خيرپورناٿن شاھَ کان استنبول تائين جو تعليمي سفر
جاويد اقبال لاڙڪ
اڄ استنبول ۾ موسم بھتر آھي. نه
گھڻي سَردي، نه گھڻي گرمي. مون وارا ٻه ڪُردَ روم پارٽنرس، جن جي ڪمري ۾ تازو ئي
شِفٽ ٿيو آھيان، ڪمري ۾ ناھن. سامھون دَريءَ کان ٻاھر، چوڏس آسمانُ صاف نظر اچي ٿو.
ھر پاسي، سِجَ جا ڪِرڻا، پنھنجا پَرَ پکيڙي، اِبنِ ھَلدون يونيورسٽيءَ کي مُنَور ڪري
رھيا آھن.
اڄ آچر آهي. موڪَلَ جو ڏينهن.
ترڪي ٻوليءَ جو هوم ورڪ ڪرڻو آهي. پر مُوڊ نه ٿو ٿئي. بقول غالب:
"جانتا هوں ثواب طاعت و زهد،
پر طبیعت ادھر نهیں آتی۔"
اڄ صبح کان وٺي، پنهنجي گذريل
زندگيءَ تي مٿاڇري نظر وڌم. ذھنَ جي اسڪرين تي، منھنجي تعليمي سفرَ سان لاڳاپيل، ھڪ
ٻئي پٺيان، ڪيترائي واقعا تَرندا آيا. جن بابت ويچاريندي، بعض ننڍڙين وڏڙين
حاصلاتن تي، نسبتًا سَرھائي به ٿي ته ان سان گڏوگڏ،
صحيح رھنمائي نه ھجڻ سبب، وڃايلَ وقتَ تي اَرھائي ۽ اَفسوس به ٿيو. پر پوءِ به،
زندگيءَ جي رَقمَ جي، ڪَٽَ جوڙَ ۽ ضربَ ونڊَ بعد، جيڪا پاڇي بچي ٿي، تنھن تي قدري
مطمئن به آھيان. الحمدلله.
پاڻ کان مَٿَڀرن، قَد آورن ۽
عالمي سطح تي مشھور و معروف علمي، فڪري، سياسي ۽ مذھبي شخصيتن جي ڪَٿائن تي مٿاڇري
نظر وجھان ٿو ته، ڪَمتريءَ جي احساسَ ۾ مبتلا ٿي پوان ٿو. منھنجي جِيوَنَ ۾، ٻين
کي اُتساھڻ لاءِ آھي ئي ڇا، جو لکجي ۽ لکڻ بعد ٻين کي پڙھڻ لاءِ آڇجي؟ نه عالمي
معيارَ جي تحقيقَ. نه بلند پايه تدريسَ. نه گهڻو گهڻ طرفو، گَهرو ۽ وسيع مطالعو.
نه ڪا وڏي علمَ ادبَ يا سماجَ جي خدمتَ. نه سماج بدلائڻ لاءِ ڪو وڏو متحرڪ سياسي ڪردار.
پر پوءِ به، گورنمينٽ پرائمري
اسڪول خيرپورناٿن شاههَ کان سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري جي انسٽيٽيوٽ آف ڪامرس ۽ پاڪستان
اسٽڊي سينٽر تائين، ڪي اين شاھ جي پنھور محلي کان نسيم نگر جي عبدالله ٽائون
تائين، ڪيڊٽ ڪاليج گھوٽڪيءَ کان مھراڻ يونيورسٽيءَ تائين، منھنجي آسپاس رھندڙ ڪيترن
ئي عزيزن، قريبن، پاڙيوارن، دوستن، احبابن، ھَم سبقن ۽ ھَم پيشه ساٿين جا چھرا، ھڪٻئي
پٺيان، ذھنَ تي تَري اچن ٿا ته پوءِ ٿورو ڏَڍُ ملي ٿو ته نه ٻيلي تو وٽ ٻڌائڻ لاءِ
ڪجھ ته آھي. ٿي سگھي ٿو ته تنھنجي تعليمي سفرَ وارن تجربن مان، نوجوان نسلَ کي ڪا ڪَمَ
جي ڳالھ ملي. بس اھو سوچي ئي، يادن کي سانڍي، سنڀالي، ٻه اکرَ لکي رھيو آھيان.
سال ۲۰۰۳ع جا آخري ڏھاڙا. سنڌ
يونيورسٽيءَ جي شعبي ڪامرس ۾ داخلا جي آڇَ. پر فِي جمع ڪرائڻ لاءِ پيسا ڪونه.
مجبوري. لاچاري. ادا امتياز علي لاڙڪ سامھون کَٽَ تي
سُتل. مون کي پڙھائڻ لاءِ تمام گھڻو سنجيده پر پيسن جي اڻھوندَ سبب سخت پريشان.
