جرمنيءَ جو دورو
ڪجهه يادون
ڊاڪٽر رميش ڪمار
پنهنجي
هڪ جرمني جي دوري دوران فرينڪفرٽ ايئرپورٽ تي پهريون نظارو جيڪو ڏسڻ وٽان مليو هو
اهو اڄ به منهنجي دل ۽ دماغ ۾ تازو آهي. ان جو سبب اُتي ڪجهه ستر جي لڳ ڀڳ هوائي
جهاز هئا، جيڪي انتهائي منظم انداز ۾ فضائي آپريشن ۾ مصروفِ عمل هئا. مون مختلف ملڪن
جي قومي ۽ خانگي ايئرلائينز جي مختلف رنگن جي جهازن جي موجودگي ۾ جيڪا شديد کوٽ
محسوس ڪئي، اها هئي پاڪستان جي قومي ايئرلائن جي جهازن جو اُتي نه هجڻ. ڪنهن زماني
۾ پاڪستان جي قومي ايئرلائن سڄي دنيا جي پسنديده ترين ايئرلائن جي حيثيت رکندي هئي
پر اڄ زوال جو شڪار پي آءِ اي دنيا جي رڳو ۲۱ ملڪن ۾ رسائي ڪرڻ تائين مجبور آهي. يورپ جي مصروف ترين ايئرپورٽس مان ان
جرمن ايئرپورٽ کي اهو منفرد اعزاز حاصل آهي ته دنيا جي پهرين ايئرلائن گذريل صدي
جي شروعات ۾ فرينڪفرٽ ايئرپورٽ ۾ ئي قائم ڪئي وئي هئي. ايئرپورٽ کان ٻاهر نڪري هوٽل
وڃڻ لاءِ ٽيڪسي هائر ڪئي ته ڊرائيور منهن مهانڊي مان پاڪستاني لڳو. ڳالهه ٻولهه ڪرڻ
بعد خبر پئي ته هونئن ته ناروال سان تعلق رکي ٿو پر جرمن قانون موجب پاڪستاني
نيشنلٽي سرينڊر ڪرڻ کانپوءِ هاڻ جرمن شهري آهي. جرمن دنيا جي انهن ملڪن ۾ سڀ کان اڳڀرو
آهي، جتي ٻٽي شهريت رکڻ قانون طور منع آهي ۽ جرمنيءَ جي شهريت حاصل ڪرڻ لاءِ
پنهنجي اباڻي ڏيهه جي شهريت کان موڪلائڻو پوندو آهي. مونکي دنيا جي مختلف ملڪن ۾
پنهنجي دورن دوران پرڏيهي پاڪستانين سان ڳالهين جي ڏي وٺ ڪرڻ جو موقعو ملندو آهي
پر جيڪو ڏک مون ناروال جي هن ڊرائيور جي ڳالهين ۾ ڏٺو، اهو وسارڻ جوڳو ناهي. پاڪستان
جي ناسازگار حالتن کيس هجرت جو ڏک برداشت ڪرڻ تي مجبور ته ڪيو پر پاڪستاني شهريت وڃائي
هاڻ هو نفسياتي طور پاڻ کي ٻين پاڪستانين جي نظر ۾ غير ملڪي سمجهڻ لڳو هو.
