سلسلي جي واڌاري ۾ شاهه صدر جو وڏو ڪردار آهي.

شاهه صدر جي وفات جي تاريخ معلوم ڪونهي. باقي سندس مزار اسٽيشن لڪي شاهه صدر جي ڀرسان، موجود آهي. مقبري جي دروازي تي ڪتبو هن ريت آهي:

سال تاريخش بجستم ازخرد،

هاتفم گفتا ‘بهشت اهل بيت’

سنڌ ۾ ٽالپر دور جي خاتمي وقت لطف الله هندستاني، انگريز عملدار ايسٽ وِڪ سان گڏ، سموري سنڌ گهمي ڏٺي هئي. واپسيءَ تي لطف الله پنهنجي زندگيءَ جو احوال لکيو، جنهن کي ايسٽ وِڪ انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪري ڇپرايو هو. لطف الله، لڪي شاهه صدر به پهتو هو. پاڻ ان ڏس ۾ لکي ٿو ته لڪي هڪ وڏو ڳوٺ آهي، جنهن ۾ سؤ کن گهر آهن. هتي سنڌ جا سيد رهن ٿا. مون شاهه صدر جي درگاهه جي زيارت ڪئي جا سيوهڻ جي هڪ جبل جي دامن ۾ آهي. هي درگاهه ڳوٺ کان ٽي سئو گز پري آهي. هي مشهور بزرگ عرب مان آيو هو، جنهن جي فيض سان هزارين ھندو مسلمان ٿيا. هي مقبرو نادر شاهه جي حڪم تي ۱۱۵۵ھ (۱۷۴۲ع) ۾ تعمير ٿيو هو. مقبري تي موجود ڪتبي مان ان جي تعمير جي خبر پوي ٿي. (‘لطف الله کي آپ بيتي’، ص ۱۷۹)

ياد رهي ته لڪياري سادات سڄي سنڌ ۾ موجود آهن، ۽ ٻيو ته سنڌ جو مشهور راشدي خاندان به لڪيارين جي ئي هڪ شاخ آهي. نامور پير پاڳارن جو خاندان به لڪياري ساداتن سان تعلق رکي ٿو. سنڌ جي اڳوڻي وزيراعليٰ سيد عبدالله شاهه (لڪياري)، جي حڪم تي شاهه صدر جو عاليشان نئون مقبرو ٺهي راس ٿيوھو.

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۱۰ نومبر ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)

No comments:

Post a Comment