گھريلو حالتن تي ڳالھائيندي، ادا امتيازَ جي کاٻي اَکِ مان ڳوڙھن جي سَنھي لَڪير،
سندس ڳَلَن تان ھيٺ لَھي ٿي. مون کان لڪائڻ لاءِ، مُنھن پَرئين پاسي ڪري ٿو. مان
کين چوان ٿو ته ”اَدا پڙھائي پوءِ ڪبي. مان ماما لال بخش سان ڳالھايو آھي. ميڊيڪل
اسٽور تي بيھان ٿو. ۵۰۰ روپيا ماھوار پگھارَ ملندي. گھرَ ۾ مدد ٿي
ويندي.“ اَدو منع ڪري ٿو. ”مون کي يونيورسٽي پڙھڻ جو ڏاڍو شوقُ ھو. پڙھي نه سگھيس.
پر توکي ضرور پڙھائڻو اٿم. اسان جي فيمليءَ مان، گھٽ ۾ گھٽ، ھڪ ماڻھو ته يونيورسٽي
پھچي!“
امان کي ڪجھ چوي ٿو. امان ڪنن
جا والا لاھي ڏئي ٿي. کَپائي، فِي جا پيسا گڏ ڪري، سنڌ يونيورسٽيءَ ۾، داخلا جو
چالان جمع ڪرايان ٿو. ادي امتيازَ جون ھدايتون، ”اسان جي گھرَ توڙي مٽن مائٽن مان
پھريون ماڻھو آھين، جيڪو يونيورسٽي پڙھڻ لاءِ وڃين ٿو. ڪجھ اھڙو ڪجان جو سموري ڪُٽنبَ
ڪَھول لاءِ، اوڙي پاڙي، مٽن مائٽن، سنگت ساٿَ لاءِ ھڪ مثالُ بڻجي سگھين. ائين نه ٿئي
جو تنھنجي ناڪاميءَ سبب اسان جي ٻين نوجوانن لاءِ دروازا بند ٿي وڃن. کين وڏڙا
ائين نه چون ته فلاڻو به ته يونيورسٽي پڙھيو ھو، ڪھڙا ڦاڙھا ماريائين جو توھان کي
به يونيورسٽي ڇڏيون.!“
جنوري ۲۰۰۴ع. لڳ ڀڳ سَتَ کان
اَٺَ سئو روپيا گھران ملن ٿا محمد عمر قنبراڻي، مظھر بلوچ، نظام جيسر، مختيار
گاڏھيءَ سان گڏ، ٿيلھا کڻي، ڪي اين شاھ کان ڄامشورو روانگي. لڳ ڀڳ اَسي يا نَوي
روپيا وينَ جو ڪرايو. پھرين رات مھراڻ يونيورسٽيءَ جي لطيف ھاسٽل تي رھائش. ان
کانپوءِ سنڌ يونيورسٽيءَ جي علامه اقبال عرف ھوشو ھاسٽل تي، ٻين نمبر ونگ واري ھڪ ڪمري
۾، پياري ڀاءُ شعيب عباسي ۽ پياري ڀاءُ راجا جويو سان گڏ، باضابطه رھائش. پڙھائي شروع.
اَلميو ھي ته منھنجي چوائس
مطابق ڀريل داخلا فارم مطابق، جنھن ڪامرس شعبي ۾ داخلا ملي، تنھن بابت خبرَ ئي ڪونه
ھيم ته اھا ڪامرس ڪھڙي بَلا جو نالو آھي؟ ڇو جو داخلا فارم اَدا امتيازُ پنھنجي
سنگت کان پڇي، ڀرائي آيو ھو. مون جھڙي، ڪي اين شاھ ڊگري ڪاليجَ مان پڙھيل ۽ اِنٽر
تائين ھوٽلَ تي به ڪڏھن ڀُلجي به نه ويھندڙ، سماجي طور تي گوشه نشين ۽ ادي امتيازَ
جي لفظن ۾، ”ڀيڻن جھڙي شرميلي ڀاءُ“ کي ڪھڙي خبر!
وَسَ ڪري بيھي رھيس. پر ڪامرس ۾
دل نه لڳي. ڊيبِٽ ڪريڊِٽ، اَڪائونٽس آڊٽنگ، سخت بور ڪندڙ سبجيڪٽ. ٻيو ته اعتمادُ ٺُپُ
ڪو نه. ايڏو لڄاڙو جو ڪلاسَ ۾ رڳو ھَٿُ مٿي ڪري، استادَ کان
سوالُ پڇي نه سگھان. ”سوال پُڇبو ته لڳ ڀڳ سئو کن مُنڍيون، مون ڏي مُنھن ڦيري، دوڏا
ڦاڙي ڏسنديون. يا وري استادُ منھنجي ٻاراڻن سوالن تي ڪا طنزَ نه ڪري ۽ سڄو ڪلاسُ نه
کِلي.“ اھو سوچيندي ئي ڪرسيءَ جي اندر ھليو ويندو ھيس.
