ڪجهه احساس، جذبا، سوچون
۽ مشاهدا...
مٺل جسڪاڻي
علم پرائڻ ۽ پيٽ
گذر جي لاءِ جتي ۽ جيستائين به وڃي سگهجي، وڃي نڪرجي. واندڪائيءَ ۾ گهمڻ ڦرڻ سان پڻ
مشاهدن مان پرائبو آهي، مستقبل جي رٿابندي ڪرڻ ۾ سولائي ٿيندي آهي، زندگيءَ جي ڪنهن
به موڙ تي، ڪيڏانهن نڪرڻ ڏکيو نه لڳندو آهي. ان ڪري، خاص طور تي، ننڍي عمر وارن کي
پهرين ترجيح تعليم پرائڻ، ٻي ترجيح جهڙو به، جيڪو به، جتي به روزگار ملي، اهو ماڻي،
ٻئي بهتر روزگار جي جستجو جاري رکڻ گهرجي. جيڪو وقت بچت ٿي ملي، اهو پهچ آهر،
ويجهو ويجهو يا پري پري، گهمڻ ڦرڻ نڪري وڃجي.
مٽي مائٽي ۽ ياري
دوستي جي خاص اهميت ۽ ضرورت آهي، انهن سان نڀائڻ ڪنهن به لحاظ کان گهٽ اهم نه آهي.
پراڻن سماجي لڳ لاڳاپن ۽ نون تعلقاتن ۽ واسطن جي واڌ به خاص اهميت ۽ ضرورت رکن ٿا،
ان کي به ڌيان ۾ رکڻ گهرجي.
آئون ٽنڊوڄام کان ڪوئيٽا
ڇو پنڌ پيس؟ ان جو خاص پسمنظر ڇا آهي؟ ننڍي نيٽي نئين نسل جي تربيت لاءِ، اهو لکڻ
به آئون ضروري پيو سمجهان. ان ڪري في الحال ايترو ئي ڪافي آهي، ته منهنجو وڏو پُٽ ڪوئيٽا
۾ نوڪري ڪندو آهي. ان کان پهرين مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو مان پڙهي واندو ٿيو، ته
هن کي هڪ ئي وقت ٻه موقعا مليا. هڪ گلگت ۾ پڙهائڻ ۽ ٻيو سعودي عرب ۾، ته روزگار
لاءِ سعودي نڪري ويو هو. ڪجهه مهينن کان پوءِ اتان واپس اچي بلوچستان يونيورسٽي آف
انفارميشن ٽيڪنالاجي، انجنيئرنگ ۽ مينيجمينٽ سائنسز ڪوئيٽا ۾ استاد طور ذميواريون
سنڀاليائين. اتي ڪجهه عرصو نوڪري بعد وڌيڪ تعليم، پي. ايڇ. ڊي. ڪرڻ لاءِ چين روانو
ٿي ويو. جتان تعليم مڪمل ڪري واپس آيو، ته هن کي چين ۾ به ۽ ڪوئيٽا ۾ پڻ، پڙهائڻ
جا ٻه موقعا مليا، ته مختلف سببن جي ڪري نيشنل يونيورسٽي آف سائنسز اينڊ ٽيڪنالاجيز
جي ڪوئيٽا ڪيمپس ۾ پڙهائڻ کي ترجيح ڏنائين. هاڻي موڪلن ۾ ڳوٺ ايندو آهي. واپس
ويندو آهي، ته گهر جو ڪو نه ڪو واندو ڀاتي، ساڻس گڏ ويندو آهي.
آئون اڄ ڪلهه رٽائر
هجڻ سبب واندو، گهر جو اضافي، فالتو فرد آهيان. هن دفعي قرباني واري عيد جي موڪلن
کان پوءِ پٽ سان گڏجي ڪوئيٽا آيل آهيان.
