انٽارڪٽيڪا جي
هوائن سان پرڏيهي ماڳن جو سير
Notes from
Europe
عبدالله عثمان مورائي
سگريٽ جو وڏو ڪش هڻندي چيائين ته عبدالله مون کي تمام گهڻو
ڏک ٿيو جڏهن مون سيوهڻ ۾ ملنگن تي حملي جي خبر ٻڌي. جيڪو به ٿيو تمام گهڻو ڏکوئيندڙ
۽ خراب ٿيو. مون کي ياد آهي ته روبرٽ مون وٽ موري اچڻ کان پهريان ڪراچي کان سيوهڻ
گهمڻ ويو هو. روبرٽ سان منهنجي دوستي 2006 کان هلندي اچي پئي، جڏهن اسان هڪ ئي جيپ
۾ گلگت کان شندور ميلو گهمڻ لاءِ ويا هئاسين ۽ پرويز مشرف کي اتي نچندي ڏٺو
هئوسين. پوءِ آئون واپس گلگت موٽي آيو هئس ۽ روبرٽ وري شندور کان چترال واري پاسي
هليو ويو هيو ۽ پوءِ ڪجهه سالن کان پوءِ مون وٽ موري گهمڻ آيو هيو.
ميلبورن ۾ انٽارڪٽيڪا جي کنڊ کان ايندڙ تيز ۽ ٿڌيون
هوائون هيون، آئون ۽ منهنجو سئوٽ الطاف مظهر
سڊني کان ميلبورن ريل گاڏي جي رستي تقريبن سڄي ڏينهن جي سفر کان پوءِ پهتا
هئاسين ۽ روبرٽ اسان کي سندس جيپ ۾ ٽيشڻ (اسٽيشن) تان کڻڻ آيو هيو، سندس آڌرڀاءُ ۽
خلوص ڏسڻ وٽان هيو، اسان کي ڏسي سندس منهن مان خوشي صاف ظاهر هئي ۽ کيس لفظ نه پئي
مليا ۽ رڳو پئي چيائين ته مان اوهان کي هتي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو آهيان. اسان کي پهريان
سڌو هڪڙي ديسي کاڌي جي هوٽل تي وٺي هليو، جتي ٽن چئن قسمن جي کاڌن جا آرڊر ڏنائين،
جن کاڌن کان هو پاڻ به واقف هو. ههڙي ٿڌ ۾ ديسي ماني صفا ٿڪ ئي لاهي ڇڏيا. سندس
گهر پهتاسين ته وري ڪچهري ۽ چانهه جو دور هليو ۽ پاڻ جڏهن چانهه پئي ٺاهيائين
ته مون پنهنجي ڪمپيوٽر تي نصرت فتح علي
خان جو گانو ”فصلِ گل هي کلا هي مي خانه“ هلايو ته کلندي چيائين ته ’نصرت فتح علي
خان‘. پوءِ نصرت فتح علي خان جي ڳالهه تان ٿيندو گهميل ملڪن بابت ٻڌائيندو هليو ۽
سيوهڻ واري واقعي جو ذڪر ڪري افسوس ڪرڻ لڳو.
پوءِ اهو سلسلو ٽن ڏينهن تائين هلندو رهيو، صبح جو سوير اٿي اسان سڀني لاءِ
نيرن تيار ڪندو هو، گڏجي کائيندا هئاسين، پوءِ اسان کي اسٽيشن تي ڇڏي ايندو هو ۽
پاڻ اتان وري سندس نوڪري تي ويندو هو، آءٌ ۽ الطاف پنهنجي بڪ ڪرايل مختلف سفرن ڏانهن
نڪري ويندا هئاسين ۽ روبرٽ وري واپسي تي رات جو کڻڻ ايندو هو، ميلو مچندو هو، ڪچهريون
ٿينديون هيون، چانهين جا هڪ ٻه دور هلندا هئا.