مٿان وري معاشي تنگدستي ۽ ڪمتريءَ
جا احساسَ. مون وٽ پھرڻ لاءِ چڱا ڪپڙا ڪونه. پائڻ لاءِ موچاري جُتي ڪونه. مون واري
ڪلاسَ ۾، حيدرآباد جا سنڌي توڙي مھاجر ڇوڪرا ڇوڪريون شاندار ڊريسنگ ڪري اچن. ڪينٽين
تي ويھي نه سگھان، جو پيسا ڪونه. سنگت ساٿ سان گڏ ھلي نه سگھان جو بِل ڀرڻ لاءِ ڪجھ
ڪونه. رڳو ڪمتريون. رڳو محروميون.
مٿان وري شاگرد سياست جو تازو لڳل
روڳُ. سو به نظرياتي شاگرد سياست. ڪٿي اڪائونٽنگ ۽ آڊيٽنگ جا بور ڪندڙ موضوعِ بحث،
ڪٿي فلسفو، سياست، ادب، ٻولي، ثقافت، تھذيبَ وغيرھ جا سَحر انگيز ۽ دلچسپ ترين
بحثَ. سو به ڳالھائڻ جي فَنَ جي امام، سائين رسول بخش پليجي صاحب واتان. ڪمال
خوبصورتيءَ سان ڪيل، سندس ڳھر مثل شاندار علمي، فڪري ۽ سياسي ڪچھرين کي ٻڌڻ جا
موقعا. گڏوگڏ سائين جامي چانڊيو صاحب، محترم اياز
لطيف پليجي صاحب ۽ سائين حفيظ
ڪنڀر صاحبَ
جا علمي ۽ فڪري ليڪچرَ. مانَ واري سائين سراج سيال ۽ پياري جاويد راڄپر جون علمي فڪري
۽ سياسي رهاڻيون. مٿان وري ايس ايس ٽيءَ جو دلڪش ۽ دلفريب سياسي، علمي ۽ فڪري ڪلچر.
اسٽڊي سرڪلس، ليڪچر پروگرامس، سيمينارس، تقريرون، شعر وشاعري، تنظيمي دورا. ساٿي
ساٿي چوڻ. ھڪٻئي جي فڪري تربيتَ.
اھم ترين ڳالھ، ڏکن ڀري جھانَ
کي بدلائي، سُکن ڀريو سَنسار قائم ڪرڻ جا دل کي گرمائيندڙ آدرشَ، خوابَ ۽ خيالَ.
پنھنجي علمَ، سمجھَ ۽ قابليتَ کي، پنھنجي وطن جي ڦٽل نصيبن سنوارڻ لاءِ ارپڻ جا
عَزَم. ھن صدين پراڻي انسان دشمن سماجَ کي ڊاھي، ان جي جاءِ تي طبقاتي اوچَ نيچَ ۽
قومي ڦرلٽ کان پاڪ ھڪ نئين سماجَ جي اَڏاوتَ جا حَسِين تَصورَ.
۽ پوءِ جدوجھدون. ڪڏھن سکر کان ڪراچيءَ تائين
عوامي تحريڪَ جو لانگ مارچ ته ڪڏھن اينٽي گريٽر ٿل ڪينال ايڪشن ڪميٽيءَ پاران لاڙڪاڻي،
حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ ۾ تمام وڏا جلسا. ڪڏھن جشنِ لطيف ته ڪڏھن ڀٽ شاھ ۾ قومي ڪانفرنسون.
ڪڏھن آل پارٽيز ڪانفرنسون ته ڪڏھن پارٽيءَ جا ساليانا ڪنوينشن. رُوحُ گرمائيندڙ
پليجي صاحبَ جون تقريرون. عوامي تحريڪ ۽ ايس ايس ٽيءَ جي ساٿين جي اکين ۾ نئين سنڌ
جي سپن سبب ھڪ عجيب جوتُ، جنھن کي ڏسندي ئي، نَس نَس ۾، خونَ بدران آدرش ڊوڙندا
محسوس ٿين. جوشَ، جذبا، جنونَ ۽ وَلوَلا. نعرا، نغما. گيتَ، رقص. سچ پچ ته ھن
سموري ڪلچرَ ۾ ايڏي ته جاذبيت ۽ ڪَشش ھئي، جو اُنَ آڏو ڪامرس جي پڙھائي نھايت ھيچ،
حقير، ڪمتر ۽ احقر ٿي لڳي.
توازن قائم نه ڪري سگھيس. ڇو جو
ڪڏھن منھنجو مزاجُ متوازن رھيو ئي ناھي. ڪا ڳالھ دماغَ ۾ ماپي پوي ته پوءِ نتيجن
کان بيپرواھ بڻجي، انتھا تائين ھليو وڃبو.
نيٺ نتيجو؟ ڪامرس جي پڙھائيءَ
کان اَرواحُ ئي کَڄي ويو. ڪلاسز کان غير حاضري. ايتري قدر جو امتحانن کان پڻ
غيرحاضري. سَپلين مٿان سَپليون. دوستَ احبابَ جن سان گڏجي داخلا ورتيسين، سي سنڌ
يونيورسٽيءَ مان پاس آئوٽ. ھڪڙا قائد اعظم يونيورسٽي پھتا ته ٻيا وري جابس ۾ لڳا.