سنڌ ۾ شديد برساتن
جي اڳڪٿي وارن ڏينهن ۾، ٽنڊي ڄام کان ڪوئيٽا روانگي ٿي. روانگي کان اڳ خبر پئي
هئي، ته برساتن جي ڪري جيڪب آباد ڪوئيٽا روڊ، مختلف هنڌن تي سوارين جي اچ وڃ لاءِ
بند هو، پر نوڪري تي پهچڻ ضروري هجڻ سبب نڪرڻو پيو. پهچڻ تائين سفر ۾ سهوليت لاءِ
دعائن سان اڳتي وڌندا وياسين.
اسان صبح سوائين
پنجين وڳي نڪتا هئاسين، سواري پنهنجي هئي، ڊرائيونگ ڀاءُ علي پئي ڪئي. مون سمجهيو
هو ته اسان حيدرآباد طرف وڃي، نيو سٽي کان، اسرا يونيورسٽي وٽان، مکيه شاهراهه سان
وينداسين، پر علي مير ڪالونيءَ مان ٽالپر ڳوٺ وارو ڦاٽڪ ڪراس ڪري، سڌو رستو وٺي
الهه ڏنو ساند - مٽياري روڊ سان اچي مکيه شاهراه ورتي. وچ ۾ ريلوي لائين ڪراس ڪرائڻ
وارو ڦاٽڪ بند هو. اڃا ڏينهن ٿيڻ ۾ دير هئي. ڦاٽڪ بند هجڻ ڪري گاڏي بيٺي ته آئون
لهي پيو هئس. ڇو ته مون کي خبر هئي، سڄو ڏينهن سفر ۾ گذرڻو آهي، مجبوري بنا بيهڻو
نه آهي، ان ڪري سوچي ڇڏيو هئم، ته جتي به گاڏي بيهندي، گاڏي مان لهبو، ٽنگون
ساهبيون، چهل قدمي ڪبي، ويهبو صرف ڪجهه کائڻ وقت يا وري گاڏي ۾... خير، جيستائين ڦاٽڪ
کلي، مون هڪ ٻه سيلفي محفوظ ڪئي، انهن مان هڪ ”صبح بخير، سڀني ڏي خير“ عبارت سان
فيس بوڪ تي پوسٽ به ڪئي، پر ان ۾ سفر متعلق ڪا معلومات نه هئي.
اسان جيئن ئي هالا ڪراس
ڪري سعيد آباد کي ويجها ٿياسين، ته پهرين برسات وسڻ جا اهڃاڻ، پوءِ برسات وسي بيهڻ
۽ ٿورو اڳتي کان شايد نوشهرو فيروز يا ڪنڊياري تائين، ڪٿي ٿورو ڪٿي گهڻو، مينهن
وسندي سفر ڪيو. قاضي احمد جي آس پاس هئاسين، برسات پئي وسي، مون مختصر وڊيو ڪلپ رڪارڊ
ڪئي، جنهن دوران عورت جي آواز ۾ فلمي گانو ”ٽِپ ٽِپ برسا پاني“ وڳو پئي.
جيتوڻيڪ هي ڊبل روڊ
آهي، هر پاسي ٻه ٻه وڏيون گاڏيون گڏ گڏ هلي به، ٽئين ننڍي وڏي گاڏي لاءِ به جاءِ ڇڏين
ٿيون، پر هي روڊ به ڪٿي ڪٿي جام (جئم، بند) ٿئي ٿو. اوور ٽيڪ ڪري ڪراس وٺڻ جو
انتظار ڪرڻو پوي ٿو. ان جو مک سبب، اتي جي آس پاس رهندڙن جي سوچ ۽ رَوَيو هوندو آهي.
هڪ هنڌ مون ڏٺو، هڪ موٽر سائيڪل تي ٻيلهه ۾ هڪ عورت ۽ شايد ٻه ننڍڙا ٻار به هئس،
پر هلائيندڙ روڊ جو پورو وچ وٺيو پئي ويو! مسافر گاڏين وارا سندس ساڄي يا کاٻي کان
اوور ٽيڪ ڪندا، کيس ڪراس ڪندا ويا! منهنجي خيال ۾ اهو ئي، پنهنجي تَر ۾ نه هجي ها،
ته روڊ جي هڪ پاسي سفر ڪري ها، جيڪو وچ رستو وٺي هلڻ کان گهڻو محفوظ هوندو آهي.
