ڪينجهر ڍنڍ تي بحال ٿيندڙ
رونقون
لياقت راڄپر
دنيا ۾
هن وقت انسانن جي مصروفيات ۾ وڏو اضافو ٿي ويو آهي. جنهن ڪري انهن کي پنهنجي ذهن ۽
جسم کي سڪون ڏيڻ لاءِ تفريح جي سخت ضرورت پئي ٿي. ترقياتي ملڪن ۾ تفريح لاءِ حڪومتن
پراڻن تاريخي هنڌن جي سنڀال ڪري ۽ نون تفريحي ماڳن کي جوڙي سنواري دنيا مان ايندڙن
لاءِ گهمڻ ۽ تفريح جو سامان مهيا ڪن ٿا جن مان ملڪن کي مالي فائدو به حاصل ٿئي ٿو.
هاڻي سٺي ڳالهه اها آهي ته پاڪستان ۾ به مالي تفريحي ماڳن کي بهتر بڻائڻ لاءِ انهن
تي ڌيان ڏنو پيو وڃي. جنهن ۾ پنجاب حڪومت سڀ کان اڳڀري آهي. جڏهن کان سنڌ ڪلچر محڪمي
کي سائين سردار علي شاهه سنڀاليو آهي ان ۾ ڪافي بهتري آئي آهي.
ڪن
دوستن طرفان ڪينجهر ڍنڍ تي هلندڙ تفريحي ۽ ترقياتي ڪمن ۾ نواڻ ۽ بهتريءَ جو ٻڌي
آئون به صحافي دوستن سان گڏ جنهن ۾ فدا جيسر، اعجاز قاضي ۽ ذوالفقار راڄپر شامل
آهن ڪينجهر ڍنڍ ڏانهن نِڪري پيس. ڪينجهر ڍنڍ جي انچارج اسان جي آجيان ڪئي ۽ اسان
کي هڪ هٽ ۾ وٺي ويو جتي مان پهريان به ويو هيس پر هن ڀيري ٻاهران ۽ اندران وڏي
تبديلي نظر آئي. جيڪا اکين ۽ دل کي فرحت ڏيڻ لڳي. هن ۾ ٻاهران نوان رنگ ٿيل هئا ۽
جيڪي هٽ خراب هيا انهن جي مرمت جو ڪم تيزي سان جاري هو. جنهن ماڻهوءَ کي انچارج
رکيو ويو آهي ان جو تعلق ڪراچي سان آهي ۽ هو اردو ڳالهائڻ وارو آهي پر هن ۾ اها
خوبي نظر آئي ته هو سڄو وقت ڪينجهر کي اچڻ وارن لاءِ اڃا وڌيڪ پرڪشش ٺاهڻ لاءِ ڪم
۾ رڌل رهي ٿو. اسان جي فرمائش تي هن اسان لاءِ هڪ عدد مڇي فرائي، دال ۽ ڀينڊين جي ڀاڄي
تيار ڪرائي هئي. مڇي ته پنهنجي جاءِ تي لذيذ هئي پر دال منڱن جي اهڙي ته ٺهيل هئي
جو اسان ان کي هڪدم کائي وياسين ۽ پوءِ باقي سبزي ۽ مڇي کائي پوري ڪئيسين.
اسان سڌو
ريسٽورينٽ وياسين جتي هڪ نئون ڪُڪُ رکيو ويو آهي. جيڪو کاڌي پچائڻ جو ماهر آهي،
ريسٽورينٽ جي مرمت ڪري ان کي بهتر ٺاهيو ويو آهي. فرنيچر نئين ڊزائين جو لڳي پيو. ڪراڪري
بهتر هئي ۽ کاڌي ۾ ڪم ايندڙ سامان هر روز تازو ورتو وڃي ٿو. هي تبديليون ايس ٽي ڊي
(سنڌ ٽوئرزم ڊولپمينٽ ڪارپوريشن) جي ايم ڊي روشن قناصرو جي هدايتن تي ڪيون ويون
آهن. جنهن جو چوڻ آهي ته ڪينجهر ڍنڍ نه صرف پاڪستاني ماڻهن لاءِ گهمڻ جو هنڌ آهي
پر هتي ٻاهرين ملڪن کان به ٽوئرسٽ اچن ٿا جن کي بين الاقوامي معيار ڏيڻ لاءِ محنت ڪئي
پئي وڃي.