هاڻي هلو ته ميلبورن گهمون. پهرئين ڏينهن اسان کي گريٽ
اوشين روڊ جي ٽوئر تي وڃڻو هو، اسان کي مقرر وقت تي ڪوسٽر ميلبورن جي مک ٽيشڻ (اسٽيشن)
فلينڊر تان کنيو، ڪوسٽر ۾ اسان کان پهريان به ڪجهه گهوماڪڙ (سياح) ويٺا ها، ڪجهه
اسان سان ڪوسٽر ۾ چڙهيا ۽ ڪجهه وري اسان کان بعد ۾. گهمڻ ڦرڻ جي عاشقن جو قافلو
روانو ٿيو. گريٽ اوشين روڊ آسٽريليا جي ڏکڻ اوڀر سامونڊي پٽي تي 243 ڪلو ميٽر روڊ
آهي جيڪو ٽورڪي ۽ النسفورڊ شهرن جي وچ ۾ آهي. هي روڊ 1919 ۽ 1932 جي وچ ڌاري پهرين
وڏي جنگ مان بچي آيل فوجين هٿان، جنگ ۾ مارجي ويل پنهنجن ساٿي فوجين جي ياد ۾ ٺاهيو
ويو. گريٽ اوشين روڊ اڄڪلهه سياحن جي ڪشش جو مرڪز آهي. روڊ سمنڊ ڪناري انتهائي دلڪش
نظارو پيش ڪري ٿو، مٿان وري پورٽ ڪيمپبيل نيشنل پارڪ ۾ 12 ايپوسٽليس ڪم کي صفا
کنيو بيٺا آهن. اهي 12 ايپوسٽليس سمنڊ جي ڪناري پاڻي ۾ چن جي پٿر جا قدرتي اڀا قبا
نما ٺهيل آهن. هاڻي ٽي ڪري پيا آهن، باقي 9 بچيل آهن، سمنڊ جي مستي ڏسي محسوس ٿيو
ته اهي به ٿوري وقت ۾ آ ڪندا. جنهن کي ڏسڻا آهن ڏسي وٺي. ڪنهن سچ چيو آهي ته پيار
۽ پيار جو اظهار ڪري وٺو سڀاڻي جي ڪا خبر ناهي، آئون سمجهان ٿو دنيا ۾ شيون به
ائين آهن، ڏسي وٺو، سڀاڻي جي ڪا خبر ناهي.
ميلبورن کان نڪرڻ کان پوءِ تقريبن اڌ مني ڪلاڪ کان پوءِ ڪوسٽر
چانهه بسڪيٽ جي وقفي لاءِ هڪ سامونڊي پٽي تي اچي بيٺو، سمنڊ جو اهو پاسو سمنڊ ۾
سرفنگ ڪرڻ وارن لاءِ مشهور آهي، پر اسان کي اتي ڪوبه سمنڊ ۾ سرفنگ ڪندي نظر نه
آيو. ڪوسٽر ۾ سنگاپور، آمريڪا، جاپان، ملائيشيا ۽ انگلينڊ جا گهوماڪڙ هيا، اسان رڳو
ٻه پاڪستاني سنڌي جن چانهه مان بسڪوٽ ٻوڙي پئي کاڌا. ٿورو اڳتي هلڻ کان پوءِ
باقائدي هن جڳ مشهور روڊ جي شروعات هڪ گيٽ کان ٿي جتي ڪوسٽر پڻ پنڌرنهن منٽن کڻڻ
لاءِ بيٺو جتي سڀني فوٽو ڪڍرايا. پوءِ مانجهاندي تائين گاڏي هلندي رهي ۽ گاڏي ۾ ويٺي
نظارا پئي ڪياسين، الطاف ۽ آئون چرچا ڀوڳ ڪندا پئي هلياسين ۽ ماحول جو مزو پئي
ورتو، مٿان وري جو مينهن وسڻ شروع ٿيو ته اصل صفا ڪم مچي ويو ۽ مزو اچي ويو. هڪ
سياح اسان کان پڇو ته اوهان ڪهڙي ٻولي ۾ ٿا ڳالهايو، اسان وراڻيس ته سنڌي ۾، ڪانه
سمڌي ۽ وري پڇيائين هندي ۾؟ اسان وري چيس نه سنڌي ۾. روڊ تي خاص ڪري چينين لاءِ
سندن ٻولي ۾ بورڊ لڳل هيا جن تي گاڏي هلائڻ جي رفتار کان وٺي ٻيون هدايتون پڻ لکيل
هيون. روبرٽ اسان کي ٻڌايو هو ته هتي گهڻا چيني اهڙا به اچن ٿا جيڪي انگريزي ٺپ ڪونه
