ايشيا جي غريب عورتن سان جپان ۾ ظلم
الطاف شيخ
ڪجهه مهينا اڳ جي ڳالهه آهي ته چين جي هڪ شهر ۾ آيل
جپاني ٽوئرسٽ، هڪ هوٽل ۾ ڪجهه مڪاني (چيني) نابالغ ڇوڪرين سان عياشي ڪندي جهليا ويا.
اها خبر نه فقط اخباري ميڊيا زور شور سان ڏني، پر عورتن جي حقن لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ سوسائٽين
به ان لاءِ آواز بلند ڪيو ۽ ڌارين (جپاني دولتمندن) سان گڏ مڪاني هوٽلن جي چيني مالڪن
کي به خوب ننديو ويو، جيڪي پئسي ڪمائڻ جي لالچ ۾ جپانين لاءِ هن قسم جي عياشي مهيا
ڪن ٿا.
جيتوڻيڪ مٿئين قسم جي عياشيءَ جو سڄو بندوبست لڪ ڇپ
۽ راز ۾ ٿيل هو، پر ڪنهن نموني سان ڳالهه ڦاٽ کائي وئي ۽ ٻنهي ملڪن جي حڪومت لاءِ ڪافي
Embarrassment پيدا ٿي. اهو سڀ ان ڪري جو
اڄڪلهه عورتن جون ڪيتريون ئي Organizations ۽ انساني همدرديءَ جا ادارا ڪافي چوڪس ٿي پيا
آهن ۽ ڪوبه امير، نواب، وڏيرو يا سياستدان سولائيءَ سان نٿو ڦٻجيو سگهي. اڄ جي اخبارن،
انساني همدردي جي ادارن ۽ عورت ذات کي ظلم کان بچاءَ لاءِ ڪم ڪندڙ عورتن جي سوسائٽين
جي الرٽ هجڻ ڪري گهوٽڪي جهڙن ڳوٺن جون ڪمزور شائستائون به پنهنجي حياتي (اڃا تائين
ته) بچائي سگهيون آهن ۽ مٿين ادارن واڌو سندن تعليم کين سگهه ڏني آهي، نه ته اسان جي
هند سنڌ جي جاهل وڏيري توڙي جپان جهڙي تعليم يافته ۽ ماڊرن ملڪ جي امير ۽ فيوڊل لارڊ
اڳيان عورت گهر جي ٻهاريءَ برابر هئي. ستر واري ڏهاڪي تائين جڏهن ته اڃا هانگ ڪانگ،
سنگاپور ۽ ملائيشيا ۽ ويندي ڪوريا به عورت ملڪ هو، جپاني ٽوئرسٽن جا گروپ پئسي جي زور
تي هر ملڪ ۾ کلئي عام عياشي ڪندا ورتا ٿي. جنهن بندرگاهه ۾ به وڃبو هو اتي جون ٽوئرسٽ
ايجنسيون جپانين کي ساڻ وٺي پيون هلنديون هيون. هنن جي عياشيءَ لاءِ هر هوٽل ۽ هر ڪلب
نوجوان ڇوڪريون آفر ڪندو هو. هانگ ڪانگ جهڙن بندرگاهن ۾ ته هنن جي عياشين ۽ فئنٽسين
جي پورائيءَ لاءِ اخبارن ۾ اشتهار ايندا هئا. ايتريقدر جو انهن ٽوئرن جو نالو ئي 'Sex- Tour' پئجي ويو. پوءِ ۱۹۸۰ع
ڌاري جپان ۽ ٻين ملڪن جي عورتن جي حقن لاءِ وڙهندڙ ادارن ان عياشيءَ خلاف آواز اٿاريو.
نتيجي طور ان قسم جي جنسي عياشيءَ جا دورا هاڻ جيتوڻيڪ گهٽ ٿي ويا آهن، پر ساڳي وقت
جپانين جي جنسي بک جي پورائي ڪرڻ ۽ انهن مان پئسو ڪمائڻ لاءِ فلپين، ٿائيلينڊ، ڏکڻ
ڪوريا ۽ ويٽنام جهڙن غريب ملڪن جي عورتن کي ڌتارڻ ۽ Exploit ڪرڻ لاءِ
کين جپان ۾ نوڪري مهيا ڪرڻ جو دلبو ڏنو وڃي ٿو. هنن کي جپان جي آفيسن ۽ ڪارخانن ۾ نوڪريءَ
جو دلاسو ڏئي پوءِ بدپيشو ڪرايو وڃي ٿو. بقول ملائيشيا جي هڪ جرنلسٽ ”مهارياني عثمان“
جي، جيڪا عورتن تي ان ظلم تي ريسرچ ڪري رهي آهي:
"...Infact, the flesh trade has become a giant business in Japan,
running into billions of yen in income annually."
