Thursday, June 27, 2019

گهمو ڦرو ۽ صحتمند زندگي گذاريو - عبدالله عثمان مورائي


گهمو ڦرو ۽ صحتمند زندگي گذاريو
Notes from Europe
عبدالله عثمان مورائي
زندگي جي هن سفر ۾ هن دنيا جو سفر ڪرڻ تمام ضروري آهي. مون پنهنجي وس آهر ڪوشش ڪئي آهي ۽ ان ڳالهه تي عمل به ڪيو آهي ته گهڻي کاڌي کان گهڻو ڏٺو چڱو آهي. اهي پهاڪا صدين جي شعور جو نچوڙ هوندا آهن. هونءَ به چوڻ وارن سچ چيو آهي ته ماڻهوءَ کي ڦٻي رڳو اهو ٿو جيڪو ان هن دنيا ۾ کاڌو پيتو، پاتو ۽ چوڙيو، خير خيرات ڪئي يا گهميو ڦريو، باقي رکيو مال پرائو ۽ الائي ڪنهن جو آهي.


جڏهن جُون ۽ جولاءِ جا مهينا ايندا آهن ۽ مُون سُون جا مينهن وسندا آهن ته مون سميت منهنجي وڏي ڀاءُ فاروق فيروز ميمڻ، ڀائو غلام رسول سومرو ۽ اسان جي ڪجهه ٻين دوستن جي ڪيفيت ڏسڻ وٽان هوندي آهي. لڳندو ائين آهي ڄڻ اسان کي ڪا شيءِ پاڻ طرف ڇڪي رهي آهي. پنهنجي آسپاس جي ماحول مان بيزاري ٿيڻ شروع ٿي ويندي آهي، جيستائين اسان جي سفر شروع ٿيڻ جو ڏينهن اچي، تيستائين مورو باءِ پاس تان راولپنڊي طرف ويندڙ هر ڪوچ اسان کي چٻرا ڏئي گذري ويندي آهي، تان جو اهو ڏينهن به ايندو آهي جڏهن اسان پنهنجا ٿيلها کڻي مورو باءِ پاس يا نوابشاهه جي ريلوي اسٽيشن تي پهچندا آهيون. پهرين منزل پنڊي هوندي آهي.
پنڊي جو پير وڌائي اڏو ٻين لاءِ ڀلي عام رواجي بس جو اڏو هجي پر اسان جي لاءِ ان جي اهميت ٻي آهي. پير وڌائي اڏي تان نڪرندڙ ناٽڪو جون بسون يا ڪوسٽر جن جي منزل گلگت يا اسڪردو هوندي آهي، اسان لاءِ وڏي اتساهه جو سبب هونديون آهن. اصل ۾ اسان جي سفر جي شروعات اتان کان ٿيندي آهي. ان شيءِ طرف وک جيڪا اسان کي پاڻ ڏانهن ڇڪي رهي هوندي آهي. تنهن دؤر ۾ انهن ڪوسٽرن ۾ پاڪستاني سياحن سان گڏوگڏ دنيا جي ٻين ملڪن جا سياح پڻ سوار ٿيندا هئا. ڪوسٽر جيئن پنڊي ڇڏيندو آهي، تيئن تيئن اسان جو اتساهه وڌندو ويندو آهي. کل ڀوڳ، ننڊ جا هلڪا جهوٽا، ٻاهرين دنيا جي سياحن سان سندن ملڪن جي باري ۾ سوال جواب، مينهَن جو لاڳيتو پيڇو ڪرڻ، روڊ سان لائين وارين هوٽلن ۾ ڪڙڪ پتي چانهه جا مزا، تندور جي گرم گرم ماني، موسم جو ڪجهه بهتر ٿيڻ، پسيل روڊ کي ڪوسٽر جو چيري لاڳيتو پنهنجي منزل طرف اڳتي وڌڻ، گڏوگڏ اهو ڊپ به ته متان لينڊ سلائيڊنگ جي ڪري روڊ نه بند هجي ۽ ان سان گڏوگڏ اهو خيال به ته منزل تي پهچڻ کانپوءِ الائي ڪهڙي هوٽل ملندي، سچ پچ ته اهو هڪ وڏو اتساهه هوندو هو ۽ پڙهڻ کانپوءِ ڪڙهڻ ۽ ٺرڻ جو موقعو پڻ. هاڻي جنهن کي ڳالهه دل سان لڳي.