درازا کان ٿورو
پهرين يا شايد ٿورو پوءِ، ڳائي مال جي ڌڻ روڊ ڪراس پئي ڪيو. اسان ڌڻ وٽ پنڌ ماڻهو
جي رفتار سان اڳتي پئي وڌياسين، اوچتو هڪ موٽر سائيڪل تي، ٻه سوار هئا، اسان جو اڳ
ڪڍي، اسان جي بلڪل سامهون، پويان ويٺل همراهه، اسان جي گاڏي ۾ ائين چتائي ڏٺو، ڄڻ
اسان کي سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪندو هجي! اهو پنهنجي ماحول جو عام الميو آهي. هر ڪو پوليس
وارو ٿيو، جنهن تنهن کي تاڙيندو وتي!...
کجي جي باغن ۾، وڻن
۾ کجيون به هيون، ان هوندي به هڪ باغ ۾ چارڻ لاءِ ڳائي مال جو ڌڻ ڏٺم، ته تصوير
سان فيس بوڪ اسٽيٽس وسيلي معلوم ڪرڻ چاهيم، ته برسات جي ڪري يا هونئن به، باغ ۾ ڳائو
مال چارڻ بابت کجيءَ جي علائقي وارا ٻڌائين، ته پهرئين جواب ۾ ڊاڪٽر فتح محمد ڪانهر
لکيو ”ساريالي علائقي ۾ ساريون لڳڻ ڪري جانور لاءِ گاهه جي کوٽ ۽ ويهارڻ لاءِ جڳهه
نه هجڻ ڪري، رڍن ۽ ڳائي مال جا مالوند، جُون مهيني کان لڏپلاڻ خيرپور ضلعي ڏانهن ڪن
ٿا، سبب: خيرپور ضلع جي ڪوٽڏجي، گمبٽ، خيرپور، ڪنگري ۽ ٿوري گهڻي سوڀوديرو تعلقن ۾
کجي آهي، آبادگار خريف جي مند ۾ کجيءَ جي اندر ڪو اهم فصل نه ٿو لڳائي، کجي جي فصل
کي پاڻي ڏيندو ٿو رهي، جنهن جي ڪري زمين تي گندگاهه ڦٽي اچن ٿا، ٻيو کجي مان خراب
داڻو ڇڻندو رهي ٿو، جيڪو جانور کائين ٿا. مال کي ويهارڻ لاءِ به کليل زمينون پيل
آهن، جت لڏ لاهي ويهي رهن ٿا.“ ان کان پوءِ منير حسين پنهيار لکيو ”مال ته کجن ۾
هونئنءَ به چرندو آهي، پر هاڻوڪين برساتن ۾ کجي مڪمل زمين تي آهي. گوشن ۾ ڪا زري
پرزي بچي آهي، سا به خراب ئي ٿيندي“. حاجي غلام حيدر خاصخيلي منهنجي پوسٽ پڙهي ۽
ان سان شامل تصوير ڏسي لکيو ”سائين جڏهن ته کجون اڃا موجود آهن، ان ڪري سوچڻ جو
سوال آ“، ته مون کيس ورنديءَ ۾ عرض ڪيو ”جي، بلڪل، ان حيرت ۾ ئي تصوير محفوظ ڪري پڇيم“.
سکر پل ڪراس ڪندي
علي پڇيو ”گاڏي جهليان، فوٽو وغيره ڪڍين ته، ”سکر واري پُل تان“ فيس بوڪ اسٽيٽس
رکين ته...“. مون کيس منهنجو روايتي جواب ڏنو ”نه“. اها ٻي ڳالهه آهي ته ڪڏهن ڪڏهن
آئون پاڻ کيس بيهاري به فوٽوگرافي ڪندو آهيان، پر تصوير ان وقت نه، ٻيءَ ڪنهن مهل
فيس بوڪ تي پوسٽ ڪندو آهيان. شڪارپور پهتاسين ته گاڏيءَ ۾ پيٽرول ڀرائڻ وقت قلفي
اک چڙهي، دل گهري، بيهي رهيس! قلفي لاءِ دل جو گهرڻ ۽ بيهي، خريد ڪري، کائيندي،
تصوير محفوظ ڪري، فيس بوڪ تي پوسٽ ڪرڻ، هڪ فاش ٿيل راز آهي، جن کي خبر نه آهي،
انهن کي به خبر پئجي ويندي.
