Tuesday, September 25, 2018

ڪجهه ذڪر فرانس جي ناٽرڊيم گرجا گهر جو - عبدالحي پليجو


ڪجهه ذڪر فرانس جي ناٽرڊيم گرجا گهر جو
عبدالحي پليجو
پاڻ وٽ سگريٽ پيئندڙ شخص، سگريٽ نه پيئندڙ ٻئي شخص جو ڪو خيال ئي ڪونه ڪندو آهي. هونئن به اسانجي معاشري ۾ رواداري ۽ سهپ گهٽ آهي. اسان عورت ۽ ٻارن جو به جائز احترام ڪونه ٿا ڪريون، جڏهن ته معاشرو، اخلاقيات ۽ مذهب انهن ڳالهين لاءِ خاص هدايت ٿو ڪري پر خبر نه آهي ڇو اسان ائين ڪونه ٿا ڪريون. ڪنهن حد تائين اسان انهن جي دل آزاري به ڪريون ٿا، پر يورپ ۽ استنبول ۾ مون ٻارن ۽ عورتن لاءِ وڏي عزت ۽ احترام ڏٺو. ڪنهن مصروف روڊ تي سائي بتي ٻرندي به ڪو ٻار يا عورت غلطيءَ سان روڊ ڪراس ڪيو ته سوين گاڏيون بيهي رهنديون، جيسين نه اهي ٻار يا عورتون روڊ ڪراس ڪن. ڪنهن پوليس واري ٻار کي اتي بيٺل ڏٺو ته کڻي يا آڱر کان وٺي ان کي روڊ ڪراس ڪرائيندو. ڪيڏو نه فرق آهي پنهنجي ۽ يورپ جي معاشري ۾!! ان جا گهڻا ئي مثال آهن. پر توهان صرف هڪ ننڍو مثال وٺو. يعني پنهنجي ۽ يورپ جي پوليس جو. يورپ ۾ پوليس ماڻهن لاءِ هڪ پيار ۽ محبت جو اهڃاڻ آهي، جنهن کي هر ننڍو وڏو عزت ۽ احترام سان ڏسي ٿو. وڏا ته ٺهيو پر ننڍا معصوم ٻار جڏهن صُبح سوير اسڪول ايندي ويندي ڪنهن پوليس واري کي ڏسن ته ضرور کيس سلام ڪن. انگلينڊ ۾ ته ننڍا ٻار پوليس وارن کي پيار مان چون ئي بوبي. جيڪي پڻ انهن ننڍڙن ٻارن لاءِ ٽافيون کيسن ۾ وجهيو گهمن ۽ هيلو هيلو ڪرڻ شرط يڪدم ٽافي ڪڍي کڻي ٻار کي ڏيندا ۽ انهيءَ جي مقابلي ۾ پاڻ وٽ پوليس نفرت جو اهڃاڻ آهي، جنهن کي معاشري ۾ شديد نفرت سان ڏٺو ٿو وڃي. ان حد تائين جو ڪنهن فلم ۾ ڌاڙيل ۽ پوليس جي مقابلي وارو سين هوندو ته ماڻهن جي پوليس کان وڌيڪ انهيءَ ڌاڙيل سان همدردي هوندي. انهيءَ فلمي سين ۾ ڪنهن ڌاڙيل جي گوليءَ سان جي ڪو پوليس وارو مري پيو ته سڄي هال ۾ تاڙين جا ٺڪاءُ ٿي ويندا. انهيءَ مان اهو تاثر ٿو ملي ته غريب ۽ مسڪين عام ماڻهوءَ کي پوليس سان تِر برابر به همدردي ناهي.