هاڻي ڪينجهر
تي ماحولياتي فضا پهريان کان تمام گهڻي سٺي ٿي وئي آهي. جنهن ڪري اتي گهمڻ لاءِ
ايندڙ ماڻهو رات به اتي گذارين ٿا. هٽسHuts ۾ هر ماڻهو نٿو رهي پر ٻاهر
ٺهيل لان کي بهتر بڻائي اتي ويهڻ لاءِ بينچون نئين انداز سان Fix
ڪيون ويون آهن. اڪثر ڪراچي ۽ حيدرآباد کان ايندڙ فيمليون
رات جو دير سان پنهنجن شهرن ڏانهن روانيون ٿي وڃن ٿيون. ڪينجهر تي ۽ ان جي چئني
طرفن ڏانهن امن و امان جو ماحول آهي ۽ پوليس جي نظرداري رهي ٿي پر جڏهن ڪو ٻاهرين
ملڪ کان ماڻهو اچي ٿو ته انهن جي حفاظت لاءِ اتي پوليس موجود رهي ٿي.
ڪينجهر
ڍنڍ حقيقت ۾ ايريگيشن وارن جي ملڪيت آهي پر ان کي ٽوئرزم ڪارپوريشن، Lease تي ورتو آهي ته جيئن ان جي سار سنڀال به ٿي سگهي ۽ ماڻهن کي تفريح
به ملي. حڪومت سنڌ اهو وچن ڪيو آهي ته هاڻي هو سنڌ اندر موجود ماڳن مڪانن ۽ تفريح
گاهن جي سار سنڀال رکندي ته جيئن سنڌ جي تهذيب کي بچائي سگهجي. الله ڪري هنن جو
اهو ارادو قائم رهي نه ته سنڌ ۾ رهندڙن لاءِ ڪجهه به نه بچندو ڇوجو هر ملڪ ۽ قوم
جو سرمايو ان جو ماضي ۽ سڃاڻپ پيدا ڪندڙ ماڳ ۽ مڪان هوندا آهن.
هٽسHuts
۾
جيڪي سهولتون آهن انهن ۾ هڪ ايئرڪنڊيشن، فرج، واش روم جنهن جي صفائي هر ۸
ڪلاڪن کانپوءِ ڪئي وڃي ٿي ۽ پاڻي جي سپلاءِ ۾ ڪا به رڪاوٽ
نه آهي. هنن سهولتن جي عيوض رهندڙن کي ۸ هزارن کان ڏهه هزار ڏيڻا پون ٿا. جنهن جو مدو ۲۴
ڪلاڪ آهي. هن کان علاوه ڪينجهر جي ڀرپاسي ايريگيشن جو
ريسٽ هائوس ۽ آرمي وارن جو ريسٽ هائوس پڻ موجود آهن جتي به محڪمن جا آفيسر ۽ ٻيا
اچي رهن ٿا.
پهريائين
جڏهن منهنجو هتي اچڻ ٿيو هو ته ان وقت عام ماڻهن جي لاءِ جيڪي Lavatories هئا انهن جي حالت چڱي نه هئي پر هاڻي انهن جي مرمت ڪري ۽ اضافو ڪري
وڌيڪ سهولتون ڏنيون ويون آهن. هڪ نئين ڳالهه جيڪا سڀني کي ڏاڍي پسند آئي اها آهي
مسجد جو قيام. جيڪا جلد مڪمل ٿي ويندي. ماڻهو گهمڻ کانپوءِ جڏهن ٿڪجي پون ته لان ۾
رکيل نئين ٺهيل بئنچن تي ويهي ٿڪ ڀڃن. لان ۾ خوبصرت رنگ برنگي گل ۽ ٻوٽا لڳايا پيا
وڃن. ڪينجهر تي موسم جي حوالي سان پاڻي جي گهرائي وڌائي ۽ گهٽائي ويندي آهي.
اونهاري ۾ ۲۰ فوٽ ۽ سياري ۾ ۳۰ فوٽ پاڻي گهرو رهي ٿو.
ڪينجهر
جي چوڌاري وڻن جي انگ ۾ اضافو ڪيو ويو آهي ۽ هر طرف ساوڪ نظر اچڻ شروع ٿي وئي آهي.