مان اُتي جو اُتي.
مون کان سال سينيئر، منھنجو ڳوٺائي
پيارو خالد حسين لاکير پاس آئوٽ ڪري، سعودي
جاب لاءِ نڪري ويو. ٻن ٽن سالن بعد واپس وريو ته لَمس ۾ جاب ۾ لڳو. لڳ ڀڳ ڇھن ستن
سالن کانپوءِ ھڪ ڏينھن ھن جو موبائيل ۾ ميسيج آيو: ”لاڙڪ ڪٿي آھين؟“ شرمندگي گاڏڙ
ظرافت ڀرئي لھجي ۾ کيس لکيم ته ”توھان ته سنڌ يونيورسٽيءَ سان وفا ڪونه ڪئي ڇڏي
ھليا ويا. پر مان اڃان به ھتي آھيان. پڙھان ٿو پيو.“ لکيائين ته ”تنھنجي عمرِ جا ڪانءَ
به مري ويا. تون اڃان يونيورسٽي ۾ آھين!“
ڪي اين شاھ ۾، ھڪ ڏينھن ھوٽلَ
تي ڪچھري. نون دوستن سان تعارف ڪرائيندي ٻڌايم ته مان جاويد لاڙڪ. اي ايس آءِ
امتياز لاڙڪَ جو ڀاءُ. (ادا امتيازَ جو نالو ان ڪري کنيم ڇو جو ڪي اين شاھ ۾ ادا
مشھور ھو. سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي پھرين بيچ ۾، شھرَ مان پھريون نوجوان ھو جنھن ڪميشن
ڪوائيليفائي ڪري، جاب ورتي ھئي، تنھنڪري، کيس سڄو شھر سڃاڻيندو ھو.) پاسي ۾ دوست
نظام جيسر ويٺو ھو. منھنجي ڪي اين شاھ واري سموري سنگتَ کي مون مٿان ڪاوڙ ھئي ته
مان سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ڪجھ ڪري نه سگھيس. تنھن چيو ته ”اھو ته تنھنجو ڀاءُ آھي، جيڪو
اي ايس آءِ آھي. تون ڇاھين؟ تعارفَ ۾ اھو به ته ٻڌاءِ؟“ منھنجون ڪنڌُ به ھيٺ ته
اکيون به ھيٺ.
نسيم نگر ۾، ڪرائي واري گھرَ ۾،
امان، ادا ممتاز، ادا امتياز ۽ مان. ڪنھن دوستَ ملڻ لاءِ چيو. مون وٽ کيس چانھ
پيارڻ لاءِ ھڪ روپيو به نه. ادا ممتازَ کان پنجاھ روپيا گھريم. اَدا ته پيسا ڏنا
پر اَمان شروع ٿي وئي. ”رڳو ڀائرن کي پَٽي، ڦُري، تباھ ڪري ڇڏيئي! توتي لَکھا
روپيا خرچ ڪيا اٿن! تو ڪيو ڇا؟ پليجي جي پٺيان لڳئين! پنھنجو خانو خَرابُ ڪيئي! ھاڻي
ڪجھ وڃي ڪماء! ڪيسيتائين ڀائرن کي پَٽيندين ڦُريندين!“ پَنجاھَ جي نوٽَ جا پنجاھ ٽڪرا
ڪري، گھران نڪري آيس. پٺيان اَمان جي تقريرَ جاري.
مطلب ته رڳو طعنا، رڳو مھڻا، رڳو
ملامتون. رڳو ذلتون ۽ خواريون. ڪجھ نه ڪري سگھڻ جو شڪست ڀريو احساسُ غالب. سنگت الڳ
ڪاوڙيل ته گھر وارا الڳ. مٿان پارٽيءَ به ڪڍي ڇڏيو. چي نظم و ضبط جي ڀڃڪڙي! ھاڻي ته
ٻئي جھانَ ويا. سخت پريشاني. ڊپريشن. ذھني دٻاءُ. وري به ادا امتيازَ جون صلاحون.
نصيحتون. ”جيسين شادي نه ٿو ڪيان، تيسين مدد ڪندو رھندو مانءِ. شاديءَ کانپوءِ
ظاھر آھي ته پنھنجي ٻچن ٻارن جي ڪندس. تنھنجي نه. جيڪو ڪرڻو اٿئي، ڪر. سوچي وٺ.
مان توکي پيسا ڏيندس.“
جيئن تيئن ڪري، ٻن سالن جي بي ڪام
(پاس)، ”فقط“ اَٺن سالن ۾ پوري ڪيم. سو به اَدا ممتازَ جي مھربانين سان. ھُنَ
پنھنجي دوستن معرفت، ڪامرس جي استادن کي سَپليون ڪڍڻ لاءِ مِنٿَ ميڙَ ڪئي.