سبيءَ ۾ مانجهاندي
لاءِ ساهي کنئيسين. هوٽل ٻاهران هڪ همراهه آيل گاڏين کي ڪپڙو پئي هنيو، ٻئي اتي
چهل قدمي پئي ڪئي. منهنجي به ٻين وانگر اک پئي ڦِرِي. ٿوري دير بعد خبر پئي، گاڏين
کي ڪپڙي جو اشارو ڪري، پيسا وٺڻ جي ڪوشش پئي ڪئي وئي. ٻيو جيڪو اتي ڦريو پئي، ان ٻه
ڪم پئي ڪيا. هڪ ڪپڙو هڻڻ واري کي هدايتون پئي ڏنائين. جنهن مان ڪپڙو هڻندڙ کي مون،
هدايتون ڏيندڙ جي ماتحت ڪم ڪندڙ محسوس ڪيو. ۽ جنهن هدايتون پئي ڏنيون، ان موقعو ڏسي،
آيل کان خيرات به گهري پئي، ته خيرات گهرڻ يا گاڏين کي ڪپڙو هڻڻ لاءِ ٻئي ڪنهن به
ايندڙ کي نه پئي سَٺائين، تڙي، لوڌي، روانو پئي ڪيائين.
هونئن ته سفر جي
شروعات کان، سفر ختم ٿيڻ تائين، پنهنجي عادت مطابق، مون ڪٿي به اک ڪانه پُورِي.
سکر کان شڪارپور، اتان کان ڪوئيٽا، روڊ جي ٻنهي طرف اک پئي ڦِري. سکر کان بلوچستان
۾ ڳچ پنڌ تائين، ڪٿي سارين جو رونبو ٿيل هو، ته ڪٿي ٿي رهيو هو. هڪ ٻن هنڌن تي
پورهيتن جو ويس وڳو ڏسي، ڪم ڪار ڪندي ڏسي، دل گهريو ته هلندي گاڏيءَ مان ٻه چار
تصويرون محفوظ ڪري وٺان، پر آئون چاهيندي به ائين نه ڪندو آهيان. مون کي منهنجي
سوچ واري اخلاقيات اهڙي اجازت نه ڏيندي آهي. مون تصويرون ته وچ روڊ تي موٽر سائيڪل
هلائيندڙن ۽ مال جي ڌڻ وٽ اڳ جهليندڙن جون به محفوظ ڪيون هيون، پر اهي تصويرون به
هاڻ مون وٽ ڄڻ ته آهن ئي نه!
مون ڏٺو، ميداني
زرعي علائقن ۾ برسات جو پاڻي بيٺل هو. ڪٿي نقصان نظر آيو پئي، ته ڪٿي نقصان ٿي به
چڪو، محسوس هر ڪو نه ڪندو. ڪٿي بچاءُ به محسوس ٿيو، پر پوءِ به لاڳيتيون برساتون ٿيون
آهن، ان ڪري فصلن کي نقصان گهڻو ٿيو آهي. جابلو علائقي ۾ برسات جي جهجهي ضرورت پوندي
آهي. نقصان صرف تيز طوفاني هوا سان زوردار برسات جي ڪري ٿيندو آهي. اڳي وقفي وقفي
سان مناسب برساتون پونديون هيون، ته چشما، ڪاريز ۽ آبشار به عام هوندا هئا، جر جو
پاڻي به سولو ملي ويندو هو. هاڻي اڳي واريون برساتون ڪونه ٿيون وسن. وسنديون آهن،
ته جبل، ڪاڇي ۽ ٿر جا ماڻهو توڙي مال خوش ٿيندو آهي، علائقو سائو، سرسبز، ستابو
محسوس ٿيندو آهي. هونئن نه ته اڪثر جبل ۽ ڀٽون، بنا ٻوٽن ۽ وڻن جي ٻُٽيون، ٻُسيون،
ٺوڙهيون...