ڪينجهر جيڪا ڪجهه صدين کان مٿي پاڻيءَ جي ڍنڍ آهي جتي ڪنهن زماني ۾ سوين ۽ هزارين ڳوٺ
آباد هئا ۽ اهي ڏاڍا خوشحال هئا. ڇاڪاڻ جو مڇي وڏي تعداد ۾ مرندي هئي ۽ اها
خوشحالي ڏسي سنڌ جي ٻين علائقن مان به ميربحر هتي لڏي آيا هئا جيڪي بعد ۾
ماحولياتي گدلاڻ ۽ ٻين سببن جي ڪري مڇيءَ جي گهٽتائي ڪري واپس هليا ويا آهن.
ڪينجهر
کي رامسر Ramseur سائٽ ڊڪليئر ڪيو ويو
آهي ۽ ان کان علاوه ۱۹۷۷ع ۾
وائلڊ لائيف سنڌ طرفانBiro سينڪچر پڻ اعلان ٿيل آهي.
هيءَ ڍنڍ ۲۴ ڪلوميٽر
اسڪوائر ڊگهي ۽ ۶ ڪلوميٽر
اسڪوائر ويڪري آهي. هتان ڪراچي کي به پاڻي ڏنو وڃي ٿو. ڪنهن زماني ۾ سونهري ڍنڍ کي
به هن ڍنڍ سان ملائي هڪ ڪيو ويو هو. پر افسوس جو گذريل وقت ۾ هن ڍنڍ تي ڪو خاص ڌيان
نه ڏنو ويو ۽ اُتي هڪ وڏي تعداد ۾ پرديسي پکي ايندا هئا پر ڪينجهر تي ڌيان نه ڏيڻ ڪري
ان ۾ ماحولياتي گدلاڻ پيدا ٿي وئي. شڪار وڌي ويو ۽ پاڻيءَ جي کوٽ ٿي جنهن سبب
پرديسي پکين جي آمد به گهٽجي وئي ۽ مڇيءَ جي پيداوار ۾ به گهٽتائي ٿي وئي.
هاڻي
وري ڪينجهر جي ترقي ۾ ڌيان ڏنو پيو وڃي. جنهن سان وري ڪينجهر جي موج موٽڻ جي اميد
آهي. جڏهن ڪينجهر ڍنڍ جي اندر سير ڪجي ٿو ته پاڻيءَ جون موجون ٻيڙيءَ ۾ سوار ماڻهن
کي لوڏي ٿيون ڇڏين ۽ خاص ڪري ان وقت ڏاڍو خوف ٿيندو آهي جڏهن وچ ڍنڍ ۾ ٻيڙيءَ تان
لهي نوريءَ جي قبر تي وڃبو آهي. ڇاڪاڻ ته اتي ٺهيل ڏاڪڻ خاص مضبوط نه آهي ۽ ٽوئرزم
وارن جو چوڻ آهي ته انکي مضبوط ٺاهڻ لاءِ هڪ منصوبو زير غور آهي. ڪارپوريشن طرفان
هاڻي پرائيويٽ ٻيڙن وارن کي سختيءَ سان چيو ويو آهي ته هو مقرر حد کان وڌيڪ ماڻهو
پنهنجي ٻيڙيءَ تي سوار نه ڪن. جنهن جي باقائده نگهداشت ڪئي پئي وڃي. جڏهن ته ٽوئرزم
ڪارپوريشن طرفان به اسٽيم بوٽ ورتيون ويون آهن. جنهن جي سروس جلد شروع ڪئي ويندي.
اڪثر
اخبارن ۾ اهي خبرون لڳنديون هيون ته ٻيڙيءَ ۾ حد کان وڌيڪ ماڻهن ويهارڻ ڪري ٻيڙي
اونڌي ٿي پئي ۽ ڪجهه سوار ٻڏي ويا انهن کي روڪڻ لاءِ هڪ ته سوار ٿيڻ وارن کي Lifebuoy پارايا وڃن ٿا ۽ ٻيو ڪنهن حادثي جي صورت ۾ اتي ٽوٻا موجود آهن. جيڪي
هڪدم ڪارروائي ڪري جانيون بچائي سگهندا. هن ڏس ۾ هڪ Rescue مرڪز قائم ڪيو پيو وڃي جتي هر گهربل سهولت رکي ويندي.
مڇيءَ
جي نسل کي وڌائڻ لاءِ ڍنڍ جي ڀرسان هڪ Hatchery قائم ڪئي وئي آهي. جتي مڇي جو ٻج رکيو وڃي ٿو جنهن کي بعد ۾ ڍنڍ ۾
ڇڏيو وڃي ٿو. جڏهن مڇي شڪار جي سائيز تي پهچي ٿي ته ان جي شڪار جو ٺيڪو ڏنو وڃي ٿو.