اسڪردو يا گلگت پهچڻ کانپوءِ هڪ ٻه ڏينهن اتي گذارڻ کانپوءِ وري اصل ائڊوينچر شروع ٿيندو هيو. معنيٰ انهن علائقن ڏانهن روانگي جتي عام سياح هرو ڀرو نه ويندو آهي، پوءِ ڀلي اها ديوسائي پلينس هجي يا واديءِ خپلو هجي، استور هجي يا فيري ميڊوز هجي، نانگاپربت جي بيس ڪيمپ هجي يا رائيڪوٽ پل هجي، هنزه هجي يا خنجراب پاس هجي يا کڻي شندور جو ميلو هجي يا اتي پولو جي راند هجي. رنگ برنگي خيمن جون وقتي طور تي قائم ٿيل بستيون سچ پچ ته زندگيءَ ۾ سڄي عمر ذهنن تي سوار هجن ٿيون. ماڻهو انهن کي ياد ڪري هڪ سڪون محسوس ڪري ٿو ۽ ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي منهن کلي به ٿو ته ماڻهو پنهنجي زندگيءَ ۾ چاهي ته ڪٿي ڪٿي پهچي وڃي ٿو.
پاڪستان جا اتريان علائقا واقعي به جنت نظير آهن. مان سمجهان ٿو ته جن علائقن ۾ ماڻهو آسانيءَ سان پهچي وڃي ٿو، انهن علائقن جي اهميت شايد ڪجهه گهٽ هجي ٿي، جيئن يورپ ۾ ماڻهو آسانيءَ سان سفر ڪن ٿا ۽ تقريبن هر جاءِ تي آسانيءَ سان پهچيو وڃي، ان جي ابتڙ پاڪستان جي اترين علائقن تائين ماڻهوءَ کي وڏي جستجو ڪرڻي پوي ٿي ۽ اصل مزو انهيءَ جستجو ڪري گهمڻ ۾ ئي اچي ٿو. ديوسائي پلينس تي ايترا ته قدرتي گل آهن، جن جا نالا ئي ناهن، اتان جي ماڻهن جي اها خواهش آهي ته انهن تي ڪاش اسان ڪي نالا رکي سگهون. اتي جُون جولاءِ جي مهينن ۾ به برف پوڻ جو انديشو هوندو آهي ۽ ڪن ڪن جگهين تي ته برف پيل به هوندي آهي. اتي وڻ بنهه ڪونه ٿين، ڇاڪاڻ ته اتي ايتري ته ٿڌ ۽ برف ٿي پوي جو وڻ پاڻ کي سنڀالي نه سگهندا. آسپاس جي جبلن جي اوچائي به گهٽجيو وڃي، ڇو جو ديو سائي پلينس پاڻ ايترو مٿي آهي. ماڻهو اتي پنهنجن خيمن ۾ رهي به سگهن ٿا پر اتي رڇن جو خطرو رهي ٿو. ديوسائي پلينس تي ڇوٽا پاڻي، بڙا پاڻي ۽ ڪالا پاڻي جا وهڪرا وهي اچن ٿا، جن مان ٽرائوٽ مڇي جو شڪار پڻ اتي ٿئي ٿو. شيوسر ڍنڍ تمام سهڻي آهي، جيڪا جبلن جي وچ ۾ هڪ پيالي نما لڳي ٿي. ديو سائي پلينس تي ماڻهو اسڪردو کان وڃي ٻئي پاسي گهمندو ڦرندو پوءِ چلم چوڪي کان ٿيندو استور ۽ ترشنگ جي شهرن ۾ هيٺ لهي سگهي ٿو.
