Wednesday, January 09, 2013

وقت جا پابند ملائيشيا جا ماڻهو - الطاف شيخ


وقت جا پابند ملائيشيا جا ماڻهو
الطاف شيخ
ملائيشيا جي اڌ کن آدمشماري مقامي مَلئي ماڻهن جي آهي ۽ اڌ کن چينين جي آهي، جيڪي سؤ سال کن اڳ چين جي ڏاکڻي صوبي مان روزگار خاطر هن ملڪ ۾ آيا، جيڪو ان وقت ”ملايا“ جي نالي سان سڏبو هو.
چيني ماڻهن جي گهڻائي شهرن ۾ رهي ٿي، هو ٽيڪنيڪل پورهئي جهڙوڪ ويلڊنگ، پلمبنگ، اليڪٽرڪ ۽ ويندي درزڪي، حجامڪي هنرن ۽ بزنيس ۾ تيز آهن. سندن عورتون ۽ ٻار به ساڻن گڏ پورهئي ۾ رڌل رهن ٿا ۽ سادگيءَ ۾ رهي پئسو بچائين ٿا ۽ ڏينهون ڏينهن وڃن امير ٿيندا. ملئي ماڻهو ڳوٺن ۾ رهن ٿا، سندن ائگريڪلچر سان گهڻو واسطو آهي، شادين مرادين ۽ ٻين شوبازين ۽ رسمن رواجن تي گهڻو خرچ ڪن ٿا. مستقبل جو گهڻو نٿا سوچين. صبر ۽ شڪر گهڻو ڪن ٿا. ايئن کڻي چئجي ته توڪلي مڙس آهن. سنڌ کان آيل ڪيترا ٽوئرسٽ يا هتي ملائشيا ۾ نوڪري ڪندڙ اسانجا سنڌي ”ملئي ماڻهن“ کي اڪثر پاڻ سان مشابهت ڏيندا آهن. ظاهري طرح لڳندو به ائين آهي، پر ڪي ڳالهيون اهڙيون آهن، جن تي اڄ به هتي جا ملئي ماڻهو قائم آهن. پر افسوس جو اسان جي سنڌ ۾ اهي ختم ٿينديون وڃن. انهن مان هڪ صبح جو سوير اٿڻ آهي. هونءَ به اُهي ملڪ سوڊان، مصر کان انڊيا (راجستان وارو حصو) ۽ ڪينيا وغيره جهڙا، جتي سخت گرمي ٿئي ٿي، اُتي کيتن جو ڪم منهن اونداهيءَ کان شروع ڪيو وڃي ٿو ۽ صبح جو سوير اٿڻ لاءِ رات جو هر ڪو جلدي سمهي رهي ٿو. پر اسان وٽ شهرن توڙي ڳوٺن ۾، اسانجا ماڻهو رات جو دير تائين ٿا جاڳن. توهان کي هوٽلن تي ڪچهري ڪندي نظر ايندا يا گهرن ۾ مرد توڙي عورتون ٻارن سميت ٽي ويءَ اڳيان ويٺل نظر ايندا. پوءِ صبح جو سوير هنن جي اک ڪيئن کلي؟