ھاڻي بي ڪام پاس جي سيڪنڊ ڪلاس ڊگري
ھَٿَ ۾ ھئي. نيٺ ڇا ڪجي؟ سوچي سوچي نتيجو ڪڍيم ته پيشو تدريسَ وارو ڀلو آھي. ھڪ ته
عوامي تحريڪَ جي نظرياتي سياستَ ۾، ٿورو عرصو سرگرم رھڻ سبب، ڪتابن پڙھڻ جي ھيرِ
پئي. تقريرون ۽ ليڪچر ڪري، بحث مباحثا ڪري، ڳالھائڻ جو مڙئي ڪو موچارو فَنُ سکي
ورتو ھيم. ٻيو ته ھي پڻ خيالُ ھو ته تدريسَ بھاني ڪتابن ۽ تحقيقَ سان لَھ وچڙ به
رھندي ۽ پنھنجي وطن جي نوجوانن سان رابطو پڻ. شايد منھنجو تجربو، يا اَڀري سَڀري
سمجھ کين ڪم اچي.
پر تدريسَ ڪھڙي شعبي ۾؟ پڇا ڳاڇا
بعد پاڪستان اسٽڊيز بھتر آپشن لڳو.
سال ۲۰۱۳ع ۾، ايم اي پاڪستان
اسٽڊيز ۾ داخلا ورتم. ڇو جو موضوع پسند جو لڳم. هن ڀيري داخلا فارم مون ڀرايو. ادا
امتيازَ يا ڪنهن ٻئي نه. هن ڀيري اڪيڊمڪ پڙهائيءَ جي پسند جو فيصلو ذاتي هو. سبب؟
پليجي صاحبَ سان فڪري ويجھڙائپَ سبب، ھندستانَ جي ورھاڱي، جناح، گانڌي، اقبال ۽
سرسيدَ بابت خبرون چارون اڳي ئي ھيم. پاڪستان جي سياسي، اقتصادي، سفارتي ۽ دفاعي
تاريخَ بابت استادَ جون لکڻيون به نظرَ مان گذريون ھيون. استاد جي لکڻين توڙي ڪچھرين
۾، ڪتابن جا حوالا نوٽ ڪندو رھيس. ڳولي ڦولي، ڪتابَ خريد ڪندو پڙھندو به ھيس. تنھنڪري،
ان موضوعَ تي نسبتاَ موچارو بيڪ گرائونڊ به ھو. تنهنڪري هن موضوعَ جي چونڊَ ڪيم.
جلد ئي ھن موضوعَ سان دل لڳي وئي. نيٺ ھڪ ڏينھن اھڙو به آيو جو، پاڪستان اسٽڊي سينٽر
جي منھنجي مانَ واري محترم ۽ مرحوم استادَ، پنھنجي ڪنھن دوستَ سان تعارف ڪرائيندي
چيو ته ھي آھي ته منھنجو شاگردُ، پر مون کان وڌيڪَ پڙھيل آھي! ھي سندن اعليٰ ظرفي
ھئي. سندن عاجزي انڪساري هئي. مان ان لائق بلڪل به ناھيان. هتي ان ڳالهه ڪرڻ جو
مقصد مانَ واري استاد صاحبَ جي شخصي وَڏَپڻي جو اعتراف ڪرڻ به آهي ته ساڳئي وقت هي
پڻ ٻڌائڻ مقصود آهي ته ايم اي پاڪستان اسٽڊيز الحمدلله سٺي ٿي.
سال ۲۰۱۵ع جي مارچ مھيني ۾،
ايم اي جو پاس سرٽيفڪيٽ ورتم ۽ ٽيچنگ جي جاب لاءِ درخواستون موڪلڻ شروع ڪيم. اول
آءِ بي آءِ ڪميونٽي ڪاليج دادوءَ ۾، ”پاڪستان اسٽڊيز جي ليڪچررشپ“ لاءِ اَپلائي ڪيم.
رِٽن ٽيسٽ پاس ڪيم. پر انٽرويو ۾ فيل. ان بس هڪ ناڪامي بعد، ھڪ ڏينھن ڪاوش اخبارَ
۾، اسٽار گرائمر سيڪنڊري اسڪول نوشھرو فيروز وارن پاران، پاڪستان اسٽڊيز ۾ ليڪچرر
جي پوزيشن اَنائونس ٿي. ۳۰ ھزارَ پگھارَ به لکيل ھئي. اَپلائي ڪيم. رِٽن ٽيسٽ
۽ انٽر ويو ٻئي پاس ڪيم. آفر آرڊر مليو. ان طرح تدريسي ڪيريئر شروع ٿيو.
اڃان ٻه مھينا مَسَ گذريا ھئا ته
ھڪڙي ڏينھن اخبارَ ۾، ڪيڊٽ ڪاليج گھوٽڪيءَ ۾، پاڪستان اسٽڊيز جي ليڪچرر جي
انائونسمينٽ ڇپيل نظر آئي. اَپلائي ڪيم. شارٽ لسٽ ڪيائون. اول رِٽن پاس ڪيم. ان ئي
ڏينھن تي انٽر ڪلاس جي ڪيڊٽ جي ڪلاس روم ۾ وٺي ھليا. جتي پرنسپال ۽ سبجيڪٽ اسپيشلسٽ
پڻ ويٺل ھئا. چيائون مارڪر کڻو، ليڪچر شروع ڪيو. ٻٽي منٽَ ليڪچر ڏنم. سوالَ جوابَ ٿيا.