هڪ دفعي آءٌ، ڀائو فاروق ۽ اسان جا دوست محمد علي ميمڻ ۽ وحيد ميمڻ نانگا پربت جي بيس ڪيمپ تان رائيڪوٽ گليشئر کان ٿيندا واپس فيئري ميڊوز پئي آياسين جتي اسان جا خيما کوڙيل هئا، اسان کي اتي گليشئر تي اچي بک ورايو، پوءِ اسان جو گائيڊ خان شير خان اسان کي اتي ڇڏي پاڻ سندس ڳوٺ، جيڪو گليشئر جي مٿان پهاڙيءَ تي ئي هيو ويو ۽ اسان لاءِ ماني ۽ ٻڪريءَ جي کير جي لسي کڻي آيو، جيڪا ان وقت ارڙهن ويهن سالن جي ڇوڪرن لاءِ نعمت کان گهٽ نه هئي. اسان اتان پوءِ واپس دير سان شام جو اچي فيئري مئڊوز پهتاسين، جتي اسان جا ٻيا دوست منظور ميمڻ، اظفر ميمڻ ۽ اسان جي سفرن جو تمام پيارو ساٿي ۽ دوست فيروز ميمڻ اڳ ۾ ئي ترسيل هئا، جيڪي ٿڪاوٽ جي ڪري بيس ڪيمپ واري پاسي نه هلي سگهيا هئا ۽ اتي باهه جي مچ جي چوڌاري ٻاهرين ملڪن ۽ ڪجهه پاڪستاني اسان جي عمر جي سياحن سان باهه جو مزو پئي ورتن.
اسان هڪ دفعي سڀني دوستن جن ۾ آءٌ، ڀائو فاروق، ڀائو غلام رسول، ڀائو نصرت سيهڙ، ڀائو نور محمد، ڀائو اعجاز جان ۽ ڀائو رشيد نلتر ويلي گهمڻ پئي وياسين، پراڌ رستي کان پوءِ لينڊ سلائيڊنگ جي ڪري رستو بند هيو ۽ اسان کي واپس اچڻو پيو، اهو سٺو ٿيو هيو جو ويندي رستو بند ٿيو نه ته ماڻهو اتي ڦاسي به سگهي ٿو، پوءِ جڏهن رستو کلي. ٻئي دفعي آءٌ وري پنهنجي گلگتي دوست شاهد سان سندس موٽر سائيڪل تي نلتر ويو هيس ۽ اهو منهنجو پهاڙن ۾ موٽر سائيڪل هلائڻ جو پهريون تجربو هيو. اتي موسم ۾ ٿڌڪار هيو ۽ اسان اتي هڪ پاڻي جي وهڪري جي ڀرسان چپلي ڪباب کاڌا هيا. هڪ دفعي هنزه ۾ ڪجهه ڏينهن رهڻ کانپوءِ اسان سڀئي دوست سوست ۽ خنجراب پاس گهمڻ پئي وياسين. ڀائو غلام رسول وٽ گانن جي ڪليڪشن تمام سٺي هوندي آ، سوست ۾ پهچڻ کانپو وين جي ڊرائيور ڀائو غلام رسول کي چيو ته ڪيسٽ ڏي ته مان ان جي ڪاپي ڪرائي پوءِ واپس ٿو آڻي ڏيانءِ. ڊرائيور ڪيسٽ کڻي ويو ته اسان سڀني سمجهيو ته اها ڪيسٽ بس هاڻي وئي ۽ واپس نه ملندي، پر ڪجهه ڪلاڪن کان پوءِ ڊرائيور ڪيسٽ واپس ڏئي ويو. ان ڪيسٽ ۾ شمن علي ميرالي جا ڳايل گانا به هيا، خنجراب جي جڏهن ستن چاڙهين تي اسان وارو ڪوسٽر پئي چڙهيو ته ڀائو غلام رسول رڙ ڪري چيو ته هل ٻيلي ڪٿي خنجراب ڪٿي شمن علي ميرالي، سندس اها خواهش هئي ته شمن کي اها خبر پئي ته سندس گانا خنجراب پاس تي به ٻڌا ويا آهن. خنجراب پاس تي جولاءِ جي مهيني ۾ به برف پي پئي.
هي ڪجهه قصا ياد ڪري جڏهن آءٌ لکان پيو ته منهنجي ڪيفيت تمام ٻي آهي، جيئن ڪو عاشق پنهنجي محبوب کان پري هجي. اهي علائقا گهمڻ کان پوءِ مون کي پڪ آهي ته اوهان جون مرڪون ۽ ڪيفيتون به تبديل ٿيل هونديون.