منهنجو ته پنهنجي ڳوٺ يا سنڌ جي ٻين شهرن ۾ ڪڏهن ڪڏهن ٿو وڃڻ ٿئي. هن ڀيري به ڳوٺ جي ٻن ٽن گهرن ۾ ويس ته جوان ڇوڪرا  جيڪي ڪاليج جا شاگرد آهن، اڱڻ ۾ ستا پيا هئا. ڏهه يارهن جو وقت هو، اڌ اڱڻ  اس سان ڀرجي ويو هو، مکين پئي منهن پٽين، پر هي منهن کي چادر سان ڍڪي موالين وانگر وري جھوٽن ۾ هليا ويا ٿي. منهنجي پڇڻ تي مائرن کين پَٽي اٿاريو. پڇيومان،’ بابا ڪاليج ٻاليج ناهي وڃڻو ڇا؟‘ هر هڪ هن قسم جا Stereo ٽائيپ جواب ڏنا ٿي.
’انڪل پڙهائي ٿئي ڪانه ٿي. ليڪچرار ئي نٿا اچن‘ وغيره وغيره.
ڳوٺ ۾ جتي اسانجو اباڻو گهر آهي، اهو بيحد ڳتيل علائقو آهي. جيڪو وقت مون ڳوٺ ۾ گذاريو، مسجدن ۾ فجر نماز تي ڪا هڪ ڏيڊ صف ٿيندي هئي. حيرت جي ڳالهه اها آهي ته اڄ جڏهن ماڻهن جو تعداد وڌي ويو آهي، صبح جو سوير اٿي فجر تي اوترائي ماڻهو اچن ٿا. فرق فقط اهو آهي ته اڳ ننڍا وڏا پوڙها جوان نظر ايندا هئا، هينئر پوڙهن جي گهڻائي آهي. جوان اٽي ۾ لوڻ برابر آهن ۽ اسان جي ٽين ايجرن کي مکيون پيون پٽين.
هيڏانهن ملائيشيا جي ڳوٺن توڙي شهرن ۾ چيني ته سوير ٿا اٿن پر ملئي ماڻهو به. ملئي ماڻهن کي ڀلي کڻي اسان سست چئون، پر هو سج اڀرڻ کان اڳ اٿن ٿا ۽ سمهن به سوير ٿا. عِشاء جي نماز پڙهي نائين ساڍي نائين تائين سمهي رهن ٿا. وڏو ڇيهه ته ڏهين تائين جاڳندا ۽ ٻارن کي ته اٺين بجي ئي بستر تي موڪليندا، جنهن لاءِ بار بار ٽي وي تي پٽي پئي هلندي آهي ته اٺَ ٿيڻ وارا آهن، ٻارن کي سمهاري ڇڏيو. اسان وٽ ٻارن جا ڪيترا پروگرام، ڪارٽونن سميت رات جو يارهين بجي به پيا ايندا! ڇا ته ظلم جي حد آهي. پر هتي ملائيشيا، جپان ويندي ايران ۾ ٻارن جا پروگرام صبح جو سوير ايندا، يا شامَ جو پنجين ڇهين بجي ڌاري. ايران ۾ به ٻار سوير سمهن سوير اٿن. صبح جو ستين بجي ئي مارڪيٽون کليو وڃن ۽ آفيسن ۾ ڪم ڪرڻ وارا سوير ئي گهر لاءِ سيڌو سلف خريد ڪري پوءِ آفيس وقت تي پهچن.
خط استوا جي ويجھو هجڻ ڪري، ملائيشيا ۾ ٻارهوئي هڪ ئي وقت تي سج اڀري ۽ لهي ٿو. ڏينهن رات هڪ جيڏو ٿئي. ٻارهوئي هڪ ئي موسم ٿئي. صبح جو ٻارن جا اسڪول سوير ئي کلن ۽ ننڍا ننڍا ٻار منهن اونداهيءَ ۾ اسڪول ڏي ويندا نظر اچن. ستين بجي اسڪول جا دروازا بند ٿيو وڃن ۽ پوءِ هڪ منٽ دير سان آيل ٻار کي به اندر اچڻ نه ڏين. ان ڊپ کان هر ٻار وقت اندر پهچيو وڃي. اها سختي جپان توڙي يورپ جي ملڪن ۾ ته آهي ئي آهي پر هتي اسان ملائيشيا جي ڳالهه ٿا ڪريون، خاص ڪري هتي جي ملئي ماڻهن جي، جن لاءِ اسان چئون ٿا ۽ گهڻي ڀاڱي حقيقت به آهي ته طبيعت ۽ مزاج ۾ اسان سان ملن ٿا. بلڪل ملن ٿا پر هو ڪجهه سٺين ڳالهين ڪري گهڻو خوشحال، پُرسڪون، تعليم يافته ۽ صحيح سياسي سوچ رکندڙ آهن. هو تعليم کي اهميت ڏين ٿا. اهو چوڻ کڻي صحيح نه هجي ته هو سٺا