موڪلائي نوشھرو فيروز ھليو آيم. ڪجھ ڏينھن بعد ليٽر مليو ته پاس. آخري انٽرويو
لاءِ فلاڻي تاريخَ تي ڪاليج اچو. ويس. الحمدلله آخري انٽرويو به سٺو ٿيو. پاس. ۽
اھري طرح سال ۲۰۱۵ع جي سيپٽمبر مهيني کان، ڪيڊٽ ڪاليج گهوٽڪيءَ ۾ بطور ليڪچرر
ٽيچنگ شروع. نوشھري فيروز ۾ پگھار ۳۰ ھزارَ ھئي. ھتي لڳ ڀڳ پنجاھ
ھزارَ ٿي.
اَٺَ مھينا گذارڻ بعد، ڪنھن
دوستَ جي معلومات بعد، ٽنڊو الھيار لڳ، راشد آباد جي نالي سان معروف ماڊل ٽائون ۾،
ايس ايس ٽي جي عرفِ عام سان مشھور اسڪول ۾، پاڪستان اسٽڊيز جي ليڪچرر لاءِ اپلائي ڪيم.
شارٽ لسٽ ڪيائون. جنھن ڏينھن ويس ته سڌو وٺي وڃي ڪلاسَ ۾ بيھاريائون. ٻه اسپيشلسٽ
ويٺا. چيائون ته ليڪچر ڏيو. ڏنم. سوال جواب ٿيا. اسپيشلسٽ پاس ڪيو. پڇاڙيءَ ۾
پرنسپال وٽ موڪليائون. مختصر انٽرويو بعد سليڪشن ٿي وئي. ۵۴ ھزارَ پگھارَ آڇيائين.
گڏوگڏ ھڪ لک جو ساليانو ميڊيڪل ۽ مفت ۾ رھائش پڻ. قبوليم. پر جوائننگ ۾ اڃان ڏيڍ
مھينو پيو ھو.
ان دوران، ساڳئي سال، يعني ۲۰۱۶ع ۾، مھراڻ يونيورسٽيءَ
جي شعبي بيسڪ سائنس اينڊ رليٽيڊ اسٽڊيز ۾، پاڪستان اسٽڊيز ۾ ڪانٽريڪٽ جي بنياد تي،
ليڪچرر جي سيٽ انائونس ٿي. راشدي صاحب وٽ، ڊين آفيس ۾، انٽرويو ٿيو. چيئرمين صاحب،
سائين پروفيسر انور سولنگي چيو ته اسان وٽ ۱۵ ھزار مَسَ ڏيندئي؟ ڪم ڪندين؟
چيم ته ھا. ڇو جو يونيورسٽيءَ ۾ پڙھائڻ جو شوق ھو. ٻيو ته پاسي ۾، سنڌ يونيورسٽيءَ
۾ منھنجي ھاڻي ايم فل به ھلي رھي ھئي. سوچيم ته ريسرچ به جلد ڪري وٺندس. پوءِ پي
ايڇ ڊيءَ لاءِ ٻاھر نڪرندس. تنھنڪري ۵۴ ھزارَ مان ھيٺ لھي ۱۵ ھزارن تي راضي ٿي
ويس. پر سائين پروفيسر انور سولنگي صاحب جي مھرباني سان، ۱۵ مان پگھارَ وڌائي، ۲۵ ھزارَ ڪيائون. مھراڻ
۾ وزيٽنگ فيڪلٽي طور جاب شروع ٿي.
ان دوران، شھيد بينظير ڀٽو
يونيورسٽي نوابشاھ ۾، پاڪستان اسٽڊيز جي ليڪچرر جي آسامي اَنائونس ٿي ۽ گڏوگڏ پي
ايڇ ڊيءَ لاءِ اسڪالرشپ به. يعني ھڪ تيرَ سان ٻه شڪار. پي ايڇ ڊي به ٿي وڃي ۽ جاب
به ملي وڃي. ٻيو ڇا کپي. اپلائي ڪيم. شارٽ لسٽ ٿيس. بورڊ ۾ اَپيئر ٿيم. الحمدلله
اتي به ڪم ٿي ويو. آڇَ ملي. قبوليم. پر پوءِ اڳيان ھلي چيائون ته کانئن غطي ٿي
وئي. ھنن سمجھيو ته منھنجي ايم اي ۱۸ سالن جي تعليمي دورانئي جي
برابر ھوندي. پر کين بعد ۾ معلوم ٿيو ته منھنجي اڃان ايم فل باقي آھي. تنھنڪري، ڊائريڪٽ
پي ايڇ ڊيءَ جي آڇَ نه ٿا ڏئي سگھن.