ڳالهه ٻولهه
دوران چيائين ته ٻئين جنگ عظيم کانپوءِ شديد تباهه حال ٿيل جرمني ٻن حصن مان متحد ٿي
اڄ پنهنجي پيرن تي بيٺل آهي ته پوءِ پاڪستان ڇو ترقيءَ جي راهه ۾ ڏينهون ڏينهن
پوئتي وڃي رهيو آهي؟ آءٌ سمجهان ٿو ته ان ڳالهه جو جواب ڏيڻ ڪنهن هڪ شخص يا اداري
جي نه پر پوري قوم جي گڏيل ذميواري آهي ته اهي سياسي وابستگي کان مٿانهان ٿي رڳو
انهن ماڻهن جي نشاندهي ڪن، جيڪي قومي ترقيءَ جي راهه ۾ رڪاوٽ آهن، بلڪه ان حوالي
سان هڪ قومي پاليسي جوڙڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. شاندار تاريخي ۽ تهذيبي حيثيت
رکندڙ جديد ملڪ جرمني اڄ کان ڪجهه ڏهاڪا اڳ هڪ نه هو، قديم رومن دور ۾ کيس
”جرمنيا“ جو نالو ڏنو ويو هو، رومن حڪمران جوليس سيزر جي زماني ۾ به مختلف قبيلن ۾
ورهايل جرمنيا جا آثار ملن ٿا، جڏهن ته مقدس رومن سلطنت ۾ ايراضيءَ جي لحاظ کان
جرمن بادشاهت سڀ کان وڏي تصور ڪئي ويندي آهي. هونئن اهو عمل به گهڻو دلچسپ آهي ته
اڄ به جرمني دنيا جو شايد واحد ملڪ آهي جنهن کان سندس پاڙيسري يا ٻيا ملڪ مختلف ٻولين
۾ سئو کان وڌيڪ مختلف نالن سان ڪوٺيندا آهن. هٽلر جي قيادت هيٺ قوم پرست نازي
جرمني کي ٻئين جنگ عظيم جي حوالي سان الزام هيٺ سمجهيو ويندو آهي، جنهن ۾ اڻ سڌيءَ
ريت مختلف ملڪن جا لکين ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا.
ان
خطرناڪ خوني جنگ ۾ نازين خلاف برسرپيڪار برطانوي رائل فوج جي جهنڊي هيٺان برصغير
پاڪ ۽ هنڌ سان تعلق رکندڙ بهادر آفيسرن ۽ جوانن به پنهنجي شجاعت جا جوهر ڏيکاريا.
هٽلر جي عروج ۽ زوال جي ڪهاڻي ۾ ڪيترائي سبق سمايل آهن پر سڀ کان اهم اهو عمل آهي
ته معصوم عوام جا جذبا ڀڙڪائي قومپرستي ۽ تعصب پسنديءَ جي بدولت عارضي ڪاميابي ته
حاصل ڪري سگهجي ٿي پر حقيقت ۾ پنهنجي ملڪ جي اقليتي برادري ۽ پاڙيسرين سان نفرت جو
دڳ تباهي ۽ انتشار ڏانهن وٺي ويندو آهي. اڄ جرمن قوم جي نالي تي هٽلر جي ظلم تي
خود جرمن قوم شرمسار آهي. هٽلر جي جنگين جو نتيجو جرمني جي بدترين شڪست ۽ ٻه ٽڪڙا ٿيڻ
جي صورت ۾ نڪتو. ڏکڻ جرمني يورپ ۽ آمريڪا جي اثر رسوخ هيٺ ترقي ۽ خوشحالي جي راهه
تي گامزن ٿيو، جڏهن ته اوڀر جرمني سويت يونين جي اثر هيٺ سوشلزم کي اختيار ڪيو. وچ
۾ ديوارِ برلن قائم ڪري سماجي رابطن کي ڪٽيو ويو ۽ ٻنهي جرمنين ۾ رهندڙ هڪٻئي لاءِ
اوپرا قرار ڏنا ويا. گڏ ٿيڻ جو سوچڻ ته پري جي ڳالهه روزمره جا رابطا بحال ٿيڻ جي
اميد به نظر نه ايندي هئي پوءِ افغانستان ۾ سويت يونين جي عبرتناڪ شڪست، اوڀر يورپ
۽ وچ ايشيائي ملڪن کي آزاديءَ جو رستو کولي ڏنو ته هڪٻئي کان جدا رهڻ تي مجبور بڻيل
ٻنهي جرمنين جي عوام جي دلين ۾ وري هڪ ٿيڻ جي خواهش جاڳي پئي ۽ چاليهه ورهين