مسلمان آهن جو ڳوٺن ۾ رهندڙ سڀ ملئي مسلمان نه آهن. چيني ۽ انڊين تامل به آهن. ان ڪري اهو چوڻ ۾ ته ڪا غلطي نه ٿيندي ته هو سٺي اخلاق جا مالڪ آهن. چوري چڪاري، گلا غيبت، نشو پتو ۽ ٻين براين کان پاسو ڪن ٿا. اسان جي ڳوٺن ۾ به ڪنهن زماني ۾ اهي شيون نه هيون. اڄ کان اڌ صدي کن اڳ، اسان جي ڳوٺ ۾ ٻيڙي ڇڪڻ يا مٿو اگھاڙو ڪري هلڻ به بداخلاقي سمجھيو ويو ٿي. اڄ اسان جي ڳوٺ جو ڇا حال آهي! ڪنهن ڏاهي چيو ته انهن سڀني براين جي پاڙ رات جو دير تائين جاڳڻ آهي. ملئي ڳوٺ جي هڪ عالم چيو ته ”جيسيتائين سندس ڳوٺ جا ماڻهو سج اڀرڻ کان اڳ اٿندا رهندا، هي ڳوٺ براين کان بچيل رهندو“
جپان ۾ جيڪي جپاني ماڻهن جي پاڙن ۾ رهيا هوندا، انهن کي خبر هوندي ته جپاني ٻار هفتي جا اسڪول وارا پنج ڏينهن ته صبح جو سوير اٿن ٿا، پر ڇنڇر ۽ آچر ڏينهن به هنن کي دير تائين سمهڻ لاءِ نٿو ڇڏيو وڃي. گهٽيءَ جي سڀني ٻارن کي، اهي ٻه ڏينهن صبح جو سوير ٻاهر نڪري، گهٽيءَ جي ليڊر جي چوڻ مطابق ڪا راند يا پي ٽي ڪرڻي پوي ٿي ۽ پنهنجي ڪاپيءَ تي هن کان صحيح وٺي، سومر ڏينهن ڪلاس ٽيچر کي ڏيکارڻو پوي ٿو ته آئون موڪل وارن ڏينهن تي به سوير اٿيس.“ سوير سمهجي سوير اٿجي، اول ڌڻيءَ جو نالو ڳنهجي،“ جهڙا بيت ۽ چوڻيون اسان وٽ آهن، پر عمل ٻين ملڪن جا ماڻهو پيا ڪن.
اسان جي ماڻهن جي دير سان اٿڻ واري ڪلچر بابت معلوم ڪري، هڪ جپاني جهازران چيو ”توهان مسلمانن لاءِ ته هونءَ به فجر نماز جي ڪري سج اڀرڻ کان اڳ اٿڻ ضروري آهي. توهان رڳو ان تي عمل ڪريو ته توهان جو ملڪ ۽ قوم الائي ڇا ٿي وڃي.“
اسان جي ڏينهن کان وٺي يعني ۱۹۶۳ع ۾ جڏهن هيءَ مئرين اڪيڊمي چٽگانگ (هاڻ بنگلاديش) ۾ کلي هئي ته ان وقت کان هر هڪ کي فجر نماز کان اڳ اٿاريو وڃي ٿو. ان بعد پي ٽي، عمارت جي ڪلين شپ، پريڊ ۽ پوءِ ڪلاسز شروع ٿين ٿا. بهرحال اڪيڊمي ڇڏڻ واري مورو پاسي جي هن ڇوڪري کان پڇيم ته؛ ”پٽ! ڀلا تون گهر ۾ ڪنهن وقت اٿندو هئين؟“ ته هن وراڻيو؛ ”ڏهين يارهين ڌاري.“ واقعي اهڙي دير سان اٿڻ واري عاديءَ لاءِ صبح جو ڇهين بجي اٿڻ ڏکيو ڪم ٿيو. سندس روم ميٽ جيڪو جهلم پاسي جي ڪنهن ڏورانهين ڳوٺ جو هو ۽ هو بيحد خوش نظر اچي رهيو هو،  تنهن کان پڇيم ته؛ ”هتي ٿو مزو اچئي يا پنهنجي گهر؟“ ته هن وراڻيو ته؛ ”هتي!“ ۽ ان  جو سبب هن اهو ٻڌايو ته؛ کيس هتي دير سان يعني ڇهين بجي اٿڻو پوي ٿو. ڳوٺ ۾ کيس فجر کان به گهڻو گهڻو اڳ اٿڻو پيو ٿي ۽ پيءُ سان گڏ ميل کن پري کان گهر لاءِ پاڻي ڀري اچڻو پيو ٿي ۽ پوءِ فجر نماز پڙهي، نيرن ڪري ٻه ميل کن پنڌ جا ڪري شهر جي ڪاليج ۾ وڃڻو پيو ٿي. شامَ جو به راند ڪرڻ بدران پيءُ کي ڪم ۾ مدد ڪرڻي پئي ٿي. اڄ اهو نينگر ڪويت شپنگ ڪارپوريشن ۾ جهازن جو مشهور ڪئپٽن آهي.

No comments:

Post a Comment