ان دوران، حال سارو لکڻ پڙھڻ جو
ڪم به جاري رھيو. سال ۲۰۱۷ع ۾، سنڌيڪا اڪيڊمي پاران، منھنجو ”آمريڪا جي
سامراجي تاريخَ“ تي لکيل ڪتابَ جو پھريون جلد شايع ٿيو. جڏهن ان جي هڪ ڪاپي سائين
محترم رسول بخش پليجي صاحبَ جي هٿن تائين پهتي ته پاڻ ايڏو ته خوش ٿيا جو هڪ ڏينهن
فون ڪري ڊي ٽين تي چانهه پيئي وڃڻ جو چيائون. جڏهن ڊي ٽين تي پهتس ته هن ناچيزَ جي
مانَ ۾ پاڻ سرپرائيز پارٽي رکيائون. ڪتابَ تي خود به ڳالهايائون ۽ ٻين ساٿين کان پڻ
ڳالهرايائون. مون لاءِ سچ پچ ته هي تمام وڏو انعام ۽ اڪرامُ هو.
سال ۲۰۱۸ع ۾، استنبول شھرَ
۾، منعقده عالمي ڪانفرنس ۾، پيپر موڪليم. قبول ٿيو. رِٽرن ٽڪيٽ موڪليائون. ڪانفرنس
۾ شريڪ ٿيس. پيپر پڙھيم. منهنجي مهراڻ يونيورسٽيءَ جا بعض محترم استادَ حيرت مان پڇندا
هئا ته پاڪستان اسٽڊيز وارا به انٽرنيشنل ڪانفرنسن ۾ پيپر پڙهڻ ٻاهر ويندا آهن ڇا.
خير... ان دوران سال ۲۰۱۸ع ۾ ئي، مھراڻ
يونيورسٽيءَ ۾، پاڪستان اسٽڊيز جي پَرمَننٽ پوزيشن لاءِ ايڊوائرٽائيزمينٽ ٿي.
اَپلائي ڪيم. رِٽن ٽيسٽ به پاس ڪيم ۽ پڇاڙيءَ ۾ بورڊ به ڪليئر ڪيم. اھڙي طرح ۱۴ مارچ ۲۰۱۸ع کان مھراڻ يونيورسٽيءَ
۾، بطور ليڪچرر ملازمت ڪرڻ شروع ڪيم. اسان جا اڳوڻا وائيس چانسلر، محترم پروفيسر ڊاڪٽر
اسلم عقيلي صاحب، ان بورڊَ بعد، ظريفانه اندازَ ۾، تعريفَ ڪندي چوندا ھئا ته مون
کي پھريون ڀيرو خبر پئي آھي ته پاڪستان اسٽڊيز جا استادَ به ڪو انگريزيءَ ۾ ڳالھائي
سگھن ٿا.
سال ۲۰۱۹ع ۾، استنبول مدينيت
يونيورسٽيءَ جي پروفيسر لطفي سونار صاحب ڏکڻ ايشيا ۾ تصوف تي ھڪ پيپر لکڻ لاءِ
چيو. جيڪو سندن چار جلدي رٿا ۾، ڏکڻ ايشيائي مسلم سماجَ بابت جلد ۾ ڇپجڻو ھو. پيپر
لکيم. الحمدلله قبول ٿيو. ۽ ترڪيءَ ۾ ڇپيو.
ان عرصي دوران، ترڪيءَ ۾ ماسٽرس
پروگرامَ ۾ ابن ھلدون يونيورسٽيءَ ۾، اَپلائي ڪيم. ڪم ٿي ويو. فُلي فَنڊيڊ اسڪالرشپ
جي آڇَ ٿي. پر مانَ واري وائيس چانسلر سائين محمد اسلم عقيلي صاحب مون کي موڪل نه ڏني.
وٽن آفيس ۾ تڏهوڪي ميوٽا جي هڪ اهم عهديدارَ کي ساڻ ڪري ڳالهين لاء وٺي ويو هيس.
پر سائينءَ پوء به منع ڪري ڇڏي. ٻاهر نڪتاسين ته ان مانَ واري ميوٽا جي اڳواڻَ چيو
ته ”يار اسڪالرشپ ملڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي. اسان جي انجنيئرن کي به اسڪالرشپ ايڏو
آرام سان ناهي ملندي. توهان پاڪستان اسٽڊيز جا ٿي ڪري به هڪ انٽرنيشنل يونيورسٽيءَ
مان اسڪالرشپ وٺڻ ۾ ڪامياب ٿيا آهيو. توهان کي موڪل ملڻ گهرجي. مان سائينءَ سان
وري ڳالهائيندس.“ مون کين منع ڪئي. ۽ اهڙي طرح پاڪستان اسٽڊي سينٽر ۾، ھلندڙ ايم
فل کي جاري رکيم. سال ۲۰۲۱ع ۾، نيٺ ايم فل به پوري ٿي.