ٽوڪيو جي "Asian Women's Association" مطابق جپان ۾ فحاشيءَ جي ڪم ۾ ڦاٿل عورتن ۾ ۹۰ سيڪڙو اهي آهن، جيڪي ٽوئرسٽ
ويزا تي ڌارين ملڪن کان جپان ۾ اچي پوءِ نوڪري ڪرڻ چاهين ٿيون. انهن ۾ وڏو انگ فلپين
جي عورتن جو آهي ۽ ٻئي نمبر تي ٿائيلينڊ ۽ ڪوريا جهڙن ملڪن جو. جپان جي قانون Immigration Law مطابق ڪوبه بي هنر (Unskilled) پورهيت جپان ۾ ڪم لاءِ اچي نٿو سگهي. تنهن جي معنيٰ ته جپان ۾ ٺهندڙ
عمارتن ۽ ڪارخانن ۾ ڪم ڪندڙ ڌارين ملڪن جا مرد مزدور توڙي مئخانن ۽ نائيٽ ڪلبن ۾ مهمانن
جي خدمت چاڪري ڪندڙ عورتون جپان ۾ غير قانوني طور رهي، نوڪري ڪري رهيون آهن، ڇو جو
اهي Skilled Jobs نه آهن. ٻين لفظن ۾ هو قانون
جي نظر ۾ ڏوهاري آهن. پوليس جي اوچتي ڇاپي لڳڻ تي يا ڪنهن جي به شڪايت ڪرڻ تي هو جيل
۾ موڪليون وڃن ٿيون ۽ ان بعد سندن ئي خرچ تي سندن ملڪ ڏي روانيون ڪيون وڃن ٿيون. هونءَ
حقيقت هيئن آهي ته جپان ۾ نوڪري ڪرڻ هڪ هنرمند (ڪم جي ماهر) لاءِ به ڏوهه آهي. انهن
قانونن ڪري ايشيا جي غريب ملڪن جا غريب ماڻهو- خاص ڪري عورتون پنهنجن جپاني سيٺين جي
رحم و ڪرم تي رهن ٿيون. هو قرض کڻي ڀاڙا ڀري هتي جپان ۾ پئسي ڪمائڻ لاءِ اچن ٿيون،
پر جيئن ته هنن لاءِ نوڪري يا پورهيو ڪرڻ ڏوهه جو ڪم آهي، ان ڪري جپاني مالڪ هنن کي
جنهن ڪم لاءِ به مجبور ڪن ٿا ته هو ان لاءِ راضي ٿيو وڃن، بلڪ هنن کي Black Mail ڪيو وڃي ٿو، ڇو جو ڀڄي وڃڻ تي پوليس کين غير قانوني
طرح جپان ۾ رهڻ جي ڏوهه ۾ جيل حوالي ڪري ٿي. اهڙي ريت اهي عورتون زوري فحاشيءَ لاءِ
مجبور ڪيون وڃن ٿيون. ٻي صورت ۾ هوٽلن ۽ ڪلبن جا مالڪ مٿن طرح طرح جا ظلم ڪن ٿا ۽ مارڻ
ڪٽڻ کان علاوه کين نشي جو عادي بڻايو ڇڏين ۽ پوءِ هو ويچاريون پنهنجيون سڀ ڳالهيون
ڇڏي نشي جي پورائيءَ لاءِ مالڪ جي هر ڳالهه مڃڻ لاءِ تيار ٿيو وڃن.