اهي مٿيون ڳالهيون لکڻ جو مقصد رڳو اهو هو ته هاڻي اهو سوچي ۽ سمجهي سگهجي ته آخر ماڻهو پنهنجو گهر گهاٽ ڇڏي ڇو وتي هيڏانهن هوڏانهن رلندو؟ موڪلن ۾ ماڻهو ڇونه گهر ۾ ويهي مزي سان سڪون ڪري، دير سان ننڊ مان اٿي، دوستن يارن سان ملاقاتون ڪري ۽ موڪلون گذاري ڇڏي؟ اهو ڪنهن حد تائين ٺيڪ به آهي پر زندگيءَ ۾ ڪجهه سفر ڪرڻ ۽ نيون شيون ڏسڻ ۽ پرکڻ به ضروري آهي. ائين ڪرڻ سان ماڻهو ملڪ اندر موجود مختلف ثقافتون به ڏسي وٺي ٿو يا دنيا جي مختلف ملڪن ۾ سفر ڪرڻ سان اتان جي ثقافتن، تهذيبن، رهڻي ڪهڻي، کاڌي پيتي بابت ڄاڻ به حاصل ڪري ٿو. نيون شيون ڏسڻ ۽ پرکڻ سان انسان جو دماغ کلي ٿو ۽ هو نيون شيون سکي ٿو ۽ زندگيءَ جي ٻين رخن کي پڻ ڳولي لهي ٿو.
سفر ڪرڻ سان ماڻهو پنهنجي روزمره جي زندگي کان ڪٽجي ٿو ۽ جيڪي مسئلا روزمره جي زندگيءَ ۾ هوندا آهن، انهن کي هڪ يا ٻن هفتن لاءِ ماڻهو وساري ٿو ڇڏي، پر ڪن جو خيال آهي ته ڪڏهن ڪڏهن انهن مسئلن کي ماڻهو پنهنجي روزمره جي زندگي ۾ حل ڪرڻ جي اهل نٿو رهي ۽ جڏهن هو سفر ڪري ٿو ته هو انهن کي حل ڪرڻ جي باري ۾ سولائيءَ سان سوچي سگهي ٿو. ماهرن جو چوڻ آهي ته سير سفر ڪرڻ سان انسان جي اسٽريس واري ليول تمام گهٽجي وڃي ٿي ۽ هڪ سروي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سفر ڪرڻ سان دل جي دوري پوڻ واري امڪان ۾ ڪافي گهٽتائي اچي ٿي.
ڪڏهن ڪڏهن ائين ٿيندو آهي ته جيڪي شيون سامهون هونديون آهن انهن جي اهميت ته هوندي آهي پر شايد اها محسوس ناهي ٿيندي ۽ ائين به چيو ويو آهي ته جڏهن شيون اسان کان پري هليون وينديون آهن ته پوءِ انهن جي اهميت جو احساس ٿيندو آهي، ته ڪجهه هفتن لاءِ جڏهن ماڻهو پنهنجي آسپاس جي ماڻهن يا پنهنجي گهر ڀاتين کان پري ٿو هليو وڃي ته اهو هڪ قسم جو رابطو ڪٽجي ٿو ۽ جڏهن رابطو ڪٽجي ٿو ته پوءِ پنهنجن پيارن جي اهميت جو احساس ٿئي ٿو. سو چوڻ جو مقصد ته سفر ڪرڻ سان ماڻهو پنهنجن پيارن سان وڌيڪ ويجهو ٿئي ٿو. جڏهن اوهان پنهنجن ٻارن سان گڏ سير سفر ڪيو ٿا ته کين هن دنيا ۾ جنهن ۾ اهي رهن ٿا، ان بابت خبر پوندي ته دنيا جو ڪارونهوار ڪيئن ٿو هلي ۽ انهن جو اعتماد وڌندو.
جيئن پاڻ اڄڪلهه موبائل فون چارج ڪرڻ لاءِ پريشان هوندا آهيون، تيئن ئي سال ۾ هڪ دفعو جڏهن ماڻهو پنهنجي آسپاس جي ماحول کان پري ٿو وڃي ته اهو به هڪ قسم جو پنهنجي پاڻ کي چارج ڪرڻ ٿو وڃي. آءٌ اهو يقين سان چئي سگهان ٿو ته ٻن هفتن جو سفر پوري سال جي چارجنگ ڪريو ڇڏي يا کڻي ائين چئون ته سفر ڪرڻ سان انسان جو جسم ۽ دماغ ري سيٽ ٿئي ٿو. چوندا آهن ته موسيقي روح جي غذا آهي، ان سان گڏوگڏ آءٌ سمجهان ٿو ته سير سفر ڪرڻ موسيقيءَ کان وڏي روح جي غذا آهي.