ھاڻي ”تصوف جي تاريخَ ۽ ان ۾ به
خاص طور تي سنڌ ۾ تصوف جي تاريخَ“ منھنجو اڪيڊمڪ موضوع طور اڀريو. ڇو جو ھاڻي، ان
موضوعَ تي، مون وٽ، ۳ سنڌيءَ ۾ لکيل ڪتابَ، ۱ ايم فل ٿيسز، ۱ پيپر سو به انٽرنيشنل
پبليڪيشنس، منھنجي ڪريڊٽ ۾ ھئا. ساڳي ايريا کي اڳيان وڌائيندي، هڪ موضوعَ تي
تحقيقي رٿا لکي، پي ايڇ ڊيءَ لاءِ ھٿَ پير ھڻڻ شروع ڪيم. نيٺ ابن ھلدون يونيورسٽيءَ
۾، داخلا وٺڻ ۾ ڪامياب ويس ۽ ھاڻي استنبول جي ھن يونيورسٽيءَ ۾، پي ايڇ ڊي ڪري
رھيو آھيان.
هتي هيل تائين سَوا مهيني اندر
جن ٻين پاڪستاني، افغاني، ترڪ آفريڪي توڙ عرب پي ايڇ ڊيءَ جي شاگردن سان ڪچهريون ٿيون
آهن. ان کي آڏو رکندي بلا مبالغه عرض رکان ٿو ته هن ناچيزَ کي لڳي ٿو ته هنن کان
الحمدلله هن فقيرَ جي پڙهائي وسعتَ توڙي گَهرائپَ ۾ ڪافي بهتر آهي. هي هنَ فقيرَ
سان بحثن ۾ ڪونه ٿا پڄي سگهن. البت هي پڻ حقيقت آهي ته منهنجون هيل تائين جون
ملاقاتون يونيورسٽيءَ جي لڳ ڀڳ ۱۰ سيڪڙو پي ايڇ ڊي اسٽوڊنٽس
سان مَسَ ٿيون هونديون. ضرور ٻيا ٺيڪ ٺاڪ پڙهيا لکيا هوندا. پر في الحال ته منهنجي
آسپاس جيڪي دوستَ آهن تن وٽ انڌن ۾ ڪاڻي مثل هن فقيرَ جي لَئي لڳي پئي آهي.
ھتي پھچڻ بعد، مسلسل ڪوشش اٿم ته
جيڪر ڪنھن آمريڪي يونيورسٽيءَ ۾، پي ايڇ ڊيءَ ۾ داخلا ملي پوي ته واھ واھ! ڇو جو
آمريڪي يونيورسٽيءَ مان پي ايڇ ڊي بعد خود آمريڪا ۽ يورپ سميت دنيا جي ڪنھن به ڪنڊَ
۾ واقع يونيورسٽيءَ ۾ جاب وٺڻ ڪو مسئلو ڪونھي. ڪجھ آمريڪي پروفيسرس کي پروپوزل موڪليو
اٿم. ھاڻي ڏسجي ته ڇا ٿو ٿئي.
پر جيڪڏھن آمريڪا ۾ ڪم نه به ٿئي
ٿو ته به ھن ابن ھلدون يونيورسٽيءَ مان پي ايڇ ڊي پڻ مون کي علمي ۽ فڪري طور گھڻو
گھڻو ڪم ايندي. خاص طور تي ھنن جي اسڪول آف لينگويجز مان فائدو وٺندي، جڏھن پاڪستان
واپس وريس ته انشاءَ الله نه رڳو منھنجي ترڪي ٻوليءَ تي دسترس ھوندي. پر ان سان گڏوگڏ
عربي ۽ فارسيءَ تي پڻ ھوندي. انھن ٻولين تي دسترس انشاءَ الله مون کي سنڌ جي
تاريخَ تي ڪم ڪرڻ ۾ گھڻو مدد ڏيندي. ڇو جو وچئين دورَ جي سنڌ جا ماخذ آھن ئي عربي
۽ فارسيءَ ۾. انھن ٻولين تي گرفت معنيٰ سنڌ جي تاريخَ جي اوريجنل سورسز تي سڌي
رسائي. اسان وٽ سنڌ ۾، تاريخَ جي شعبي ۾، عربي ۽ فارسيءَ جا ڄاڻو نه ھجڻ جي برابر
آھن. تنھنڪري، ان لڳ ڀڳ خالي اسپيس ۾، پنھنجي جاءِ، انشاءَ الله ٺاھبي. ۽ ڪم ڪبو.
شال علمي ۽ فڪري سفرُ، خير و
عافيت سان مڪمل ڪري، تحقيقَ جون اعليٰ قابليتون گڏ ڪري، تحقيقَ جا جديد اصولَ ۽
اسلوبَ سکي، وطن واپس وَران ۽ اچي پنهنجي وطن، پنهنجي ماڻهن ۽ پنهنجي سماجَ جي ڪنهن
نه ڪنهن بهتر صورتَ ۾ ڪم اچي سگهان.
(جاويد اقبال لاڙڪ جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۳۰ آڪٽوبر ۲۰۲۲ع تي رکيل/ کنيل)
No comments:
Post a Comment