غريب ايشيائي ملڪن جي مجبور عورتن سان هن قسم جي ظلم
ڪيترين ئي جپانين جي ضمير کي ڌونڌاڙيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ هاڻ جپاني عورتن جون ڪيتريون
ئي تحريڪون ڪم ڪري رهيون آهن، جن مان خاص تحريڪ ”ايشين وومين ايسوسيئيشن“ آهي. ان ايسوسيئيشن
۾ جپاني عورتن سان ڪم ڪندڙ هڪ فلپينو عورت جو چوڻ آهي ته جپان سان گڏ اسان جي ملڪ جي
عورتن جو به ڏوهه آهي، جيڪي ڌارئين ملڪ جي حالتن جو جائزو نه ٿيون وٺن ۽ هر ڳالهه تي
وسهجيو وڃن. هنن کي نوڪري ٿي کپي ته پهرين اهو معلوم ڪن ته جپان جون Working Conditions ڇا آهن ۽ هو پنهنجي حفاظت ڪيئن ڪري سگهن ٿيون ۽ هو
پنهنجو پاسپورٽ ڪٿي رکي سگهن ٿيون؟ ڇو جو ڪيترين ئي حالتن ۾ ظالم سيٺ ۽ ڪلبن جا مالڪ
هنن پورهيت عورتن جا پاسپورٽ پنهنجي قبضي ۾ رکيو ڇڏين ۽ پوءِ هو ڪيڏانهن نڪريو به نه
ٿيون سگهن. هر پورهيت عورت کي Points
of Contacts پاڻ وٽ
رکڻ کپن. جن ماڻهن يا ادارن کي هوءَ وقت بوقت پنهنجو حال ٻڌائيندي رهي يا هو کانئس
پڇندا رهن، جيئن هوءَ سٺي ۽ لڳاتار سار سنڀال هيٺ هجي.
مٿين فلپينو عورت (گلوريا بيلان) ٻڌايو ته جپان ۾ ڪيتريون
ئي اهڙيون فلپينو عورتون رهن ٿيون، جن جا مڙس جپاني آهن. افسوس جي ڳالهه اها آهي ته
في فلپينو عورتون پنهنجي هم وطن غريب عورتن جي مدد ڪرڻ يا کين مشڪل مان بچائڻ بدران
ويتر پنهنجي ملڪ مان غريب ڇوڪرين کي اعليٰ نوڪرين جا ڏٽا ڏيئي جپان ۾ گهرائي هنن کي
غلط ڪم ڪرڻ لاءِ مجبور ڪن ٿيون.
هي ڪم ائين آهي، جيئن لنڊن جي هيٿرو ايئرپورٽ تي پنهنجو
ئي هم وطني ملندو ۽ هڪ نئين آيل سادي ٽوئرسٽ کي گشا پتا ٻڌائي ڦري بي واهي بي مدد بنائي
ويندو. گذريل سال ملائيشيا ۾ رهڻ دوران ڪيترائي پاڪستاني مشڪل حالتن ۾ مليا، جن کي
پنهنجن هم وطنين جيڪي ملائيشيا جا شهري آهن، ملائيشيا ۾ نوڪري ڏيڻ جا ڪوڙا دلاسا ڏئي
کانئن نه فقط وڏو پئسو ڦري فقير بنائي ڇڏيو، پر ملائيشيا پهچڻ تي کانئن پاسپورٽ به
کسي ورتو ۽ هاڻ هنن جي گهڙي پوليس جي ڇاپي کان بچڻ ۽ خوف جي حالت ۾ رهڻ ۾ گذري ٿي
۽ ڪيترا ته ڪوالالمپور جي پودو جيل ۾ پيا آهن.
ايشيا جي غريب ملڪن جي عورتن کي جپان جي ظالم سيٺين،
مالڪن ۽ جسم جو ڌنڌو هلائيندڙ مافيا ٽائپ گئنگسٽرن کان خبردار ڪرڻ لاءِ جپان جي ”ايشيا
وومين ايسوسيئيشن“ (AWA) وارن هڪ سؤ کن صفحن جو ڪتاب انگريزيءَ ۾ ڇپرايو
آهي، جنهن ۾ ڌارين ملڪن کان ايندڙ پورهيت عورتن کي خبردار ڪيو ويو آهي ته جپان ۾ اچڻ
کان اڳ هنن کي ڪهڙي ڪهڙي معلومات رکڻ کپي ۽ ڪهڙا ادارا آهن، جيڪي مشڪلات ۾ هنن جي مدد
ڪري سگهن ٿا. سندن پناهه لاءِ ڪهڙا گهر، مندر ۽ سفارتخانا سندن آڌر ڀاءُ ڪري سگهن ٿا...
وغيره وغيره. هن ڪتاب جو نالو آهي:
Women from across the
sea
(Migrant Workers in Japan)
No comments:
Post a Comment