ٿا سمجهن ۽ پوءِ جتي آيو اتي گاڏي بيهاري ٿا ڇڏين، ان ڪري انهن لاءِ اهي خاص بورڊ
سندن ٻولي ۾ لڳرايل آهن. مانجهاندي لاءِ ڪوسٽر سمنڊ ڪناري انتهائي دلفريب ۽ سهڻي
شهر اپولو بي جي هڪ هوٽل تي اچي بيٺو، هلڪو هلڪو مينهن به وسي رهيو هيو، سڄو شهر
مينهن ۽ سامونڊي گهم جي ڪري پسيل هيو، آئون ٿورو سمنڊ جي ڪناري هليو ويس ته جيئن
هن سهڻي نظاري کي اندر ۾ سانڍي سگهان. مينهن ٿورو تيز ٿيو ته واپس آيس جتي الطاف ٻين
سياحن سان ڪچهري ۾ مشغول هو. اسان واري ٽيبل تي سنگاپور جي ڇوڪري ۽ اٽلي جو نوجوان
ڇوڪرو اليساندرو ويٺل هيا. اليساندرو ٻڌايو ته هو ائڊليڊ ۾ پڙهائي پوري ڪري اٽلي ڳوٺ
وڃڻ کان پهريان آسٽريليا جا ڪجهه شهر پيو گهمي. سنگاپور واري ڇوڪري رڳو سنگاپور
کان سيڙجي ميلبورن ۽ آسپاس گهمڻ آيل هئي. وري سفر شروع ٿيو، اڳتي هلي هڪ جڳهه تي
گاڏي بيهاريائون، هاڻي وارو هو وڻن ۾ ٽنگيل ڪئالا ڏسڻ جو، هڪ ٻه نظر آيا باقي ڪل
خير، باقي اتي رنگ برنگي طوطا ڏاڍا هئا جيڪي اچو مٿي تي، ڪلهن ۽ هٿن تي اچو ٿي ويٺا.
اتان وري هل هلان شروع ٿي، اوشين روڊ کان ٿورو مٿئين پاسي اوٽوي جي رين فاريسٽ ۾ وٺي
هليا، اهو منهنجي زندگي جو پهريون تجربو هو جو ڪنهن رين فاريسٽ ۾ اڌ ڪلاڪ کن جو پنڌ
ڪيو هجي، وڻ سوين سال پراڻا هيا ۽ تمام وڏا، ڪي اتي پاڙان پٽجي اتي ئي ڪري اتان جي
ماحول جو حصو ٿي چڪا آهن. مينهن اسان جو پيڇو ڪندو پئي هليو، الطاف ۽ آئون خوش به
انهيءَ ۾ هئاسين پر ٻيا سياح شايد بيزار پئي ٿيا.
رين فاريسٽ کان پوءِ اسان مٿي ذڪر ڪيل 12 ايپوسٽليس ۽
آسپاس پهتاسين، اهو قدرتي نظارو ڏسڻ وٽان آهي، اتي مينهن جو پوڻ عجيب هو، ٻه منٽ
تيز ته وري ٻه منٽ وري هلڪو يا صفا بند، سمنڊ ڪافي مڇريل هو، زور زور سان سامهون
پهاڙ کي پئي اچي ٽڪرايو ۽ چن جا ايپوسٽليس ته سمنڊ اڳيان ڪجهه به نه هيا پر رڳو
نظارو سهڻو ڪيو بيٺا هيا. اتان کان پوءِ وري اسان ٻن مختلف جائين تي سمنڊ جي ڪناري
تي وياسين، هڪ هنڌ ٻن پهاڙين جي وچ ۾ هڪ قسم جو آرچ يا سوڙهو سامونڊي رستو هيو جيڪو
وچ سمنڊ ۾ پئي کليو، اتي سمنڊ جو پاڻي تيزي سان اندر اچي رهيو هو، اتي هڪ غار به
هئي پر اندر وڃڻ تي شايد پابندي هئي. آخري سمنڊ جي ڪناري تي وياسين ته هڪ هنڌ لکيل
هيو ته هتي زهريلا نانگ آهن ۽ هن مخصوص جڳهه واري پاسي نه وڃجو، بس پوءِ اسان به
اتي تڪڙ تڪڙ ۾ ايپوسٽليس ۽ پهاڙي جي وچ ۾ فوٽو ڪڍرائي اتان نڪرڻ جي ڪئي سين.