بولان نئين ۽ جابلو
ڀاڱي کان اڳ تائين، روڊ جي ٻنهي طرف پاڻي گهڻي برسات جي شاهدي ڏني پئي. جتان جتان
روڊ تان پاڻي اٿليو، روڊ خراب يا بند ٿيو، اهي اهڃاڻ به چٽا، واضح نظر آيا، پر
اتان ضروري پلون تعمير ڪرائڻ لاءِ حڪومت نوٽ ڪيا يا نه، اها خبر نه آهي. بولان
نئين سان ريل ۽ روڊ جا نظارا ڪٿي حيران ڪري ڇڏيندڙ، ڪٿي وڻندڙ، ڪٿي ڊيڄاريندڙ، هڪ ٻن
هنڌن تي پريشان ڪندڙ هئا. هلندي هلندي چاچو ڀائيٽيو هڪ ٻن هنڌن تي روڊ بند هجڻ نه
هجڻ جي شڪ جو اظهار ڪندا هليا. هڪ هنڌ روڊ بلاڪ به هو. رينجرس جي ڪوششن سان جلدي
کلي به ويو. هڪ سوڙهي پُل وٽ وڌيڪ خطرو هو، پر اسان جي گذرڻ وقت اهڙو ڪو مسئلو نه
هو. هونئن نه ته ان پل هيٺان صرف هڪ ٽرڪ نڪري سگهندي آهي. ٽرڪ ۾ سامان گهڻو هوندو
آهي، ته پهرين اضافي سامان لاهي، ٽرڪ پل مان گذاري، بيهاري، لاٿل سامان ٻيهر رکي،
پوءِ اڳتي ويندي آهي. ان دوران ايندڙ ويندڙ گاڏين سبب روڊ بلاڪ ٿيڻ معمول هوندو
آهي. منهنجي لاءِ ته عجيب ئي هو، پر ڀاءُ ۽ پٽ ٻڌايو، ڪوئيٽا جي آس پاس ۽ بولان
نئين سان لڳو لڳ ماڻهو گهمڻ ايندا، پڪنڪ ڪندا رهن ٿا. ان ڪري اسان مختلف هنڌن تي،
بنا ڪنهن هٽ ـ بازار، ماڻهن کي ويٺل، گهمندي ڦرندي ڏٺو. گهمڻ ڦرڻ وارن لاءِ ممڪن
آهي ته ڪي پبلڪ سواريون به هجن، پر منهنجي خيال ۾ سڀني وٽ يا ته سندن گاڏيون هيون،
يا وري خاص ٽيڪسي ڪرائي ايندا هوندا. ڪٿي ڪٿي روڊ تي ڪا ڪا گاڏي قلفي وڪڻڻ واري
نظر آئي پئي، ٻيو ٿيو خير. ان ڪري کائڻ پيئڻ جون شيون هر ڪو پنهنجون کڻي ويندو
هوندو. هونئن نه ته ڪٿي ڪٿي، ڳچ فاصلي تي، ايڪڙ ٻيڪڙ هوٽل به هئي.
صبح سوير نڪتل شام
ساڍي ڇهين وڳي ڪوئيٽا ۾ پهتاسين. ٻن ٽن ڏينهن کان شايد برسات نه ٿي هئي، ان ڪري
مون محسوس ڪيو، ته ڪورونا سڄي دنيا ۾ آهي، پر شايد سڄي دنيا جي دز صرف ڪوئيٽا ۾
آهي.
(ڏھاڙي ”عبرت“ حيدرآباد ۾ ڇنڇر ۳۰ جولاءِ ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)
No comments:
Post a Comment