منهنجو گهر شهر ۽ ٻهراڙي ٻنهي هنڌ آهي، پر مون ڏٺو آهي ته شهرن جي مقابلي ۾ ٻهراڙيءَ جا ماڻهو پوليس جو شڪار وڌيڪ ٿين ٿا. هڪ ته شهري ماڻهو پڙهيل لکيل آهن، ٻيو ته اخبارون به شهري مسئلن کي وڌيڪ اهميت ڏين ٿيون. پاڪستان ٺهڻ کي ۶۵ سال ٿي ويا آهن پر غريب مسڪين ٻهراڙيءَ جو عوام اڃا انهيءَ حالات مان پنهنجي جان آزاد ڪرائي نه سگهيو آهي. نه وري ان جا ڪي آثار ٿا نظر اچن. شيخ اياز پنهنجي لکڻين ۾ ٿاڻي کي گهاڻي سان تشبيهه ڏني آهي. انهيءَ موضوع تي هندستان وارن ”مرچ مصالحا“ نالي ڏاڍي لاجواب فلم ٺاهي آهي. سميتا پاٽيل ۽ نصير الدين شاهه انهيءَ فلم ۾ يادگار اداڪاري ڪئي آهي. پرويز مشرف ضلعي ليول تي يونين طرز تي جيڪي ضلعي حڪومتون ٺاهيون، ان سسٽم تي جيڪر يورپ وانگيان عمل ٿئي ها ته عام ماڻهوءَ کي ڏاڍو سستو انصاف ملي ۽ فائدو رسي. پر اهو ممڪن ناهي، ڇو ته اسان جي ملڪ ۾ بيورو ڪريسي يا نوڪر شاهي ايڏي ته مضبوط آهي، جو انهيءَ جو زور ٽوڙڻ ممڪن ئي ڪونهي. اهو صرف عوام طرفان پنهنجي جاکوڙ سبب ئي ممڪن آهي، نه ڪنهن آمر طرفان ٺهيل قانون سان. پاڻ وٽ سنڌ ۾ ايم ڪيو ايم کي خوش رکڻ لاءِ ڪراچي ڪراچي ميٽرو پوليٽن کي فلسطين اٿارٽي کان به زياده پاور ۽ اختيار ڏنل آهن.
بس هلڻ لڳي پر آئون پاڪستان جي معاشرتي مسئلن تي سوچيندو ڪٿان کان الائي ڪٿان وڃي نڪتس. اسان کي اڄ ٽوئر وارن طرفان شهر جو ٽوئر ڪرائڻو هو، يا سٽي توئر ڪرائڻو هو، جنهن ۾ سڀ کان پهرين ناٽرڊيم ڪئٿيڊرل ڏسڻو هو، جيڪو مون ڪيترا دفعا اڳ ۾ به ڏٺو آهي. اسانجي بس رستن روڊن تان ڦرندي سرندي اچي هتي پهتي. اسان سڀ هڪ ٿي بس مان لٿاسين ته اسانجي گائيڊ اسانکي هڪ مقامي فرينچ عورت گائيڊ جي حوالي ڪيو، جيڪا اسان کي ٻاهر مختصر ليڪچر ڏئي ڪئٿيڊرل اندر وٺي وئي. اندر ٻيا سياح به ٿوري تعداد ۾ هئا. ڪئٿيڊرل جي اندر ۽ ٻاهر مونکي ڪابه نواڻ محسوس نه ٿي. اهي بئنچون، اهي ڪرسيون. ناٽرڊيم گرجا گهر فرانس جي وچئين دور جي عمارت سازيءَ جو عظيم ڪارنامو آهي. هن عمارت جون ڀوري، ناسي پٿر مان ٺهيل ڀتيون وچئين دور ۾ پئرس جي طاقت ۽ عظمت جي علامت طور موجود آهن. هي گرجا گهر، جيڪو ۱۱۶۳ع ۾ قائم ٿيو، هڪ قومي اثاثو آهي. صبح ۽ شام جي وقت جڏهن هن جو عڪس سين نديءَ ۾ ڏسجي ٿو، ان وقت هي گرجا گهر چمڪڻ لڳي ٿو. هي گرجا گهر دنيا جي مشهور گرجا گهرن ۾ مکيه حيثيت رکي ٿو ۽ گذريل ڇهن صدين دوران گوٿڪ فن جي ڪمال جي علامت طور موجود آهي. اندر جي ڀيٽ ۾ عمارت جي ٻاهرئين طرز تعمير وڌيڪ دلچسپيءَ جي حامل آهي. گهڙيل رنگين پٿر سان عمارت جي اڏاوت نديءَ جي ڪپ تان لطيف ۽ حسين لڳي ٿي. کاٻي طرف چورس دالان وٽان تيرهين صديءَ ۾ ٺهيل گيٽ، جن تي مجسما تراشيل آهن، مثلث (ٽڪنڊن) جي صورت ۾ موجود آهن. ڪنواريءَ ماءُ واري گيٽ تي فلڪياتي جسمن يعني نکٽن ۽ ڪنواريءَ ماءُ جي تاجپوشيءَ جي اڪر ٿيل آهي. آخري فتويٰ واري گيٽ Portal of last judgement جي سنگتراشي ٽن حصن ۾ ورهايل آهي. هڪڙي حصي ۾ متفرق عقيدن جي نقاشي آهي. ٻئي حصي ۾ مسيح عه ۽ سندس مکيه پوئلڳ Apostles ڏيکاريل آهن. ٽيئن حصي ۾ يسوع عه وري جيئرو ٿي فتح حاصل ڪيل نظر اچي رهيو آهي. ساڄي طرف سينٽ ايني جو گيٽ آهي. وچئين گيٽ جي مٿان هڪ شاهي دري ٺهيل آهي. انهيءَ ۾ هڪڙو شاهي شو ڪيس فٽ ٿيل آهي. انهيءَ شيشي جي ڪٻٽ ۾ ڪنواري ماءُ ۽ ٻار جو مجسمو رکيل آهي.

No comments:

Post a Comment