ڪجهه وقت اڳي ڍنڍ ۾ ڪجهه اهڙين مڇين جو نسل اچي ويو هو جيڪي ٻيون مڇيون کائي پئي
ويون جنهن کي ختم ڪيو ويو آهي. ان کان علاوه هڪ اهڙي مڇيءَ جي نسل کي به هتي وڌو
ويندو جنهن جي خوراڪ اهو گاهه آهي جنهن ۾ مڇي ڦاسي پئي ٿي ۽ موت جو شڪار ٿي وڃي ٿي.
حفاظتي
قدم کڻندي هاڻي ڪينجهر ۾ ٽيوب ويل تي ويهي وچ گهرائي ۾ وڃڻ تي پابندي لڳائي وئي
آهي. جنهن سان حادثن ۾ گهٽتائي ٿي آهي. جڏهن ته ڍنڍ ۾ ماڻهو منرل پاڻي جون بوتلون،
جوس جا دٻا ۽ کاڌي واريون ٿيلهيون ڦٽي ڪندا هئا جنهن سان نه صرف گندگي ٿيندي هئي
پر مڇيون پڻ مري رهيون هيون هاڻي اهڙين عملن کي روڪيو ويو آهي. پر پوءِ به ٿورو گهڻو
جيڪو گند ٿي وڃي ٿو ان کي صاف ڪرڻ لاءِ ڳوٺن جي ڇوڪرن کي ڪجهه پئسا ڏئي ڍنڍ کي صاف
ڪرايو وڃي ٿو.
ڳالهه ٻولهه
دوران اها خبر پئي ته جيڪي حيدرآباد کان ڪٽنب ڪينجهر اچن ٿا اهي گهڻي قدر ڇنڇر
واري ڏينهن کي ترجيح ڏين ٿا جڏهن ته ڪراچي وارا آچر جي ڏينهن کي وڌيڪ بهتر سمجهن ٿا.
فيملي وارا پاڻ سان گڏ کاڌو پچرائي کڻي ايندا آهن. سفر دوران يا وري ڪينجهر تي
ميوزڪ ٻڌڻ ۽ سيلفيون ڪڍڻ ۾ مشغول رهن ٿا. جيڪي فيمليز هتي رهي پون ٿيون انهن جي
حفاظت لاءِ سيڪيورٽي گارڊ رکيل آهن. جڏهن ته پوليس پڻ گشت ڪندي رهي ٿي. ڪينجهر تي
آيل مهمانن لاءِ گهر جهڙو ماحول پيدا ڪيو ڪيو ويو آهي. پهريائين بجليءَ جي لوڊشيڊنگ
ڪري ماحول ۾ مايوسي ڪئي ويندي هئي پر هاڻي هڪ وڏو جنريٽر لڳايو ويو آهي ۽ ان کان
علاوه سولر سسٽم تي به بجليءَ جي گهرج پوري ڪئي وڃي ٿي. جڏهن ته پيئڻ جي پاڻيءَ جو
مسئلو به حل ٿي ويو آهي. جنهن لاءِ معياري قسم جا فلٽر لڳايا ويا آهن ۽ ڍنڍ جو پاڻي
فلٽر ڪري استعمال ڪيو پيو وڃي. اميد ٿي ڪجي ته ههڙي قسم جي ترقي سنڌ جي هر ماڳ مڪان
۽ تفريحي هنڌن تي ڪئي ويندي جنهن سان اسان پنهنجي تاريخي ورثن کي نه صرف بچائي ۽
محفوظ ڪري سگهنداسين پر ٻاهران ايندڙن کي سنڌ جي تهذيب ۽ ثقافت کان واقف ڪندا
رهنداسين ته سنڌ ڪيڏي ته شاهوڪار ۽ مهذب هئي ۽ آهي. هن لاءِ مان وري به سنڌ جي
انهن ماڻهن کي عرض ڪندس جيڪي اقتدار ۾ آهن، روشن خيال آهن، ادب ۽ صحافت سان لاڳاپيل
آهن يا وري طاقتور آهن. ڇو جو اسان جي سڃاڻپ ماڳن، مڪانن ۽ ورثن سان آهي. اسان جا
ماڻهو پئسي کان وڌيڪ پنهنجي عزت ۽ وقار کي اهميت ڏيندا ۽ هنن شين جي حفاظت ڪرڻ
لاءِ پاڻ پتوڙيندا.
No comments:
Post a Comment