منهنجا پنهنجا پاڪستان ۾ يا پاڪستان کان ٻاهر ڪيل سفر منهنجي لاءِ سڄي عمر جي چارجنگ جو يا ري سيٽنگ جو ڪم ڪن ٿا. اڪيلو سفر ڪرڻ جا به پنهنجا مزا آهن، ماڻهوءَ ۾ فيصلو ڪرڻ جي صلاحيت وڌي ٿي ۽ ان سان گڏوگڏ ماڻهو ٽائيم مئنجمينٽ، ڳالهائڻ جا طريقا، پنهنجي اسٽريس کي قابو ۾ رکڻ، شين کي اڪيلي سر منهن ڏيڻ ۽ پلاننگ ڪرڻ، سوچي سمجهي خرچ ڪرڻ، ٻي ڪا ٻولي سمجهڻ جي ڪوشش ڪرڻ، واسطا وڌائڻ جا طريقا، ذهني پختگي پيدا ٿيڻ ۽ طبيعت ۾ لچڪ پيدا ٿيڻ جهڙا ڳڻ انسان ۾ پيدا ٿيو وڃن. اڪيلي سفر ڪرڻ سان انسان پنهنجي پاڻ سان ڳالهائي ٿو، جيڪو تمام ضروري آهي، ان سان گڏوگڏ اڪيلي سياح کي پاڻ ئي کاڌي پيتي جو بندوبست ڪرڻو آهي، کيس پاڻ ئي لٽي ڪپڙي جو فڪر ڪرڻو آهي. پر دوستن سان گڏ سفر ڪرڻ جا به پنهنجا فائدا آهن. ماڻهو اڪيلائپ جو شڪار نٿو ٿئي ۽ پنهنجي پاڻ کي محفوظ سمجهي ٿو.
سفر ڪرڻ سان ماڻهو ڪي نيون ۽ سٺيون عادتون به سکي ۽ شروع ڪري سگهي ٿو ۽ ڪن ڪنين عادتن مان جان به ڇڏائي سگهي ٿو. سياڻن ماڻهن جو خيال آهي ته جيڪي ماڻهون سفر ڪن ٿا اهي مسئلن کي صحيح طريقي سان حل ڪرڻ جا گر سکي وٺن ٿا. اهي ڪنهن به ٿوري گهڻي تبديلي کان ڊنل ناهن هوندا. ظاهر آ هي زندگيءَ جو ميلو ئي آهي، جيڪو ڪٿي نه ڪٿي ته ختم ٿيڻو آهي. سو جڏهن ماڻهو اڪيلو يا پنهنجي گهروارن سان سفر ڪري ٿو ته هو زندگيءَ جو بهترين وقت هڪ ٻئي سان گذارين ٿا ۽ اهو زندگيءَ ۾ وڏو يادگار هجي ٿو. سفر ڪرڻ کانپوءِ ماڻهو دوستن يارن کي نوان نوان قصا ٻڌائي سگهي ٿو ۽ اهي قصا ٻڌائي ماضيءَ جي سفر جون يادون تازيون ڪري ماضيءَ جي قصن مان لطف اندوز ٿي سگهي ٿو. اسان اڄ به جن دوستن سان سفر گڏ ڪيل آهي، ماضي جي انهن وڻندڙ سفرن بابت ڳالهيون ڪندا آهيون ۽ سچ پچ ته ائين لڳندو آهي ڄڻ اسان وري گڏ سفر ڪري رهيا آهيون.
پنهنجي پاڻ کي چارج ڪرڻ لاءِ هتي يورپ جا ماڻهو سال ۾ هڪ يا ٻه دفعا ضرور ڪاڏي نه ڪاڏي گهمڻ لاءِ وڃن ٿا. بقول سائين منير شاهه ذاڪري جي ته تيري دو ٽڪيا ڪي نوڪري، تي ميرا لاکون ڪا ساون جائي ري.

No comments:

Post a Comment