الطاف شيخ جي سفرنامن تي
ٿيندڙ پي ايڇ ڊي
ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو
سنڌي ادب ۾ سفرنامي
جي صنف کي سڃاڻپ محترم الطاف شيخ صاحب ڏياري آهي. جڏهن به سفرنامي جو ذڪر ٿئي ٿو
ته الطاف شيخ جو نالو زبان تي اچي وڃي ٿو. هڪ سئو جي لڳ ڀڳ ڪتابن جو خالق الطاف
شيخ سنڌي ٻوليءَ سان گڏ اُردو جو به وڏو ليکڪ آهي. وفاقي اردو يونيورسٽيءَ جي سنڌي
شعبي، الطاف شيخ صاحب جي سفرنامن تي گذريل چئن سالن کان تحقيق جو سلسلو شروع ڪيو
آهي. ان حوالي سان منهنجيءَ نگرانيءَ ۾ محترمه رضيه ٻگهيو پي ايڇ ڊي ڪري پئي، سندس
ڪم مڪمل ٿيڻ وارو آهي. ڪجهه ڏينهن اڳ تحقيق جي سلسلي ۾ شيخ صاحب جي گهر اسان جو وڃڻ
ٿيو، ساڻس ڏاڍي سٺي ڪچهري ٿي. اسان کيس سالگره مبارڪ به چئي. ان ڪچهريءَ مان سندس ڪجهه
ڳالهيون اوهان سان ونڊجن ٿيون.
سائين دنيا جو مڃيل
ميرين انجنيئر آهي. کيس پڙهائڻ سان عشق آهي. هن ميرين انجنيئرنگ جي استاد جي حيثيت
سان دنيا جي مختلف قومن کي تعليم ڏني آهي. ٻڌايائين ته سڀني کان بهترين شاگرد چيني
آهن، جيڪي پنهنجو هڪ سيڪنڊ به وڃائيندا ناهن. هنن جي ڊڪشنريءَ ۾ ڪلاس کان گسائڻ جو
لفظ شامل ئي ناهي. مينهُن يا طوفان هُجي تنهن هوندي به هُو ڪلاس روم ۾ وقت کان اڳ
پهچي پڙهڻ شروع ڪندا. هڪ ڀيري جو واقعو ٻڌايائين ته تمام گهڻي برسات پئي، گهٽين ۾
پاڻي بيهجي ويو تنهن هوندي به شاگرد پنهنجا ڪپڙا پلاسٽڪ جي ٿيلهيءَ ۾ وجهي، گنجي ۽
چڍو پائي پهچي ويا. اڪيڊميءَ ۾ ڪپڙا پهري ڪلاس روم ۾ داخل ٿيا. هُو ڪلاس ۾ ڊاڙا ٺڪاءَ
هڻڻ جا عادي ناهن، استاد کي چوندا ته سائين اوهان پنهنجي پيرڊ ۾ مسلسل پڙهائيندا
رهو. بورڊ به اجايو استعمال نه ڪريو.
اسان کي پنهنجي ليڪچر
وسيلي سمجهايو. اڄ ڪلهه الطاف شيخ صاحب جو سمورو وقت پڙهڻ ۽ لکڻ ۾ گذري ٿو. هو
مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڪالم/مضمون سنڌي توڙي اردو ٻولين ۾ لکندو رهي ٿو. ٻُڌايائين
ته تازو مون کي دل جي تڪليف ٿي، ڊاڪٽرن وٽ ويس، ڊاڪٽرن علاج ڪيو، جيڪو جاري آهي.
هنن چيو ته دل جو سُور خطرناڪ هوندو آهي، ان لاءِ مختلف آپريشن پڻ ڪيا ويندا آهن ۽
مريض تمام گهڻو گهٻرائيندا آهن پر اوهان جي مُنهن تي اهڙي ڳالهه نظر نه ٿي اچي. ان
جو ڪهِڙو ڪارڻ آهي؟ شيخ صاحب چيو ته مون هنن کي وراڻيو ته دل جو خير آهي، ٻين عضون
جي بيماري به مون لاءِ مسئلو ناهي، بس منهنجي لاءِ رڳو مسئلو هٿن جو آهي. جيڪڏهن ڪنهن
سبب ڪري هٿن لکڻ ڇڏي ڏنو ته مون لاءِ تمام گهڻي ڳڻتيءَ جي ڳالهه هوندي، ڇاڪاڻ ته
پوءِ مان لکي نه سگهندس. نه لکڻ مون لاءِ تمام وڏو مسئلو هوندو. مون سائينءَ کي
چيو ته؛ الله سائين اوهان کي تندرستي عطا ڪري ۽ اوهان جو لکڻ جاري رهي. الطاف صاحب
جتي رهي ٿو، اهو علائقو گذري لين ڊفينس وارو آهي. ڊفينس جي گهٽين ۽ گهرن جا نمبر
ترتيب ۾ نه هجڻ سبب نئين ماڻهوءَ لاءِ ڪو گهر ڳولهڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. ڳولهيندڙ، ورن
وڪڙن ۾ ڦاسي پئي ٿو. پبلڪ ٽرانسپورٽ به تمام گهٽ آهي. شيخ صاحب چيو؛ اهڙيءَ صورت
حال ۾ جيڪڏهن ڪو پڙهندڙ مون سان ملڻ اچي ٿو ته اُن کي منهنجي گهر ڳولهڻ ۾ تمام گهڻي
ڏکيائي ٿئي ٿي ۽ مون کي به پنهنجي پرستار جي پريشاني ڏسي، تڪليف پهچي ٿي. اهو ئي
سبب آهي ته مان گهر ملڻ/ اچڻ جي خواهش ڪندڙ دوستن کان معافي وٺندو آهيان ۽ ڪوشش ڪندو
آهيان ته مان ڪنهن فنڪشن يا اداري ۾ وڃي وڌ کان وڌ دوستن سان ملي ڪچهريون ڪريان.
هُن چيو ته؛ ڪچهرين ۾ خاص ڪري ادب جا شاگرد ۽ محقق مون کان پڇندا آهن ته سائين
سفرنامي جي ٽيڪنڪ/ فن بابت ڄاڻ ڏيو. حقيقت اها آهي ته مون کي فن جي ڪا ڄاڻ ناهي،
مان رڳو لکندو ويندو آهيان، ڪا به ٽيڪنڪ سامهون رکي نه لکندو آهيان. مون الطاف شيخ
صاحب کي چيو ته؛ سائين جيڪي به وڏا ليکڪ/ شاعر آهن، انهن جون لکڻيون/ شاعري پاڻ ئي
گهاڙيٽا مقرر ڪنديون آهن. انهن جو معيار ٻين لاءِ رهنمائي ۽ فني صورتون جوڙيندو
آهي. اڄ ڪلهه جا محقق اوهان جي سفرنامن تي تحقيق وسيلي اوهان جي فني معيارن کي
سامهون آڻيندا ۽ انهن معيارن مطابق نوان ليکڪ سفرناما لکندا، تنهن ڪري اوهان انهن
سوالن تي ڌيان ڏيڻ بدران پنهنجو ڪم جاري رکو. اوهان سان ملاقات اسان لاءِ وڏو
اعزاز آهي. سنڌي قوم اوهان جو اوترو قدر نه ڪيو آهي، جيترو اوهان جو حق آهي. جيئن
جيئن وقت گذرندو ويندو، تيئن تيئن اوهان جي ڪم ۽ اوهان جي مانَ ۽ مرتبي ۾ واڌارو ٿيندو
ويندو.
No comments:
Post a Comment