کانپوءِ تاريخ جو اهو نه وسارڻ جوڳو وقت به اچي ويو، جڏهن ٻنهي طرفن کان جرمن
شهرين ديوارِ برلن ڊاهي وڌي. ۳ آڪٽوبر
۱۹۹۰ع ۾ باضابطه طور ٻنهي جرمنين هڪ
گڏيل جرمني ۾ تبديل ٿيڻ جو عمل مڪمل ڪري ورتو. هر سال جرمن يونيٽي ڊي شاندار طريقي
سان ملهايو ويندو آهي. جرمني ۾ اهو واحد ڏينهن آهي جنهن ڏينهن سڄي ملڪ ۾ قومي سطح
تي عام موڪل هوندي آهي. تاريخي ڏينهن جي حوالي سان مختلف تقريبون رٿيون وينديون
آهن، جنهن ۾ ديوارِ برلن ڪيرائڻ جا لمحا بطور خاص ياد ڪيا ويندا آهن ۽ هر سال هڪ
جرمن شهر قومي تقريب جي ميزبانيءَ جو شرف حاصل ڪندو آهي. اڄ ۲۱هين صدي ۾ متحده جرمني هڪ عظيم ترقي يافته خوشحال ملڪ بڻجي چڪو آهي. هڪ
رپورٽ موجب جرمني دنيا جي چوٿون نمبر وڏي اقتصادي قوت آهي جڏهن ته انڊسٽيريل ۽ ٽيڪنالوجي
جي شعبي ۾ اعليٰ ترين مهارت رکڻ سبب دنيا جي ٽئين نمبر وڏي درآمد ۽ برآمد جي حيثيت
رکي ٿو. علائقائي امن ۽ استحڪام جي حوالي سان جرمني کي يورپي يونين جي باني ملڪن
مان هڪ تصور ڪيو ويندو آهي. عسڪري لحاظ کان ڏٺو وڃي ته جرمني علائقائي فوجي اتحاد
نيٽو جو اهم ميمبر ۽ دفاعي خرچن تي سڀ کان وڌيڪ خرچ ڪرڻ وارن ٽاپ ٽين ملڪن ۾ شامل
آهي. حڪومت جرمني جي پنهنجي عوام جي فلاح ۽ بهبود لاءِ سوشل سيڪيورٽي، هيلٿ ڪيئر
سهولتون، مفت اعليٰ تعليم جهڙا قدم دنيا جهان جي پرڏيهين کي جرمني طرف متوجه ڪن ٿا.
جرمني يورپ جو اهو واحد ملڪ آهي جنهن شام جي جنگ جي نتيجي ۾ هزارين مهاجرين کي
پنهنجي سرحدن تي ڀليڪار ڪيو. اهڙي موقعي تي جڏهن دنيا جا ٻيا ملڪ مهاجرين کي ملڪي
معيشت تي بار تصور ڪري رهيا هئا، جرمن خاتون چانسلر اينجلا مارڪل پاران کليل دل
سان متاثرن جي آجيان ڪرڻ، اهو ظاهر ڪري ٿو ته جيڪڏهن دنيا هڪ طرف خودغرض ۽ نفرت جي
پرچار ڪندڙن جي ظلم جو شڪار آهي ته ٻئي پاسي انسانيت جو ڏک رکڻ وارا به موجود آهن.
جرمني جو عوام جنگِ عظيم جي تباهه ڪارين جو شڪار ٿيڻ سبب جنگ جي متاثرن جو ڏک چڱيءَ
ريت سمجهن ٿا ۽ اهو ئي سبب آهي ته وطن کان ٻاهر رهندڙن کي جرمن معاشري جو فعال حصو
بڻائڻ لاءِ حڪومتي قدمن جي ڀرپور حمايت ڪندا آهن. منهنجي نظر ۾ ڪنهن به ملڪ جي
ترقي ۽ خوشحالي ۾ اهو اهم ترين فيڪٽر هوندو آهي ته هر اداري کي پنهنجي آئيني حدن ۾
رهندي اهليت ۽ قابليت جي بنياد تي رائٽ پرسن ايٽ رائٽ پليس جي اصول تي عمل ڪرڻ
گهرجي. بطور پاڪستاني قوم اسان کي جرمني جي معاشري جي نظام مان اهو ئي سبق پرائڻ
گهرجي ته جيڪڏهن اسان عالمي برادري جي نظر ۾ پنهنجو وڃايل وقار حاصل ڪرڻ ۾ سنجيده
آهيون ته اسان ماضيءَ جي غلطين مان سبق حاصل ڪري نفرتن کان موڪلائيندي بنا ڪنهن
تعصب جي سچي دل سان پاڪستان جي خدمت جو رستو اختيار ڪريون.
No comments:
Post a Comment