ميلبورن واپس پهچڻ تي اٽلي جي اليساندرو چيو ته مون سان فوٽو ڪڍرايو ۽ پڇيائين ته
جيڪڏهن اوهان سڀاڻي ميلبورن ۾ هجو ته گڏجي شهر گهمون، اسان کيس چيو ته نه سڀاڻي
اسان جو فلپ آئسلينڊ جو ٽوئر بڪ آهي باقي پرينهن ملنداسين. ٻئي ڏينهن فلپ آئسلينڊ
تي وڃڻ ٿيو، اصل ۾ مقصد هو مني فوٽ جا پين گئين ڏسڻ جو، پهريان هڪ زو ۾ وٺي هليا،
جتي اسان ڪئالا ۽ ڪينگرو سان فوٽو ڪڍرايا، هن ٽوئر ۾ به دنيا جي مختلف ملڪن جا
سياح هيا ۽ آسٽريليا جي ٻين ڏورانهن علائقن جا سياح به هيا. پين گئين ڏسڻ کان وڌيڪ
جيڪا ڳالهه مون کي وڻي سا هئي ڪاٺ جي تختن تي واڪ ڪرڻ ۽ سمنڊ جي موجن جو مزو وٺڻ،
پري سمنڊ ۾ ٽي پاڻي جا جهاز به نظر آيا جيڪي تسمانيا پئي ويا. ٽئين ڏينهن اسان جو
پروگرام هيو ته ميلبورن کي اٽالين اليساندرو سان گهمجي ۽ شام جو سعيد ٽالپر سان ملڻ
جو پروگرام هيو. اسان جيئن ئي فلينڊر اسٽيشن
کان ٻاهر نڪتاسين ته اليساندرو اسان جو انتظار پئي ڪيو. اسان سڀ گڏجي پهريان ٿورو
هتي هتي چڪر ڏنوسين، پوءِ ميلبورن جي مشهور نيرن ڪرڻ جي گهٽي ڊيگريوز اسٽريٽ تي
آياسين، جتي گڏجي ناشتو ڪيوسين. اليساندرو جي اڄ ڳوٺ واپسي هئي ۽ اسان جي وري سڊني،
وري ڪٿي ۽ ڪنهن هنڌ ملڻ جو هڪ ٻئي کي چئي موڪلايوسين. پوءِ الطاف، آئون ۽ ميلبورن
هئاسين، درياهه جي آس پاس چڪر ڏنوسين، يونيورسٽي ۽ لائبريري ڏٺي سين. هرو ڀرو هڪ جڳهه
کان ٻي ۽ ٻي کان ٽين جڳهه تائين گهمندا رهياسين. اصل ۾ گهمڻ جو مزو ئي ائين آهي،
پيرين پنڌ، ساڳيا ماڻهو هر هنڌ.
شام جو سعيد ٽالپر سان ملاقات ٿي، اها اسان جي ٻي ملاقات
هئي، پهرين ملاقات ٽنڊو ڄام ۾ ٿي هئي جڏهن پاڻ ناروي پڙهائي لاءِ پئي ويو. هڪ
افغان جي هوٽل تي رات جي ماني تي ۽ هڪ ديسي جي فالودي واري دڪان تي ڪچهري ڪندا
رهياسين، سندس ناروي جا تجربا ۽ ان کان پوءِ سندس ملائيشيا ۽ آسٽريليا ۾ رهڻ جا تجربا ۽ الطاف جي آسٽريليا ۾ رهڻ ۽
منهنجي سئيڊن ۾ رهڻ جا تجربا هڪ ٻئي سان ونڊ ڪندا رهياسين. اتي ئي ويٺا هئاسين ته
روبرٽ جي فون آئي ۽ پڇيائين ته جيڪڏهن ويجها هجو ته مان اچان، اسان چيس نه بس فون
تي ئي موڪلايون ٿا ۽ اسان سندس ٿورا مڃيا. سعيد ٽالپر جي مهرباني جنهن تمام گهڻو
قيمتي وقت ڏنو، آخر ۾ اسان کي ميلبورن جي هوائي اڏي تي ڇڏيائين.
No comments:
Post a Comment